سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جي غم جو فلسفو

 

صفحو :4

چوڏس چٽاڻو

دنيا ۾ ادب ۽ آرٽ جا ٻھ نظريا آھن، ھڪ ادب برائي زندگي ۽ ٻيو ادب برائي ادب. ادب برائي زندگيءَ جي نظريي وارن جو چوڻ آھي تھ ادب ۽ آرٽ جي ڪانھ ڪا افاديت، مقصديت ۽ ڪونھ ڪو سماجي ڪارج ھئڻ گھرجي. سماج ۾ ماڻھو اڪيلو نھ آھي. سماج ۾ بيشڪ تھ فرد جي پنھنجي انفراديت آھي پر ھن جي انفراديت انسانيت سان ڳنڍيل آھي. سماج ۾ ھو ٻين انسانن سان گڏ ٿو رھي ۽ ائين ھو ھڪ عظيم سماجي ڪل جو جز آھي ۽ ھن تي سماج ۾ سڀني انسانن جون جوابداريون آھن. اديب ۽ فنڪار بھ انھن جوابدارين کان آجو نھ آھي. ھن کي بھ ادب ۽ فن جي وسيلي سماج ۽ انسانن جون جوابداريون پوريون ڪرڻيون آھن. ھن جي وڏي جوابداري اھا آھي تھ ھو پنھنجي تخليق جي معرفت انسانن جي فلاح واري سماج جي قائم ٿيڻ جي جدوجھد ۾ حصو وٺي. اسٽالن اديبن ۽ فنڪارن کي روحن جا انجنيئر سڏيندو ھو ۽ ادب برائي زندگيءَ جي نظريي جي پوئلڳ گھڻي ڀاڱي مارڪسي ھئا.

 

ادب جي سماجي ڪارج واري سوچ مارڪسيت کان بھ گھڻي پراڻي آھي. اوائلي دور ۾ ادب ۽ آرٽ جو ڪارج سماج کي سڌارڻ ھو. ان ڪري ان دور جو ادب ۽ آرٽ ناصھاڻو ھو. شاعر ۽ اديب جانورن ۽ پکين جي تمثيلن سان نصيحتون ڪندا ھئا. ماڻھن کي اعليٰ آدرش ۽ سماج کي اخلاقي قدر ڏيندا ھئا. ساڳئي وقت ادب ۽ آرٽ ماڻھن جي روحانيت جو اظھار بھ ھئا. ناچ گاني ۽ سنگتراشيءَ تھ سڌو سنئون زرخيزي واري مت مان جنم ورتو ھو. شو ديوتا بھ منھن جي دڙي جي دور جي زرخيزيءَ واري مت جو ديوتا آھي، جنھن جي ٽانڊو ناچ سان ڪائنات وجود ۾ آئي. ھن جو ھڪڙو نالو نٽ راج يعني ناچ جو راجا بھ آھي ۽ ھن ڪيترائي ناچ تخليق ڪيا آھن. زرخيزيءَ جو مت عورت ۽ مرد جي جسماني ميلاپ ۽ ان مان نسل جي تسلسل جو مت آھي. ان ڪري ان دور جو ادب گھڻي ڀاڱي عورت ۽ مرد جي جسماني ڪشش ۽ ميلاپ جو اظھار ھو. چيو ويندو آھي تھ جڏھن پکيءَ پنھنجي ماديءَ لاءِ آکيرو ٺاھيو تڏھن فن وجود ۾ آيو. ھندو ديو مالا ۾ سرسوتي ادب ۽ آرٽ جي ديودي آھي ۽ يوناني ديومالا ۾ ھر ھڪ فن لاءِ جدا جدا ديوي ھئي، جن کي Muses چوندا آھن. پر پوءِ آھستي آھستي اديب ۽ فنڪار ادب ۽ آرٽ جي ناصحاڻي مقصد کان بيزار ٿي پيا ۽ ھنن ادب برائي ادب جي تحريڪ ھلائي. مشھور اديب ايڊگر اپلن پو ادب برائي زندگيءَ کي ناصھاڻي بدعت چوندو ھو. اديبن ۽ فنڪارن جو اھڙو لڏو پئدا ٿيو جنھن ادب جي ناصحاڻي بِدعت ۽ ترقي پسندن جي سماجي ڪارج افاديت ۽ مقصديت واري نظريي کي رد ڪري ڇڏيو. ھنن کي Aesthetics ۽ ھنن جي تحريڪ کي Aestheticism چيو ويندو آھي. اھي ٻئي لفظ يوناني لفظن Aisthetic ۽ Aesthetica مان نڪتل آھن. Aesthetic جي معنيٰ آھي حواسن سان محسوس ٿيندڙ شيون ۽ Aesthetica جي معنيٰ آھي ڏسڻ وارو. پر پوءِ آھستي آھستي اھي لفظ Aesthetics ٿي ويا ۽ ۽ اھو لفظ حسين شين جي ساڃھھ ۽ پرک ۽ ماڻھوءَ جي جمالياتي ذوق واري نظريي لاءِ بھ استعمال ٿيڻ لڳو. Aestheic  ان ماڻھوءَ کي چيو ويو جيڪو موسيقي فن ۽ ادب ۾ حسن ۽ جماليات جو قائل ھجي. اھا تحريڪ Aestheicism سڏجڻ لڳي. جيڪا اڻويھين صديءَ ۾ شروع ٿي ۽ جنھن ۾ شامل اديبن ۽ فنڪارن جو چوڻ ھو تھ ادب ڪنھن مقصد حاصل ڪرڻ جو وسيلو نھ پر پاڻ مقصد آھي ۽ ادب لاءِ ضروري نھ آھي تھ اھو ناصھاڻو ھجي يا ڪنھن سياسي، سماجي يا معاشي نظريي جي تشريح ڪري. ادب ۽ آرٽ کي سماجي ڪارج ۽ افاديت واري معيار تي پرکڻ جي بدران ان کي ان جي پنھنجي معيار تي پرکڻ گھرجي ۽ ادب کي خودمختيار ھئڻ گھرجي. اديب ۽ فنڪار تي ڪا جوابداري ڪانھي ۽ ھو ڪنھن بھ ڳالھھ لاءِ ٻڌل نھ آھي. ھنن اعلان ڪيو تھ زندگيءَ نھ پر فن، زندگيءَ جو متبادل فن آھي، زندگي فني تخليق جھڙي ھئڻ گھرجي. آسڪر وائيلڊ جيڪو اکرن ۽ جملن سان کيڏڻ جو ماھر ھو، تنھن چيو تھ ماڻھوءَ جو پھريون فرض آھي تھ ھو زندگيءَ کي جيترو مصنوعي بڻائي سگھي بڻائي. ماڻھوءَ جو ٻيو فرض ڪھڙو آھي، تنھن جي اڃا خبر پئجي نھ سگھي آھي.

ان تحريڪ جي مشھور ناول نگار Viller de lsle Adam (1896) جي ناول Ael جو ھيرو چئي ٿو.

جيئڻ! اھو ڪم تھ اسان پاران اسان جا نوڪر بھ ڪري سگھن ٿا(1)......

جماليات جي اھا تحريڪ اصل ۾ پنھنجي دور جي بدصورتيءَ ۾ خوبصورتيءَ کي ڳولھڻ جي ڪوشش ھئي. ادب جي افاديت جي باري ۾ چيو ويو تھ بيشڪ تھ شاعريءَ جي ڪتاب ۾ اھا افاديت ڪانھي جيڪا رڌ پچاءَ جي ڪتاب ۾ آھي. رڌ پچاءَ جو ڪتاب پڙھڻ سان نوان کاڌا پچائڻ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي جڏھن تھ شاعريءَ جو ڪتاب پڙھڻ سان ڪا بھ ڄاڻ نٿي ملي. پر شاعري ماڻھوءَ جي اندر کي اجرو ٿي ڪري. فرانس جي مشھور علامت نگار شاعر Valery شاعريءَ کي اعليٰ الھامي فن مڃيندو ھو. شاعريءَ لاءِ سندس چوڻ آھي تھ:

شاعري پاڪائيءَ لاءِ آرزو ۽ بلندي ۽ عظمت لاءِ اتساھھ پئدا ڪندي آھي ۽ اندر جي ساري گدلاڻ کي ڌوئي ڇڏيندي آھي.

شاھھ جي شاعري بنيادي طرح ادب برائي زندگيءَ جي شاعري آھي. ھن زندگيءَ جا نوان تصور ۽ نوان آدرش ڏنا آھن. ھن لوڪ داستانن، ڪردارن جي تشريح ڪري انھن کي نئين معنيٰ ڏني آھي. پر ھن جي شاعري ادب برائي ادب جي شاعري بھ آھي. سندس سرکنڀات جنھن ۾ چانڊو ڪيون ۽ خوشبويون آھن ۽ چانداڻ جھڙي بدن وارا پرين پنھنجا چندن ۾ چڪ ٿيل چوٽا کولي ولھھ ۾ ستل آھن. سر مومل راڻي ۾ گجرين جو حسن ۽ سر سامونڊي ۾ وڻجاريءَ جو پنھنجي پرديس ويل پرينءَ جي فراق ۾ تڙپڻ .... شاھھ جي شاعري، وليري جي چوڻ موجب پاڪائيءَ لاءِ آرزو ۽ بلنديءَ لاءِ اتساھھ ئي جاڳائي. شاھھ بھ پنھنجي شاعريءَ کي الھامي ٿو چئي:

لات جا لطيف جي، سڏ تنھنجو سڄي

يا

جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آھن.

--

تصوف جي روايت ۾ حسن ۽ پيار جا ڪي خاص تصور آھن ۽ شاھھ جي حسن ۽ پيار جي تصورن کي سمجھڻ لاءِ مان وري ابن العربي جي نظريي جو مثال ٿو ڏيان ابن العربي لاءِ خدا ۽ انسان جو تعلق بنيادي طرح پيار ۽ محبت جو تعلق آھي. دنيا جي سڀني مذھبن جو بنيادي عقيدو خدا جي عبادت آھي ۽ عبادت پيار مان پئدا ٿيندي آھي. دل ۾ پيار کان سواءِ ڪوبھ ماڻھو ڪنھن ديوتا جي عبادت ڪري نٿو سگھي. ديوتا جي ڊپ کان ماڻھو سندس نانءُ تي قربانيون تھ ڏيئي سگھي ٿو پر اندر مان سندس عبادت ڪري نٿو سگھي. ابن العربي بھ ٻين صوفين وانگر محبت کي ساري ڪائنات ۾ رچيل ۽ سڀني انسانن، جاندارن ۽ مادي شين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ واري قوت ٿو سمجھي. ھن جو چوڻ آھي تھ خدا پاڻ پيار آھي ۽ انسان جو جذبو جيڪو خدا جي عبادت تي کيس مائل ٿو ڪري اھو بھ پيار آھي ۽ جيئن تھ خدا ۽ انسان ٻئي پيار آھن، ان ڪري چئي سگھجي ٿو تھ پيار پيار سان پيار ٿو ڪري. خدا جي سچي عبادت ورد، وظيفا، مراقبا ۽ مجاھدا نھ آھي. خدا جي سچي عبادت اھا آھي تھ ماڻھو خدا جي معمولي مادي توڙي اعليٰ روحاني مظاھر تي، جن ۾ ھو پاڻ بھ شامل آھي، غور ڪري..... پيار کي زندگيءَ جو اعليٰ ترين مقصد مڃڻ کان پوءِ ھو پيار جي پنھنجي ليکي الڳ حيثيت نٿو مڃي. ھو ڪنھن اھڙي حقيقت کي مڃي ٿو جيڪا پيار کان مٿانھي آھي ۽ جيڪا پيار جو سبب ٿئي ٿي. اھا حقيقت حسن آھي. ھن جي خيال ۾ حسن رڳوماڻھوءَ جو جسماني حسن نھ آھي پر ھن جي شخصيت يا سندس ڪنھن ڳڻ جو حسن بھ آھي. ڪنھن کي ڪو ماڻھو سھڻو ٿولڳي پر ٻئي کي نٿو لڳي.... خدا سان ماڻھو ان ڪري پيار ٿو ڪري جو خدا حسين آھي. خدا جي بدصورت ھجي تھ ڪوبھ ساڻس پيار نھ ڪري. خدا بھ پنھنجي مخلوق سان ان ڪري پيار ٿو ڪري جو خدا جي مخلوق بھ حسين آھي. سوال آھي تھ مخلوق ۾ حسن ڪٿان آيو. مخلوق جو جسماني، ذھني ۽ روحاني حسن سندس خالق جو حسن آھي. خدا جي ساري مخلوق حسين آھي ۽ خدا پنھنجي مخلوق جي حسن سان ان ڪري پيار ڪري ٿو جو ڪائنات جو مادي حسن خدا جي غير مادي حسن جو مظھر آھي. حسن ۽ اھڙو پيار جنھن جو سبب حسن آھي، ھن ڪائنات جي تخليق جا سبب آھن. روحن جي خدا لاءِ ۽ خدا جي روحن لاءِ ڇڪ ٻنھي جي ھڪ ٻئي لاءِ محبت آھي.

 

شاھھ جيئن تھ پاڻ وحدة الوجود جي فلسفي جو تخليقي مفڪر ھو، ان ڪري ھن جو حسن جو پنھنجو نظريو آھي. شاھھ جي نظريي مطابق غم ۽ سور وانگر حسن بھ ماڻھوءَ جي اندر کي ڌوئي اجرو ٿو ڪري. ھن کي روحاني بلنديون ٿو بخشي، ھن کي پنھنجو پاڻ مان ڇوٽڪارو ڏياري ھن ۾ پنھنجي سڃاڻ ٿو پئدا ڪري، عام صوفي مت ۾ مجازي حسن ماڻھوءَ ۾ حقيقي حسن جي شناس پيدا ڪندو آھي. مشھور ملامتي صوفي سرمد کي اڀيچند جي حسن ۾ حقيقي حسن جو جلوو نظر آيو. فارسيءَ جي مشھور صوفي شاعر فخرالدين عراقيءَ (١٢٨٩ع) درويشن جي ٽولي سان گڏ ھمدان مان ملتان پھتو ھو جو ان ٽولي ۾ ھڪڙو سھڻو نوجوان بھ ھو جنھن جي حسن ۾ ھن خدا جو جلوو ڏٺو.

شاھھ جي سر مومل راڻو ۾ سوڍين جي سونھن راڻي جي اندر کي اھڙو جرو ڪري ٿي ڇڏي جو ھو پنھنجو پاڻ کان سر بلند ٿي ٿووڃي:

ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي، پاڻان ويا پئي،

اھا ڪيفيت ڪمالي ھن کي تڏھن ٿي حاصل ٿئي جڏھن ھو پنھنجو پاڻ مان جاڳي ٿو ۽ سندس اندر ۾ ھجرت شروع ٿي ٿئي. گوتم کي بھ پنھنجو پاڻ مان جاڳڻ سان گيان مليو ھو. گوتم جي لفظي معنيٰ ڏاھو ٻڌائي ويندي آھي پر گوتم جي اصل معنيٰ جاڳيل آھي. راڻي کي ھڪڙي بابو بان بري گجرين جي حسن جي حقيقت سان روشناس ڪرائي کيس جاڳايو ھو:

جوڳيءَ جا ڳائي، ماري وڌو مامري،

لنؤ لنڊو ڻي ڪنڌيين، اميو آھي،

وڃو جي ڪاھي، تھ نڪون پسو نيھن جون.

جوڳي جيڪو سوڍين جي سونھن جو ذڪر ڪري راڻي کي جاڳائي ٿو سو پاڻ لنڊوڻين ڪنڌئين واري حسن جي اسرارن جو اسير ۽ امين آھي. ھن جي پوري وجود تي عشق جو جڙاءُ ٿيل آھي. ھو پئدا ئي شمع تي پاڻ ساڙڻ واري پتنگ جيان ٿيو آھي ۽ ھن جا سارا وڙ سج جھڙا آھن ۽ سج جيان پيو جرڪي. ھو بھ ڪاڪ تڙن جي ڪنئارين جو ڪڪوريل ھو:

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو نينھن جو،

پتنگن جئن پئدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،

آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو.

--

ڪڏھن ھن جي بت تي سوني روپي شاھي خلعت ۽ مٿي تي جواھرن جڙيل تاج ھو. اڄ ھن جي بت تي ڀڀوت مليل ۽ مٿي تي جوڳين وارو مڪٽ آھي جنھن مان عشق جي عطر جي خوشبو پئي اچي:

سج سڀاڻي جا ڪري، ساميءَ سائي روءِ،

اچي ٿي عطر جي، منجھان مڪٽ بوءِ،

سا ڏيکاريھون جوءِ، جئان لاھوتي لعل ٿيو.

اڄ بھ ڪاڪ جو نالو ٻڌڻ سان سندس ڇٽل ڦٽ ڇڙي ٿا پون:

بيکاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙھي،

ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙھا پيس ڳڙي،

ڪا جا انگ اڙي، جئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا.

--

ھونئن تھ ساري رسالي ۾ عورت ئي عشق ۾ ھجر ۽ وصل جي واردات بيان ڪئي آھي پر ھي پھريون سر آھي جنھن ۾ مرد عورت جو جمال بيان ڪيو آھي ۽ اھڙي انداز سان بيان ڪيو آھي جو شاھھ جي گجرين جي حسن واري شاعري جمالياتي شاعريءَ جو شاھڪار ٿي پئي آھي. ھر طرف خوشبويون ۽ رنگ، حسن ۽ جواني جي تپش، ھٻڪارون ۽ حواسن سان محسوس ٿيندڙ حسن، گلن جھڙا لباس، پانن جي پنن جھڙيون سايون شالون، چندن ۾ چڪ ٿيل چوٽا. ھو جڏھن ڪاڪ نديءَ جي تڙ تي پنھنجا چوٽا ٿيون ڌوئين تھ ڀنور ڀنڀولجي اچي پاڻيءَ ۾ ٿا پون:

جنھن تڙ ڌوڙيون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو،

اچن ڀنور ڀنڀوليا، پاڻيءَ تنھن پون،

راول رتو رئن، ڪو وه لڳو واسئين.

--

اھڙي لاثاني حسن جو ٻڌي راڻي جي دل ۾ ان کي حاصل ڪرڻ جي طلب جاڳي ۽ سنس اندر ۾ ھجرت ۽ پنھنجو پاڻ ڏانھن مراجعت جو سلسلو شروع ٿيو:

ھلو ھلو ڪاڪ تڙين، جتي نينھن اڇل،

نھ ڪا جھل نھ پل، ھر ڪو پسي پرينءَ کي،

--

ھلو ھلو ڪاڪ تڙين، جتي گھڙجي نينھن،

نھ ڪا رات نھ ڏينھن، ھر ڪو پسي پرينءَ کي.

--

ڪاڪ تڙن تي خوشبودار وڻ، ٻوٽا،ڪنواريون ۽ ڪنول جا اھڙا ڪنوارا گل آھن جن تي اڃا ڀنور نھ ڀريا آھن:

آکون، ڊاکون، سرکنڊ شاکون، جتي چوکا چندن ڪنور،

ميي سي ئي ماڻيا، جت نھ ڀرن ڀنور،

ڪنواريون ۽ ڪنور، ڪاه تھ پسون ڪاڪ جا.

ڪاڪ جي ڪنئارين ھنن کي ڪڪوري ڇڏيو ۽ ھو اھڙا رچي ريٽا ٿيا جو ڪين اوٻاٽجڻ اوءِ:

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لھي نھ لالي،

ڪڙي ڪيف خماريا، مئي پي موالي،

ڪري حاصل ھليا، ڪيفيت ڪمالي،

وتن وصالي، لڊوڻيان لوڌي ٿيا.

ڪڙي ڪيف جي خمار راڻي کي اھي بلنديون بخشيون جو ھو ڪاڪ کي ڪنڊ تي، مومل کي ماڳ ۽ پنھنجو پاڻ کي پٺتي ڇڏي، پاڻ کان بھ اڳتي نڪري اتي وڃي پھتو جتي ٿيو مڙيئي منڌرو:

ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي، پاڻان ويا پئي،

لوڌيئڙن، لطيف چئي، سوڍو ڪيو سھي،

مومل ماڳ رھي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

--

ڪاڪ نھ جھليا ڪاپڙي، موھيا ڪنھن نھ مال،

جي ڇورين ڏنا ڇال، تپ لاھوتي لنگھي ويا.

ان حالت ۾ راڻو پنھنجي لوڪ داستان واري شناخت وڃائي ھڪ نئين شناخت ۾ ٿو اچي ۽ ڪنھن ماورا حقيقت جي علامت ٿو بڻجي ۽ ان نئين حقيقت جي علامت بڻجڻ واري مينڌري لاءِ مومل چئي ٿي:

روءِ راڻي جي ناه ڪو، سوڍو سڀن سونھن،

لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دونھن،

ڪانھي ٻي ورونھن، ٿيو مڙيو ئي مينڌرو.


(1) Dictionary of

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com