سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :13

ڏک تنين ڏک

 

سر رپ ۽ بروو عشق ۽ محبت جا سر آھن. رپ جي معنيٰ ڇِپ، آفت ۽ مصيبت ٻڌائي ٿي وڃي جڏھن تھ بروو ھڪڙي ڪلاسيڪي راڳڻيءَ جو نالو آھي. ائين بھ چيو ٿو وڃي تھ رپ ۽ بروو ھڪ سنڌي لوڪ ڪھاڻيءَ جا ڪردار آھن. رپ شھزادي ھئي جنھن تي بروو نالي ھڪڙو نوجوان عاشق ٿيو. ھو شھزاديءَ کي پنھنجي بُت جو گوشت ڪوري کارائيندو ھو. ڪن محققن سر بروو جي ھن بيت کي ان واقعي ڏانھن اشارو چيو آھي:

ڪٿان سکئين سپرين! ڪاسائڪي ڪار،

ٽکي ڪائي ھٿ ڪري، منيءَ سين نھ مار،

چوري چاڪ نھار، سورن سانگھيڙا ڪيا.

مان نٿو سمجھان تھ ھي بيت لوڪ ڪھاڻيءَ جي ان واقعي ڏانھن اشارو آھي ڇاڪاڻ تھ لوڪ ڪھاڻيءَ ۾ بروو پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجو گوشت ڪوري شھزادي رپ ڏانھن موڪليندو ھو جنھن جي رپ کي خبر ئي ڪانھ ھوندي ھئي جڏھن تھ ھن بيت ۾ محبوب جي ڪاسائڪيءَ واري روش جي شڪايت ڪيل آھي.

ڪن محققن اھو بھ ٻڌايو آھي تھ سنڌ ۾ ھڪڙي ڳوٺ ۽ ڪن ديھن جا نالا رپ آھن ۽ ڪن عورتن جو نالو بھ رپ آھي جئن رپ واگھھ ۾ رپ ٻائي .... رپ جي آفت ۽ وڏي بلا جي معنيٰ وارو محاورو تھ اسان بھ ننڍپڻ کان ٻڌندا آيا آھيون پر سوال آھي تھ جيڪڏھن رپ جي معنيٰ رڳو ڇپ ۽ آفت اھي تھ پوءِ مائٽ پنھنجن نياڻين جو نالو رپ ڪيئن رکندا ۽ لوڪ ڪھاڻيءَ جي شھزاديءَ جو نالو رپ ڪيئن ٿي سگھندو؟ منھنجي خيال ۾ تھ رپ جي معنيٰ ڇپ، آفت ۽ مصيبت کان سواءِ ڪاٻي بھ آھي جنھن جي اسان کي اڃا تائين خبر پئجي نھ سگھي آھي. ھونئن اھا حقيقت آھي تھ قديم زماني کان عشق ۽ محبت کي ھڪڙي قسم جي مصيبت سمجھيو ويو آھي. قديم زماني ۾ يوناني محبت کي ديوتائن جو ڏمر سمجھندا ھئا. سندن خيال ھو تھ حسن جي ديوي Aphrodite کي ڪوفاني انسان رنجائيندو ھو تھ ھوءَ رنجائڻ واري تي ڏمر ڪري ھن کي عشق ۾ مبتلا ڪندي ڇڏيندي ھئي جنھن جي ڪري ھو بي وس ٿي ويندو ھو، ھوش وڃائي ويھندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ چريو بھ ٿي پوندو ھو .... يوناني عشق کي ديويءَ جو ڏمر تھ مڃيندا ھئا پر ساڳئي وقت انسان جي تڪميل، سندس روحاني جرائت ۽ طاقت جو وسيلو ۽ حياتيءَ جي قوت جو سرچشمو بھ سمجھندا ھئا. عشق، روح جو حسن لاءِ رد عمل ھو ۽ عشق جئن تھ ديويءَ وٽان ملندو ھو انڪري مقدس ھو. پر مقدس جي معنيٰ اھا نھ ھئي تھ عشق رڳو روحاني ھو. روحاني سان گڏ جسماني بھ ھو. ديوتا ۽ انسان جو ميلاپ ھو ۽ ٻنھي جي ميلاپ سان فاني انسان کي ابديت حاصل ٿيندي ھئي. ھڪ دفعي Zeus ديوتا افراڊٽي ديويءَ جي دل ۾ خواھش پئدا ڪئي تھ ھوءَ ڪنھن فاني انسان سان پيار ڪري. ديوي پنھنجي طرابلس واري مندر مان ھار سينگار ڪري نڪتي ۽ نوجوان ڪنواري ڇوڪريءَ جي روپ ۾ Anchises نالي ھڪڙي چارڻ سان اچي ملي. چارڻ ھن کي ڏسڻ سان مٿس عاشق ٿي پيو پر عشق جو اظھار نھ ڪيائين جو ھن کي ديوي سمجھيائين. ديويءَ کيس سمجھايو تھ ھوءَ ديوي نھ پر Phrygia جي بادشاھھ جي ڌيءَ آھي. ديوتائن جي چوڻ تي ھوءَ گھران نڪتي آھي تھ جيئن ھن سان ميلاپ ڪري ۽ سندس ٻارن جي ماءُ ٿي. ٻنھي جو ميلاپ ٿيو ۽ ديويءَ کي Aeness پٽ ڄائو. اھڙيءَ طرح عشق جي ديوتا Erose. Psyche (لفظي معنيٰ روح) نالي ھڪڙي فاني شھزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ ديوتائن سائڪيءَ کي ديوتائن جي برادري ۾ شامل ڪري کيس ابديت بخشي.(1)

ايروس ديوتا روحاني محبت، ڪائناتي نظام ۽ ان مقناطيسي قوت جو ديوتا ھو جنھن سان ساري ڪائنات جو نظام قائم آھي. افلاطون جھڙي فلاسافر ايروس ديوتا لاءِ چيو تھ:

ايروس ماڻھن جي دلين ۾ گھر ٺاھيندو آھي. پر سڀني دل ۾ نھ ٺاھيندو آھي. جيڪي دليون سخت ھونديون آھن انھن جي ويجھو بھ نھ ويندو آھي. ھن جي عظمت اھا آھي تھ نھ ھو پاڻ غلط ڪم ڪندو آھي ۽ نھ ڪنھن کي ڪرڻ ڏيندو آھي.

طاقت ھن جي ويجھو نھ ايندي آھي ۽ ھر ڪو ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان سندس پوئلڳ ٿيندو آھي. جنھن کي پيار جو ديوتا ڇڪندو آھي اھو ڪڏھن بھ اونده ۾ نھ رھندو آھي.

پر پوءِ وقت گذرڻ سان ايروس کي رڳو جنس جو ديوتا سمجھيو ويو. علم نفسيات جي مشھور عالم C.G. Jung ايروس لاءِ چيو تھ ايروس جنس جو نھ پر لاڳاپي Relationness جو ديوتا اھي. قديم دور جي مشھور شاعر Hesoid ايروس لاءِ نظم لکيو تھ:

ايروس جيڪو پيار آھي ۽ غير فاني مخلوق ۾ سڀني کان سھڻو آھي ۽ جيڪو ماڻھوءَ جي پاسيرن مان ست ڪڍي ڇڏيندو آھي. ھو سڀني ديوتائن ۽ انسانن جي عقل تي قبضو ڪندو آھي. ۽ ھنن جي عقلمنديءَ جي سڀني منصوبن کي ٻي معنيٰ بنائي ڇڏيندو آھي.

يوناني ۽ رومين ايروس جون اھڙيون تصويرون بھ ٺاھيون جن ۾ ھن کي پر ھئا. ھو ھوائن ۾ ٿي اڏاڻو ۽ ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي ھڪ ھنڌان اڏائي ٻئي ھنڌ کڻي ٿي ويو. Anne Cerson نالي ھڪڙي دانشور ايروس جي ماڻھوءَ کي ھڪ ھنڌان کڻي ٻئي ھنڌ پڄائڻ واري خصلت جي باري ۾ چيو تھ:

اسين جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي حاصل ڪرڻ جي خواھش ٿا ڪيون تڏھن ڄڻ تھ اسان کي سڏ ٿو ملي تھ اسين پنھنجيءَ جاءِ تان چرون ۽ اھڙيءَ طرح اسين روحاني طور پنھنجي موجوده حالت Status Quo مان نڪري نئين دنيا ۾ ٿا پھچون. شايد اھو ئي سبب آھي جو اسين محبت کان ڊڄندا آھيون ۽ محبت کي مصيبت سمجھندا آھيون. اصل ۾ محبت اسان جي اڳ واري قائم ٿيل توازن کي ٽوڙي ڇڏيندي آھي.(1)

صوفين لاءِ انساني حسن غيرفاني حسن جو جلوو آھي جيڪو ماڻھوءَ جي دل ۾ عشق جاڳائيندو آھي ۽ عشق ماڻھوءَ کي ھن جي status Quo مان ڪڍي ھن کي ھن کان سر بلند ڪندو آھي. اسلامي تصوف جي مشھور فلاسفر ابن العربيءَ کي فاني حسن ايترو بلند ڪيو جو لکيائين:

ھاڻي کان اڳ منھنجو اھو حال ھو جو جيڪو ماڻھو منھنجي دين کي نھ مڃيندو ھو ۽ ان کان انڪار ڪندو ھو تھ ان کي مان پنھنجو نھ سمجھندو ھيس. پر ھاڻي منھنجي دل سڀ کي پنھنجو ٿي سمجھي. منھنجي دل سڀني ھرڻن لاءِ چراگاھھ ٿي وئي آھي. اھا عيسائي راھبن جي عبادتگاھھ، آتش پرستن جو آتشڪدو، حاجين جو ڪعبو، توريت جا الواح ۽ قرآن جو صحيفو آھي.

ھاڻي مان عشق جي مذھب جو پولڳ آھيان،

منھنجو دين بھ عشق ۽ ايمان بھ عشق آھي.

اھا تبديلي ھن ۾ انساني حسن جي عشق آندي. ابن العربي مڪي ۾ جڏھن ھڪڙي ايراني عالم مسڪين الدين کان حديث جو درس وٺندو ھو تڏھن ھن کي ان جي ڌيءَ عين الشمس نظام سان محبت ٿي وئي جنھن لاءِ ھن عشقيھ شاعري ڪئي ۽ جنھن شاعريءَ جي پوءِ ھن، ملن جي ملامتن کان بچڻ لاءِ پنھنجي وحدة الوجودي فلسفي جي روشنيءَ ۾ تشريح ڪئي. ھن جو نظم آھي تھ:

ھن جي نالي وٺڻ سان ئي ھر طرف خوشبوءِ پکڙجي ويندي آھي.

ھن جي پيشاني سج وانگر جرڪندي آھي

ھن جا زلف رات وانگر ڪارا آھن

ڪيڏي نھ اچرج جھڙي ڳالھھ آھي جو ھن جي منھن تي رات ۽ ڏينھن ٻئي ھڪ ٿي ويا آھن.

افلاطون ايروس لاءِ چيو ھو تھ ايروس جي عظمت اھا آھي تھ ھو نھ پاڻ غلط ڪم ڪندو آھي ۽ نھ ڪنھن ٻئي کي ڪرڻ ڏيندو آھي. ائين ابن عربي لاءِ عشق جي آتش انسان جي دل ۾ رنگ، نسل ۽ مذھب جي تعصب کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آھي، سڀ ويڇا ختم ٿي ويندا آھن ۽ انسان رڳو انسانيت جي سلح تي ھڪ ٻئي سان سماجي لاڳاپا رکندا آھن.(1)

حسن ۽ عشق جي تاثير جي اھا سطح سماجي آھي ۽ ٻي سطح روحانيت ۽ انسان ۽ خدا جي تعلق واري آھي. فاني حسن ۾ صوفي غير فاني حسن جو جلوھھ ڏسندو آھي. صوفي ھڪڙي حديث جو حوالو ڏيندا آھن تھ حضور ' جن فرمايو آھي تھ

الله حسن آھي ۽ حسن کي پسند ڪرئين.

ٻئي دفعي فرمايائون تھ:

مون الله کي سھڻيءَ صورت ۾ ڏٺو ۽ صوفي سھڻي صورت ۾ الله کي ڏسندو آھي.

ھڪڙي دفعي ھڪڙي درويش رستي تي ھڪڙي سھڻي نوجوان کي ڏٺو تھ ھن کي وچ دڳ تي بيھاري ڇڏيائين ۽ يڪ ٽڪ ھن ڏانھن ڏسندو رھيو. پوءِ ڪنڌ جھڪائي چيائين تھ جڏھن فاني حسن جو جلوو ھھڙو آھي تھ ان حقيقي حسن جو جلوو ڪھڙو ھوندو جنھن جو ڪو مٽ نھ آھي ۽ جنھن کي ڪنھن سان بھ ڀيٽي نٿو سگھجي.

صوفيءَ جو پنھنجي محبوب سان عشق جيتوڻيڪ روحاني ھوندو آھي پر شاعريءَ ۾ ان جو اظھار ھو انسان جي جسماني جذبن، احساسن ۽ غير مذھبي (Secular)  محاوري ۾ ڪندو آھي. چوندا آھن تھ ٻارھين صديءَ جي ھڪ ڪناڙ Kennad شاعره مھا ديوي پاڪا پھريون دفعو خدا جي پيار جو اظھار مڙد ۽ عورت جي پيار جي محاوري ۾ ڪيو. ان لاءِ ھن جي ھٺين شعر جو مثال ڏيندا آھن:

اي ماءُ، مان بنان الن واري باه ۾ ٿي سڙان،

۽ اھڙي گھاو جا سور ٿي سھان جنھن مان رت نٿو وھي.

شاھھ جي ڪلام ۾ بھ تن جي تؤنس جھڙا بيت ملن ٿا ۽ شاھھ جڏھن مومل ۽ سندس ساھيڙين جو حسن ٿو بيان ڪري تڏھن پڙھڻ وارو مومل جي جسماني حسن جي تقدس ۽ روحانيت سان گڏ سندس جسم جي حسيت جي Sensuality کي بھ محسوس ٿو ڪري ۽ اھڙيءَ طرح روحانيت ۽ حسيت ٻئي پاڻ ۾ ملي ٿيون وڃن.

فاني حسن صوفيءَ جي دل ۾ عشق جي باه ڀڙڪائيندو آھي، اھا باھھ وسامندي نھ آھي انڪري جو پرين پاڻ ان جو سوريندڙ ھوندو آھي، شاھھ ٿو چئي:

لائي جو ويا، سو منجھين ٿو مچ ٻري

سو اجھامي ڪئان، جنھن سوريندڙ سپرين

پرين پنھنجي عاشق جي دل ۾ محبت جي باه ٻاري پوءِ پنھنجي ناز و ادا سان ان کي سوريندو رھندو آھي. محبوب جي ناز و ادا کي شاھھ ٽاڻا سندن ٽوه ٿو چئي:

صورت گھڻو سھڻا، ٽاڻا سندن ٽوه

ريلو ڏئي روح، جوکائي سو کاھي مري

محبوب ڪڏھن طاقيون ٿو ڏي تھ ڪڏھن دوست تي در ٿو کولي.

ڪڏھن طاقيون ڏين، ڪڏھن کلن در دوستن جا،

ڪڏھن اچان، اچڻ نھ لھان، ڪڏھن ڪوٺيو نين،

ڪڏھن سڪان سڏ کي، ڪڏھن ڳجھاندر ڳرھين

اھڙا ئي آھين، صاحب منھنجا سپرين.

ڀلي ڪيءِ ڀلا پرين! ھئن نھ مناسب ھوءِ،

ڪڏھن چت لائي چريو ڪري پاڻ ڪڍي ٿو وڃي:

لائي چِت، چريو ڪري، پاڻ ڪڍي وئين پوءِ

توڻي حبَ نھ ھوءِ، تپِ ھوت! نھ ڪجن ھيٽيون.

ڪڏھن قزاڪي ڪري ساه وٺي ٿو وڃي:

ساه وٺي وئين سپرين! ڪري قزاڪي،

دلبر! دل کسي وئين، يار! ٿئين پوءِ پاڪي،

جاڙ مون ضعيف سين، تو جانب! جا ڪي،

ھت بُت رھيو باقي، ساه وٺي وئين سپرين!

ڪڏھن تھ محبوب عاشق سان ماڳھين ڪاسائڪي ڪار ٿو ڪري، ۽ اھڙو تھ اذيت پرست Sadist آھي جو مڏيءَ ڪاتيءَ سان ٿو عاشق جا انگ وڍي:

ڪٿان سکئين پسرين! ڪاسائڪي ڪار،

تکي ڪاتي ھٿِ ڪري، منيءَ سين م مار،

چوري چاڪ نھار، سورن سانگيڙا ڪيا.

نفسيات جي ٻوليءَ ۾ اھڙي محبوب جي ڪردار کي نرگسي ڪردار چوندا آھن ۽ نفسيات جا ماھر ان جي وچور ڪندي چوندا آھن تھ اھڙي ماڻھوءَ جي شخصيت ھڪ ھنڌ بيھي رھندي آھي ۽ ان ۾ ڪا اوسر ٿي نھ سگھندي آھي. ھو خود پرست تھ ھوندو آھي پر ھن کي پنھنجو پاڻ ۾ ويساھھ نھ ھوندو آھي، ان ڪري ھو ٻين تي بھ ويساھھ نھ ڪندو آھي. ھو محبت بھ انڪري نھ ڪري سگھندو آھي جو محبت جو بنياد ويساھھ آھي. محبت نھ ڪري سگھڻ جي ڪري ھن جو اندر خالي ھوندو آھي. ھو ان ڳالھھ مان خوش پيو ٿيندو ۽ مزو پيو ماڻيندو آھي تھ ھن جو عاشق ھن سان محبت ٿو ڪري ۽ اھڙيءَ طرح ھو ٻئي جي محبت سان پنھنجي اندر جي خال کي ڀريندو آھي، ھو پنھنجي بي وساھي دل کي ويساھھ ڏيارڻ لاءِ عاشق سان مٽين بيتن واري ھلت ھلندو آھي. اھڙن ڪردارن مان ڪي ٿورا ماڻھو ھوندا آھن جيڪي خود پرستيءَ جي اِن ڌٻڻ مان نڪري پنھنجو پاڻ کان بلند ٿي سگھندا آھن. ان جو مثال شاھھ جي سر مومل راڻو ۽ مومل جو ڪردار آھي. راڻي سان ملڻ کان اڳ مومل پنھنجي خود پرستي ۽ نرگيست جي طلسمي ڪاڪ ۾ قيد ھئي. راڻي ھن جي نرگست جي ان ڪاڪ کي ڪيرائي ھن کي ھن کان آزاد ڪرايو:

گجر گھڻا گھائيا، پاڻا لڳس گھاءُ،

مينڌري ملاءُ، لڳس ڪان ڪپار ۾.

--

جِت رايائين راڻن کي، چندن چِڪ ڪري،

ھاڻي انين ڀيڻيين، وره وراڪا ڏي،

سوڍو سڃ ڪري، مومل ماري ھليو.

نرگسي ڪردار تي اھو توصيفي نالو نرگس جي ڳل تان پيو. ھڪڙي يوناني ڏند ڪٿا مطابق نرگس گل اصل ۾ ھڪڙو تمام سھڻو نوجوان ھو. ھو جڏھن ڄائو تھ ھن جي ماءُ ھن جي قسمت پڇڻ لاءِ ھن کي ھڪڙي انڌي نجوميءَ وٽ وٺي وئي ۽ ھن کان ٻار جي ڄمار بابت پڇيائين. نجوميءَ کيس ٻڌايو تھ ھي ٻار تيستائين جيئرو رھندو جيستائين ھو پاڻ کي نھ سڃاڻندو. نجوميءَ جي ڳالھھ ٻڌي ماءُ ڪوشش شروع ڪئي تھ ڪيئن بھ ٻار آئينو نھ ڏسي ۽ پاڻ کي نھ سڃاڻي. ٻار جوان ٿيو تھ اھڙو تھ سھڻو ٿي پيو جو جتان بھ لنگھندو ھو ماڻھو ڪم ڪار ڇڏي ھن ڏانھن نھاريندا ھئا. عورتون ھن تي جان ڏينديون ھيون پر ھو ڪنھن ڏانھن ڌيان نھ ڏيندو ھو. ھن آئيني ۾ پنھنجي شڪل تھ ڪانھ ڏٺي ھئي پر ماڻھن جي نھار مان سمجھي ويو ھو تھ ھو سھڻو آھي. ھو سارو ڏينھن شھر کان ٻاھر جھنگ ۾ گھمندو ھو. جھنگ ۾ Ecko (پڙاڏو) نالي ھڪڙي سھڻي ڇوڪري رھندي ھئي. ھن کي گھڻي ڳالھائڻ جي عادت ھئي. ھن جي ان عادت کان بيزار ٿي There ديويءَ ھن کان ڳالھائڻ جي قوت کسي ورتي. ھاڻي ھوءَ ڳالھائي نھ سگھندي ھئي پر ٻيو جيڪي ڳالھائيندو ھو ان جو رڳو پويون اکر ورجائي سگھندي ھئي. ھڪ ڏينھن ايڪو جھنگ ۾ ان نوجوان کي ڏٺو تھ مٿس عاشق ٿي پئي پر ھوءَ ساڻس دل جو حال ڪري نٿي سگھي، رڳو جيڪي ان نوجوان ڳالھايو ٿي ان جو پويون اکر ٿي ورجايائين. نوجوان ھن جي پيار کي ٿڏي ڇڏيو. ايڪو کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ھن نوجوان کي پِٽ ڏني تھ جيئن ھن سندس پيار کي ٺڪرائي ھن کي ايذائيو آھي ائين ھو بھ پيار ۾ ٺڪرائجي تھ جيئن ھن کي خبر پوي تھ پيار ۾ ٺڪرائجڻ جو ايذاءُ ڇا ھوندو آھي. ديوتائن ھن جي پِٽ ٻڌي ورتي ۽ ھڪ ڏينھن ان نوجوان جھنگ جي ھڪڙي تلاءُ تي جھڪي جيئن ئي پاڻي ٿي پيتو تھ تلاءَ جي شفاف پاڻيءَ ۾ ھن کي پنھنجو عڪس نظر آيو ۽ پنھنجي سھڻي صورت کي ڏسي ھو پنھنجي ئي عڪس تي عاشق ٿي پيو. ھن ان عڪس جا چپ چمڻ لاءِ پنھنجا چپ اڳتي وڌايا تھ سندس چپن جي ڇھاءَ سان پاڻيءَ ۾ ھلڪيون لھرون اڀريون ۽ عڪس لھرن ۾ لڏڻ لڳو. ھو لڳاتار ائين ڪندو رھيو پر پنھنجي عڪس جا چپ چمي نھ سگھيو. پوءِ ھو مايوس ٿي تلاءَ جي ڪناري تي ويھي رھيو ۽ يڪ ٽڪ پنھنجي عڪس ڏانھن نھاريندو رھيو. ھن نھ ڪجھھ کاڌو ٿي نھ پيتو ٿي. رڳو ويٺي ٿي پنھنجي عڪس ڏانھن نھاريائين ۽ ائين ويٺي وٺي ھن جو ساه نڪري ويو. جيئن تھ ھو ڏاڍو سھڻو ھو انڪري ديوتائن موت کان پوءِ ھن کي نرگس جو گل بنائي ڇڏيو.(1)

 

مان شروع ۾ چئي آيو آھيان تھ رپ ۽ بردو شاه جا محبت جا سر آھن جن ۾ محبوب جي وڇوڙي جي ماريل عاشق جا ورلاب ۽ محبوب جي ڪاسانڪي ھلت ۽ روش جون شڪايتون آھن، انھن ٻنھي سرن ۾ شاھھ تصوف جو ڪوبھ فلسفياڻو نقطو بيان نھ ڪيو آھي. محبوب جي حسن جي نھايت ئي مبالغي واري تعريف ڪئي آھي:

ناز منجھا نڪري، جڏھن پرين ڪري ٿو پنڌ

ڀون پن بسم الله چئي، راه چمي ٿي رند

اڀيون گھڻي ادب سين، حورون حيرت ھنڌ

سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئان سھڻو.

شاعريءَ ۾ محبوب جي اھڙي تعريف کي concept چوندا آھن جنھن جي معنيٰ آھي قياس کان ٻاھر ھجڻ.

ڪنھن زماني ۾ محبوب جي حسن جي اھڙي مبالغھ آميز تعريف جو انگريزي ادب ۾ گھڻو رواج ھو. ان جو مثال ھڪڙي گمنام شاعر جي نظم Diena جو ھي بَند آھي:

منھنجي محبوبھ جي موجودگي گلاب جي گلن کي ڳاڙھو ڪري ڇڏيندي آھي.

ڇاڪاڻ تھ منھنجي محبوبھ جا چپ ڳاڙھا آھن جن کي ڏسي گلاب جا گل شرم ۾ ڳاڙھا ٿي ويندا آھن،

سوسن گل جون پنکڙيون حسد ۾ پيليون ٿي وينديون آھن،

گينڊي جا گل حسن جي تپش سان ٽڙي پوندا آھن

ڇاڪاڻ تھ سج ۽ منھنجي محبوب جي حسن ۾ ھڪ جھڙي تپش آھي.(1)

 

ھڪڙي بيت ۾ وري شاھھ ٽوھھ جھڙن ٿاڻن ۽ ڪاسائڪي ڪار ڪرڻ واري محبوب کي مومل جي ڍولي جھڙو ڍڪڻھار ڪري پيش ڪيو آھي. مومل پنھنجي ڍول لاءِ چيو ھو:

ڍولي ڍڪي آھيان، ھيس اگھاڙي اڳ

جوڙي وچان جڳ، ڪڪر ڪيائين ڪاڪ جو.

۽ ھتي عاشق پنھنجي محبوب لاءِ ٿو چئي:

منھنجي مندائين جي، ڪل پريان پيئي،

ڪڏھن ڪوسا نھ ٿيا، ڏوراپو ڏيئي،

ساڄڻ سڀيئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون.

ٻنھي سرن ۾ شاھھ وڏي شاعراڻي ڪماليت سان محبوب جي ھجر ۽ وڇوڙي ۾ انسان جي اندر جي ايذاءَ جو اظھار ڪيو آھي. محبوب جي ھجر جو غم ھڪڙي ڪيفيت آھي جنھن کي رڳو اھو ماڻھو ئي محسوس ڪري سگھي ٿو، جيڪو ان ڪيفيت ۾ ھجي، ٻيو ڪوبھ محسوس ڪري نٿو سگھي جو ڪيفيتون حواسن سان محسوس ڪري نھ سگھبيون آھن، شاھھ بھ چئي ٿو تھ:

گوندر ھٿ نھ پير، وره منجھين وھڻو

ڪڙه ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير

موت جئن گھاري ڪير، ھيڪلي رءَ سڄڻين.

پر شاھھ سور جي ان ڪيفيت کي عڪسن (Images) Concrete عڪسن ۽ تشبيھن سان ائين ٿو بيان ڪري جو پڙھڻ وارو ان ڪيفيت کي حواسن سان محسوس ٿو ڪرڻ لڳي.

شاھھ محبوب جي ھجر ۾ سورن جي وڌڻ کي مينھن ۾ پٽن تي سائي گاھھ جي ڦٽي پوڻ سان تشبيه ڏني آھي ۽ پڙھڻ وارو مينھن ۾ ڦٿي آيل گاھھ جي صورت ۾ سورکي ڄڻ تھ ڏسي ٿو سگھي:

اٺي جئن مورن، اوڀر ولھارن ۾،

ساپر گوندر ڪن، جھ ووڙائو سڄڻين.

--

جاءِ نھ سڄو ڏينھن، ھنئڙو اوٺي وڳ جئن.

--

ھڪڙي تشبيه آھي تھ جيئن واٽ تي بيٺل وڻ رئيءَ سان لٽجندو رھندو آھي ائين درد جي رئيءَ سان دل لٽجندي ٿي رھي، اھڙي تشبيھھ رڳو شاھھ جھڙو شاعر ئي ڏيئي سگھي ٿو:

چتر رھي نھ چت، ويٺين واڳيو نھ رھي،

رئيءَ لٽجي نت، ھينئر واٽ ورک جئن.

اکين جو آرس ڀڃڻ ۽ اجھاميو ٻرڻ جھڙيون ترڪيبون بھ رڳو شاھھ ئي تخليق ڪري سگھي ٿو.

نيڻ نھ ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکڙين،

اجھاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين.

سور جو ھھڙو اظھار تھ مون اڄ تائين ڪونھ پڙھيو آھي تھ جيئن ڀڳل ھڏ ڏکندو رھندو آھي ائين محبوب جو سور پل لاءِ بھ گھٽ يا ختم نٿو ٿئي:

چيتاريان چڻڪن، وساريان نھ وسري،

ويروتار ڏکن، سڄڻ ڀڳي ھڏ جئن.

يا وري ھي تشبيھون ڏسو:

اندر اندريون، جئن سي رانجھيءَ لٺِ ۾،

مون تي تيتريون، تھ ڪئن ملبو سڄڻين.

--

جئن سي کوھيءَ نار، وھن واريءَ گاڏئان،

ھينئڙو پريان ڌار، نبيريان نھ نبِري.

--

جئن  مينھن ڪنڍيءَ پور، تئن دوست ورا ڪو دل تي.

 

ھجر جا سور سھڻ وارو عاشق ڪو تصوراتي ڪردار نھ آھي پر جيئرو انسان آھي. جيئرن جذبن واري وني آھي جيڪا پنھنجي سماجي صورتحال ۾ ناداريءَ جا ۽ پنھنجي ور جي وڇوڙي جا سور ٿي سھي.

سٻر ُ سي پيو، نھ مون سوڙ نھ گبرو،

نھ مون ڪانڌ، نھ قوت ڪي، جوڀن وھي ويو.

تنين حال ڪھو، نڌر جنين نجھرا؟

--

اتر ڏني اوت، نھ مون سوڙ نھ گبرو،

چارئي چنيءَ پوت، مون ويڙھيندي رات گئي.

--

ھجر جي واردات بيان ڪندي ڪندي شاھھ ھجر جي سور کي پنھنجي غم واري نظريي جو رخ ٿو ڏي ۽ ھجر جا سور سھڻ وارو عاشق ان ڳالھھ تي خوش ٿو ٿئي تھ پرينءَ جي وڇوڙي جو سور گھٽيو نھ آھي پر اڳ کان وڌيڪ آھي ۽ جيئن سسيءَ نٿي چاھيو تھ ھنجي من اندر جي لوچ ماٺي ٿئي تئين ھي بھ پنھنجي ڏک کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

لاءِ م پچاران، سک م سمھھ، جندڙا!

ڪر جھوري ڪيڻان، ڪالھوڻيان اڄ گھڻي.

--

سسئي ان ڪري پنھنجي اندر جي لوچ کي ماٺو ٿيڻ نٿي ڏنو جو ان لوچ کيس ڪامل ڪوھيارو ٿي ڏيکاريو. ھن بيت ۾ بھ عاشق پنھنجي پرينءَ جي پيار ۽ جھوريءَ جي ختم نھ ٿيڻ ۽ ڪالھوڻيان اڄ گھڻي ھجن تي انڪري خوش ٿو ٿئي جو اھا جھوري ۽ پيار کيس پرينءَ تائين پھچائيندي ۽ پرينءَ تائين پھچڻ لاءِ ضروري آھي تھ نينھن نھائينءَ وانگر ھجي:

نينھن نھائينءَ جئن، يڪيو ڪوه نھ ڍڪئين،

ڄر ڄيري ڇڏي، تھ رڇ پچندا ڪئن،

تون پڻ ڪريج تئن، جئن ڪنڀار ڪن ڪر سين.

 

ساري ڳالھھ رڄ ڀڃڻ جي آھي. ھجر جي غم جي باه ۾ سڙي ڪندن ٿيڻ جي آھي. سسئيءَ جا رڇ پڪا تھ ھن جو پنھنجي ئي وجود م ڪوھياري سان وصل ٿيو. مومل جا رڇ پڪا تھ ھن کي چوڏس چٽاڻو نظر آيو. ھنن سرن جي عاشق بھ جيڪڏھن نھائينءَ جھڙو نينھن ڪرڻ سکيو تھ ھن جا بھ رڇ پچندا ۽پرين ءَ جو وصل حاصل ٿيندو ڇاڪاڻ تھ شاھھ جي نظريي مطابق گوندر ئي پرينءَ جو گس ٿو ڏيکاري.


 

جي رڃن راه پڇن

سر ڪاپائتي ۽ پرڀاتي، ٻئي سر، مرڪزي خيال، مزاج، ڪردارن جي ۽ رويي جي لحاظ کان وڏيءَ حد تائين ھڪ جھڙا آھن. ٻنھي سرن ۾ ڪاپائتي ۽ صراف، ڏاتار ۽ چارڻ جي وھنوار جي حوالي سان شاھھ انسان ۽ الله جي وھنوار جي تشريح ڪئي آھي. مان پنھنجي سر سريراڳ واري مضمون ۾ چئي آيو آھيان تھ خدا جو ھڪڙو تصور بشريت Anthropomorphic وارو آھي جنھن ۾ ماڻھو پاڻ واريون خصلتون خدا ڏانھن منسوب ڪندو آھي. علامھ اقبال ان جو سبب ماڻھوءَ جي خود پرستي ٿو ٻڌائي:

قراشيدم صنم بر صورتِ خويش، بھ شکل خود خدارا نقش بستم

مرا از خود بررون رفتن محال است، بھررنگي کھ ھستم خود پرستم

مان پنھنجي صورت جھڙا بُت تراشيان ٿو، خدا جي صورت بھ مون پاڻ جھڙي گھڙي آھي.

منھنجي لاءِ پنھنجو پاڻ مان نڪرڻ محال آھي، مان جنھن بھ حال ۾ آھيان خود پرست آھيان.

خدا کي پنھنجن خاصيتن ۽ صفتن جھڙو تصور ڪرڻ جو سبب انسان جي خود پرستي نھ پر سندس حياتياتي Biological مجبوري آھي ڇاڪاڻ جو ھو پنھنجن صفتن کان سواءِ ڪن ٻين صفتن واري خدا جو تصور ڪري نٿو سگھي. ھنن ٻن سرن ۾ بھ صراف ۽ ڏاتار خدا جي علامت آھن ۽ ٻئي خدا جي بشريت واري تصور جي نمائندگي ٿا ڪن.

ھونئن تھ شاھھ جو سارو ڪلام ناصحاڻو آھي ۽ شاھھ لوڪ داستانن جي ڪردارن جي ڪيفيت بيان ڪندي ڪندي ساڻن پاڻ ڪلام ڪرڻ شروع ٿو ڪري ۽ کين نصيحتون ڏيڻ ٿو لڳي. پر ھي ٻھ سر تھ آھن ئي ناصحاڻا جن ۾ شاھھ ڪاپائتي کي سٽ ڪتڻ ۽ صراف وٽ سٽ آگھائڻ جا آداب ٿو ٻڌائي. جنھن زماني ۾ شاھھ شاعري ٿي ڪئي ان زماني ۾ شاعريءَ کي جزاز پيغمبري سمجھيو ويندو ھو. شاعر پنھنجي ڪلام ۾ اھڙا اھڙا نقطا بيان ڪري ويندا ھئا جن جي شاعريءَ کان سواءِ واري عام حالت ۾ بيان ڪرڻ جي صلاحيت ھنن ۾ ڪانھ ھوندي ھئي. ان جو وڏو مثال سقراط ڏنو آھي. سقراط کي جڏھن ديوتائن ٻڌايو تھ ايٿنز ۾ ھو سڀ کان وڏو ڏاھو آھي تھ ھن کي ديوتائن جي ان ڳالھھ تي يقين نھ آيو ۽ ھو پڪ ڪرڻ لاءِ پنھنجن ھمعصر ڏاھن وٽ ويو. ھنن سان بحث ڪيائين تھ کيس خبر پئي تھ ھو واقعي انھن سڀني کان وڌيڪ ڏاھوھو. پوءِ ھن سوچيو تھ شاعر جو ھھڙيون ڏاھپ جون ڳالھيون ڪندا آھن اھي پڪ ھن کان وڌيڪ ڏاھا آھن. ھن ھڪڙي شاعر جو ڪلام کنيو ۽ ان شاعر وٽ ويو ۽ ھن کان سندس ڪلام جي تشريح ڪرايائين. پوءِ ھو اھو ساڳيو ڪلام کڻي رستي تي اچي بيٺو ۽ رستي تان لنگھڻ وارن عام ماڻھن کان ان جي تشريح ڪرايائين تھ ھن ڏٺو تھ عام ماڻھوءَ ان ڪلام جي شاعر کان وڌيڪ ڏاھپ واري تشريح ٿي ڪئي ۽ ھو ان نتيجي تي پھتو تھ شاعريءَ ۾ ڏاھپ ڪانھ ھوندي آھي پر شاعر ئي شاعريءَ جو نزول ٿيندو آھي ۽ ايئن شاعريءَ کي الھامي سمجھيو ويو جنھن جي ڪري شاعرن کي سماج ۾ وڏو رتبو حاصل ٿيو. شاعر بھ رڳو عشق ۽ عاشقيءَ جون ڳالھيون نھ ڪندا ھئا، ڏاھپ جا وڏا وڏا نقطا بيان ڪندا ۽ ماڻھن کي نصحيتون بھ ڪندا ھئا. ان دور جا اولياء بھ گھڻي ڀاڱي شاعر ھئا. شاھھ کي بھ سندس ٻين ڪرامتن سان گڏ سندس شاعريءَ جي ڪري ولي الله مڃيو ويو ۽ ڀٽ تي سندس باقاعدي درگاھھ قائم ٿي.

ڪنھن بھ شاعر جي شاعري ھن جي احساسن، نظرين، عقيدن ۽ جنھن خطي ۾ ھو رھندو آھي ان خطي جي جاگرافيائي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر مان اسرندي آھي ۽ اھو پسمنظر ئي سندس شاعريءَ جو منظرنامو ھوندو آھي. اسان جا ڪلاسيڪي شاعر جيئن تھ جاگيرداراڻي سماج ۾ رھندا ھئا ان ڪري ھنن جا ھيرو حاڪم ۽ راڄ ڌڻي آھن. سندن شاعريءَ جي ثقافت زرعي ۽ چراگاھي ۽ سندن فڪر صوفياڻو آھي جو صوفياڻو فڪر ئي جاگيرداراڻي سماج جو روحاني اظھار ھوندو آھي. زرعي سماج ۾ رھڻ وارو شاعر تشبيھون ۽ استعارا بھ زرعي سوسائٽيءَ مان کڻندو آھي. شاھھ جي ڪلام مان اھڙا مثال مان سر رپ ۽ بروو واري مضمون ۾ ڏيئي آيو آھيان ۽ پنھنجي ڳالھھ کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ھتي ڪبير جي ٻن دوھن جو مثال ٿو ڏيان. ڪبير جنڊ جي ٻن پڙن ۾ ان جي داڻن کي پيڙھجندو ڏسي ان کي حالتن جي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيڙھجڻ واري انسان جو استعارو ٿو سمجھي.

چلتي چڪي ديک ڪي، بڙا ڪبيرا روءِ

دو پاٽن ڪي بيچ ۾، ثابت رھانھ ڪوءِ.

پر جنڊ جا رڳو پڙ نھ ھوندا آھن پڙن جي وچ ۾ لوھي سيخ بھ ھوندي آھي جتان جنڊ ۾ ان وجھبو آھي. ان جا جيڪي داڻا ان لوھي سيخ سان لڳل ھوندا آھن اھي جنڊ جي پڙن ۾ پيڙھجڻ کان بچي ويندا آھن ۽ ايئن ڪبير لاءِ جنڊ جي سيخ خدا جو استعارو آھي:

پاٽن پاٽن سب ڪھين، ماني ڪھي نھ ڪوءِ،

جو ماني سي لگ رھا، بال نھ بيڪا ھوءِ

شاھھ جي ساري شاعري سنڌ جي زرعي سوسائٽي جو احساساتي دستاويز آھي.

ڪاپائتي بھ زرعي سوسائٽيءَ جو ڪردار آھي جنھن جو شاھھ ڪيترن ھنڌن تي ذڪر ڪيو آھي. ڪيترن ھنڌن تي ھجر جي ماريل وني پنھنجي اندر جي اندوه جي ڪري آتڻ ۾ آھون ٿي ڀري ۽ سندس چرخو چيو نٿو ڪري ۽ ھوءَ چرخي کي ڀيري ڀڄڻ جي ڳالھھ ٿي ڪري. سر بروي جي پھرين داستان ۾ ھوءَ آتڻ ۾ سرتين سان سٽ بھ ٿي ڪتي تھ پرديس ويل پرينءَ لاءِ ڪانگل کي سنيھا بھ ٿي ڏي، تھ پرينءَ جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ ڪانگل جا پر سون ۾ مڙھائڻ جي ڳالھھ بھ ٿي ڪري:

پرين جي پرديس ۾، تن جي ڪانگا! ڪج خبر،

تھ سڀ مڙھايان سون سين، پکي! پنھنجا پر،

گھمي مٿان گھر، ڏج پارانڀا پرينءَ کي.

۽ وري پنھنجن سرتين کي ٿي چئي:

ڪا ڪيون! ڪٽي ڪام، تھ ڪھيو سڻان ڪانگ جو.

پر سر ڪاپائتيءَ جو مزاج ٻيو آھي. ھي سر ڪاپائتي ۽ صراف جي وھنوار جو سر آھي. صراف جو تعلق بازار سان آھي جتي جي اخلاقيات ۽ انساني رشتا ناتا نفعي جي لالچ ۽ نقصان جي ڊپ مان اسرندا آھن. جتي جيڪڏھن ڪا ڪاپائتي رنڍا روڙي بازار ۾ کڻي اچي ۽ اھي رنڍا ڀل ھن من ۾ محبت پائي روڙيا ھجن تھ بھ صراف ھن جو دڪو داخل نھ ڪندا جي ڪاپائتي چِت ۾ چائت پائي سنھو سٽ ڪتي کڻي اچي تھ صرف يڪدم سندس سٽ ترازيءَ توري کيس ملھھ ڏيندا. پر ھتي ڳالھھ ان جي ابتڙ آھي:

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگھايو.

--

چائت پائي چِت ۾، سنھو ڪتيو جن،

تن جو صرافن، دڪو داخل نھ ڪيو.

--

سنھون سٽ ڪتڻ واريون ان وقت حيرت ۾ پئجي ٿيون وڃن جڏھن ڏسن ٿيون تھ جن وٽ ڪتڻ جو سامان بھ ڪونھي اھي صراف سان سرھيون آھن:

جنين ڪتو  ڪالھھ، سي پاڻان پيون مامري،

جنين ٽڪ نھ مالھھ، سرھيون سي صراف سين.

--

اھا ناانصافي آھي ۽ سنھون سٽ ڪتڻ وارين ڪاپائتين جو مامري ۾ پئجي وڃڻ صراف جي اھڙي ناانصافيءَ جي خلاف احتجاج آھي. ڳالھھ رڳو ايتري ناھي ھتي تھ رنڍا روڙن لاءِ صلاءِ عام آھي تھ:

جا سنھون نھ سکي، سامر  رنڍائي روڙي،

سٽ انھيءَ جو سڦرو، ويا ترازيءَ توري،

ٿلھي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙ ٿيو.

ان کان سواءِ تضاد جي صورت تڏھن ٿي پئدا ٿئي جڏھن ھڪ طرف تھ ڪاپائتيءَ کي ڪتيندي رھڻ جي تلقين ٿي ٿئي:

جان ڪتين تان ڪتِ، ھيءَ ھڏ ويھاڻي،

ڪاپائتي سڀ ڪا، ڪتي سيباڻي،

ڄاتو جن ڄاڻي، تن ھئان لھي نھ ڇڏي.

--

ھي ھڏ و ھاڻي، جان ڪتين تان ڪتِ،

ڪو پنھنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀرت،

متان روئين رت، صباح وچ سرتين.


(1) Mythology. Edith Hamilton.

(1) Eros and the Soul, Jhones Moore.

(1) Philosophy of Ibn Arabie Room London.

(1)  The Mythic Journey. Liz Greene and Juliet Sherman Busbe

(1) Dictionary of literary terms and literary theory. J.A. Cuddon.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com