سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :12

آئي مند ملار ...

 

سارنگ شاھھ جي ھڪڙي سر جو نالو آھي ۽ ساڳئي وقت سارنگ ھڪڙي ڪلاسيڪي راڳ جو بھ نالو آھي جنھن جون ڪيتريون ئي شڪليون آھن جيئن شڌ سارنگ، گوڙ سارنگ ۽ بندرا بني سارنگ وغيره. شاھھ بھ پنھنجي سر جو نالو ڪلاسيڪي راڳ تان رکيو آھي جنھن جو مطلب آھي تھ شاھھ جو جيڪو ڪلام سر سارنگ ۾ ڏنل آھي اھو سارنگ راڳ جي ڪنھن نھ ڪنھن سر يعني ڌن ۾ ڳاتو وڃي.

سارنگ جون لفظي معنائون ڪيتريون ئي آھن. ھنديءَ جي ڊڪشنريءَ مطابق سارنگ جي معنيٰ آھي: ھرڻ، ڪوئل، مور، موتي، ڪنول، گل ۽ بادل. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل جامع سنڌي لغات ۾ سارنگ جون جيڪي معنائون ڏنل آھن انھن مان ھڪڙي معنيٰ بادل، جھڙياليءَ جي مند آھي. ھند توڙي سنڌ ۾ لفظ سارنگ جھڙ ۽ جھڙياليءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي.  سارنگ راڳ جا ٻول ۽ بندشون بھ گھڻو ڪري جھڙياليءَ جي باري ۾ ھونديون آھن. ھن ننڍي کنڊ جي ماڻھن جي جيئاپي جو گھڻي ڀاڱي مدار مينھن تي آھي ان ڪري ھندوستان جي ذري گھٽ سڀني ٻولين ۾ مينھن ۽ جھڙياليءَ لاءِ گيت، راڳ، لوڪ روايتون ۽ ڏند ڪٿائون ملن ٿيون. ميگھھ لاءِ مڃيو ويندو آھي تھ ميگھھ ڳائڻ سان مينھن وسندو آھي. ھندو ديو مالا ۾ بادل ۽ بارش لاءِ ديوتائون ۽ دئيت آھن. ورتر نالي دئيت ڪارا ڪڪر بڻجي، سج، چنڊ ۽ ستارن کي ڍڪي ڇڏيندو آھي ۽ ڪڪرن کي وسڻ کان روڪيندو آھي. اندر ديوتا ورتر دئيت جي ڪارن ڪڪرن جي ڪوٽن کي ڀڃيندو آھي ۽ وڄ جي چھبڪ سان ڪڪرن کي ھڪليندو ۽ مينھن کي روڪڻ وارن دئيتن کي قتل ڪندو آھي. پر ھو وري جيئرا ٿي پوندا آھن. ڪڪرن کي وسڻ کان روڪيندا آھن ۽ ملڪ ۾ سوڪھڙو ٿيندو آھي. سانوڻ جي مند ئي ھتان جي بھار جي مند آھي.

آئي مند ملار، آئون کنھبا ڪنديس ڪپڙا،

--

وسي پيو وڏ ڦڙو، ٽھڪن ٿيون ٽاريون،

--

زرخيزي ۽ خوشحاليءَ جي مند آھي:

گام  گنديءَ ۾ گنج، ابر ۾ اھاءَ ٿيو،

وڇڙيل پرينءَ جي وصل جي مند آھي. جنھن ۾ امنگ آرس ڀڃندا ۽ جذبا جاڳي پوندا آھن:

ساوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون

جاڳيل جسم پرينءَ جي ڪوسيءَ ڪڇ کان سواءِ ڪباھن ۾ بھ ٺار پيو ٺرندو آھي:

ڪامل، ڪپاھن ۾، ٺار پئي ٺران،

--

ڪامل ڪباھن ۾، جھپ نھ اچي جھاٽي.

مينھن کي خدا جي رحمت بھ مڃيو ويندو آھي انڪري تمثيلي طور رشين، اوتارن ۽ سندن تعليم کي بادل ۽ بارش سان ڀيٽيو ويو آھي. مشھور محقق اينمري شمل جي تحقيق موجب ساڌ ٻڌ ڌرما نيدرڪ ۾ ٻڌمت وارن مھاتما ٻڌ کي رحمتون آڻيندڙ مينھن جي مند سڏيو آھي. قرآن مجيد ۾ رسول الله ' جن کي رحمت اللعالمين چيو ويو آھي. مينھن پوڻ سان سوڪھڙي ۾ جيئن سڪل زمين زرخيز ٿيندي آھي ايئن ڪنھن ولي، رشي ۽ نبي سڳوري جي تعليم سان ماڻھن جون زندگيون ۽ دليون زرخيز ٿينديون آھن. انگريزيءَ جي مشھور شاعر ٽي. ايس. ايليٽ صنعتي دور ۾ جيئندڙ انسانن جي دلين کي Waste land سڏيو آھي. جن کي بي عقيدي واري ڪلچر مان پيدا ٿيندڙ لالچ، حرص ۽ ھوس سڪل برٺ زمين وانگر بنائي ڇڏيو آھي. شاھھ پنھنجي سر سارنگ جو منظرنامو locale ٿر چونڊيو آھي جيڪو ايليئٽ جي نظم وانگر علامتي بھ ٿي سگھي ٿو.

رڃ ۽ اڃ جي ان منظرنامي ۾ ماڻھو، مرگھھ ۽ مينھيون سارنگ کي ٿا سارين، آڙيون ابر آسري آھن ۽ تاڙا ٿا تنوارين. سمنڊ جون سپون بادل جي بوند لاءِ نئين سج ٿيون نھارين ۽ پوءِ سانوڻ جي مند ٿي اچي. سارو منظرنامو مٽجي ٿو وڃي. ٿر ھڪ ٻي جوڻ ۾ ٿو اچي. بادل برج ٿا بڻائين جن ۾ رسيلا رنگ ٿا پيٽجي وڃن. بادلن ۾ شفق جا رنگ ائين ٿا لڳن جيئن سي چنيءَ چٽ، ڪارا ڪڪر ڄڻ تھ ڪارا ڪيس ڪارن ڪڪرن ۾ وڄ جا چمڪاٽ ڄن کٽڻھار پيا کڙن ۽ وڄ منھن چڙھيو ماڻھن کي واڌايون پئي ڏي. پره ڦٽيءَ جو مٽيون پيون ولوڙجن، کيٽو ڪندڙ مينھون پيون مڙن ۽ گسن تي گابا پيا ٽپا ڏين.

بَر وٺا، تر وڍا، وٺيون ترايون،

پره جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،

مکڻ ڀرين ھٿڙا، سنگھاريون سايون،

ساري ڏ ُھن سامھيون، ٻولايون رانيون،

ٻانھيون ۽ ٻايون، پکي سونھن پانھنجي.

--

وسي تڏھن وس، مند مڙيوئي مينھن جي،

کٽرن کيٽا ڇڏيا، جي مڙيون ٿي مس

گابا مٿي گس، ڏک نھ ڪندا ڏيرا.

شاھھ لاءِ خوشحالي مادي آھي ۽ خوشي جسماني ۽ حواسن مان حاصل ٿيندڙ آھي. خوشيءَ جو سارو دارومدار خوشحالي تي آھي. جڏھن ساون پٽن ۾ پکا سونھن، اڱڻ ۾ تازي گھوڙا ھجن ۽ پٽن ۾ ڪنڍيون چرن تڏھن سرھيءَ سيج تي پاسي پرين سٺا ٿا لڳن.

اڱڻ تازي، ٻھر ڪنڍيون، پکا پٽِ سنھن،

سرھي سيج، پاسي پرين، مــر پيا مينھن وسن،

اسان ۽ پرين، شال ھون برابر ڏينھڙا.

پرينءَ جي وصل جي طلب بھ جسماني آھي. ور کان سواءِ وني اڻ ڀِڳل ڀونءِ وانگر آھي جيڪا پرينءَ جي وصل سان ڀِڄندي.

اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اڀ ۾،

ساوڻ ڏسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،

آئن آسائتي آھيان، مان ِڀڄائي ڀون

گھر تھ گھرجين تون، مند مڙيئي مينھن جي.

پرينءَ جي تن جي تپش کانسواءِ وني ڪپاھن ۾ بھ پئي ٺار ٺري:

ڪانڌ، تنھنجي پاند ري، سنجھي سيءَ مران،

ڪامل، ڪپاھن ۾، پئي ٺار ٺران،

تاريءَ تومران، جيئن ور وھاڻيءَ وارئين.

--

ڪانڌ، تنھنجي پاندري، سيءَ مران سڀ رات

ڪامل، ڪياھن ۾، جھپ نھ اچي  جھاٽِ،

اچين جي پرڀاتِ، تھ آئون سسيءَ نھ ساريان.

--

۽ پوءِ شاھھ ان خوشحاليءَ خوشيءَ جي حوالي سان پنھنجي روحانيت جي ڳالھھ ٿو ڪري، اتر کان وڄون ھڪلون ڪنديون ٿيون اچن، واه ۽ واھڙ، تل ۽ ترائيون تار ڀري، پٽن ۾ کٿوري خوشبوءِ پکيڙي، رسول جي روضي جي روبرو ٿيون اچن ۽ ڪعبي تي ڪنڌ ُ ٿيون نوائين:

اتران ٿي آئيون، ڪري ھڪل ھوءِ،

ڀري تل ترائيون، جوڙي ھليون جوءِ،

پسو جا ٻٽن ۾، کٿوريءَ خوشبوءِ،

اچي روبروءِ، اٺيون روضي تان رسول جي.

--

وڄون وسڻ آئيون، سارنگ سينگاري،

اڃيا لک لطيف چئي، پلر پياري،

وڄڙين واري، کڻي ڪعبي تي ڪر نائيا.

شاھھ جي روحانيت جو حوالو بھ پرينءَ جون ميگھھ ملھار اکيون ۽ ابر لاءِ اڪنڊين سنگھارن جي سرھائي آھي:

اکيون ميگھھ ملار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موھيو،

اڪنڊپا ٻجي ابر کي، سرھا ٿيا سنگھار.

شاھھ جي شاعريءَ کي الھامي شاعري ثابت ڪرڻ لاءِ روايتون مشھور ڪيون ويون آھن تھ شاھھ تي شاعريءَ جو نزول ٿيندو ھو. شاعري سندس زبان تي جاري ٿي ويندي ھئي ۽ سندس مريد اھا لکندا ويندا ھئا. شاھھ جي شاعريءَ لاءِ ڀل پيا ماڻھواھڙيون ڳالھيون ھلائين پر شاھھ جي شاعري پاڻ ان ڳالھھ جي شاھد آھي تھ شاھھ سمجھھ، ساڃاه ۽ شعور جو شاعر آھي ۽ فني لحاظ کان وڏو فنڪار، ھنرمند ۽ ڪاريگر فنڪار آھي. جنھن جو ھڪڙو مثال سندس سرن جو منظرنامو locale ۽ setting آھي. شاھھ پنھنجي سرن جو منظرنامو اھڙو رکيو آھي جنھن سان انھن جو پيش منظر پوريءَ طرح اڀري اچي. سسيءَ وارن سرن جو منظرنامو دشت ۽ جبل، رڻ ۽ رائو آھي. سسيءَ کي جڏھن اسين ڏاڍن ڏونگرن کي لتاڙيندو ٿا ڏسون تھ ھن جي ارادي ۽ عزم جي عظمت پوريءَ طرح اڀري ٿي اچي.

سر سھڻي جي دھشت ڀري درياه جي پس منظر ۾ سھڻيءَ کي لھرن کي چيريندو اڳتي وڌندو ٿا ڏسون تھ سندس عشق آڏو موت بي معنيٰ ٿو ٿي وڃي ۽ اسان جي بھ دل ٿي چوي تھ:

ھلو تھ پسون سھڻي، جا ڪر ڄاڻي نينھن

سر ڪاموڏ ۾ شاھھ ڪارن ڪوجھن مھاڻن جي بدبودار وسنديءَ ۾ سمي ڄام کي انھن سان سھج ڪندي ڏيکاريو آھي. ايئن ئي شاھھ سر سارنگ ۾ ٿر جو لوڪال چونڊيو آھي. جنھن مان ثابت ٿو ٿئي تھ شاھھ وڏو ڪاريگر craftsman شاعر آھي.

ھونئن تھ شاھھ جي سموري شاعريءَ ۾ سندس ٻوليءَ جو استعمال تخليقي آھي پر سر سارنگ ۾ شاھھ اعليٰ شاعراڻيون ترڪيبون تخليق ڪيون آھن جيئن:

جھڙ جي جھونگار، بادل جا بُرج، سارنگ جون صراحيون، کنوڻ جا کٽڻھار، ڪڪرن جون ڪيھان، ٽارين جو ٽھڪڻ، تاسيارو تڙ وڄ جو لال لباس، اٻن انگيا، پرينءَ جو گمان ۾ گڙڻ وغيره.

مان جڏھن بھ شاھھ جو سر سارنگ پڙھندو آھيان مون کي ڪاليداس جو طويل نظم ميگھھ دوت ياد ايندو آھي جيڪو پڻ بادل ۽ بارش جي باري ۾ آھي ۽ مان سمجھان ٿو تھ ميگھھ دوت ان موضوع تي لکيل دنيا جو طويل ترين نظم آھي. پر شاھھ جو سر سارنگ ان کان بھ طويل آھي. ميگھھ دوت جا سو کان وڌيڪ بند آھن جڏھن تھ سر سارنگ جا ٢٦٧ بيت ۽ وايون آھن. ڪاليداس لاءِ چيو ويندو آھي تھ ھن نظم جي ننڍڙي ڪينواس ٿي ڪيترائي وڻندڙ چِٽ Images ۽ اکري تصويرون word pictures چٽيون آھن. جن کي ڏسي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ان ننڍي ڪينواس تي ڪلچرجي مڪمل تصوير اڪرجي وئي آھي. ڪاليداس جي نظم جي باري ۾ اھو رايو ڪيتريقدر صحيح آھي تنھن لاءِ ڪجھھ چئي نٿو سگھجي. ڇاڪاڻ جو ڪاليداس اٽڪل ويھھ صديون اڳ جي ڪلچر جي تصوير چٽي آھي. پر شاھھ جي سر سارنگ لاءِ چئي سگھجي ٿو تھ شاھھ جو سر سارنگ سنڌ جي ثقافت، جاگرافيائي، ماڳن ۽ مقامن، شھرن، وسندين ۽ موسمن جي بدلجندڙ صورتحال ۾ انساني زندگيءَ جي مڪمل احساساتي تصوير آھي. ڪاليداس جي نظم شاھھ جي سر جو جيئن تھ موضوع ساڳيو آھي ان ڪري ٻنھي ۾ ڪٿي ڪٿي اظھار جي ھڪ جھڙائي نظر ٿي اچي پر ان ھڪ جھڙائيءَ ۾ بھ جاگرافيائي حالتن، وقت جي وٿي، شاعرن جي سڀائن، روين ۽ سماجي پس منظرن جي ڪري فرق آھي. ڪاليداس پنھنجي دور جي ھڪ زبردست ۽ زورآور بادشاھھ وڪر ماجيت جي نورتنن مان ھڪ ھو، ان ڪري ھن جو رويو ۽ لھجو شاھاڻو آھي. ھو وڏن وڏن جبلن، اونچن پھاڙن جي اونچين برف پوش چوٽين، وڏن وڏن درياھن، شاھي قلعن، بادشاھن، راڻين ۽ شھزادين جي ڳالھھ ٿو ڪري جڏھن تھ شاھھ عام ماڻھن ۾ الله کي ڏسڻ وارو صوفي آھي. ھو بادشاھھ کي تخت تان لاھي مھاڻن جي بدبودار بستيءَ ۾ وٺي ٿواچي ۽ ڄار ڪلھي تي ڪرائي کانئس مڇي ٿو مارائي. ھن سر ۾ بھ ڏکن ڏولاون ۽ اڻ گھڙيل زور آور ۽ بي رحم فطرت جي رحم ڪرم تي جيئندڙ، حالتن کي مات ڏيندڙ ۽ ان کان مات کائيندڙ ھيڻا پر ارٽا ۽ اڏول انسان آھن. بر پٽ ۽ ڀٽون آھن. ڏڌ ولوڙيندڙ، جھڙ ڦڙ سان ساجن کي ساريندڙ، ملھار جي مند ۾ ڪپڙا کھنبا ڪندڙ سنگھاريون آھن ۽ وانڍين جا ور ري اڏيل پکا آھن جن کي اتر جو واءُ پئي ڊاھي .....

 

ڪاليداس جي نظم جو مرڪزي ڪردار يڪش پرديس مان پنھنجي زال ڏانھن بادل جي وسيلي پيغام ٿوموڪلي ان ڪري بادل کي دوست ٿو چئي (ميگھھ دوت) شاھھ بھ بادل کي يار ٿو سڏي پر شاھھ جو بادل کي يار سڏڻ جو سبب اھو آھي جو بادل ماڻھن تي مينھن ٿو وسائي ۽ سندن ڏنجھھ ڏولاوا ڏور ٿو ڪري:

اڄ پڻ منھنجي ير، وسڻ جا ويس ڪيا

اڃن جي سار ٿو لھي، پٽن ۾ پاڻيءَ جي پالوٽ سان ان ارزان ٿو ڪري، وطن ٿو وسائي ۽ سنگھارن سک ٿو ٿئي ....

ھاڻي اچو تھ ٻنھي شاعرن جي نظمن (مان شاھھ جي سر سارنگ کي نظم ٿو سمجھان) جي ڀيٽ ڪري انھن ۾ ھڪ جھڙايون ۽ اظھار جي انداز جي پنھنجي پنھنجي انفراديت ڏسون. ورھاڱي کان اڳ نانڪرام ڌرمداس مير چنداڻيءَ نالي ھڪڙي سنڌي شاعر ڪاليداس جي نظم ميگھھ دوت جو سنڌي بيتن ۾ ترجمون ڪيو ھو. ھتي ڏنل مثال مون ان ترجمي مان کنيا آھن. ڪاليداس يڪش کان وڇڙيل ونيءَ جي اڪيلائي بيان ٿو ڪري:

چڪر واڪ ساٿيءَ بنان، تيئن ھيءَ سندري،

جيون ساٿي ٿيس جدا، جنھن سان ھئي وندري،

منھن ۾ جھلڪ نا رھي، جيئن جڏي جندڙي،

سياري جي مندڙي، ڪومايو پوئي ڪنول کي.

شاھ بھ ور کان وڇڙيل ونيءَ جي اڪيلائي بيان ٿو ڪري پر ھن جي ناداري ۽ لاوارثي واري پوري سماجي پس منظر سان بيان ٿو ڪري. ھوءَ پنھنجي ور کان وڇڙڻ واري اڪيلائيءَ سان گڏ پنھنجي ناداريءَ ۾ بھ اڪيلي آھي:

ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪيو، جھڙ پسو جھڄن،

ور ريءَ وانڍين اڏيا، پکا سي م پسن،

اتر ڊاھي ان جا، تھ ڪنھن کي ڪارون ڪن،

وارث وري تن، اچي شال اولو ڪري.

ميگھھ دوت

سارنگ

تون ڪندين گجڪارون، تھ ڏڪي وينديون ڏيل ۾،

سڻيو رڙ رعد جي، ڪليون ٿيون ڪنبن

--

--

ڪارا بادل ايئن لڳن، جئن زلف سندر ناري

اڄ پڻ اتر يار ڏي، ڪڪر ڪارا ڪيس

--

--

ٽاريون ٽڪرن پاڻ ۾، ھوا جي ھلچل

وسي پيو وڏ ڦڙو، ٽھڪن ٿيون ٽاريون

--

--

بادل تنھنجي گرجنا، ڪن رسيلو ناد

ساز سارنگيون، سرندا، وڄائي بَــر جنگ

--

--

اناج، ميوي، گاه سان، جڳ ڪرين آباد

گاھھ گنديءَ گنج، ابر ۾ اھاءَ ٿيو

 

--

 

ميھا، چڀڙ، ڦنڳون، جت ٿين سڀئي ٿوڪ

 

--

سانوڻ مند ميلاپ جي، وڇڙيا ور ميڙي

پرين جي پرديس، مون کي مينھن ميڙيا

--

--

 

پاساريان پري، سانگ م وڃن سپرين

 

--

 

آءُ لالڻ موٽي، گھوريا رسڻ ڏينھڙا

 

 

ٻئي شاعر مينھن پوڻ سان پنھنجي پنھنجي ملڪ جي جاگرافيائي صورتحال جي حوالي سان ماڻھن جون خوشيون ٿا بيان ڪن:

وسيو ملڪ ملير ۾، شيتل ٿيو سرير

بَـــر وٺا، ٿر وٺا، وٺو جيسر مير

گڙن ھاٿي سونڍ سان، ماڻن سر جي ھير

آگم ڪري آئيون، پا ئر ڀري پير

پڪا جھنگلي وڻن ۾، اڻ ميا انجير

لاٿائون، لطيف چئي، وانڍينءَ مٿان وير

سنجھي ٿج سڌير، نيندءِ ھوا ديوگري

سرھا ڪيائون سير، سرھيون سنگھاريون ٿيون

يڪش بادل کي سڪل نديءَ کي ڀرڻ لاءِ چئي ٿو:

ڀاڳ ڀريا بادل تون ئي، ان جو پيٽ ڀريج

ڏيئي ريج رانڪ کي، ڪيائين لوتڙيءَ تي گل

سڪي ٿيليون ٿي، پيلو رنگ ۽ ريج

ڏلھي ڇڏيائين ڏر کي، پاڻيءَ ڀريائين تل

ڪڪا وڻ ڪومائجي، تن تي مھر ڪريج

آندائين آبُ اڇل، موڪل ٿي مينھن کي.

ڪج ڀڄائي ڀيڄ، تھ ويچاريءَ وڙ ٿئي

--

--

ڀرپاؤن ڀير پئي، نظر سين نارو

 

ھادي، ڀر حڪم سين، ھي تڙ ُ تا سيارو

 

--

 

ڀري ڀٽ تي آئيو، سارنگ سھج منجھان

 

کڙيون کٽڻ ھار جئن، وڄون اتر واءُ

 

سرھا سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊبَ ڪيا.

 

پھري پٽنئان، پريائين ڪن ڪراڙ جا

 

مند ٿي مڊل منڊيا، ڪي اوھيڙن اوڪ

ڳوٺاڻيون ناريون کڻي، نيڻ منجھاران نينھن

 

ڪن مشڪي تو مرحبا، مال مٿان پئي مينھن

 

کيٽ کلي خوشبوءِ سان، گھر گھر خوشي کينھن

 

ڪيم وڃائج ڏينھن، پورج اتر پار ڏي

 

 

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينھون چرن موڪ

 

سرھيون ٿيون سنگھاريون، پويوڀائن طوق

 

ميھا، چڀر ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ

 

لاھئين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينھڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com