سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :10

سر لوھيڙا ڳڀيا، ڪسر سريا،

ٿو ڪئن وسريا، ولھا! ڏينھن اچڻ جا.

۽ پوءِ اوچتو ھجر جي حدنظر تائين پکڙيل سمنڊ ۾ چوڌاري ڌاڙيچن جون ڌڄيون ٿيون چمڪن:

چمڪيون چوڌار، ڌڄيون ڌاڙيچن جون،

ماءِ! سامونڊي آئيا، سھسين ڪري سينگار،

جنن جي پچار، ڪالھوڪان ڪانگ ڪري.

--

لاڄوٿا لنون، اڄن سڙھھ اپٽيا

ڪارڻ تن پرين، ويٺي واٽ نھاريان.

--

کؤھن سر وائٽيون، واٽئين سر ڳنڍ،

کيڙي کيڙي کنڊ، ماءِ! سامونڊي آئيا.

--

اڱڻ آئيا جان، تھ سرتيون! مون سک ٿيا،

امل پرينءَ مٿان، ٻڙ ڪيو ٻين ڏيان.

--

جنين ڪارڻ مون، تڙو پوڄارا پوڄيا،

پنيم اميدون، سيئي سڄڻ آئيا.

--

اميدون پنيون، جن سڄڻن لاءِ ونيءَ تــڙ پوڄارا ٿي پوڄيا اھي موٽي آيا آھن، پر اندر مان ھنن جي وري وڇڙن جو اڊڪو نٿو لھي جو ھو اڃا ھاڻي لٿا آھن ۽ وري پيا وڃڻ جون ڳالھيون ڪن:

لاھيندا ئي ڪن،ڳالھيون ھلڻ سنديون،

ڏيندا مون ڏکن، وه جھندا جندڙو.

--

اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،

اٺئي پھر اٿن، سعيو ڪنھن سفر جو.

--

آئي اتر مند، ھنئين اڊڪو نھ لھي،

وٽين لاڄو بَند، ٻيھر مکين ٻيڙيون.

--

کيڙائن کارو، سنجھيئي ساريو،

آيل! آمارو، آھين پرئين يار جو.

--

لاھيندائي ڪن ڳالھيون ھلڻ سنديون،

ڏيندا مون ڏکن، وه وجھندا جندڙو.

--

اڄ پڻ وايون، وڻجارا وڃڻ جون،

اٺئي پھر اٿن، سعيو ڪنھن سفر جو.

آئي اتر مند، ھئين اڊ ڪونھ لھي،

وٽين لاڄو بند، ٻيھر مکين ٻيڙيون

--

کيڙائن کارو، سجھيئي ساريو،

آيل! آ مارو، آھين پرئين پار جو.

ڪٿي ڪٿي تھ سمنڊ حياتيءَ کان پوءِ نھايت ناه ڪا واري حالت جي علامت ٿوبڻجي وڃي:

اونھي ۾ اوھري، جڏھن جي ويا،

سانداري سمونڊ جي، نھوڙي نيا،

وڃي تِتِ پيا، جت نھايت ناه ڪا.

--

اونھي ۾ اوھري، جڏھن ويا جي،

موٽي ماڳ نھ آئيا، ماءِ! سامونڊي سي،

کارو تنين کي، جيڪس وه وري ويو.

 

بي انت جو ڊپ:

شاھھ جو سر گھاتو بھ سمنڊ سان لاڳاپيل سر آھي. ھن سر ۾ سمنڊ لامحدوديت، بي انت وسعتن ۽ اڻ ڏٺي جي ڊپ، دھشت ۽ اسرار جي علامت آھي جنھن ۾ ڪارا ڪن ٿا ڪڙڪن ۽ موت ڇپ ھڻي ويٺو آھي:

ڪو جو قھر ڪلاڇ ۾، گھڙي جو نئي،

خبر ڪونھ ڏئي، تھ رڄ ڪڄاڙي رنڊيا.

جتي گھڻ ڄاڻ منھنجي ٿا پون ۽ متارن جي مت مارجي ٿي وڃي:

گھنگھريا گھڻ ڄاڻ، موڙھي مت مھائيين،

ويا گڏ جي وير ۾، پيا منھن مھراڻ،

اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري.

۽ جيڪي وير جي ور چڙھيا ۽ ڪلاچيءَ جي ڪن ڏانھن ويا تن جي حالت اھا ٿي جو:

ماڪ ڀڄاين مولھا، مٿان رات پئي،

اوليون اجھڻ لڳيون، ويا ونجھھ وھي،

ڪلاچيان ڪھي، ڪڏھن ڪونھ آئيو.

شاھھ جو ھي سر سندس لوڪ داستانن وارن ٻين سرن وانگر مشھور لوڪ داستان مورڙو مانگر مڇ تي ٻڌل آھي ۽ جيئن شاھھ نوري ڄام تماچيءَ جي سر جو عنوان ھڪڙي ڪلاسيڪي راڳ ڪاموڏ تي رکيو آھي ايئن ھن سر جو عنوان بھ شاھھ لوڪ داستان واري عنوان بدران گھاتو رکيو آھي. گھاتو ڪنھن اڳ جو نالونھ آھي پر جيئن تھ مورڙو ۽ ملاح مانگر مڇ کي ٿا مارن انڪري شاھھ ھن سر جو نالو گھاتو رکيو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي مارن وارا، اھا ساڳي معنيٰ مھاڻو اکر جي بھ آھي. محققن جو چوڻ آھي تھ اھو لفظ، شاھھ شاھھ ڪريم جي ھن بيت مان کنيو آھي:

سڌ نھ سڄي ساٽئين، ڪن ڪلاچي پار،

ڪجھھ ٻيڙا تڙ نھار، گھاتن سندا مڪڙا.

اھو بھ چيو وڃي ٿو تھ شاھھ ڪريم کان اڳ اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن مان ڪنھن بھ شاعر جي ڪلام ۾ مورڙي جي داستان بابت  ڪو اشارو نٿو ملي. شاھھ ڪريم پھريون شاعر آھي جنھن ان موضوع تي بيت چيا:

ڪلاچيءَ جي ڪنان، موٽي ڪونھ آئيو،

ڪني رڇ وڃائيا، ڪني توبھ تاءِ.

--

متو وھن ڪن ڪري، ڀڄي سڀنيون ساج،

مون وجھندي واجھھ، پرين پيا ڀن ۾.

محققن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ ھن لوڪ داستان بابت سمن جي دور جي ھڪ گمنام شاعر جو بيت ملي ٿو جيڪو پوءِ شاھھ جي سر گھاتو ۾ شامل ٿي ويو. اھو بيت شيخ چوھڙ جي سماع جي محفل ۾ پڙھيو ويو ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خيال ۾ اھوبيت ١٥٠٤ع کان اڳ سمن جي دور جو آھي، اھو بيت ھي آھي:

ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، گھڙي سونئي،

خبر ڪونھ ڏئي، تھ رچ ڪڄاڙي رنڊيا.

عام طور چيو ويندو آھي تھ شاھھ جو ھي سر انسان جي اندر جي حيوان کي مارڻ ۽ بري تي بڇ ڪرڻ جو سر آھي پر منھنجي خيال ۾ ائين نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ساري سر ۾ ميڪر  کي مارڻ بابت رڳو ھڪڙو بيت آھي:

گھوريندي گھور پيا، اگھور گھوريائون،

ميڪر ماريائون، ملاحن منھن سنرا.

۽ بري تي بڇ بابت بھ وائيءَ ۾ رڳو ھڪڙي سٽ آھي:

ڪاھي وڃو ناکئا! ڪريو بري تي بڇ.

ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار مورڙو جيڪو بري تي بڇ ڪري ان کي مار يٿو ان جو رڳو ھڪڙي بيت ۾ ذڪر آھي:

ڪالھھ ڪلاچيءَ ويا، ڇتيون کڻي ڇير،

ڀائرن ڀيرو نھ ڪيو، ادن ڪئي اوير،

اھڙي خاصي کير، ڪن ورائي جھلي.

منھنجي خيال ۾ ھن سر جو بنيادي موضوع لامحدوديت ۽ اڻ ڏٺي جو ڊپ ۽ اسرار آھي. اڳيان واري بي انت اڇ ۾ ڪنن جو ڪڙڪو آھي ۽ مانگر مڇ آھن. ان اڇ مان سلامتيءَ سان پار لنگھڻو آھي. اتي سڀ رشتا ناتا بي معنيٰ آھن ايڏانھن وڃڻ لاءِ رڇ رڱڻا آھن:

جان گھرندا گھاتوئا! تان رڇن ڏيو رڱ،

سڳايون ۽ سڱ، ڪلاچيءَ ڪير ڪري.

ايڏانھن اسھڻ ۽ مڇ کي مارڻ لاءِ ٻئي نوع جي تياري ڪرڻي آھي. ھي تھ گو ڏي ٻوڙ پاڻيءَ ۾ ڄار وجھي ويٺا آھن ۽ سمجھن ٿا تھ اِتي مڇ مرندا جڏھن تھ اڃا اوڙاه اڳاھون ٿيو.

جئن ڇڳا پائين جھول ۾، ايئن نھ مرند امڇ،

سٻر ڌار سمنڊ جا، ڪي رائون رڱيو رڇ،

ھي ڇارون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاھھ اڳاھون ٿيو.

۽ شاھھ جيئن تھ اميد ۽ عقيدي جو شاعر آھي انڪري وڏي ويساھھ سان ٿو چئي تھ جيتوڻيڪ اڳيان:

ڪن ڪڙڪو ڏاڍو، اڳيان اٿو اڇ.

پر تھ بھ:

اديون عبداللطيف چئي، سڀ لنگھندا رڇ

ڪي بيت وري اونھي جي اسرار ۾ گم ٿي وڃڻ وارن کانپوءِ واري حالت بابت آھن:

نھ ڪايوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر چٽ،

جتي ڏنڀرين جي، اڳي ھئي اکٽ،

سي پِڙ پسيو پٽ، ماڻھو وڃن موٽيا،

--

جتي گھوريو گھاتو ئين، تتي واريءَ بُٺ،

سھسين ساٽي مٺ، سر سڪو، سونگي گيا.

سندن ونين جو وڇوڙي جو غم ۽ انتظار جو منظرنامو ھي آھي:

ڪالھھ ڪلاچيءَ ويا، گھائو ڪري گھور،

مادر! ملاحن جا، ويٺي سھان سور،

مون کي ڪري ملور، اونھي ويا اوھري.

--

اڀي اسڙا اس ۾، جھلي ڪن ڪنار،

گھاتو گھر  نھ آئيا، وڏي لڳين وار،

ھيس جنين ھار، سي موڙي چڙھيا مڪڙي.

۽ ماڻھن جو ساڻن رويو:

کلي جان کيڪاريان، تھ ساٿي سڱ نھ ڪن،

واريو وھٽ وڃن، ڪن سڀاڳن سامھان.

--

مون اوڌارا مڇڙا، الله! گھاتو آڻ،

ميان! مدارن سين، قادر! وجھو ڪاڻ،

ھٺ منھنجي ھاڻ، قدر لڌو جن ري.

منھنجي خيال ۾ شاھھ جوھي سر بھ ماڻھوءَ جي حياتيءَ کان موت تائين ۽ سندس اندر جي سفر جو سر آھي.ڳجھھ ڳجھاندر ڳالھڙي

سنڌي لوڪ داستانن تي ٻڌل شاھھ جي ٻين سرن وانگر سر سھڻي بھ انساني احساسن، جذبن ۽ آدرشن ۾ اڻيل شاھھ جي وحدت الوجوديت جي شاعراڻي تشريح جو سر آھي. لوڪ داستان جيئن تھ خيالي ھوندا آھن انڪري انھن جا ڪردار بھ خيالي، تصوراتي ۽ گھڻو ڪري Bigger than life ھوندا آھن. ايئن ئي داستان جا واقعا ۽ موقعا Situations بھ گھڙيل، جوڙيل، ٺھيل ۽ ٺڪيل ھوندا آھن جن ۾ ڪردار داستان ٺاھڻ واري جي مرضيءَ مطابق عمل ڪري داستان کي ان جي منطقي انجام تي پھچائيندا آھن. چيو ويندو آھي تھ سھڻيءَ جو ڪردار حقيقي آھي ۽ ھن جي قبر بھ موجود آھي، اسين جيڪڏھن اھا روايت مڃون بھ تھ بھ اسان کي اھا ڳالھھ مڃڻي پوندي تھ ھن جي ان حقيقي ڪردار تي تصور جا ايڏا تھ ته چڙھي ويا آھن جو سندس ڪردار حقيقي ھوندي بھ افسانوي ٿي پيو آھي.

شاھھ سھڻيءَ کي، عشق ۽ انسان جي ڪڏھن بھ شڪست نھ مڃيندڙ عزم جو، آدرش ڪري پيش ڪيو آھي. ھن جي ڪردار ۽ ان سان لاڳاپيل ڪردارن جيئن ميھار ۽ ڏم ۽ ٻين جيئرن توڙي بي جان شين جيئن درياه، درياھي جانور، درياھھ جي دھشت ۽ طوفاني لھرون، ڪن ۽ ڪچو گھڙو، انھن سڀني کي علامتون بڻائي، داستان کي ٽمثيل جو رنگ ڏيئي، شاھھ پنھنجي وحد الوجودي مسلڪ جي ڳالھھ ڪئي آھي ...

سر جيئن ئي شروع ٿو ٿئي تھ اسين ھڪ خوفناڪ منظر ۾ داخل ٿا ٿيون. درياه جي چاڙھھ ۾ عجيب دھشت ۽ ھيتناڪ ھلاچو آھي. ڪن ٿا ڪڙڪن، لھرن ۾ لڙھندڙ وڏن وڏن بُنڊن کي طوفاني ڇوليون لوڏا ٿيون ڏين. وڏا وڏا تارؤن بھ درياھھ جي دھشت کان دھلجي ٿا وڃن ۽ جن سان سيڻيون ساڻ آھن اھي بھ درياه ۾ لھڻ جي جرائت نٿا ڪن:

دھشت دم درياه ۾، جت ڪڙڪا ڪن ڪرين،

ٻِڇل ٻانڊي ٻار ۾، ات لھرون لوڏا ڏين،

سناور ساميا، ات سيڻايا نھ سنڊين

جت ويروان واٽ نھ ڏين، ات ساھڙ سير لنگھائيين.

پر سھڻي ان دھشتناڪ درياھھ ۾ گھڙي، ڪچي گھڙي تي تري درٻار جي ھن پار ميھار سان ملڻ لاءِ ڪپر تي بيٺي آھي ۽ شاھھ سر جي پھرين بيت ۾ ئي پنھنجو عشق جونظريو ٿو بيان ڪري:

وه تِک، واھڙ تِک، جت نيھن، تِک نرالي،

جن کي عشق عميق جو، خلوت خيالي،

وارين سي والي، ھينئڙو جن ھٿ ڪيو.

درياه قدرت جي ٻي رحم، بي پرواه ۽ زور آور انڌي قوت آھي تھ سھڻي وري قدرت جي ان انڌي قوت تي فتح حاصل ڪرڻ ۽ ڪڏھن بھ ھار نھ مڃڻ واري انسان جي اڻ ٽر ارادي جي عظمت آھي. جنھن جي آڏو ھھڙو ھيبتناڪ درياه واھڙ کان وڌيڪ نھ آھي جنھن کي ھڪ وک ۾ پار ڪري سگھجي ٿو:

انڌيءَ وڇون، ڪنڌيءَ وڇون، تنگيان لھي نھ تِک

صورت جا ساھڙ جي، ڏيل پنھنجي ڏک

واھڙ تنين وک، جن سانڀاران سپرين.

لوڪ داستان جيئن تھ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن جي روحن مان ڦٽندا آھن ان ڪري اھي ماڻھن جي اندر ۾ اڪريل ھوندا آھن. اھوئي سبب آھي جو اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ڪنھن بھ لوڪ داستان کي شروع کان آخر تائين بيان نھ ڪيو آھي پر انھن جا ڪي واقعا ۽ موقعا بيان ڪيا آھن. انھن جي ڪردارن جي وسيلي پنھنجي ڳالھھ پڙھڻ وارن تائين پھچائي آھي. شاه بھ ايئن ئي ڪيو آھي. سھڻيءَ واري سر ۾ بھ شاه رڳو سھڻيءَ جو درياه پار ڪرڻ ۽ درياه ۾ ٻڏڻ وارو اوقعو بيان ڪيو آھي.

سھڻيءَ جو داستان عورت جي عشق جو داستان آھي پر ان داستان ۾ زرعي ۽ جاگيرداراڻي اخلاقيات جي حوالي سان ھڪڙو وڏو اخلاقي نقص آھي تھ سھڻي پرڻيل عورت آھي پر ھن جو ھڪڙي غير مرد سان رستو آھي ۽ ھوءَ سڀ لاڳاپا لاھي، رات جي اونداھيءَ ۾ پنھنجي مڙس ۽ ساھراڻي آڪھھ کان لڪي، گھڙي ٿي درياه تري، ٻئي پار پنھنجي محبوب سان ملڻ ٿي وڃي. اھا ويساھھ گھاتي آھي. غير اخلاقي ۽ غير سماجي عمل آھي ۽ اھو ھن داستان ۾ وڏو اخلاقي نقص آھي. پيار کڻي ڪيترو بھ پوتر ۽ پاڪ ڇو نھ ھجي پر اھو ڪنھن بھ طرح ڪنھن پرڻيل عورت لاءِ مڙس سان بيوفائي ڪري، ھن کان لڪي محبوب سان ملاقاتون ڪرڻ جو جواز ٿي نٿو سگھي. خود سھڻيءَ کي بھ پنھنجي ان قدم جي غير اخلاقي ھجڻ جو احساس آھي. ھوءَ اھو بھ سمجھي ٿي تھ سندس اھڙو قدم زماني جي نظرن ۾ خراب آھي. جنھن لاءِ ساھيڙيون ۽ پاڙيواريون کيس ميھڻا ڏينديون آھن جن جي جواب ۾ ھوءَ کين چئي ٿي:

ساھڙ مون جئن سرتيون! جي ڏسو سڀئي،

تھ سمھو ڪين سک ٿي، ورپا سو ڏيئي،

منھان اڳيئي، گھڙو سڀ گھڙا کڻي.

--

جيڪي ڏٺو سان، سو جي ڏٺو جيڏئين،

گھر ورنين سان، ھوند گھڻن گھوري ڇڏيا.

--

ڏٺي جي ھيڪار، صورت ساھڙ ڄام جي،

سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڀِري ساڻ ڀتار،

گھڙيون گھڙنئان ڌار، ڪاھي پئيون ڪن ۾.

مڃون ٿا تھ سھڻيءَ جي ڳالھھ صحيح آھي، سندس ميھار ۾ اھڙو ملڪوتي حسن ۽ ان حسن ۾ اھڙو سحر آھي جو ڏسڻ واريون رڳو ھڪ وار کيس ڏسن تھ پنھنجن پتارن سان پاسو ڏيئي سک سمھي نھ سگھن ۽ ميھار سان ملڻ لاءِ بيتاب ٿي گھڙا کڻي ڪنن ۾ ڪاھي پون پر ميھار جو اھڙو ملڪوتي حسن ۽ ان حسن جو سحر ڪنھن بھ طرح ڪنھن عورت لاءِ پنھنجي مڙس سان بيوفائي ڪرڻ ۽ سماجي رشتن جي بي حرمتي ڪري ڪنھن ٻئي فرد سان رستو رکڻ جو اخلاقي جواز ٿي نٿو سگھي. داستان جي ان اخلاقي نقص جو احساس خود عوامي سطح تي قصي گھڙڻ وارن کي بھ ھو ان ڪري ھنن داستان کي مابعد الطبعياتي ۽ روحاني رنگ ڏنو ۽ داستان ۾ چئن روحاني بزرگن جي ڪردارن کي داخل ڪيو. ھي چار ئي بزرگ ميھار وٽ آيا. ميھار کان کير گھريائون. کير بھ ڪنھن اھڙيءَ وڇ جو جنھن اڃا لڳ نھ ڪيو ھجي، ميھار وڇ کي ڏھڻ ويٺو تھ وڇ جي ٿڻن مان کير جا گوھا نڪري پيا، کير ھن بزرگن کي ڏنو. اڌ کير بزرگن پيتو ۽ اڌ موٽائي ڏنائونس، چيائونس تھ ان مان اڌ ھو پاڻ پيئي ۽ اڌ رکي ڇڏي. اھو اڌ پوءِ سھڻيءَ پيتو ۽ پيئڻ سان عشق ۾ اندر اجرو ٿي پيس:

ميھاران مرڪ، پيتائين پريم جي،

تنھن منڌ متوالي ڪي، سنديءَ ساءَ سرڪ،

لڳيس ڪام ڪرڪ، لوھان تکي لطيف چئي.

--

ميھاران مھي، پيتائي پريم جي،

ارڪ سرڪ، سيد چئي، لڳس ڏوت ڏھي،

سگھي تان نھ سھي، ملي جان نھ ميھار کي.

--

ھاڻي سھڻيءَ جو عشق مقدر ۽ مابعد الطبعيات جو معاملو ٿي پيو جنھن تي ڪنھن جو بھ وس ھلي نٿي سگھيو ۽ جيڪو خراب ۽ چڱي، گناھھ ۽ ثواب وارن دنياوي اخلاقي ماپن کان مٿاھون آھي. خود سھڻي ۽ ميھار سان پنھنجي عشق کي مقدر جو معاملو ٿي چئي. اھو ھن جي مقدر ۾ ھو تھ ھوءَ ميھار سان عشق ڪري ۽ مڙس کان لڪي، ساڻس بيوفائي ڪري، محبوب سان ملڻ لاءِ درياه جي پار وڃي:

الست ارواحن کي، جڏھن چيائون،

مثياقان ميھار سين، لڌيون مون لائون

سر موٽي ڪيئين پانھون، جو محفوظان معاف ٿيو.

 

ان موضوع جي مٿئين بيت کان پوءِ وارن ڇھن بيتن ۾ شاھھ ٻڌايو آھي تھ سھڻيءَ سان جيڪي ٿيو اھو الله جي پاران ھو:

جيڪي آيس ڏانھن الله، سو پاري منڌ پاتار ۾.

--

جيڪي آيس ڏانھن عھد، سو پاري منڌ پاتار ۾.

انھيءَ ڪري سسئي ساھيڙين کي چئي ٿي تھ:

سرتيون ساھڙ سين، ھلڻ مون حق ٿيو.

شاھھ پنھنجن لوڪ داستانن وارن سرن جي ڪنھن بھ ھيروئن جي پاڪائيءَ جي اھڙي طرح ساک نھ ڀري آھي جھڙيءَ طرح ھن سھڻيءَ جي ڀري آھي. مارئيءَ لاءِ شاھھ ٻڌايو آھي تھ ھوءَ بيشڪ پاڪدامن ھئي ۽ آخر تائين پاڪدامن رھي پر سھڻيءَ لاءِ ھن ساک ڀري آھي. ان ڌارئي مرد ميھار سان تعلق کان اڳ ھوءَ اڻ ڌوتل، اڻ اجري ۽ اڻ پاڪ ھئي. پر ميھار جي تعلق ھن کي اجرو ڪري ڇڏيو. سندس پرين اھو آھي جنھن جي اوطاق ۾ نجاست جي نفي ٿِي ٿئي:

ساھڙ ڌاران سھڻي، آڌوتي آھي

ڪنڍيون جو ڪاھي، پاسي تنھن پاڪ ٿئي.

--

ساھڙ ڌاران سھڻي، نسوري ناپاڪ،

نجاست ناه ڪري، انين جي اوطاق،

ھو جي کير پياڪ، ياسي تن پاڪ ٿئي.

 

ھوءَ ايتري تھ پاڪ ٿي وئي جو جڏھن درياه ۾ گھڙي تھ پنھنجي پيار جي خوشبوءِ سان درياه کي ھٻڪاري ڇڏيائين:

لھر مڙيوئي لال، وھڻ ُ کٿوريان وترو،

اوٻاھرا نبير جا، جر مان اچن جال،

ڪنن گھڙي ڪال، سڪ پريان جي سھڻي.

 

۽ پوءِ سھڻيءَ جو عشق علامتن ۾ پنھنجي سڃاڻ ٿو ڪرائي:

تو ڏي توڙائين،  نينھن نوازي سھڻي،

ڳچيءَ ھار حبيب جو، لائق لڌائين،

سو تــڙ سوٺيا ئين، جيڏانھن عالم آسرو

--

توڏيءَ کي تعظيم، ٻين سڀنئان اڳري،

اوڏي ٿي الف کي، من گڏيائين ميم،

جيڏان ذات حليم، ملي تي ميھار کي.

 

ادب ۾ علامتن جي تشريح ۽ علامتن کي انھن جي صحيح مفھوم جي پس منظر ۾ سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. ڏٺو ويو آھي تھ عام سڌي سادي لکڻيءَ ۾ بھ ليکڪ ھڪڙي ڳالھھ ڪندو آھي پر پڙھڻ وارو ٻي سمجھندو آھي. اھڙو تجربو اسان کي روزاني جي وھنوار ۾ ٿيندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن تھ خود ليکڪ ۽ سندس لکڻين ۾ بھ سمجھھ جو ڦير Communication Gape پئدا ٿي ويندو آھي. انگريزيءَ جي مشھور شاعر Robert Brown کان ڪنھن سندس شعر جي ھڪ سٽ جي باري ۾ پڇيو تھ ان سان سندس مطلب ڇا آھي تھ ھن جواب ڏنو تھ جڏھن مون اھا سٽ لکي ھئي تڏھن مون کي ۽ خدا کي ان جي مطلب جي خبر ھئي پر ھاڻي رڳو خدا کي خبر آھي. ايئن ئي William Faulkner کان ڪنھن سندس ھڪڙي ڪھاڻيءَ لاءِ پڇيو تھ ھن چيو مون کان اھا ڪھاڻي لکجي وئي. مون مان اھا اميد نھ ڪيو تھ مون کي خبر ھوندي تھ ان ڪھاڻيءَ مان منھنجو مطلب ڇا آھي؟

ڪابھ تخليقي لکڻي جدا جدا پڙھڻ وارن تي جدا جدا انداز سان پاڻ ظاھر ڪندي آھي ۽ ھر ڪو پڙھڻ وارو ان کي پنھنجي سمجھھ، ثقافتي پس منظر، پنھنجن ذاتي تجربن ۽ ان وقت جي پنھنجي ذھني ڪيفيت جي حوالي سان پڙھندو ۽ معنيٰ ڪڍندو آھي. ايئن ئي علامتن جي تشريح جو معاملو آھي. ڪٿي ڪٿي شاھھ نھايت چٽي نوع سان سھڻيءَ جي درياه کي پار ڪرڻ کي صوفيءَ جي روحاني سفر جي معنيٰ ٿو ڏي ۽ کيس ان سفر جون منزلون ٿو ٻڌائي.

ساري سک سبق، شريعت سندو، سھڻي!

طريقان تکو وھي، حقيقت جو حق،

معرفت مرڪ، اصل عاشقن کي.

--

جيڪي ڏٺئھ تار ۾، ڪنڌيءَ سو ڪھيج،

جر وڏو، جھاجھھ گھڻي، پاند م پسائيج،

ساھڙ ساڱا ھيج، تھ ثابت لنگھين سير مان.

 

سھڻيءَ جي ڪردار جا ان روحاني رخ کان سواءِ ڪي ٻيا رخ بھ آھن. اسين ھن جي ڪردار جي عورت جي شخصي خودمختياريءَ جي حوالي سان بھ تشريح ڪري سگھون ٿا. جنھن سماج ۾ سھڻي رھي ٿي ان ۾ عورت کي شخصي خودمختياري ڪانھي. ھن جي شادي ھن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪرائي ٿي وڃي ۽ نڪاح کان ترت پوءِ ھوءَ پنھنجي مڙس کي ناپسند ٿي ڪري ۽ ان ماڻھوءَ سان موت تائين زندگي گھارڻ ٿي چاھي جنھن سان ھن جو پنھنجو ناتو روح جو آھي. پر ھوءَ ايئن ڪري نٿي سگھي ۽ اھا سندس شخصي خودمختياريءَ جي نفي آھي ۽ ھوءَ ميھار سان محبت ڪري ان نفيءَ جي نفي ٿي ڪري ۽ ميھار جي محبت ۾ ھن کي پنھنجي شخصي خودمختياري ٿي حاصل ٿئي. مڃان ٿو تھ شاھھ جو مقصد اھو ھرگز نھ ھو جيڪو مون بيان ڪيو آھي پر ٿيندو ايئن آھي تھ جڏھن ڪو ليکڪ ڪنھن ڪردار کي تخليق ڪندو آھي تڏھن اھو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ليکڪ جي ھٿن مان نڪري پنھنجي خودمختياريءَ سان جيئندو آھي ۽ پنھنجي تشريح پاڻ ڪندو آھي. سھڻي پنھنجي ڪردار جي تشريح ايئن بھ ڪري ٿي جيئن مون بيان ڪئي آھي. پنھنجي ان شخصي خودمختياريءَ ۾ ھن لاءِ ڏم جي ڏھڪار ۽ ميھر  جي محبت لاءِ مليل مھڻا بي معنيٰ ٿا ٿي وڃن ۽ جيڪڏھن ڪو ڪچو ٿو چوسين تھ ان کي ھوءَ پاڻ لاءِ فخر ٿي سمجھي:

ساھڙ مون سينگار، ماڻھن ليکي ميھڻو

--

سندو ڏم ڏھڪار، ھڏھين ڪونھي ھن کي

--

ڏم ڏھاڻيءَ ڏي، سندا ميھر ميھڻا

--

جي ڪچو چونم ڪوءِ، تي مرڪ ڀانيان ميھڻو

--

ڏم ڏھاڻيءَ ڏي، سندا ميھر ميھڻا

جھليم سي جھوليءَ ۾، پلئھ پايوسي

مرجان چاليھھ چي، سڱا سپرين جي.

 

مان مٿي چئي آيو آھيان تھ سھڻيءَ جو ڪردار عشق جو استعارو ۽ سڪ جي تجسيم آھي. سھڻي اھو عشق آھي جنھن جي ڪا ڪٿ ڪانھي. اھا سڪ آھي جنھن جو ڪو سنڌو ڪونھي:

نھ ڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،

عدد ناه عشق، پڄاڻي پاڻ لھي.

--

عدد ناه عشق جو، سڻي ٿي ساڻي،

ڪانھي پڄاڻي، مھندان منڌ! ميھار جي.

 

سڪ جيڪا ڪپي ۽ ڪوري ٿي، سيراھيءَ نجان سل ٿي ڏي. اندر ۾ اھڙي اٿل ٿي ڪري جو وجود جون سڀ ڪنڊون ۽ ڪنارا ٻڏي ٿا وڃن:

سڪ تنھنجي سپرين! ڪپي ۽ ڪوري،

سگھان نھ چوري، ڏاڍو نير نيھن جو.

--

سڪ تنھنجي سپرين! اندر ٿي اجھل،

ٻرڪيو ٻاھر نڪري، کوري کانئي کل،

ريءَ سيراھيءَ سل، مون کي ڏنا سڄڻين.

--

سڪ تنھنجي سپرين! اندر مٿي اجھاڳ

منجھين ڀريا ماڳ، پلٽيا پاريون ڪري.

 

سھڻيءَ جو ساھڙ سان عشق جيتوڻيڪ ازلي ۽ الست بربڪم ۽ قالوبليٰ وارو آھي پر ان جو اظھار جسم جي طلب ۽ تونس سان ٿو ٿئي. سارو جسم طلب جي ڄر ۾ ڄرڪي ٿو، کامي ۽ پڃري ٿو، لڇي ۽ لوچي ٿو ۽ آڌيءَ رات جو پرين ياد ٿو پئي تھ اندر ۾ سيخون ٿيون اڀرن:

کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نھ ڊاپان،

جي سمنڊ منھن ڪيان، توءِ سرڪيا ئي نھ ٿئي.

--

کامان، پچان، نھ مران، سڙان ساري رات،

ٻن ٻيائيءَ کي وجھي، ڪر پريان جي تات،

سيخون سنديون سڄڻين، اڀرن آڌيءَ رات،

نھ ڪي ھٿِ نھ ساٿ، ڏيھاڻيو چنگ چڙھان.

 

آھستي آھستي انساني احساسن جي انڊلٺ جي ستن ئي رنگن مان بيرنگيءَ جو پرتو سسئيءَ جي پنھونءَ وانگر جنھن جھڙ مان جھالا ٿي ڏنا، جھالا ڏين ٿو لڳي ۽ شاھھ ان پرتو کي پوريءَ طرح چٽو ڪرڻ لاءِ. اشارن، ڪناين، علامتن ۽ اھڃاڻن کان پوءِ سڌو سنئون منصور جو حوالو ٿوڏي. منصور شاھھ جو آئيڊيل نھ آھي. ٻنھي جي سڀائن ۾ روين ۾ فرق آھي. شاھھ رڳو جمال آھي جڏھن تھ منصور رڳو جلال آھي. جلال ۾ اچي ھن سڌو سئون ان الحق جو نعرو ھنيون ۽ سوريءَ تي چڙھيو. شاھھ جيتوڻيڪ سوريءَ کي سيج سمجھي ان تي سوار ٿيڻ وارن کي ساراھيو آھي پر پنھنجي وحدة الوجوديت جو اظھار حسن ۽ عشق، وصل ۽ فراق جي واردات ۾ اڻي ڪيو آھي ۽ سسئيءَ ۽ مومل جي واتان چورايو آھي تھ پنھون پاڻ ٿياس، ۽ راڻو ٿي راڻو، ري راڻي پيو ناه ڪو شاھھ پنھنجي سموري ڪلام ۾ منصور جو حوالو رڳو ٻن بيتن ۾ ڏنو آھي:

جر تر تِک تنوار، وڻ ٽِڻ وائي ھيڪڙي،

سڀئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار،

ھمه منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين

--

سپتِ پچار پرين جي، سپت ھوت حضور

ملڪ مڙيو منصور، ڪھي ڪھندين ڪيترا.

 

اھو پرين جيڪو ھاڻي چٽو ٿي بيٺو آھي ان ۽ جنھن جي وجود ۽ شين جي وجود جي وحدانيت جي وڻ ٽڻ ۾ وائي آھي ان پرينءَ جو عشق تھ اورائون آھي پر ھو پان ايڏو چٽو ھجڻ کان پوءِ بھ پسڻ کان پري آھي ۽ ان ساھڙ کي دھشتناڪ درياه مان تري پار وڃڻ کان سواءِ ڏسڻ ڏکيو آھي.

پس، پسڻان پري ٿيا، اوري سندن آر

درياه ريءَ سھاڙ، ڏسڻ گھڻو ڏھلو.

ھاڻي جڏھن لھرن جي لک لباس مان پاڻيءَ جو پسڻ ممڪن ٿي ويو تھ پوءِ جن کي عشق عميق جو، خلوت خيالي اھي عشق جو خيال دل تان لاھي ات ٿا وڃن جت نينھن جي نھايت ناھي ۽ اتي لالڻ جو وصل ٿو حاصل ٿئي.

لھرن لک لباسو، پاڻي پسڻ ھيڪڙو،

اونھي تنھن عميق جي، واري ڇڏ وماس،

جت نھايت نينھن جي، کوءِ ات پنھنجي کاس،

تڙن جي تلاس، لاه تھ لالن لڳ ٿئين.

سڀ ڪجھھ واضح ٿيڻ ۽ ساري چٽائيءَ کان پوءِ بھ سڀ ڪجھھ ڳجھھ ۽ اسرار آھي ڇاڪاڻ جو سھڻي جيڪا ٻڏي مئي، ساھڙ جنھن لاءِ ٻڏي مئي ۽ درياه جنھن ۾ ٻڏي مئي، سي سڀ ھڪ آھن:

ساھڙ سا سھڻي، سائر پڻ سوني،

آھي نجوئي، ڳجھھ ڳجھاندر ڳالھڙي.

 

 

انسان جي عظمت جو ايپڪ

 

تھذيب جي سفر ۾ جيتوڻيڪ انسان اڃا تڪميل حاصل ڪري نھ سگھيو آھي، وحشي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ حيواني سطح کان بھ ھيٺاھين سطح تي لھي ٿو اچي پر ھڪڙي ڳالھھ مڃڻي پوندي تھ ھن ۾ تڪميل جي وڏي تمنا آھي ۽ جيڪڏھن پاڻ تڪميل حاصل ڪري نھ سگھيو آھي تھ ھن مارئيءَ جھڙا مڪمل ڪردار تخليق ڪري پنھنجي تڪميل جي تمنا پوري ڪئي آھي. ھو جڏھن ڪنھن خراب ماڻھوءَ جي ڪردار ٿو تخليق ڪري تھ اھو بھ عمر سومري جھڙو ئي ٿو تخليق ڪري جيڪو ھڪ ھيڻي ڇوڪريءَ کي کوھھ تان کڻي تھ آيو، ھن تي زنجير بھ وڌائين، کيس لالچ ڏنائين پر ھن جي لوئي نھ لاٿائين ۽ سندس دامن تي داغ نھ ھنيائين ۽ اجري جو اجرو کيس مارن ڏانھن موٽائي موڪليائين، مارئيءَ جو جنم ڪو نئون ڪونھي. رامائڻ واري دور ۾ ھوءَ سيتا جي روپ ۾ پئدا ٿي ھئي ۽ سومره دور ۾ ھن مارئي ٿي جنم ورتو. ٻنھي جنمن ۾ ھوءَ ڪردار جي جرائت، سالميت، ديانت ۽ مزاحمت جو روح آھي. ان دور ۾ جڏھن راوڻ ھن کي کنيو ھو، تڏھن ھوءَ انساني جوڻ ۾ آيل ڀڳوان جي زال ھئي ۽ ھن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ انسانن سان گڏ حيوانن بھ جنگ ڪئي ۽ ھنومان لنڪا کي باھھ ڏني. پر سومره دور ۾ ھن جڏھن جنم ورتو، تڏھن ھن جو ڪو اوھي واھي نھ ھو. ھن جا وارث مفلس، نادار ۽ ھيڻان ھئا جو مارئيءَ جو کڄڻ سان ھنن ۾ دھشت پکڙجي وئي ۽ سموري سر ۾ ٻڪر دانھن ۽ ڀوڻيءَ جو آواز بھ ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. مارن جا گھر خالي ٿي ويا، مارئيءَ جون سرتيون، جيڪي ٽولن ۾ کوھھ تي پاڻي ڀرڻ اينديون ھيون، ڊڄي پنھنجي گھر وارن جي ڪڇ ۾ وڃي ستيون، مارو پنھنجا پکا پٽي ڪن پراون پٽن ڏانھن لڏي ويا:

ٻري نھ ٻڪر داھن، ڀوڻ ڀڻڪو نھ سئان،

ميان، ماروئڙن جا، اوڻان ڏسان آنھن،

جن ساٺيڪا سنجيا سي، ڌڻي، ڪيڙي ڪانھن،

پکا کڻي پرانھن، جيڪس لڏيو لوئڙ يارين،

--

ڀنيءَ جي ڀوڻن، ڀيڄ ڀڻڪو نھ سئان،

سنجن واريون سٽيون، وڃي ويڙ ورن،

پيا سٽ سڙن، ترھي ٻنھي ڪنڌئين.

مارئيءَ کي ڇڏائڻ وارو ڪو ڪونھي. ھوءَ اڪيلي سر پنھنجي عصمت جي حفاظت جي جنگ ٿي وڙھي ۽ ان جنگ ۾ فتحياب ٿي ٿئي، رامائڻ واري دور ۾ ھن جي عصمت جي توھين ڪئي وئي ھئي ۽ ھن تي شڪ ڪيو ويو ھو تھ ايترا ڏينھن جو ھوءَ راوڻ وٽ رھي آھي تھ پڪ ھن جي دامن تي داغ لڳو ھوندو ۽ سيتا باھھ مان لنگھي پنھنجو ست ثابت ڪيو ھو. سنڌ ۾ بھ ھن سا ائين ئي ٿيو ۽ ھت بھ ھن باھھ ۾ تتل لوھي سيخ ھٿن ۾ جھلي پنھنجي لوئيءَ جي پلو جي پاڪائي ثابت ڪئي.

ٻنھي جنمن ۾ مارئي ھند ۽ سنڌ ۾ عورت جو آدرش رھي آھي ۽ ھر عورت پنھنجي ڪردار ۾ مارئيءَ جي ڪردار واري سالميت، ديانت ۽ مزاحمت پئدا ڪري، ھن جھڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن دور ۾ جڏھن زرعي دور جي آدرشن جي جاءِ ڪلن واري ڪلچر جا آدرش ولارپندا ٿا وڃن تڏھن اڄ بھ سنڌ جي عورت جو آدرش مارئي آھي. رامائڻ واري دور ۾ ھوءَ سراپا مزاحمت ھئي پر سومرا دور ۾ ھوءَ وطن پرستيءَ جو لازوال استعارو ۽ پنھنجي ديس جي ڀٽن ڀاڻن، ڪکن پنن، ڍنڍن، ڍورن، وڻن ٽڻن ۽ ماروئڙن سان پيار جو انڪشاف آھي. ھن جي اھا خواھش سچ پچ تھ پرتش جھڙي آھي جو چئي ٿي تھ جيڪڏھن ديس کان دور رھندي موت اچي تھ منھنجي مڙھ تي ديس جي ٿڌي مٽي وسائجان ۽ ديس جي ولين جو واس ڏيجانءِ، تھ مان مئي جيئري ٿي پوندس:

واجھائي وطن کي، ساري ڏيان ساه،

بت منھنجو بند ۾، قيد م ڪريجاه،

پر ڏيھاڻي پرينءَ ري، ڌار م دريجاه،

ٿڌي وسائج ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاه،

جي پويون ٿئي پساه، تھ نجاه مڙه ملير ڏي.

-

واجھائي وطن کي، آئون جي ھت مياس،

گور منھنجي سومرا، ڪج پنھوارن پاس،

ڏج ڏاڏاڻي ڏيھھ جي، منجھان ولڙين واس،

ميائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏي.

ھن جي ڪردار جو ھڪڙو روشن رخ اھو بھ آھي تھ ھوءَ نھ رڳو جبر ۽ ڏاڍ جي اڳيان ڪنڌ نٿي جھڪائي پر خود- رحميءَ جو شڪار بھ نٿي ٿئي ۽ ھر جبر ۽ ڏاڍ ھن جي عزم کي عظيم تر ٿو بڻائي:

جي لوڻ لڱئين لائيين، چيري چيري چم،

مون ڪر اڳ نھ ڪيو، اھڙو ڪوجھو ڪم،

جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنھوار سين.

عمر آپي شاھھ ھو ۽ آپي شاھي دور ۾ حاڪم اخلاقي قدرن ۽ قانون کان مٿاھان ھئا. ان دور جا وڏا وڏا ڏاھا جيڪي درٻار سان وابستھ ھوندا ھئا، انھن جو بھ چوڻ ھو تھ وقت جو حاڪم ڪنھن بھ اخلاقي ۽ رياستي قانون جو محتاج نھ آھي. اھي قانون عام ماڻھن لاءِ آھن، غير معمولي ماڻھن لاءِ نھ آھن. اھي قانون عام ماڻھن ان لاءِ ٺاھيا آھن تھ جيئن غير معمولي انسانن تي پابنديون وجھي ھنن کي بھ پاڻ جھڙو عام ماڻھو بڻائين. ھنن تھ ائين بھ چيو تھ عدل ۽ انصاف اھو آھي جيڪو طاقتور کي وڌيڪ طاقتور بڻائي، پر ان دور ۾ بھ ڪي اھڙا ڏاھا ھئا جن چيو تھ ماڻھو سماجي جاندار آھي. ھن ۾ انفرادي تحفظ self Preservation جي جبلت سان گڏ پنھنجي گروھھ ۽ قبيلي جي بچاءَ جي سماجي جبلت Social Instinct بھ آھي ۽ ھن جي سماجي تحفظ واري جبلت سندس انفرادي جبلت کان وڌيڪ طاقتور آھي ڇاڪاڻ جو ماڻھو کي خبر آھي تھ انفرادي بچاءُ گروھھ يا قبيلي جي بچاءُ کان سواءِ ممڪن نھ آھي، ان ڪري سماجي تحفظ بھ ھن جي انفرادي تحفظ وانگر سندس رت ۾ شامل آھي. Francis Bacon پنھنجي ڪتاب Advancement of Learning ۾ لکيو آھي تھ سڀ شيون ٻن چڱاين جي طلب سا نوازيل آھن. ھڪ اھا تھ ڪابھ شيءِ پنھنجو پاڻ ۾ ڪل آھي ۽ ٻي اھا تھ ھر ھڪ شيءِ ڪنھن عظيم ڪل جو جز آھي. اھا پوئين سوچ تھ ھر شيءِ ڪنھن عظيم ڪل جو جز آھي پھرينءَ سوچ کان وڌيڪ اھم آھي. ان سوچ ۾ وڌيڪ وسعت آھي، اھڙيءَ سوچ سان وڌيڪ تحفظ حاصل ٿئي ٿو. عمر اھو ڪردار آھي جنھن لاءِ جز ڪنھن وڏي ڪل کان وڌيڪ اھم آھي جڏھن تھ مارئيءَ لاءِ جز کان وڌيڪ اھم ڪل آھي. ھوءَ گروھي ۽ اجتماعي اخلاق جي علمبردار آھي ۽ سندس اخلاقيات مذھبي نھ پر سماجي آھي. جڏھن بھ ھوءَ پنھنجي مٿي تان لوئي لاھڻ کان انڪار ٿي ڪري تڏھن مذھبي احڪامن جو حوالو نٿي ڏي پر پنھنجي قبيلي جي ريتن رسمن ۽ رواجن جو حوالو ٿي ڏي:

ايءَ نھ مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪان ڪريت،

پکن جي پريت، ماڙيءَ سان نھ مٽيان.

-

سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،

پٽولا پنوھار کي، عمر! آڇ م تون،

ور لوئيءَ جي لون، ڏاڏاڻن ڏنيام جي.

مارئيءَ جو حياتيءَ ۾، انسان جي قوتن ۾، ۽ الله ۾ ويساھھ آھي. ھوءَ جڏھن ڏسي ٿي تھ جيڪي ھن سان ٿيو ان کي ٽاري نٿو سگھجي، تڏھن ھوءَ پنھنجي ۽ پنھنجن مارن جي بي وسيءَ کي تقدير جو نالو ٿي ڏي. اھو ھن جو مقدر ھو تھ ھن کي زوريءَ کنيون وڃي. ھوءَ سور سھي، پنھنجي ديس ۾ پنھنجن پيارن جي وڇوڙي ۾ ڦٿڪي ٿي پر تقدير جي جبر ۽ پنھنجي بي وسيءَ جي ان صورتحال ۾ بھ ھوءَ مايوس نٿي ٿئي.

ڪٿي ڪٿي مارئيءَ جو سر تمثيل ٿو لڳي. ھن سر ۾ بھ ٻين تمثيلن وانگر  معنيٰ جا ٻھ مٿاڇرا آھن. ھڪ مٿاڇرو سڌو سنئون قصي جي معنيٰ وارو آھي، جنھن ۾ مارئي پنھنجن مارن، مڱيندي، ملير ۽ سرتين سان ملڻ لاءِ تڙپي ٿي. پر معنيٰ جي ٻي مٿاڇري تي ھي سر انسان جي روحاني ياترا جو سر آھي، جنھن ۾ انساني روح آزمائشن مان لنگھندو نيٺ نجات حاصل ڪري ٿو ۽ ان محبوب سان وصل ماڻي ٿو جنھن سان ملڻ جو الست کان وچن ٿيل آھي.

الست بِربِڪم، جڏھن ڪن پيوم،

قالو بَليٰ قلب سين، تڏھن تِتِ چيوم،

تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙيچن سين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com