سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :8

عورت جي جنسي خواھشن لاءِ سمجھيو ويو تھ ھن جا جنسي جذبا مڙد جي جنسي جذبن کان وڌيڪ شديد آھن. جنسي طرح ھوءَ ڪڏھن بھ نٿي ڍاپي ۽ پنھنجي چڱي ڀلي مڙس کي ڇڏي ڪنھن لولي لنگڙي سان بھ جنسي تعلق پئدا ڪري سگھي ٿي. قديم دور جي ادب ۾ ھن جي بي وفائيءَ جون ڪيتريون ڪھاڻيون آھن. سندس جنسي خواھشن لاءِ چيل آھي تھ:

باه لاءِ ڪيتريون بھ ٿلھيون ڪاٺيون،

سمنڊ لاءِ ڪيترا بھ درياھھ،

موت لاءِ ڪيترا بھ روح،

۽ سھڻين اکين واري عورت لاءِ ڪيترا بھ مرد گھٽ آھن.

 

مڙد کي گھڻيون شاديون ڪرڻ جي اجازت ھئي جنھن جا ڪيترائي سماجي سبب ھئا. ھڪ وڏو سبب قبائلي جنگيون ۽ جھيڙا ھو جن ۾ مڙس مارجي ويندا ھئا ۽ عورتن جو انگ مردن کان وڌي ويندو ھو. ھنن کي کاڌ خوراڪ، لٽو ڪپڙو ۽ زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ ضروري ھو تھ مرد ھڪ کان وڌيڪ شادي ڪن ۽ ھنن کي پالين. ٻيو سبب پٽ جو اولاد ھو. زال کي پٽ جو اولاد نھ ٿيندو ھو تھ مڙس ٻي شادي ڪندو ھو. قبائلي نظام ۾ گھڻن پٽن جو پيءُ طاقتور سمجھيو ويندو ھو ۽ مرد گھڻن پٽن لاءِ بھ وڌيڪ شاديون ڪندا ھئا. عورت کي پيٽ ٿيندو ھو تھ ٻار ڄمڻ کان پوءِ بھ ڪجھھ وقت تائين مڙس ساڻس ھمبستري ڪري نھ سگھندو ھو. ان ڪري ھن کي ٻي شاديءَ جي ضرورت محسوس ٿيندي ھئي. ھڪ مڙس جون جيئن تھ ھڪ کان وڌيڪ زالون ھيون ان ڪري ھر ھڪ زال مڙس جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين زالن تي چڙھت ڪندي ھئي. پاڻ وڻائڻ لاءِ ھار سينگار جا نت نوان طريقا ۽ نوان نوان ناز نخرا سکندي ھئي. جادو ڦيڻا بھ ڪندي ھئي. مڙس کي سڀني زالن سان ھڪ جھڙي ھلت ھلڻي ھوندي ھئي. پر اھو ناممڪن ھو جنھن جي ڪري زالن جو ھڪ ٻئي سان ساڙ ھوندو ھو. پھرين زال مڙس جي ٻي شاديءَ جو ٻڌندي ھئي تھ ھن جي جيڪا حالت ٿيندي ھئي تنھن لاءِ ان دور جي ھڪڙي شاعر چيو آھي:

ان مرد جو ايذاءُ، جنھن کان ساري دولت ڦرجي وئي ھجي،

يا جنھن جو جوان پٽ قتل ٿيو ھجي،

ان زال جو ايذاءُ، جنھن جو مڙس مري ويو ھجي،

يا ان ماڻھوءَ جو ايذاءُ، جيڪو پنھنجي پٺيءَ تي چيتي جا ساه محسوس ڪندو ھجي،

انھن سڀني ايذائن کان ان عورت جو ايذاءُ وڌيڪ آھي،

جنھن جو مڙس ٻي شادي ڪرڻ وارو ھجي.

مرد ڪم ڪار سانگي گھڻو وقت گھر کان ٻاھر رھندو ھو ۽ گھر کان ٻاھر ھن کي پنھنجي دل وندرائڻ جا ٻيا ڪيترا موقعا ھئا، پر عورت کي گھر ۾ ڪا وندر ڪانھ ھئي. ھن جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي وندر سندس مڙس جي محبت ھئي، ان ڪري ھوءَ ڪوشش ڪندي ھئي تھ ھن جو مڙس گھڻي کان گھڻو وقت ھن سان گذاري. ھو ڪنھن ڪم ڪار سانگي ڳوٺ کان ٻاھر ويندو ھو تھ ھوءَ اڪيلي ٿي پوندي ھئي، ھن جي موٽڻ لاءِ باسون باسيندي ۽ ڪانگ اڏائيندي ھئي. شاھھ ھن جي ان ڪيفيت جي اظھار سر سامونڊي ۾ ڪيو آھي. اھڙي سماج ۾ ھن جي غير مشروط ۽ غلاماڻي وفاداري ۽ اھڙي صورتحال ۾ ھن جي مڙس لاءِ تانگھھ کي ڏسي صوفي ۽ ويدانتي شاعرن عورت جي پيار کي بندي جي خدا سان پيار جي علامت بڻايو ۽ ائين ھندي توڙي سنڌي شاعريءَ ۾ عورت کي عاشق ڪري پيش ڪرڻ جي روايت پئي.

عيسائي اوليائن St. Bernard (١٠١٠ کان ١١٣٤) St. Teresa (١٥١٥ کان ١٥٩١) ۽ St. John of cross (١٠٠١ کان ١٥٥١) خدا ۽ بندي جي محبت واري تعلق کي عورت ۽ مرد جي شاديءَ جي تمثيل ۾ پيش ڪيو. عورت پنھنجن سمورين جسماني خواھشن ۽ تن جي تاس سان پرين لاءِ تڙپي ٿي ۽ اھا تڙپ تمثيلي طور انساني روح جي ڪائناتي روح Universal Soul  سان ملڻ جي بيتابي آھي. ھندومت ۾ راڌا ۽ گوپين جو ڪرشن سان عشق بھ اندروني طرح بندي جو خدا سان عشق آھي. ڪرشن جوڻ مٽائي انساني روپ ۾ آيل ڀڳوان آھي ۽ راڌا ڪفارو، طمانيت ۽ انساني روح آھي.

عورت جي محبت بيشڪ جو مرد جي محبت کان وڌيڪ شديد ۽ تمام گھڻي گھري ھئي، ھن جي وفاداري بھ غير مشروط ۽ مثالي ھئي پر فطريءَ طرح ھوءَ ڪمزور، ارادي جي ڪچي، ڦرڻي گھرڻي طبيعت ۽ ھرکي پوڻ واري مخلوق ھئي. ان ڪري ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي پرينءَ سان پيار جي معاملي ۾ ھن کان ڪي ڪوتاھيون ٿي وينديون ھيون. سسيءَ کان اھا ڪوتاھي ٿي جو ھوءَ سڪ ھوندي بھ سمھي پئي. مومل سومل کي مرداڻو ويس پارائي ساڻس ستي جنھن جي ڪري راڻي جي دل ۾ غلط فھمي پيدا ٿي ۽ ھو کانئس رسي ويو. ليلا ھار تي ھرکي ھاريو، ڀايائين تھ ھار پائڻ سان وڌيڪ سھڻي لڳندس ۽ چنيسر کي وڌيڪ وڻندس. پر چنيسر کائنس رسي ويو. ائين بندو بھ محٻت جي راه ۾ ڪيتريون ڪوتاھيون ڪري ٿو، جنھن جي ڪري سندس راڻو کانئس رسي ٿو وڃي. ان ڪري صوفيءَ کي سدائين ان ڳالھھ جو انديشو ھوندو آھي تھ ڪٿي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا ڄاڻي واڻي ھن کان ڪوتاھيون نھ ٿيون ھجن. ڇاڪاڻ تھ ھو فطريءَ طرح ڪمزور، گنھگار ۽ عيبدار آھي. اھڙي احساس جي ڪري صوفيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ پاڻ کي ميري مندي، ڪين جھڙي ڪميڻي، ڪوجھي، ڪوڙي، ھوجا پائن پير ۾ تنھن نھ جٽين جيھي ڪري پيش ڪيو آھي جيڪا ڳچيءَ ۾ ڳارو وجھي، سراپا التجا بڻجي، پرينءَ آڏو بيٺي آھي تھ منھنجا عيب نھ وٿول، سچل اسان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ان روپ ۾ نظر اچي ٿو:

ميري آھيان، مندي آھيان، بيشڪ بندي آھيان

ڍڪين ميڏا ڍولڻا، عيب نھ ڦولڻا

ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا.

بابا فريد گنج شڪر وڏو عبادت گذار صوفي ھو ۽ ايڏو نيڪ ھو جو شايد ڪڏھن بي خياليءَ ۾ بھ ڪو اڻ وڻندڙ ڪم نھ ڪيو ھوندائين پر تڏھن بھ ھو پاڻ لاءِ چئي ٿو:

ڪالي ميڏي ڪمڙي، ڪالا ميڏا ويس،

گناھين ڀريا مين ٿران، لوڪ آکڻ درويش.

صوفيءَ جي ان ڪيفيت جو اظھار گرونانڪ ڏاڍي شاعراڻي انداز ۾ ڪيو آھي:

سڀ اوگڻ مين، گن نھ ڪوئي، ڪوڪر ڪنت ملاوا ھوئي،

نھ مين روپ، نھ بنڪي نينان، نھ ڪل ڍنگ، نھ ميٺي بينان،

سھج سھاڳ ڪا من ڪر آوي، تا سھاڳن جانتي پاوي.

(مون ۾ رڳا اوڳڻ آھن، ڪو ڳڻ ڪونھي، پوءِ ڪانڌ سان ڪيئن ميلاپ ٿئي،

نھ مون ۾ روپ آھي نھ منھنجا نيڻ بانڪا آھن، نھ مون ۾ ڪو ڍنگ آھي نھ منھنجو ڳالھائڻ مٺو آھي.

جيڪا عورت ھار سينگار ڪري ايندي، سائي سھاڳ ماڻيندي.)

صوفيءَ جي اھڙي سوچ جو وڏو سبب اھو آھي تھ دنيا جي ذري گھٽ سڀني مذھبن انسان کي ڪمزور، نامڪمل ۽ گناھھ ڏانھن لاڙو رکندڙ مخلوق سڏيو آھي. آدم ۽ حوا پنھنجي فطرت ۾ ڪمزور ھئا ان ڪري ھنن کان خدا جي نافرماني وارو گناھھ ٿيو ۽ ڌرتيءَ تي انسان جي زندگيءَ جي شروعات گناھھ سان ٿي. مذھب جيتوڻيڪ انسان کي ڪمزور چيو آھي پر پوءِ بھ انسان لاءِ اخلاق جو ايڏو تھ اعليٰ معيار مقرر ڪيو آھي جو ان تي پورو لھڻ نھ رڳو ڏکيو پر ڪنھن حد تائين ناممڪن بھ آھي. گوتم پنھنجن پوئلڳن کي عورت ۽ شراب جي ويجھو وڃڻ ۽ ذاتي ملڪيت رکڻ کان جھليو. ائين ڪرڻ ماڻھوءَ لاءِ جيڪڏھن ناممڪن نھ آھي تھ بھ ڏکيو ضرور آھي. ڪنفيوشس مذھب جي ان ڳالھھ تي تھ دشمن سان پيار ڪيو سوال ڪيو تھ جيڪڏھن ماڻھو دشمن جي دشمنيءَ جي موٽ پيار سان ڏي تھ پوءِ پيار ڪرڻ واري جي پيار جي موٽ ڇا سان ڏئي. مذھبي عالمن جا ان موضوع تي ھڪ ٻئي سان بحث بھ ٿيندا رھيا آھن. حضرت عيسيٰ کان چار سو سال پوءِ جي ھڪڙي مذھبي عالم Pelagius ۽ St. Augustan Gippo جي وچ ۾ ان موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ھئي ۽ سوال اٿاريو ويو ھو تھ ڇا انسان لاءِ ممڪن آھي تھ ھو خدا جي احڪامن کي پورو ڪري سگھي. Pelagius جو چوڻ ھو تھ خدا جا احڪام آھن ئي ان لاءِ تھ انھن تي عمل ڪيو وڃي پر ولي آگسٽن جو چوڻ ھو تھ خدا انسان کي اھڙا ڏکيا احڪام ان ڪري ڏنا آھن تھ جيئن ھو انھن تي عمل ڪري نھ سگھي ۽ کيس سزا ملي. اھو عيسائين جو آدم جي گناھھ وارو تصور آھي، جنھن جي ڪري ھر انسان کي سزا ڀوڳڻي آھي.

 

انھيءَ پس منظر کي ذھن ۾ رکي شاھھ جا سر ڪاموڏ ۽ ليلا پڙھنداسين تھ ٻئي سر انسان جي فطري طور ڪمزور عيبدار ۽ گنھگار ھجڻ واري انساني صورتحال جو عڪس (Image) لڳندا. نوري ان انساني صورتحال جو شعور آھي ليلا ان صورتحال جي اڻ ڄاڻائي ۽ بي خبريءَ جي علامت آھي. نوري ۽ اھو سارو منظر نامو جنھن ۾ ھوءَ رھي ٿي .... ککيءَ ھاڻيون کاريون، چڇيءَ ھاڻا ڇڄ، سر ٻانڌيين پيون رھن ۽ وھن، سندن ٻار لڌڙن جيان پيا پاڻيءَ ۾ تڙڳن، ڪاريون، ڪوجھيون، ڪوڙيون ۽ مور نھ موچاريون مھاڻيون جن جو جي پاند بھ پاند سان لڳي تھ لڄ اچي .... انسان جي ان گنھگار ھجڻ واري صورتحال جي ئي تشريح ۽ تمثيل آھي. نوري جسمانيءَ طرح ايڏي سھڻي آھي جو ”تھڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو، جھڙي سونھن سندسياس“ پر سماجي طور ھوءَ عيبدار آھي جو بدبوءِ ھاڻي مھاڻي آھي. ھن کي پنھنجي ان سماجي حيثيت جو پورو پورو شعور آھي جنھن جي ڪري ھوءَ پنھنجو پاڻ کان نادم آھي. سر جي شروعات ئي ھن جي ندامت ۽ غير يقينيءَ واري ڪيفيت سان ٿي ٿئي:

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءِ

--

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن اپار

--

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن ڪوڙ

--

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن لک

--

ھاڻي اسين جاگيرداري نظام ۾ عورت جي ان سماجي حيثيت ۽ حالت واري ڳالھھ ڏانھن ٿا اچون جنھن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان. نوري ان عورت جو جيئرو مثال آھي. ھن جي ھلت چلت ۽ رويا بھ اھڙي ئي عورت وارا آھن. ڄام جون ٻيون بھ راڻيون آھن جيڪي اعليٰ خاندان جون آھن. جيتوڻيڪ ھوءَ انھن سڀني راڻين مان وڌيڪ حسين آھي (جيئن سڳو منجھھ سرندڙي، تئن راڻن ۾ راڻي) پر سماجي حيثيت ۾ ھوءَ ھنن جو مٽ ٿي نٿي سگھي. ان صورتحال ۾ ھو ٻين راڻين کان اڳ پوڻ ۽ ڄام وٽ پاڻ اگھائڻ لاءِ نوڙت ۽ نياز منديءَ جي حرفت ٿي ھلائي ۽ نيڻن سان ناز ڪري ڄام کي ٿي ھيري:

مھاڻيءَ جي من ۾، گيرب نھ گاءُ،

نيڻن سين ناز ڪري، ريجھايائين راءُ،

سمو سڀن ملاءُ، ھيريائين حرفت سين.

ڄام جڏھن سڀني راڻين ڏانھن ھار سينگار ڪري تيار ٿي ويھڻ جو نياپو موڪليو تڏھن نوريءَ کي محسوس ٿيو تھ ھار سينگار ۾ ھوءَ ٻين راڻين سان پڄي نھ سگھندي. ھار سينگار سان ھوءَ ٻين راڻين جھڙي نھ لڳندي ان ڪري ھن حرفت ھلائي تھ جيئن ٻين راڻين کان الڳ بھ نظر اچي ۽ ڄام جو ھن ڏانھن ڌيان بھ ڇڪجي. ان ڏينھن ھن مھاڻيءَ وارو ويس پاتو ۽ ڄام کي پاٻوڙو پيش ڪيو. نوريءَ جو اھو انداز ڏسي ٻيون راڻيون ھڪيون تڪيون رھجي ويون:

پاٻوڙو پيش ڪيو، نئون نوريءَ نيئي،

حاضر ھيون ھڪيون، سميون سڀيئي،

نوازي نيئي، گاڏيءَ چاڙھي گندري.

شاھھ جيڪي بھ لوڪ داستانن جا سر لکيا آھن انھن ۾ داستانن جي ڪردارن کي تصوراتي ۽ رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آھي. پر سر ڪاموڏ شاھھ جو پھريون سر آھي جنھن ۾ شاھھ جديد دور جي ڪنھن حقيقت نگار شاعر وانگر مھاڻن جي زندگيءَ جي بدصورتيءَ ۽ اگرائيءَ کي چٽيو آھي ۽ ھي سر پڙھندي خبر ٿي پوي تھ ان دور ۾ مھاڻن جي زندگي ڪيڏي نھ مفلسي، ناداري ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ گندگي ۽ بدبوءِ ۾ ٿي بسر ٿي. اھا انسان جي ڪيڏي نھ وڏي توھين آھي جو سندس پاند پاند سان لڳي تھ ماڻھوءَ کي لڄ اچي .... پر شاھھ جي حقيقت نگاري جديد دور واري اھا حقيقت نگاري نھ آھي جنھن جي شروعات فرانس ۾ ٿي ۽ بالزاڪ جھڙن ليکڪن زندگيءَ جي حقيقتن کي ڪنھن سائنسدان وانگر جيئن جو تيئن پيش ڪيو. شاھھ جي حقيقت نگاري مارڪسي ليکڪن واري بھ نھ آھي جيڪي غريبن ۽ نادارن جي زندگيءَ جي بدصورتين، ايذائن ۽ اھنجن کي پيش ڪندا ھئا تھ جيئن پڙھڻ وارن کي زندگيءَ جي ان رخ جي بھ خبر پوي، سندن دلين ۾ انھن لاءِ ھمدردي جاڳي ۽ ھو انھن جي سماجي صورتحال کي بدلائڻ جو سوچن، پر شاھھ جي حقيقت نگاري بھ تصوف جي حوالي سان آھي. شاھھ مھاڻن جي نادار ۽ بدبودار حياتي ان ڪري ڏيکاري آھي تھ جيئن ڄام جي عظمت وڌيڪ اڀري، اھا ڄام جي عظمت آھي جو حاڪم ھوندي بھ ان گندگيءَ ۾ ٿو گذاري:

ککيءَ ھاڻيون کاريون، ڇڇيءَ ھاڻي ڇڄ،

پاند جنين جي پاندسين، لڳو ٿئي لڄ،

سمو ڄام سھڄ، اڀو ڪري ان سين.

---

ڄاريون، کاريون، ڄڄ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ سان

رھن وھن سر ٻانڌيين، سڀئي بدبوءِ ھاڻ،

لڌڙن جنن لطيف چئي، پاڻيءَ وجھن پاڻ،

تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪيو پانھنجي.

شاھھ جيئن تھ بنيادي طرح اميد پرست شاعر آھي ان ڪري مومل، مارئي ۽ ليلا وارا جيڪي ھجر ۽ وڇوڙي جا سر آھن، انھن ۾ بھ ھجر جي اونداھيءَ رات جو اوچتو وصل جي اميد جا ڪرڻا ڦٽي ٿا پون. سر ڪاموڏ ۾ بھ مھاڻن جي بدبودار زندگي خوشبوئن سان ھٻڪار جي ٿي وڃي. پکا ٿا پکارجن، ملاح ٿا مرڪن، گندرين جا گوندر ٿا لھن، آتڻ ٿا اجرا ٿين جو سنڌ جو سمو سلطان مھاڻن کي موکڻ لاءِ پيو اچي:

پکن پوءِ پچار، اڄ تماچي آئيو،

مرڪن ملاحن جا، مٿن ٻانڌيءَ بار،

وڏي ڄام ڄمار، جنھن مھاڻيون موکيون.

--

پکا پکاريو، ڄام تماچي آئيو،

گوندر لاھي گندريون، آتڻ اجاريو،

ڪينجھر قراريو، سمي سام بخشي.

شاھھ جي لوڪ ڪھاڻين وارن سڀني سرن ۾ جيئن تھ عورت طالب ۽ مرد مطلوب آھي، ان ڪري شاھھ ھر سر جي مرد ڪردار کي نئين علامت بڻائي ان کي نئين معنيٰ ڏني آھي. ھن سر ۾ بھ ڄام تماچي پنھنجو پاڻ کان سر بلند ٿي ان تخت تي ٿو نظر اچي جيڪو ”ڪبر ڪبرياءُ“ آھي:

نھ ڪنھن ڄايو ڄام کي، نھ ڪو ڄام وياءُ،

ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، سڀن آه سياءُ،

لم يلد ولم يولد، ايءَ نجابت نياءُ،

ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.

ڄام تماچيءَ جو ڪردار ان روپ ۾ نوريءَ جي ڪردار کي بھ نئين معنيٰ ٿو ڏي:

نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي،

گاڏيءَ چاڙھي گندريءَ، ماڙھو ڪيو مي،

ڪينجھر چوندا ڪي، تھ سچ سڀائي ڳالھڙي.

ڪنھن بھ نظم يا افساني ۾ اھا جاءِ، مڪان ۽ ماحول ۽ وقت (جنھن کي انگريزي ۾ Setting چوندا آھن) جي وڏي اھميت ھوندي آھي جو ان ۾ واقعا ٿيندا ۽ ڪردار چرندا پرندا آھن. ماحول سان ڪردارن جي مزاج، سندن سماجي حالت ۽ احساساتي  ڪيفيت جو پتو پوندو آھي. مثال جيڪڏھن ڪو ڪردار ڏکويل آھي تھ وقت ۽ ماحول جي ڪيفيت بھ ڏکويل ھوندي. Henry James تھ چيو آھي تھ ماحول پاڻ ڪردار ھوندو آھي. سر ڪاموڏ ۾ شاھھ ڪردارن جي ڪيفيت مطابق ئي ماحول چٽيو آھي، جنھن سان ڪردارن جي ڪيفيت جو وڌيڪ اثرائتي انداز سان اظھار ٿيو آھي. شاھھ جڏھن مھاڻن جي حالت بيان ٿو ڪري تڏھن سارو ماحول بدصورت ۽ بدبودار آھي. پر جڏھن نوري ۽ ڄام جي محبت جو منظر ٿو ڏيکاري تڏھن ڪنڌيءَ ڪنول ٽڙيل آھن، واھوندا وريا آھن ۽ ساري ڪينجھر خوشبوئن سان ھٻڪار جي وئي آھي. نوري جيڪا کيءَ جون کاريون کڻي ويٺي ھئي ھينئر ڄام سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺي آھي. ٻيڙي لھرن ۾ پئي لڏي، اتر واءُ پيو لڳي ۽ ڪينجھر ھندوري وانگر پئي جھولي، شاھھ نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي محبت رڳو پاڻ بيان نٿو ڪري پر سارو ماحول ھنن جي محبت بيان ٿو ڪري. ڪينجھر ڍنڍ، پاسي جي وڻراھھ، ڪنڌيءَ جا ڪنول ۽ اتر واءُ ۾ کٿوري ٿيل ۽ ھندوري وانگر جھولندڙ ڪينجھر ڍنڍ سندن دلين جو داستان ٿا ٻڌائين:

ھيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراھھ،

اچي وڃي وچ۾، تماچيءَ جي ساءِ،

لڳي اتر واءُ، ڪينجھر ھندورو ٿئي.

---

ھيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪنول ٽڙن،

وري واھوندن، ڪينجھر کٿوري ٿئي.

 

نوري ماڻھوءَ جي فطريءَ طرح اڻپوري، ڪمزور ۽ عيبدار مخلوق ھجڻ جي شعور ۽ ان شعور مان پئدا ٿيندڙ نوڙت، نياز ۽ نھٺائيءَ جي علامت اھي تھ ليلا ان کان اڻ ڄاڻ ھجڻ ۽ ان اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري ھٺ وڏائي ۽ ارڏائيءَ جو استعارو آھي. مان مٿي چئي آيو آھيان تھ پراڻي زماني ۾ جيتوڻيڪ عورت جي پيار ۽ وفا کي مثالي سمجھيو ويندو ھو پر ساڳئي وقت عورت کي غير مستقل مزاج، ڦرڻي گھرڻي، دماغ کان وڌيڪ دل جو چيو مڃڻ واري مخلوق بھ سمجھيو ويندو ھو ۽ اڄ بھ گھڻي ڀاڱي سمجھيو ٿو وڃي. لوڪ سطح تي ليلا اھڙي ئي سوچ جي تجسيم (Personification) آھي. ليلا جي دل جنھن ھار تي ھرکي ٿي ان کي ھوءَ ڪنھن بھ نفعي، نقصان جي پرواھھ ڪرڻ کان سواءِ ھر حالت ۾ حاصل ڪرڻ ئي گھري ۽ حاصل ڪري ٿي وڃي. ھن جي ھار تي دل ھرکي ۽ ان ھار لاءِ ھوءَ کيس بي پناھھ پيار ڏيڻ ۽ سندس سھي نھ سگھڻ جھڙا انگل ۽ ارڏايون سھندڙ پنھنجي مڙس جو سودو ڪرڻ لاءِ بھ تيار ٿي ٿي وڃي. ڪنؤرو بھ ليلا جو ئي عڪس آھي. ھن جي ڪردار ۾ ليلا جي ڪردار کان وڌيڪ زور ۽ قوت آھي. ھن چنيسر کي ان لاءِ حاصل ڪرڻ نٿي گھريو جو ھن جي چنيسر تي دل ھرکي ھئي پر ان لاءِ حاصل ڪرڻ ٿي گھريو جو ھن کي ھن جي مڱيندي جي ڀيڻ چنيسر سان شادي ڪرڻ جو طعنو ڏنو ھو جنھن سان ھن جي انا ۽ خود پرستيءَ مجروح ٿي ھئي ۽ ھن ڪنھن بھ طرح چنيسر کي حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ايستائين جو ان مقصد لاءِ ھن بادشاھي محل ڇڏيو. فقيراڻو ويس ڪري ليلا جي نوڪرياڻي ٿي ۽ نيٺ چنيسر کي حاصل ڪري پنھنجي ھوڏ پوري ڪيائين.

لوڪ سطح تي ليلا ۽ نوريءَ جي ڪردارن جي تخليق وڏي ھنر منديءَ سان ڪئي وئي آھي، ٻنھي جو سماجي پس منظر ڏيکاريل آھي جيڪو ھنن جي شخصيت جي جوڙجڪ تي اٿر انداز ٿو ٿئي. نوري مھاڻي آھي، حاڪم سان تعلق پيدا ٿيڻ کان پوءِ ھن لاءِ ضروري آھي تھ ھن کي پنھنجي مھاڻي ھجڻ جو احساس رھي ۽ ھوءَ نوڙت نياز ڏيکاري. جڏھن تھ ليلا، حاڪم جي پٽ - راڻي آھي. مڙس ھن جا انگل ٿو کڻي ان ڪري ھوءَ ھٺ ۽ ھوڏ ڪري سگھي ٿي. ٻئي ڪردار پنھنجي ھلت چلت ۽ روين سان پنھنجي پنھنجي منطقي انجام ۽ تڪميل ڏانھن وڌندا ٿا وڃن. نوري پنھنجي نوڙت جي ڪري مھاڻيءَ مان مھاراڻي ٿي بڻجي تھ ليلا مھاراڻي واري مقام تان ٿاٻڙجي ھيٺ ٿي ڪري ۽ پٽ تي ٿي اچي پوي. ٻئي ڪردار، پنھنجي پنھنجي سماجي منظر ۽ روين سان، انسان ۽ الله جي تعلق ۽ انسان جي اندر جي سفر ۾ منزل ماڻڻ ۽ اڳ ئي ماڻيل منزل تان ڀٽڪي وڃڻ واري تصور جي تشريح لاءِ نھايت موزون ۽ مناسب آھن.

نوري ۽ ليلا ھڪ ٻئي جي تڪميل آھن، جيئن اوندھھ ۽ روشني ھڪ ٻئي جون متضاد ھوندي بھ ھڪ ٻئي جي تڪميل ھونديون آھن ۽ ھڪ جو تصور ٻئي جي تصور کان سواءِ ڪري نھ سگھبو آھي. نوريءَ جو ڪردار سڌو سنئون آھي جڏھن تھ ليلا جو ڪردار ته دار آھي. اھڙن ڪردارن کي انگريزيءَ جي مشھور ناول نگار E.M. forster flat and Round ڪردار سڏيو آھي، فليٽ ڪردار سڌا سنوان ھوندا اھن. جھڙا شروع ۾ تھڙا آخر تائين جڏھن تھ رائونڊ ڪردار تھھ دار ھوندا آھن ۽ جيئن جيئن ڳالھھ اڳتي وڌندي آھي تيئن تيئن ھنن جي شخصيت جا تھھ کلندا آھن. نوريءَ سا اسين جڏھن ملون ٿا تڏھن ھوءَ پنھنجي شخصيت جي نماڻائيءَ واري رخ ۾ اسان جي سامھون ٿي اچي ۽ آخر تائين ھن جو اھوئي رخ اسان جي سامھون ٿو رھي. پر ائين نھ آھي تھ ھن جو ڪردار ھڪ ھنڌ بيٺل آھي. ھن جو ڪردار اسرندو ٿو رھي پر ھڪ ئي رخ ۾ اسرندو ٿو رھي. جڏھن تھ ليلا جي ڪردار جي ٻئي نموني ۾ اوسر ٿي ٿئي. ھوءَ ارڏائي ۽ ھوڏ واري حالت مان نماڻائيءَ واري حالت ۾ ٿي اچي يعني ليلا واريءَ جوڻ مان ھوءَ نوريءَ واري جوڻ ۾ اچي وڃايل پرينءَ کي وري حاصل ٿي ڪري ۽ سندس ڳالھائڻ جو انداز بھ نوريءَ وارو ٿيو ٿو وڃي:

اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا،

جئن تو رسڻ سنديون روح ۾، تئن مون ڀيڻي ناھ ڀتار،

سائينءَ لڳ ستار، ميٽ مندايون منھنجون.

تان ڪا وائي وار، دلاسي جي داسڙا،

تون منھنجو ولھو، آئون تو ۾ طمعدار،

ڍڪي ڍول! گذار، لڄ منھنجي لوڪ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com