سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :1

لات جا لطيف جي (شاهه جو غم جو فلسفو)

آغا سليم

شروعات

 

شاھھ لطيف سنڌي شاعري:  جي عظيم صوفي روايت جو شاعر آھي ۽ ان روايت جي ٻين شاعرن وانگر شاھھ بھ پنھنجي ديس واسين جي ڏکن، سکن، خوابن، آدرشن، جاگرافائي ماڳن، تاريخي، نيم تاريخي ۽ لوڪ ڪردارن ۽ داستانن جي حوالي سان پنھنجي وحدت الوجودي نظريي جي تشريح ڪئي آھي. شاھھ مولانا روميءَ کان گھڻو متاثر ھو ۽ مولانا روميءَ وانگر ئي عظيم وحدة الوجودي فلاسفر محي الدين ابن العربيءَ جو فڪري پوئلڳ ھو.  مان تھ ايئن چوندس تھ شاھھ تصوف جي سموري فڪر ۽ شاعريءَ جي ورثي جو وارث آھي. سر سورٺ ۾ شاھھ ڏياچ جي واتان چورايو آھي:

جي ميراثي مڱئا، آئون پڻ منجھان تن،

ڪي ڪھھ منھنجي ڪن، اِرث منجھاران ان جي.

شاھھ جي شاعري بھ سموري وحدة الوجودي فڪر جي اِرث منجھاران جي شاعري آھي.

 

ڪو وقت ھو جو شاھھ کي امي ۽ اڻ پڙھيل ثابت ڪيو ويندو ھوتھ جيئن سندس شاعريءَ کي معجزو ثابت ڪري سگھجي، پر ٻين واقعاتي شاھدين کان سواءِ خود شاھھ جي شاعري سندس عالم ۽ مفڪر ھجڻ جي شاھدي ۽ ثابتي آھي. ھن جي عالم ھجن جو ننڍڙو مثال ھي آھي تھ شاھھ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترا اھڙا اکر استعمال ڪيا آھن جيڪي صوفياڻي فلسفي ۾ ڪنھن خاص معنيٰ ۽ مفھوم ۾ استعمال ٿيندا آھن ۽ انھن جي معنيٰ اھا نھ ھوندي آھي جيڪا ڊڪشنري ۾ ڏنل ھوندي آھي يا جنھن معنيٰ ۾ اسين اھي لفظ استعمال ڪندا آھيون. مثال طور اسان وقت لفظ مھل يا پھر لاءِ استعمال ڪندا آھيون پر تصوف ۾ صوفي جنھن حال ۾ ھوندو آھي ان حال کي ھن جو وقت چئبو آھي. ھوجي دنيا سان ھوندو آھي تھ دنيا ھن جو وقت ھوندي آھي ۽ جي عاقبت سان ھوندو آھي تھ عاقبت ھن جو وقت ھوندي آھي. غم يا خوشيءَ ۾ ھوندو آھي تھ غم ۽ خوشي ھن جو وقت ھوندا آھن. مطلب تھ جيڪا حالت صوفيءَ تي غالب ھوندي آھي اھا ھن جو وقت ھوندي آھي. اھڙيءَ طرح قديم لفظ جي معنيٰ پراڻو آھي ۽ اسين اھو لفظ ان معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪندا آھيون. ان جو ابتڙ لفظ جديد آھي. اھي ٻئي لفظ وقت جي ماپي لاءِ استعمال ٿيندا آھن. جنھن شيءِ کي گھڻو وقت گذري ويو ھجي ان کي قديم ۽ جنھن کي ٿورو وقت ٿيو ھجي ۽ اھا ھلندڙ وقت جي ھجي تھ ان کي جديد چوندا آھيون. پر تصوف ۾ قديم جي معنيٰ اھا نھ آھي ۽ ان جو ابتڙ لفظ بھ جديد نھ پر حادث آھي. تصوف جي ٻولي ۾ قديم لفظ جي معنيٰ آھي اھو جيڪو خلقيو نھ ويو ھجي جڏھن تھ حادث لفظ خلقيل شيءِ لاءِ استعمال ٿيندو آھي. شاھھ قديم لفظ ان ئي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي:

قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آه، قديم.

ھتي قديم لفظ جي معنيٰ جيڪڏھن صوفياڻي ادب واري نھ پر ڊڪشنري ۽ عام استعمال واري ورتي ويندي تھ پوءِ خدا لامحدود نھ رھندو ۽ قدامت ۾ محدود ٿي ويندو. ڇاڪاڻ تھ قديم شيءِ اھا آھي جيڪا وقت ۾ قيد ھجي ۽ وقت جي گذرڻ ڪري ان کي قديم چيو ويندو ھجي. ائين ئي شاھھ بود ۽ نابود مرڻ کان اڳ مرڻ وغيره اکر بھ صوفياڻي معنيٰ ۾ استعمال ڪيا آھن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ شاھھ وڏو عالم ھو ۽ ھن کي وحدة الوجود جي فلسفي جي وڏي ڄاڻ ھئي.

 

اسان وٽ تصوف جو ڏاڍو غلط تصور آھي. اسين خانقاھن، درگاھن، پيري مريدي، چپڙين، يڪتارن ۽ اوتارن کي تصوف سمجھندا آھيون جڏھن تھ تصوف باقاعدي فلسفو آھي. اسلام جي اوائلي دور ۾ تصوف جو اھو تصور نھ ھو جيڪو ھاڻي آھي. حضرت علي بن عثمان ھجويري (١١٧١ع) لکيو آھي تھ اسلام جي اوائلي دور ۾ ماڻھن کي خبر ڪانھ ھئي تھ تصوف ڇا آھي پر ھر ڪو ماڻھو سچو صوفي ھو. اڄ ڪلھھ تصوف جي باري ۾ ڳالھيون تھ گھڻيون ٿيون ڪيون وڃن پر صوفي ڪو ورلي ٿو  ملي. ان دور ۾ تصوف جي معنيٰ سٺو اخلاق، دل جي صفائي ۽ پاڪائي سمجھي ويندي ھئي ۽ صوفي انھن ماڻھن کي چوندا ھئا جيڪي دل جي صفائيءَ سان ڏاس جو چوغو پائيندا ھئا ۽ خواھشن کي سختيءَ جو مزو چکائيندا ھئا.(1) پر پوءِ آھستي آھستي تصوف ۾ نوان تصور شامل ٿيندا ويا. نائين صدي عيسويءَ ۾ حضرت ذالنون مصريءَ (٨٦٠ع) ۽ بيبي رابعھ بصريءَ تصوف ۾ عشق جي روايت وڌي. حضرت ذالنون مصريءَ کي پھريون قطب چوندا آھن. سندس چوڻ آھي تھ رڳو وجد ۽ حال سان خدا جي معرفت حاصل ٿي سگھي ٿي.

 

بيبي رابعھ بصريءَ جي ھن تمثيلي روايت جي تھ سڀني کي خبر آھي تھ ھڪ دفعي پاڻ ڏيئو ۽ پاڻيءَ جو ڪؤنرو کنيون ٿي وئي. ڪنھن پڇيس تھ اھو ڏيئو ۽ ڪؤنرو کنيون ڪيڏانھن ٿي وڃين؟ چيائين: ھن ڪؤنري سان دوزخ جي باھھ وسائڻ ۽ ڏيئي سان جنت کي ساڙڻ ٿي وڃان تھ جيئن ماڻھو دوزخ جي ڊپ ۽ جنت جي لالچ جي ڪري نھ پر پيار جي ڪري خدا جي عبادت ڪن.

ھڪ دفعي ڪنھن پڇيس:

تون شيطان کان نفرت ڪرين ٿي؟

 

چيائين: مون کي خدا جي محبت کان واندڪائي ئي ڪانھ ٿي ملي جو مان ڪنھن سان نفرت ڪيان.

 

حضرت بايزيد بسطاميءَ (٨٩٥ع) تصوف ۾ حال، مستي ۽ وجد جي شروعات ڪئي. ھن کي پھريون مست الست صوفي چوندا آھن. مستيءَ جي حالت ۾ ھن جي واتان ڪي اھڙا اکر بھ نڪرندا ھئا جن کي شطحيات چوندا آھن جنھن جي لفظي معنيٰ اھي ڇلڪي پوڻ. صوفين جي شطحپات کي خلاف شريعت سمجھيو ويندو آھي. ھڪ دفعي بايزيد نعرو ھنيون. سبحاني ما اعظم شاني مان عظيم آھيان، منھنجو شان اعليٰ اھي. ھن جي ان اعلان جو پڙاڏو اسان کي سچل سرمست ۽ بيدل جي ڪلام ۾ ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو. ٻئي دفعي چيائين:

منھنجي چوغي ۾ خدا آھي، مان ئي پيالو آھيان، مان ئي شراب آھيان.

حضرت جنيد بغدادي: (٩١٠ع) تصوف ۾ فناني الله جو تصور شامل ڪيو ۽ چيائين:

روز ازل انسانن جي روحن قالوبليٰ چئي خدا سان عقيدت، بندگي ۽ محبت جو جيڪو قول ڪيو ھو ان قول کي پورو ڪرڻ ئي انساني زندگيءَ جو مقصد آھي.

حضرت جنيد جي اھا ڳالھھ اسان کي شاھھ جي شاعريءَ ۾ مارئيءَ جي واتان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي:

الست بربڪم، جڏھن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين، تڏھن تت چيوم،

تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙھين سين.

سر سھڻيءَ ۾ سھڻي ميھار سان ڪيل وچن ورجائيندي چوي ٿي:

الست ارواحن کي، جڏھن چيائون،

ميثاقان ميھار سان، لڌيون مون لائون،

سو موٽي ڪيئن پاھون، جو محفوظان معاف ٿيو.

 

ابو مغيث حسين بن منصور (٩٢٢ع) ۽ ابن العربي (١١٦٥ع) کان اڳ تائين اسلامي تصوف رڳو روحاني رويو ھو پر ھنن ٻن صوفين وحدة الوجود جي فلسفي جي شروعات ڪئي. منصور ۽ ابن العربي، ٻئي ابليس ۽ فرعون کي وڏا موحد مڃيندا ھئا. منصور چيو:

جي اوھان خدا کي سڃاڻو ٿا تھ ھن جي نشانين کي سڃاڻو. مان اھا نشاني آھيان. مان حق آھيان، خدا جي طفيل حق آھيان. منھنجا سڄڻ ۽ مرشد فرعون ۽ ابليس آھن. ابليس کي دوزخ ۾ وجھڻ جو ڊپ ڏياريو ويو پر ھو تائب نھ ٿيو. فرعون سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو پر توبھھ نھ ڪيائين ۽ پنھنجي ۽ خدا جي وچ ۾ ٻئي کي وسيلو نھ بڻايائين. مون کي قتل ڪرن، سوريءَ تي چاڙھن يا منھنجا ھٿ پير وڍن پر تھ بھ مان توبھھ نھ ڪندس.(1)

ابن العربي جي فلسفي جي شارع عبدالڪريم جليلي سندس باري ۾ لکيو آھي تھ ابليس ۾ اشتقاق تبليس مان آھي. ابليس کي جڏھن ٻين فرشتن سان گڏ آدم کي سجدي ڪرڻ لاءِ چيو ويو تھ ھن کي گمان ٿيو تھ جيڪڏھن آدم کي سجدو ڪندس تھ غير الله کي سجدي ڪرڻ جو مرتڪب ٿيندس ان ڪري ھن سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ابن العربيءَ جي اھا ڳالھھ شاھھ پنھنجي انداز سان چئي آھي:

عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،

منجھان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو.

 

ابن العربي تصوف جو بنياد منطق تي رکيو. ھن جي صوفياڻي فلسفي کي وحدة الوجود جو فلسفو سڏيو ويندو آھي. سندس فلسفي ۾ بنيادي نقطو ھي آھي تھ الله کان سواءِ ٻيو ڪنھن جو وجود ڪونھي. ڪائنات ۾ جيڪي بھ شيون آھن انھن جو پنھنجو ڪو وجود ڪونھي پر سندن وجود خدا جي وجود جو مظھر آھي. ھن جو وحدة الوجود جو فلسفو ڪو نئون ڪونھي. ھن کان گھڻو اڳ يونان جي ھڪڙي فلاسفر Parmenides وجود جي وحدت جو نظريو پيش ڪيو ھو. فلسفي جي تاريخ ۾ ھو پھريون ڏاھو ھو جنھن چيو ھو تھ ازلي ۽ ابدي حقيقت وجود Being آھي جنھن کان سواءِ ٻيو ڪنھن جو وجود ڪونھي. پارمينيڊس ٥١٤ قبل مسيح يونان جي Elea علائقي ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ ۾ ھو مشھور يوناني فلاسفر Pythagorus فيثاغورث (٦ صدي ق.م) جو پوئلڳ ھو. پر پوءِ ھن پنھنجو الڳ دڳ ڳولھي ڪڍيو. ھو اعليٰ ذھن ۽ اعليٰ اخلاق جو مالڪ ھو. ماڻھو ھن جي جيئري توڙي سندس وفات کان پوءِ وڏي عزت ڪندا ھئا. افلاطون بھ سندس نالو احترام سان وٺندو ھو. ھن پنھنجو فلسفو ھڪ ڊگھي نظم ۾ پيش ڪيو آھي جنھن جي ھڪ حصي جو نالو سچ جو رستو آھي. نظم جي ان حصي ۾ ھن پنھنجي فلاسافي بيان ڪئي آھي. ٻئي حصي جو نالو خيال جو رستو آھي جنھن ۾ ھن پنھنجي دور جي عام سوچ جي اپٽار ڪئي آھي. ھن وجود Being جو خيال پنھنجي ھڪڙي پيشرو ڏاھي Xenophenes زينوفينس کان ورتو جيڪو بنيادي طرح مذھبي مفڪر ھو. پارمينيڊس ھن جي مذھبي سوچ ۾ پنھنجي پاران واڌار ڪري ان کي غير مذھبي فلاسافيءَ جي شڪل ڏني. زينوفينس اٽڪل ٥٧٦ قبل مسيح Ionia جي علائقي Colophon ۾ ڄائو ھو. ھو شاعر ۽ ڳائڻو ھو. ھو ھنڌ ھنڌ گھمندو ھو ۽ ميلن ۽ محفلن ۾ پنھنجا نظم ڳائيندو ھو. ٩٢ ورھين جي ڄمار تائين ھو ايئن گھمندو ڦرندو ۽ ڳائيندو رھيو. ھن جا نظم گھڻي ڀاڱي ھجو ۽ مرثيا آھن ۽ ڪٿي ڪٿي انھن ۾ فلاسافاڻي سوچ بھ آھي. يونان ۾ ھو پھريون ماڻھو ھو جنھن ھڪ خدا جو تصور پيش ڪيو. ماڻھن جي روايتي مذھبي عقيدن تي حملا ڪيا ۽ سندن ديوتائن جي خلاف ڳالھايو تھ جيئن ماڻھو ديوتائن جي عبادت کي ڇڏي خدا جي ڳولھا ڪن. يوناني ديوتائن جون شڪليون ۽ خصلتون انسانن جھڙيون ھيون ۽ سندن باري ۾ چوري، زنا، دوکي ۽ فريب جون ڪيتريون ڪھاڻيون گھڙيل ھيون. ھن ديوتائن جي باري ۾ انھن سڀني ڪھاڻين کي رد ڪيو. ديوتائن جي گھڻائيءَ کان انڪار ڪيو ۽ اعلان ڪيو تھ خدا ھڪ آھي جيڪو ڪنھن بھ طرح انسانن جھڙو نھ آھي ۽ ھر شيءِ تي ھن جو حڪم ٿو ھلي. ھن جي ھڪ خدا جي تصور لاءِ سمجھيو ويندو آھي. تھ اھو خدا جي اسلامي تصور جھڙو آھي، پر خدا جي باري ۾ ٻنھي تصورن ۾ وڏو فرق آھي. اسلام جو خدا ڪائنات کان ماورا آھي جڏھن تھ زينوفينس جو خدا ڪائنات ۾ تحليل ٿيل آھي. اڃا بھ ائين چئجي تھ ھن لاءِ ھيءَ ڪائنات ئي خدا آھي. ھو ڪائنات کي زنده حقيقت ٿو سمجھي جيڪا سوچي ۽ محسوس ڪري ٿي. ھن جو چوڻ ھو تھ ڪائنات ۾ نھاريندي رڳو ھڪ ھستيءَ جي موجودگيءَ جو احساس ٿو ٿئي ۽ اھا ھستي ھڪ خدا آھي، جنھن ۾ ڪا ڦير گھير ۽ تبديلي اچي نٿي سگھي. ھو پھريون شخص ھو جنھن ھمھ اوست يعني سڀ ھو آھي جو نعرو ھنيون. پارمينڊس ھن جي ان فڪر کي اڳتي وڌايو ۽ چيو تھ ڪائنات جي ھر شيءِ ۾ تبديلي ايندي ٿي رھي. ڪابھ شيءِ جيڪا جنھن حالت ۾ ھينئر موجود آھي اھا ٿوري دير کان پوءِ ان حالت ۾ نٿي رھي، ان ڪري اسين چئي سگھون ٿا تھ ڪابھ شيءِ آھي بھ تھ نھ بھ آھي. ساڳئي وقت موجود ۽ عدم موجود، وجود ۽ غير وجود واري صورتحال آھي. تبديليءَ جي ان وھڪري ۾ وھندڙ شين جي حقيقت جو علم ٿي نٿو سگھي. ھن تبديلي جي ان عظيم وھڪري ۾ ڪنھن مستقل ۽ ڪڏھن نھ بدلجندڙ حقيقت کي ٿي ڳولھيو ۽ ھو ان نتيجي تي پھتو تھ اھا حقيقت وجود Being آھي جيڪو ازلي ۽ ابدي حقيقت آھي. ٻين سڀني شين جا وجود غير وجود ۽ غير حقيقي آھن. اسان کي پنھنجن حواسن سان جن شين جي ڄاڻ ٿئي ٿي اھي حقيقت ۾ غير موجود آھن. حواسن جي دنيا غير حقيقي ۽ نظر جو فريب آھي. ظاھري شڪل واريون سڀ شيون غير وجود آھن. انھن سڀني شين جي حقيقت رڳو ھڪ وجود آھي. جنھن ۾ ڪابھ تبديلي اچي نٿي سگھي. ان جي نھ ڪا ابتدا آھي ۽ نھ انتھا، ھن کي بيان ڪري نٿو سگھجي. ھن لاءِ چئي نٿو سگھجي تھ ھو ھي آھي يا ھو آھي. ھن جو ڪو حال ڪو ماضي ۽ ڪو مستقبل ڪونھي. ھو وقت کان مٿانھون آھي. ھن جي رڳو ھڪڙي صفت اھي ۽ اھا آھي ھجڻ Is-ness.(1) اھا وحدة الوجود جي ابتدائي شڪل آھي. جنھن کي اسلامي تصوف جي تاريخ ۾ ابن العربيءَ منطقي بنيادن تي فلسفي جي شڪل ڏني. ھن چيو تھ ڪائنات ۾ جيڪي بھ شيون نظر اچن ٿيون انھن جو پنھنجو ڪو وجود ڪونھي پر اھي خدا جي وجود جون مظھر آھن ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪنھن جو وجود ڪونھي. ھن پنھنجي ان نظريي جي باري ۾ دليل ڏيندي چيو تھ ڪائنات ۾ موجود سڀ شيون قدرت جي ڪن قانونن تحت وجود ۾ اچن ٿيون ۽ اھي قانون خدا ۾ موجود آھن ۽ وجود ۾ آيل شيون انھن قانونن جون مادي شڪليون آھن. وجود ۾ اچڻ کان اڳ اھي شيون قانونن جي صورت ۾ خدا ۾ موجود ھيون ۽ ھاڻي اھي خدا جي وجود جو ئي مظھر آھن ۽ ھنن جو پنھنجو وجود ڪونھي. پنھنجي ڳالھھ جي وڌيڪ وضاحت ڪندي ھن ٻيو مثال ڏنو آھي تھ خدا ڪائنات جو ڪارڻ آھي. ڪارڻ پنھنجي نتيجي کان جدا نھ آھي ۽ جيئن ڪوبھ ڪارڻ پنھنجي نتيجي ۾ موجود ھوندو آھي خدا بھ ڪائنات ۾ موجود آھي ۽ ان کان جدا نھ آھي. ھن جو مشھور قول آھي تھ وجود المخلوقات عين وجود الحق يعني مخلوقات جو وجود عين حق (خالق) جو وجود آھي ..... انساني روح جي باري ۾ سندس چوڻ آھي تھ انساني روح روحِ ڪائنات کان جدا نھ آھي پر ساڳئي وقت ان جو حصو بھ نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ روحِ ڪائنات جا حصا ٿي نٿا سگھن. انساني روح روحِ ڪائنات جو انفرادي عڪس آھي. خالق کي مخلوق کان جدا سمجھڻ ائين آھي جيئن ڪنھن بھ شيءِ جي ھڪ رخ کي ان شيءِ کان الڳ سمجھيو وڃي ... انساني روح پنھنجي حقيقي مصدر کان جدا ٿي ھن خاڪي جھان ۾ حيران ۽ پريشان آھي ۽ پنھنجي محبوب جي جدائيءَ ۾ روئي ۽ رڙي ٿو ۽ ان صورتحال مان نجات حاصل ڪري پنھنجي حقيقي محبوب سان ملڻ ٿو گھري. ان صورتحال مان نجات حاصل ڪرڻ جا صوفين جدا جدا طريقا ٻڌايا آھن. ويدانتي گيان، ڌيان، تپسيا، تياڳ ۽ ڀڳتي کي وصل جا طريقا ٿو چئي. صوفين ترڪ، مجاھدن ۽ عقل کي وصل جا وسيلا ٿو سمجھي. بوعلي سينا وڏو عقل پرست ھو. ھن جي ڪتاب دانش نامھ علائي جي پڄاڻي ھنن لفظن سان ٿي ٿئي الحمد واھب العقل. خدا جي تعريف جنھن عقل عطا ڪيو. ھن صوفين جي ترڪ، حال، وجد ۽ عشق کي رد ڪيو ۽ چيو تھ محبوب حقيقي جو وصل عقل سان ٿئي ٿو. ابن العربي جيتوڻيڪ وڏو عقل پرست ھو، ھن پنھنجي فلسفي جو بنياد منطق ٿي رکيو ھو ۽ پنھنجي فلسفي کي احديت معقولي چوندو ھو پر تنھن ھوندي بھ اھا ڳالھھ مڃيندو ھو تھ انساني عقل حقيقت تائين پھچي نٿو سگھي. ان لاءِ مراقبو ۽ عشق ضروري آھي. وجود جي جيئن تھ وحدت آھي ان ڪري ھجر تھ آھي ئي ڪونھ، رڳو وصل آھي. طالب پاڻ مطلوب آھي ان ڪري ھجر ٿي نٿو سگھي، پر طالب کي ان حقيقت جي ڄاڻ ڪانھ ھوندي آھي. ان ڪري ھو ھجر جا ڏک پيو سھندو آھي پر پوءِ جڏھن ھن کي حقيقت جو عرفان ٿيندو آھي تڏھن ھجر ۽ وڇوڙي جا سڀئي ڏک ختم ٿي ويندا آھن.

 

ھن ننڍي کنڊ ۾ وحدة الوجود کي ويدانت يا ادويت چيو وڃي ٿو. ادويت جي معنيٰ آھي جيڪو ٻھ نھ آھي. ويدانت کي باقاعدي فلسفي جي شڪل ڏيڻ وارو مالابار جو ھڪڙو برھمڻ ھو جنھن جو نالو شنڪر ھو. شنڪر اٺين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ويدانت جو بنياد اپنشد، ڀڳوت گيتا ۽ برھم سوتر مڃيا وڃن ٿا. برھم سوتر کي ويدانت سوتر بھ چوندا آھن. ان جي مصنف جو نالو بادريان Badryan ھو. ھن جو چوڻ آھي تھ برھم ۽ ڪائنات ھڪ آھن. ھي جھان برھم جي ليلا يعني سانگ آھي جيڪو ھن پاڻ کي وندرائڻ لاءِ رچايو آھي. بادريان جي لکڻي اڻ چٽي ھئي ۽ جدا جدا عالمن پنھنجي پنھنجي سمجھھ ۽ ڄاڻ آھر ان جي تشريح ڪئي آھي. شنڪر بھ برھم سوتر جي تشريح لکي. ھن جي نظريي کي ادويت واد چوندا آھن جنھن ۾ دوئي جي ڪا جاءِ ڪانھي. حقيقت مطلق ھڪ آھي. ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي بھ حقيقت ڪانھي. ڪائنات برھم آھي ۽ برھم ڪائنات آھي. دنيا ۾ جيڪا بھ شيءِ نظر اچي ٿي اھا مايا ۽ نظر جو فريب آھي. وجود رڳو ھڪ آھي ۽ اھو برھم آھي جيڪو حقيقت مطلق آھي.(1)

 

شاھھ پنھنجي شاعريءَ ۾ نھ رڳو ابن العربيءَ جي وحدة الوجود جي نظريي جي تشريح ڪئي آھي پر ھو پاڻ ان نظريي جو وڏو تخليقي مفڪر بھ آھي ۽ ھن حقيقت جي عرفان جو ٻين سڀني کان جدا طريقو ٻڌايو آھي. ھن جو نظريو آھي تھ حقيقت جو عرفان تڏھن حاصل ٿي سگھي ٿو جڏھن ماڻھوءَ جو اندر اجرو ٿئي. اندر جي اجري ٿيڻ کي انگريزي ۾ Catharses چوندا آھن ۽ شاھھ ان کي نجس جو نکرڻ ٿو چئي. شاھھ جي خيال ۾ اندر جي اجري ٿيڻ جا ٽي وسيلا آھن، غم، حسن ۽ موسيقي!


(1)  ڪشف المحجوب

(1)  وحدة الوجود تي شاعري علي عباس جلالپوري

(1) Greek philosophy. By: W.T.S.

(1) The Message of the Hpanised. By Swami Rengonath anand.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com