سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :2

ڏک سور ۽ پيڙا

 

انسان اوائل کان ان ڳالھھ تي سوچيندو رھيو آھي تھ زندگيءَ ۾ ايڏا ڏک ڏولاوا ۽ اھنج ايذاءُ ڇو آھن. انھن جا ڪھڙا سبب آھن ۽ انھن کان ڪيئن پاڻ بچائي سگھجي ٿو. اوائل ۾ انسان ائين سمجھيو (۽ اڃا تائين پيو سمجھي) تھ ھن جي ڏکن ڏولاون جو سبب ديوتائن جو ناراضپو آھي. ھن جي انفرادي يا قبيلي جي اجتماعي گناھن جي ڪري ديوتا ناراض ٿيندا آھن ۽ انسان کي انفرادي توڙي اجتماعي تڪليفون ۽ ڏک سھڻا پوندا آھن. ھن ائين بھ سمجھيو تھ پنھنجو پاڻ کي تڪليفون ۽ ديوتائن جي نالي تي قربانيون ڏيڻ سان ديوتا راضي ٿيندا آھن ۽ ڏک ڏولاوا ختم ٿي ويندا آھن. پنھنجو پاڻ کي تڪليفون ڏيڻ سان نھ رڳو ديوتا راضي ٿيندا آھن پر ماڻھو ڏکن ڏولاون جي باھھ ۾ سڙي سون بھ ٿي پوندو آھي.

 

پنھنجو پاڻ کي تڪليفون ڏيئي پنھنجن گناھن جو ڪفارو ادا ڪرڻ واري ان تصور کي ڪيترن مذھبن خاص ڪري عيسائيت باقاعدي فلسفي جي شڪل ڏني. خدا جڏھن آدم کي خلقيو تڏھن آدم الوھيت واري حالت ۾ ھو. فرشتن ھن کي سجدو ڪيو ھو پر پوءِ آدم خدا جي نافرماني ڪري پھريون گناه ڪيو ۽ ھن جو الوھيت واري رتبي تان زوال ٿيو. ھن کي ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو ۽ اھڙيءَ طرح ڌرتيءَ تي زندگي ۽ گناه جي شروعات ٿي. ڌرتيءَ تي موت جنم ورتو، موت جي ڪري برائيون پئدا ٿيون ۽ گناه وڌڻ لڳا، انسان کي ان صورتحال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو ھو. حضرت مسيح صليب تي چڙھي آدم جي گناه جو ڪفارو ادا ڪيو. حضرت مسيح سور ۽ ايذاءَ سھي الوھيت ۾ آيو. ڏک ۽ سور سھڻ سان ماڻھو تڪميل حاصل ڪري ٿو ۽ آدم جي گناه کان اڳ واري حالت ۾ اچي ٿو.

زندگي: جي ڏکن ۽ سورن بابت مذھبي توڙي غير مذھبي ٽي نظريا آھن:

(١) زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک آھن. ماڻھوءَ کي جيئن جي سزا ڏني وئي آھي جنھن مان جيئري ڇوٽڪارو ممڪن نھ آھي. ڏک انسان جا پنھنجا پئدا ڪيل آھن جن کي پوريءَ طرح ختم ڪري نٿو سگھجي پر ڪن اصولن تي ھلڻ سان انھن کي گھٽائي سگھجي ٿو.

 

(٢) پنھنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏيڻ سان انسان روحاني بلنديون ٿو حاصل ڪري ۽ کيس ديوتائن وارو درجو ٿو ملي.

 

(٣) ڏک انسان جي اندر کي ڌوئي اجرو ٿو ڪري ۽ ھن ۾ خود شناسي ٿي پئدا ٿئي.

 

ڏک جي پھرين نظريي جا وڏي ۾ وڏا علمبردار گوتم ٻڌ ۽ جرمن فلاسفر شوپنھار (١٨٦٠-١٧٨٨ع) آھن.

گوتم ماڻھن کي ڏکن ۽ سورن ۾ مبتلا ڏسي کين ڏکن ۽ سورن کان نجات ڏيارڻ جو رستو ڳولھڻ لاءِ تياڳ ورتو ۽ تياڳ ۽ تپسيا سان ئي گيان حاصل ڪيو. پر گيان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن تياڳ ۽ تپسيا جي واٽ کي رد ڪيو ۽ عيش پرستي ۽ تياڳ جي وچين واٽ ڏسي. ھن جيتوڻيڪ چيو تھ سروم دکم دکم، سڀ ڏک ئي ڏک آھن، پر ھن ڳالھھ اِتي ختم نھ ڪئي ۽ ڏک کان نجات جي واٽ بھ ڏسي. سندس نظريي موجب ڏک مان نجات جا چار اصول آھن جن کي ھو چار سچ ٿو چئي.

(١) ڏک جو سچ

گوتم جي آڏو ڏک جي معنيٰ ڏک کان سواءِ ٻي بھ آھي جيئن محرومي، مايوسي، ناڪامي وغيره. ھن جي آڏو زندگي مسلسل ڏک ۽ مايوسي آھي.

(٢) ڏک جي سبب جو سچ

ڏک جو بنيادي سبب خواھش آھي. خواھش لاءِ ھن ترشنا لفظ استعمال ڪيو آھي، جنھن جي معنيٰ اڃ آھي. ترشنا جو سچ وري اوديا آھي، اوديا جي ڪري ترشنا پئدا ٿيندي آھي. اوديا جي معنيٰ اڻ ڄاڻائي نھ آھي پر ڪنھن بھ معاملي جي اڻ پوري ۽ ھڪ طرفي ڄاڻ آھي.

(٣) ڏک ختم ڪرڻ جو سچ

ماڻھوءَ کي ڪنھن بھ شيءِ جي پوري ڄاڻ ھوندي ۽ ان جي فائدن ۽ نقصانن کان پوريءَ طرح واقف ھوندو تھ پوءِ ھو اھڙيءَ شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي خواھش نھ ڪندو جنھن مان ٿوري بھ نقصان جو امڪان ھجي ۽ جيڪڏھن ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي خواھش ڪندو بھ تھ ھن جي خواھش ايڏي شديد نھ ھوندي جو اھا ترشنا ٿي پوي. ترشنا کي ختم ڪرڻ يا اھڙيءَ حالت ۾ اچڻ جو ماڻھوءَ جي دل ۾ ترشنا پئدا نھ ٿئي، ان کي گوتم نروان سڏيو آھي. نروان ھن جو چوٿون سچ آھي. گوتم جڏھن خواھش کي ختم ڪرڻ جي ڳالھھ ٿو ڪري تڏھن ھو ائين نٿو چئي تھ ماڻھو خواھش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏي ڇاڪاڻ جو ڪنھن بھ ماڻھوءَ لاءِ اھو فطريءَ طرح ناممڪن آھي تھ ھو جيئرو بھ ھجي پر ساڳي وقت خواھشون بھ نھ ڪري. خواھش زندگي آھي. گوتم کي ان ڳالھھ جو احساس ھو ان ڪري ھن ايئن نھ چيو تھ خواھش بنھھ نھ ڪجي پر چيو تھ خواھش ڪجي خواھش کي ترشنا ٿيڻ نھ ڏجي ڇاڪاڻ جو اڃ لاھڻ لاءِ ماڻھو مجبور ھوندو آھي ان ڪري خواھش کي مجبوري بنائڻ نھ گھرجي. ماڻھوءَ کي گھرجي تھ ھو زندگيءَ ۾ پورو پورو بحرو وٺي، گھر، گرھستي ۽ ڪاروبار ھلائي، دل ۾ خواھشون پئدا ٿينديون رھن پر انھن کي ترشنا جھڙي مجبوري نھ بڻائي. ھندو فلاسفيءَ ۾ ان کي نش - ڪام ڪرم چوندا آھن. جنھن جي معنيٰ آھي اھڙو عمل جنھن ۾ خواھشون شامل نھ ھجن (نش = نھ. ڪام = خواھش ۽ ڪرم = عمل) اھڙي عمل کي گيتا ۾ اڪرم چيو ويو آھي. يعني اھو ڪرم (عمل يا ڪم) جنھن ۾ ماڻھوءَ جون خواھشون شامل نھ ھجن ۽ جيڪو ڪنھن بھ فائدي وارن نتيجن جي خواھشن کان سواءِ ڪيو وڃي.(1) ڪرشن مھارام گيتا ۾ چيو آھي:

جيڪو ڪرم (عمل) ۾ اڪرم (نتيجي جي خواھش کان سواءِ عمل) ۽ اڪرم ۾ ڪرم کي ٿيندو ڏسندو آھي اھڙو عارف سڀ عمل ڪندو آھي پر پنھنجي روحانيت ۾ محو ھوندي ڪندو آھي.(1)

-

جيڪو ماڻھو پنھنجن عملن جي نتيجن کي وساري ۽ انھن کان بي نياز ٿي عمل ٿو ڪري اھڙو ماڻھو عمل ڪندي بھ ڄڻ عمل نٿو ڪري.

صوفي ان کي ترڪ واري حالت ٿو چئي ۽ صوفين جو ترڪ ڏاڍو ڏکيو آھي. مشھور صوفي حضرت شبليءَ چيو آھي تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن اھڙيءَ شيءِ کي ترڪ ٿو ڪري جيڪا ھن جي پنھنجي نھ آھي تھ ان کي ترڪ ڪرڻ چئي نٿو سگھجي ڇاڪاڻ تھ جيڪا شيءِ ھن جي نھ آھي ان کي ھو ڪيئن ترڪ ڪري سگھي ٿو ۽ وري جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن اھڙيءَ شيءِ کي ترڪ ٿو ڪري جيڪا ھن جي آھي ۽ ھن وٽ آھي تھ ان کي بھ ترڪ چئي نٿو سگھجي ڇاڪاڻ تھ جيڪا شيءِ ھن وٽ اڃا موجود آھي ان کي ترڪ ڪرڻ ڪيئن چئبو.

صوفين وٽ ترڪ جي معنيٰ آھي خواھشن کي روڪڻ، وڏي دل ڌارڻ ۽ چڱا ڪم ڪرڻ.

 

گوتم ٻڌ جي غم جي فلاسفيءَ جو پڙاڏو اسان کي اڻويھين صدي جي جرمن فلاسفر شوپنھار جي فلاسفيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. شوپنھار لاءِ چيو ويندو آھي تھ ھو ويدانت ۽ گوتم ٻڌ جي فلاسفيءَ کان تمام گھڻو متاثر ھو. زندگيءَ جي ڏکن، سورن ۽ موت جي باري ۾ ھن جي سوچ گھڻي ڀاڱي گوتم جي سوچ سان ملندڙ آھي. ھن جو چوڻ ھو تھ ھر حقيقت جي پٺيان ھڪڙي انڌي قوت ڪم پئي ڪري جنھن کي ھو Will يعني ارادو ٿو سڏي. ھن ڪائنات ۾ ارادي جي انڌي قوت ڪارفرما آھي. شيون جڏھن پنھنجو وقت گذاري فنا ٿيون ٿين تڏھن ارادي جي قوت انھن شين جي جاءِ تي ٻين شين کي وجود ۾ ٿي آڻي ۽ ائين فنا ۽ بقا جي جنگ جاري آھي.

ھن زندگيءَ جو ڏاڍو خوفناڪ نقشو چٽيو آھي. ھن لاءِ زندگي بدي آھي ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جي بنيادي حقيقت ۽ محرڪ ڏک آھي. ماڻھوءَ جي ھڪ پريشاني ختم ٿي ٿئي تھ ٻي ان جي جاءِ ٿي والاري. ڪي ماڻھو چوندا آھن تھ ھي دنيا ايڏي تھ سٺي آھي جو ان کان وڌيڪ سٺي دنيا جو تصور ڪري نٿو سگھجي. دنيا کي ايڏو سٺو سمجھڻ وارن کي اسپتال، آپريشن ٿيٽر، اپاھج گھر، جيل خانا ۽ ڦاھي گھاٽ ڏسڻ گھرجن تھ جيئن ھنن کي خبر پوي تھ زندگيءَ جا اھنج ايذاءَ ڇا آھن. ڊانٽي جھنم جو جيڪو نقشو چٽيو آھي ان جو مواد ھن زندگيءَ مان ئي کنيو آھي ۽ پوءِ جڏھن ھو جنت جو نقشو چٽڻ لڳو تھ ان لاءِ ھن کي مواد ڪونھ ٿي مليو ڇاڪاڻ تھ زندگيءَ ۾ اھڙيون شيون آھن ئي ڪونھ جن سان جنت جو تصور ڪري سگھجي. اھڙين حالتن ۾ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھن دنيا کي مثالي ٿو سمجھي تھ ھو سچ پڇ تھ انسانن جي اھنجن ايذائن تي ٺٺولي ٿو ڪري ... زندگي لڳاتار ڏک آھي. خوشي ڏک جي وقتي غير موجودگي آھي. ارسطو سچ چيو آھي تھ سمجھدار ماڻھو اھو آھي جيڪو خوشي حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ ڏک ۽ ايذاءَ کان پاڻ بچائي ٿو ..... خوش رھڻ لاءِ ماڻھوءَ کي ڪنھن نوجوان وانگر زندگيءَ جي اگراين کان اڻ ڄاڻ ھئڻ گھرجي. نوجوانن کي خبر ڪانھ ھوندي آھي تھ ماڻھوءَ جي ارادن جي ٽٽڻ جو ايذاءُ ڇا آھي ۽ خواھشن جي شڪست جو رنج ڇا آھي. ڪا خواھش جڏھن پوري ٿي ٿئي تھ اھا ڪيڏي نھ اجائي ۽ بي معنيٰ ٿِي ٿي وڃي. آدرش حاصل ٿو ٿئي تھ ماڻھو ڪيڏو نھ ڏکوئجي ٿو. زندگي بدي ۽ لڳاتار جنگ آھي. فطرت ۾ ھر طرف ڇڪتاڻ، ٽڪراءُ ۽ مقابلو جاري آھي جنھن ۾ ڪاميابي توڙي ناڪامي ٻئي خودڪشيءَ جي برابر آھن.

 

ھن جو چوڻ ھو تھ موت زندگيءَ کي بي معنيٰ ٿو بڻائي ۽ موت جي احساس سان انسان جون عارضي خوشيون بھ اجايون ٿي ٿيون وڃن. موت جي ڊپ کان بچڻ لاءِ ماڻھو مذھب ۽ فلاسافيءَ ۾ پناه ٿو ڳولھي. غير فاني زندگيءَ جو تصور بھ موت کان فرار آھي. جوانيءَ ۾ موت ياد نٿو رھي. پر جڏھن جواني لڙي ٿي تھ موت سامھون ٿو نظر اچي ۽ ماڻھوءَ جو ھڪ ھڪ ڏينھن ان قيديءَ جي ھڪ ھڪ قدم جھڙو ٿو ٿئي جنھن کي ڦاھي ڏيڻ لاءِ ڦاھي گھاٽ ڏانھن وٺي ويندا آھن. جيئن مذھب موت کان پناه آھي تيئن چريائپ زندگيءَ جي اھنجن ۽ ايذائن کان پناه آھي.

 

زندگيءَ جو اھڙو خوفناڪ نقشو چٽڻ کان پوءِ شوپنھار زندگيءَ جي ڏکن ۽ ايذائن کي گھٽ ڪرڻ جي واٽ ٿو ڏسي جيڪا گوتم جي واٽ جھڙي ئي آھي ۽ اھا واٽ ڄاڻ جي واٽ آھي. ارادي جي ان انڌي قوت کي ڄاڻ سان پنھنجي تابع ڪري سگھجي ٿو. ڄاڻ جيتوڻيڪ پاڻ ارادي جي انڌي قوت جي پئداوار آھي پر تنھن ھوندي بھ ڄاڻ ان قوت کي پنھنجي تابع ٿي ڪري. ڄاڻ سان خواھشن جي شدت گھٽجي ٿي. اسان جيڪڏھن شين جي سببن ۽ انھن جي اصل حقيقت جي ڄاڻ حاصل ڪيون تھ پوءِ ڏھھ شيون جيڪي اسان کي ڏکوئين ٿيون انھن مان نو شيون اسان جي ڏک جو سب نھ ٿينديون. جھڙيءَ طرح گھوڙي کي لغام پوندو آھي اھڙي طرح ارادي جي انڌي قوت کي ڄاڻ جو لغام پوندو آھي. جيترو وڌيڪ اسان پنھنجن جذبن کي سمجھنداسين اوترو وڌيڪ اھي ڪمزور ٿيندا ۽ اسان تي زور ھلائي نھ سگھندا. دنيا کي فتح ڪرڻ ايڏي وڏي ڳالھھ نھ آھي جيڪي پنھنجو پاڻ کي قابو ۾ رکڻ آھي.

 

(٢) پاڻ کي ايذاءَ ڏيئي روحاني بلنديون حاصل ڪرڻ وارو نظريو.

 

اسان زندگيءَ جي ان نظريي جي تھ زندگي ڏک ئي ڏک آھي ۽ ماڻھوءَ کي جيئڻ جي سزا ڏني وئي آھي، اپٽار ڪري آيا آھيون ھاڻي اسين ڏک ۽ غم جي باري ۾ ان نظريي ڏانھن ٿا اچون تھ پنھنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏيڻ سان انسان روحاني بلندي ٿو حاصل ڪري ۽ کيس ديوتائن وارو رتبو ٿو ملي. اھو نظريو بنيادي طرح سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رھاڪن جو ھو جيڪو پوءِ آرين بھ اختيار ڪيو. ھنن ھتان جي رھاڪن وانگر جھنگن ۾ رھي تپسيا ڪرڻ، پاڻ کي جسماني ايذاءَ ڏيڻ ۽ ڄاڻي واڻي زندگيءَ جي نعمتن کان محروم ڪرڻ شروع ڪيو جو سمجھيائون تھ ائين ڪرڻ سان ماڻھوءَ جون روحاني قوتون اڀرنديون آھن ۽ کيس ٻين ماڻھن جي دلين جي رازن ۽ ڪائنات جي اسرارن جي خبر پوندي آھي. ڪيترا اھڙا مذھبي اڳواڻ بھ ھئا جن خدا کي نٿي مڃيو پر جسماني ايذائن کي انسان جي تڪميل جو وسيلو ٿي سمجھيو. جين مت جي اڳواڻ مھاوير دھريو ھو پر ھن تياڳ جي زندگي گذاري ايستائين جو نانگو گھمندو ھو ۽ پنھنجن پوئلڳن کي بھ تياڳ جي تعليم ڏيندو ھو.

 

(٣) ڏکن ۽ سورن سان اندر جي اجري ٿيڻ وارو نظريو

 

ان نظريي جي اسان عيسائين جي حوالي سان وضاحت ڪري آيا آھيون ۽ وڌيڪ وضاحت شاھھ جي غم جي نظريي واري باب ۾ ڪنداسين.

 

ھڪ طرف ڏکن ۽ سورن جا اھي نظريا آھن تھ ٻئي طرف وري مسرت پرستي جو نظريو آھي جنھن مطابق زندگيءَ جو مقصد ڏکن سورن کان پاڻ بچائڻ ۽ مسرت ماڻڻ آھي. اھڙي نظريي جي بانن جو چوڻ آھي تھ اھا انسان جي فطرت آھي تھ ھو تڪليفن ۽ ڏکن کان پاڻ بچائڻ ۽ خوشيون ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھو ڪو بھ اھڙو ڪم ڪرڻ نھ گھرندو آھي جنھن سان کيس خوشي نھ ملي ۽ تڪليف ٿئي. يونان جي فلاسفرن ۽ ھندوستان جي ڏاھن جي ھڪڙي گروه بھ جن کي چار واڪ سڏيندا آھن خوشي ماڻڻ واري نظريي کي باقاعدي فلسفي جي شڪل ڏني. يونان جي مسرت پرستيءَ جي فلسفي کي Hedonism ۽ Epicureanism چوندا آھن. Hedonism فلسفي جو باني آرسٽيپس Airstrips نالي فلاسفر ھو. ھو سقراط جو شاگرد ھو. ھن مسرت پرستيءَ جي فلسفي جي شروعات ڪئي. ھن چيو تھ نيڪيءَ جو مقصد خوشي آھي يا اڃا بھ ائين چئجي تھ خوشي نيڪي آھي. ھن اھا بھ ڳالھھ ڪئي تھ سقراط چيو آھي تھ ماڻھو نيڪي ان ڪري ٿو ڪري جو نيڪيءَ مان کيس فائدو ٿو رسي جنھن جي ڪري کيس خوشي ٿي ملي. ڪوبھ انسان نيڪيءَ کي پنھنجو فرض سمجھي نٿو ڪري پر ڪنھن نھ ڪنھن غرض يا مقصد لاءِ ٿو ڪري جنھن جي حاصل ڪرڻ سان کيس خوشي ٿي ملي. سقراط جي ان ڳالھھ مان آرٽيپس نتيجو ڪڍيو تھ زندگيءَ جو مقصد نيڪي آھي ۽ نيڪيءَ جو مقصد خوشي آھي.

سقراط کان پوءِ ارسطوءَ بھ نيڪي کي خوشي ۽ خوشي کي نيڪي مڃيو ۽ چيو تھ نيڪيءَ جو مقصد خوشي آھي ۽ ماڻھو سماج ۾ ڪو رتبو ماڻڻ جي انڪري ڪوشش ڪندو آھي جو سماجي رتبي سان کيس خوشي ملندي آھي. خوشيءَ کي انساني زندگيءَ جو مقصد بنائڻ کان پوءِ ھن ان ڳالھھ تي بحث ڪيو آھي تھ خوشيءَ جي نوعيت ڪھڙي ھئڻ گھرجي ۽ اھا خوشي ڪيئن حاصل ڪجي. انسان بھ ٻين جاندارن جھڙو جاندار آھي پر ٻين جاندارن کان ھن جي حيثيت ان ڪري مٿاھين آھي جو ھن ۾ سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي صلاحيت آھي. ان صلاحيت جي ڪري ئي ھو سڀني جاندارن تي حڪومت ٿو ڪري ۽ ھن جي ان صلاحيت جي ترقي ئي ھن جي تڪميل آھي. ماڻھوءَ کي گھرجي تھ ھو سوچ سمجھھ ۽ عقل جي زندگي گذاري جو اھڙي زندگي گذارڻ سان کيس خوشي ٿي ملي ۽ اھا خوشي نيڪي آھي.

 

آرٽيپس پنھنجي استاد سقراط جي خوشي ۽ نيڪي جي ڳالھھ کي ان جي منطقي انجام تي پھچايو. ھن چيو تھ خوشي جيئن تھ جيئڻ جو مقصد ۽ نيڪي آھي ان ڪري خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھوءَ تي ڪابھ پابندي وجھي نٿي سگھجي ۽ جنھن بھ شيءِ مان ھن کي خوشي ملي ان کي خراب چئي نٿو سگھجي. ھن لاءِ روح جي خوشيءَ کان حواسن جي خوشي وڌيڪ آھي. ھن جي حواسن جي وسيلي خوشي حاصل ڪرڻ جي سکيا سندس پوئلڳن کي لذتن جي انڌي کوھھ ۾ اڇلائي ڇڏي ھا پر ھن ائين چئي کين بچائي ورتو تھ ماڻھوءَ کي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ سياڻپ ۽ احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. ڇڙواڳ خوشيءَ سان تڪليف رسندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ ماڻھوءَ جي برباديءَ جو سبب بھ ٿيندي آھي. تڪليف ۽ ڏک بدي آھن ۽ اسان کي ان بديءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ھن ائين بھ چيو تھ وڏي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن ننڍيون ننڍيون خوشيون قربان ڪرڻيون پون تھ ڪرڻ گھرجن. اھو ماڻھو ڪامياب دنيادار آھي جيڪو ٻاھرين خوشين جي ڪري نھ پر  تڪليف کان بچڻ لاءِ خوشيون ماڻڻ ۾ احتياط ٿو ڪري. دنيا ۾ خوشي ماڻڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ اسين جيڪڏھن خوشي ماڻي نٿا سگھون تھ گھٽ ۾ گھٽ تڪليف ۽ ڏک کان پاڻ بچائي سگھون ٿا جيڪا پڻ خوشيءَ جي ڳالھھ آھي.

 

ايپي ڪيورس مسرت پرستيءَ جو امام سمجھيو ويندو آھي. ھو ٣٤٢ قبل مسيح يونان جي علائقي somos ۾ پئدا ٿيو. ٣٠٦ ۾ ھن ھڪڙو مدرسو قائم ڪيو جنھن ۾ ھو فلاسافي پڙھائيندو ھو. اھو مدرسو ھن جي مرڻ کان پوءِ ڇھھ سو سالن تائين قائم رھيو. ھو ڪو ايڏو وڏو فلاسفر نھ ھو ان ڪري ھن کي Butterfly فلاسفر چوندا آھن. ھن خوشيءَ کي اخلاق ۽ اخلاق کي خوشي بڻايو. چيائين تھ دنيا ۾ ٻھ طاقتون آھن. ھڪ نيڪي ۽ ٻي بدي. خوشي نيڪي ۽ ڏک بدي آھي. اخلاق اھڙو عمل آھي جنھن سان ماڻھوءَ کي خوشي ملي. اخلاق ۽ نيڪيءَ جي تيستائين ڪا حيثيت ڪانھي جيستائين ان کي خوشيءَ سان نھ ڳنڍجي. وقتي خوشي اصل خوشي نھ آھي. خوشي اھا آھي جيڪا سڄي زندگيءَ لاءِ ھجي. اصل خوشي جسماني نھ پر ذھني ۽ روحاني آھي. وقتي ۽ اھڙي خوشيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي جنھن سان اڳتي ھلي تڪليف ٿئي يا جنھن سان ٻئي کي ڏک پھچي. ٻئي کي رنجائي حاصل ڪيل خوشي نج نھ ھوندي. اھڙي خوشي ماڻڻ واري جي دل ۾ ان ڳالھھ جو ڪنڊو پيو چڀندو تھ ھن ٻئي کي ڏکوئي خوشي حاصل ڪئي آھي. اھڙي طرح ايپي ڪيورس خوشيءَ کي سماجي اخلاق بڻايو.

 

ايپي ڪيورس پاڻ ڏاڍي ساري زندگي گذاريندو ھو ۽ ٻين کي سادي زندگي گذارڻ جي نصيحت ڪندو ھو. چوندو ھو تھ جيڪو ماڻھو مانيءَ ڳڀي ۽ پاڻيءَ تي گذر ٿو ڪري اھو عظيم ديوتا زيورس کان بھ وڌيڪ خوش ٿو گذاري. ھن جو انسان کي پنھنجي ۽ ٻين جي خوشيءَ جو احترام ڪرڻ سيکاريو. ماڻھوءَ جي انفرادي خوشيءَ کي سماجي اخلاق بڻايو ۽ انسان کي ديوتائن ۽ موت جي ڊپ کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. چيائين تھ مذھبي اڳواڻ ماڻھن کي ڪوڙيون ڪٿائون ٻڌائي کين قبر ۽ آخرت جي حساب ڪتاب کان ڊيڄاريئي ھنن کان خوشي کسي ٿا وٺن. ھيءَ ڪائنات نھ ديوتائن ٺاھي آھي ۽ نھ اھي ان کي ھلائن ٿا. ڪائنات مشين وانگر پاڻ مرادو ھلندي ٿي رھي ۽ ديوتا ان ۾ ڪابھ دست اندازي نٿا ڪري سگھن. ماڻھو دنيا ۾ خوشيون ماڻڻ لاءِ آزاد آھن پر مذھبي ماڻھو کين ڊيڄاريئي مٿن اجايون پابنديون ٿا وجھن. ھن ديوتائن جي وجود کان انڪار نھ ڪيو پر چيائين تھ ديوتا پنھنجو پاڻ ۾ پورا آھن ۽ ھو انساني معاملن ۾ ڪابھ دست اندازي نٿا ڪن. ان ڪري ديوتائن جو ڊپ دل مان ڪڍي ڇڏڻ گھرجي..... ھن ماڻھن کي موت جي ڊپ کان ائين نجات ڏياري جو چيائين تھ موت آھي تھ اسان نھ آھيون ۽ اسان آھيون تھ موت ڪونھي. جيڪا شيءِ آھي ئي ڪانھ ان کان ڊڄڻ اجايو آھي.(1)

جيئن گوتم جي سروم دکر دکر جو پڙاڏو اسان کي ويھين صديءَ جي جرمن فلاسفر شوپنھار جي فلاسفي ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ائين ايپي ڪيورس جي مسرت پرستيءَ واري نظريي جو پڙاڏو اڻويھين صديءَ جي فلاسفر John Sturt Mill (١٨٧٣ ١٨٠٦) جي افاديت Utilitarianism واري نظريي ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ان نظريي مطابق سوسائٽيءَ جي اخلاقيات جو سڀ کان اعليٰ معيار ماڻھوءَ جي خوشي آھي. ان نظريي جو بنيادي اصول آھي Greatest happiness of the greatest number گھڻن مان گھڻن ماڻھن جي گھڻي مان گھڻي خوشي. ان نظريي جو باني Jeramy Bentham کي سمجھيو ويندو آھي. پر ان نظريي جو اصل باني ھڪڙو فرانسيسي عالم Francis Hutcheson ھو جنھن پنھنجي ڪتاب Inquiry into the origin of our ideas of Beatuty and Virtue (١٩٢٥ع) ۾ پيش ڪيو. Bentham ھن جي ان نظريي جي حمايت ڪئي ۽ جان اسٽورئرٽ مل جو پيءُ James Mill ھن جو ھم خيال ھو ۽ اسٽوئرٽ مل ان کي اڳتي وڌايو ۽ وڌيڪ چٽائيءَ سان پيش ڪيو. يونان ۾ ايپي ڪيورس جي مسرت پرستيءَ واري نظريي جي ماڻھو مخالفت ڪندا ھئا ۽ کين جانور سڏيندا ھئا. سندن چوڻ ھو تھ مسرت پرست انسانن کي زندگيءَ جو ڪو اعليٰ مقصد ۽ آدرش ڏسڻ جي بدران خوشي ماڻڻ وارو مقصد ۽ آدرشي پيا ڏسن ۽ ماڻھن کي حيواني سطح تي جيئڻ جي تعليم پيا ڏين. ھنن جا مخالف ھنن کي چوندا ئي سوئر ھئا. جان اسٽوئرٽ مل جا مخالف بھ ھن جي افاديت واري نظريي کي سوئرن وارو نظريو چوڻ لڳا ۽ مل پنھنجن مخالفن کي، جن ۾ پادري، عالم ۽ صحافي شامل ھئا عام ماڻھن جو ڌڻ چوندو ھو. ھن جو چوڻ ھو تھ ماڻھن جا اھي اجتماعي توڙي انفرادي اعمال صحيح آھن جن سان خوشي حاصل ٿئي ۽ اھي اعمال غلط آھن جن جو نتيجو خوشيءَ جي ابتڙ نڪري. خوشيءَ مان مراد مسرت آھي يعني ڏک ۽ اھنج جو نھ ھجڻ. ڏک يا ناخوشي خوشيءَ جي نھ ھجڻ واري حالت آھي. جيڪي ماڻھو منھنجي خوشيءَ واري نظريي جي مخالفت ٿا ڪن انھن جي نظرن ۾ خوشي زنا ڪاري ۽ اھڙي ئي قسم جي جسماني لذتن جو نالو آھي. يونان جي مسرت پرستن تي بھ جڏھن اھڙي تنقيد ٿيندي ھئي تڏھن اھي کين جواب ڏيندا ھئا تھ مسرت پرستيءَ وارو نظريو گھٽيا نھ آھي پر ان نظريي تي تنقيد ڪرڻ وارن جو انساني مسرت ۽ خوشيءَ جو تصور گھٽيا آھي. ھو سمجھن ٿا تھ ماڻھو جانورن (سوئرن) واري خوشيءَ کان اعليٰ خوشي حاصل ڪرڻ جو اھل ئي نھ آھي. ماڻھوءَ جي خوشيءَ کي حيوانن جي خوشيءَ سان ڀيٽن ۽ ان کي ان جھڙو سمجھڻ انساني خوشيءَ جي توھين آھي.(1)

 

مسرت پرستن جي نظريي تي اعتراض ڪندي ڪن چيو تھ جيڪڏھن ماڻھوءَ جو ھر عمل خوشي ماڻڻ لاءِ آھي تھ پوءِ جوڳي، ويراڳي ۽ تياڳي پنھنجو پاڻ کي جسماني ايذاءَ ڇو ڏيندا آھن. ويراڳي چوندا آھن تھ جيئن تھ زندگي ھڪ لڳاتار ايذاءَ آھي ان ڪري اسان پنھنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏيئي پنھنجو پاڻ ۾ ايذاءَ سھڻ جي قوت پئدا ڪندا آھيون. ھنن جي ان نظريي مان ثابت ٿو ٿئي تھ ھر ھڪ ماڻھو خوشيءَ جي ڳولھا ۾ نٿو رھي ۽ ماڻھن جو ھر عمل خوشيون ماڻڻ لاءِ نھ آھي.

مسرت پرستن ھنن جي اعتراض جو جواب ڏيندي چيو تھ ويراڳي ۽ تياڳي پنھنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏيئي ان مان روحاني خوشي حاصل ڪندا آھن ۽ ھنن جو پاڻ کي ايذاءَ ڏيڻ وارو عمل بھ اصل ۾ مسرت پرستي آھي.

ھنن تي ٻيو اعتراض اھو ٿيو تھ جيڪڏھن ماڻھو رڳو خوشي ماڻڻ ٿو گھري ۽ ڏک کان پاڻ بچائي ٿو تھ پوءِ ھن کي اھڙا ڏکوئيندڙ ڏيک ڏسڻ کان بھ پاڻ بچائڻ گھرجي جن جي ڏسڻ سان ھن کي ڏک ٿئي ۽ خوشي نھ ملي. مثال ھو الميھ ڊراما ڇو ٿو ڏسي جن جي ڏسڻ سان ڏسڻ وارو ڏکوئجي ٿو ۽ کيس ڪنھن بھ قسم جي خوشي نٿي ملي.

ان اعتراض کان پوءِ ان ڳالھھ تي بحث شروع ٿيو تھ ماڻھو الميھ ڊرامون ڇو ٿا ڏسن ۽ ان مان کين ڪھڙو مزو ٿو ملي. ڪن چيو تھ الميھ ڊرامو ڏسڻ وارو  ڊرامي جي ڏکوئيندڙ ڏيکن مان بھ پنھنجي انداز سان مزو وٺندو آھي. ڪي ماڻھو ٻين کي ايذائن ۾ ڏسندا آھن تھ کين خوشي ٿيندي آھي. اھڙي قسم جي ٻين کي ايذائن ۾ ڏسي خوشي ماڻڻ واري نفسياتي لاڙي کي Sadism چئبو آھي. الميھ ڊرامون ڏسڻ وارو ڊرامي جي ڪردارن کي ايذاءَ سھندو ڏسي ايذاءَ پرستي Sadist وار مزو ماڻيندو آھي. ٻين چيو تھ ڪي ماڻھو  پنھنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏيئي خوش ٿيندا آھن. اھڙي نفسياتي لاڙي کي Masochism يعني پاڻ کي ايذاءَ ڏيئي لذت ماڻڻ چوندا آھن. الميھ ڊرامو ڏسڻ وارا پنھنجو پاڻ کي ڊرامي ۾ ايذاءَ سھڻ وارن ڪردارن جي جاءِ تي تصور ڪندا آھن ۽ ھنن جي ايذائن مان خود اذيتيءَ وارو مزو وٺندا آھن. ڪن وري چيو تھ الميھ ڊرامو ڏسڻ وارو ڊرامي جي ڪردارن جا ايذاءُ ڏسي ان ڳالھھ تي خوش ٿيندو آھي تھ ھو پاڻ انھن ايذائن کان بچيل آھي. جيڪي ڊرامي جا ڪردار ھن جي سامھون اسٽيج تي سھن پيا. مطلب تھ ماڻھو ڏک جي نظارن مان بھ مزو ماڻيندو آھي.

 

ارسطوءَ الميھ ڊرامو ڏسڻ جي نفسياتي ڪيفيت تي مسرت پرستيءَ جي نقطھ نظر کان ھٽي علمي فقط نگاھھ کان بحث ڪندي چيو آھي تھ الميھ ڊرامو ڏسڻ وارو جڏھن ڊرامي جي ڪردارن کي ايذاءَ سھندو ڏسندو آھي تڏھن ھن جي اندر ۾ انھن ڪردارن لاءِ ھمدردي ۽ رحم جا جذبا جاڳندا آھن. ھمدردي ۽ رحم انسان جا اعليٰ جذبا آھن ۽ انھن جذبن جي جاڳڻ سان انسان اعليٰ انساني سطح تي پھچندو آھي. ان عمل کي ھن Catharses چيو آھي. جنھن جي معنيٰ آھي ڌوئي اجرو ڪرڻ،(1) شاھھ وٽ بھ ڏک، سور ۽ غم جو اھو ساڳيو تصور آھي جنھن کي شاھھ نجس جو نکرجڻ ٿو چئي.


(1) Buddhism. Region of No-r Religion. Allam Watts.

(1) Bhegved Gita: translated and interpreted by Franklin Edgerfon.

(1) Greek philosophy W.T.S.

(1) Concise Dictonary of politics, Iain Mcben.

(1) Dictionary of literacy terms and literary iheories. I.A. Cuddon.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com