سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :31

 

باب ٻارھون

 

ڌنڌي وارن جا ساٺ سوڻ

 

سنڌ جي عام سماجي زندگيءَ جو مدار مال ڌارڻ، پوک ڪرڻ ۽ ٻين مختلف ڌنڌن جھڙوڪ لوھارڪي، واڍڪي وغيره ڪمن تي آھي. انھيءَ ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ گھڻا ساٺ سوڻ انھن ئي ڌنڌن متعلق رائج آھن، جيڪي ھيٺ شامل ڪجن ٿا:

مالوند ۽ ڀاڳين جا سوڻ:

مال جي سنڀال:

1.      مال جي وٿاڻ کي رات جو ٻھاري نھ ڏجي، نھ تھ مال مري ويندو.[1]

2.     مال کي ٻڌڻ جي مني نھ ساڙجي، نھ تھ مال مري ويندو.

3.     وڪيل مال جو پکڙ (مال ٻڌڻ جو رسو يا پنجوڙي) نھ ڏجي، نھ تھ ھميشھ مال لاءِ سڪندو رھندو.

مال جو ويم:

4.     مينھن ڍڳي يا ٻڪري، جنھن جو اوھھ وڏو ھوندو يا ويامڻ تي ھوندي، تنھن جي ڳچيءَ ۾ يا سڱن پراڻي چم جو ٽڪر ٻڌي ڇڏيندا تھ جيئن مال کي نظر نھ لڳي.[2]

5.     بعضي ناظرو کان ڌاڳو وٽائي، مال جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آھن، تھ جيئن مال کي نظر نھ لڳي.

6.     جيڪا مينھن ڦرجڻ مھل الھندي منھن ڪيل ھوندي سا پاڏو ڄڻيندي.[3]

7.     مينھن، ٻڪري يا ڍڳيءَ جي پِس کي ڦوڪ نھ ڏجي، نھ تھ ان مال جي ڦر ڪپڙ – چٻڻو ٿيندو.

ڏھائي:

8.     کير ڏھڻ مھل ڍڳي يا مينھن کي پوين ٽنگن ۾ ونگ وجھڻ مھل چوندا:

شر شيطان ، ڪوئي انسان
جن يا ڀوت، ڪنا سندس ڪرتوت
جيڪو نظر ھڻي، سو نصيب ۾ لعنتون کڻي.[4]

 

ان کان پوءِ مال ڏھڻ شروع ڪندا.

کير جو ادب:

9.     کير (ڏڌ) پٽ تي ھارجي پوي تھ اھو يڪدم ميڙي کڻي ڪنھن وڻ يا ھڪ پاسيرو وڌائي ڇڏجي، نھ تھ لتڙ ٿي تھ ان گھر ۾ کير (ڏڌ) نھ ٿيندو، مال وھڪي ويندو يا مري ويندو.[5]

10. ھر مھيني (چنڊ) جي يارھين تاريخ کير خيرات ڪري ڇڏجي يا ڄمائي ڌؤنرو ڪري ورھائي ڇڏجي، پر ولوڙجي نھ.

11.  کير جو ذرو جيڪڏھن پٽ تي ڪري پيو تھ عورتون امالڪ اتان اگھي مٿي تي مکينديون تھ کير اسان کي ڇڏي نھ وڃي.[6]

ماٽيءَ جي صفائي:

12. ماٽيءَ کي ڌوئي صاف ڪري، ڳاڙھي مرچ ۽ ھرمڙي جو واس ڏيئي پوءِ ان ۾ سنباڻ ۽ لوڻ وجھي، کير ڄمائين.

13. چاڏيءَ کي کپ گاھھ جي مئيءَ سان صفا ڪن.

کير ماٽيءَ ۾ وجھڻ ۽ سنباڻ وجھڻ:

14. کير ڄمڻ لاءِ ڏونگھي ڳاڙھو مرچ ۽ لوڻ سنڀاڻ طور چاڏيءَ ۾ وجھنديون.

15. ماٽيءَ ۾ کير لاھڻ وقت چون:

شر شيطان، پري ٿي بي ايمان
نھ ھڻجان نظر، نھ تھ پوندئي خبر

 

ائين چئي کير ماٽيءَ ۾ لاھين. بعض اوقات ھيئن بھ چون تھ:

بسم الله، ڏنو آھي الله
ھي منھنجو کير بخشيندو،
جيڪو نظر ھڻندو تنھن جو
ڪارو منھن ٿيندو.[7]

 

ان بعد کير ۾ سنباڻ ذرو وجھن.

کير ولوڙڻ ۽ ڏڌ مکڻ کي نظر کان بچائڻ جا سوڻ:

16. کير ولوڙڻ کان پھرين ماٽي کڻي آڻي نھيري وٽ رکبي، پوءِ چونديون:

خير سان ڄمي، خير سان کائون
ماٽي ولوڙي، مکڻ اپايون.[8]

 

سرائڪيءَ ۾ بھ چون تھ:

الله سائين، ڌؤنرا ڄمائين
مکڻ خير نال، ملڪ دا ڏوائين
خير نال ميڏي وارث بچين
ڪون کوائين.

17. صبح جو کير ولوڙڻ کان اڳ مانڌاڻي چاڏيءَ ۾ وجھڻ کان اڳ، ٽھ  - واٽي جي مٽي، ڳاڙھو مرچ ۽ ڦٽڪي کڻي؛ اھا کير جي مٿان ست ڦيرا ابتا ست ڦيرا سبتا ڏيئي، گھوري کڻي باھھ ۾ وجھنديون. ان ريت کير ۽ مکڻ کي نظر لڳڻ کان بچائينديون.[9]

کير نھ ڄمي يا کري پوي تھ ان جا سوڻ:

18. جيڪڏھن ڏڌ سولو نھ ڄمي تھ ٽھ واٽي جي مٽي کڻي ان سان ڏڌ ولوڙڻ واري جاءِ تي ليپو ڏجي تھ ڏڌ سولو ڄمندو.[10]

19. ڪاري اڳڙي ۾ مرچ ۽ لوڻ ٻڌي ڏڌ ڄمائڻ واري ماٽي کي واس ڏجي تھ ڏڌ سولو ڄمندو.

20.            نھيري وٽ پراڻو پادر اونڌو ڪري کير ولوڙبو تھ ان جو کير نھ کرندو.[11]

21. کير جيڪڏھن کري پوي تھ ماٽي يا چاڏي کي ککر جي ماناري، مرچ ۽ جوئر جو واس ڏين تھ کير ٺھي پوي.

22.            جنھن کير واري جو کير کرندو ھجي، ان جي در تي جيڪڏھن اڻ کير واري عورت پيشاب ڪري ايندي تھ کير نھ کرندو.

23.            جيڪڏھن کير نھ ڄمندو آھي تھ عورتون ”شاھھ پنجي“ جي ماني باسينديون آھن ۽ ڳڙھاڙي پچائي ان جون ٽڪريون ڪري ننڍن وڏن ۾ ورھائبيون آھن، پوءِ کير ولوڙڻ وقت چون:[12]

سخي شاھھ پنجا، تيڏا مريد ڪوئي نھ رنجا

تــو ميڏا کير بخش، مئن تيڏي مـانـي ڏيســان

اھا باس پوري ڪريسان.

مکڻ جھجھي لھڻ جا سوڻ:

24.            ٻڪري ۽ مينھن جو کير گڏ ولوڙڻ سان مکڻ جھجھو لھندو.[13]

25.زالون کير ولوڙڻ کان اڳ نھيري ۾ چولو يا سٿڻ ابتي ڪري ٽنگينديون آھن ۽ ڏاٽو بھ ابتو ڪري نھيري ۾ لٽڪائي ڇڏينديون آھن. نھيري جي ساڄي ۽ کاٻي پادر اونڌا ڪري رکنديون آھن ۽ جيڪڏھن ماٽي ننڍي ھوندي تھ ان مان ڌؤنرو ڪڍي وڏي ماٽي ۾ وجھنديون ان وقت چونديون:[14]

بسم الله، ڏنو الله
ڪنھن جو مون نھ کسيو
مون کي ڏاتر بخشيو
ڏنو ڏاتر، اسان خاطر.

 

26.            کير ولوڙڻ شروع ڪنديون تھ کير کي گھٻي (ولوڙو) ڏيڻ وقت چونديون:

بسم الله ٻھارا سھارا، ڦلين دا کارا
ڦتو لشاري، ڀلي ڪريندا ساري
تيڏي فوج ھي برقراري.

 

27.            کير ولوڙڻ وقت ڪي عورتون ڳيچ چونديون آھن.

28.            کير ولوڙي مکڻ ميڙي گڏ ڪنديون ۽ پوءِ چونديون:

آءٌ ميڙيان ٿي مکڻ – جيڪو نظر ھڻي سو جلي دشمن

پيران پير – داتا دستگير – سچا فقير

تون بخش ھي خوشيون ۽ کير.

29.            مکڻ جھجھي لھڻ لاءِ جيئرو وڇون جھلي، نھيري جي پاڙ ۾ پوري ڇڏينديون آھن. [15]

30.            کير ولوڙڻ کان اڳ ابتا ڪپڙا پائي، سڄي پاڻي جي چڪر ڏيئي، پوءِ ويھي کير ولوڙين تھ مکڻ گھڻو ٿي لھي.

31. ھڪ ڪاني جي منڍ کي چيري، ان مان مانڌاڻي جي ڦل جھڙي شڪل ٺاھي، اھو ڪانو لڪائي، پاڙي جي گھرن مان ٿي اچي کير ولوڙين تھ مکڻ گھڻو ئي لھي.

32.            ڪرڙ يا اڪ جي وڻ جي ڪاٺي جو نھيرو کوڙين ۽ نھيري کوڙڻ وقت ان جي پاڙ ۾ اڪ جا ست پن پورين.

33.            مکڻ گھڻي لھڻ لاءِ مانڌاڻي کي جھلي ست ڦيرا ابتا ۽ ست ڀيرا سبتا کاٻي ۽ ساڄي گھمائي پوءِ مانڌاڻي کي چاڏيءَ ۾ وجھنديون.[16]

34.            چولو ابتو ڪري نھيري ۾ ٽنگينديون آھن تھ مکڻ گھڻو لھي.

35.ابتا ڪپڙا پائي ڏڌ ولوڙين تھ مکڻ گھڻو لھي.

36.            نھيرو گھڻو ڪري ڪرڙ، اڪ يا سرينھن جو کوڙينديون آھن تھ مکڻ جھجھو لھي.

37.            مکڻ گھڻي لھڻ لاءِ نھيري جي پاڙ ۾ ڪمي جو ھڏو پورينديون آھن.

38.            نھيري جي ڪاٺي رات جو وڍيندا آھن. وڍڻ وارو اگھاڙو ٿي وڻ تي جلھھ ڪري نھيري وڍيندو ۽ ڪاوڙ واري حالت ۾ ئي رات جو نھيرو کوڙي ڇڏيندو.

39.            نھيري کوڙڻ لاءِ پھرين نھيري لاءِ کڏ کوٽجي ۽ ان کڏ ۾ ککر جو مانارو، مرچ، لوڻ، لوھھ جو ٽڪر ۽ ڪميءَ جو ھڏو پڻ وجھجي ۽ ٻئي ڪنھن بھ ھنڌ نھ رکجي. ائين ڪرڻ سان مکڻ گھڻو لھندو، ڏڌ اصل خراب نھ ٿيندو ۽ نڪي ڏڌ کي نظر لڳندي.[17]

مکڻ چورائڻ يا مکڻ سوسڻ:

40.            ڪنھن تازي ويامل مينھن جو ڇيڻو کڻي جيڪڏھن نھيري ھيٺ پوربو تھ ان مينھن واري عورت جو مکڻ ۽ سوسجي نھيري واريءَ وٽ ايندو ۽ سندس مکڻ گھڻو لھندو.[18]

41. جنھن عورت کي مکڻ سوسڻو ھوندو آھي، سا اسر ويل اٿي پاڙي وارين جي وٿاڻن تان لپو لپو ڇيڻي جو کڻي اچي پنھنجي ماٽيءَ واري ھنڌ ليپو ڏيندي ۽ جڏھن اھو سڪي ويندو تڏھن ان تي ماٽي رکي ڇڏيندي. صبح جو سويل اٿي کير گڏي، ٻھ چار ڦيرا ڏيئي پوءِ ابتي چولي يا پوتيءَ سان کير کي ڍڪي پاڻ وڃي دستوري ڪم ڪار کي لڳندي پر ٽيٽ پئي ڪندي تھ ڪڏھن ٿيون پاڙي واريون کير ولوڙڻ شروع ڪن. جنھن مھل ڪن کي کڙڪو پيس تھ پاڙي وارين کي کير ولوڙڻ شروع ڪيو آھي تھ پاڻ بھ ڪم کي ڇڏي ھڪدم اچي کير ولوڙڻ کي لڳندي ۽ جلد کير ولوڙي وٺندي تھ باقي پاڙي وارين جو سڀ مکڻ سوسيندڙ جي ماٽيءَ ۾ اچي گڏ ٿيندو ۽ پاڙي واريون ولوڙي ولوڙي ٿڪي پونديون تھ بھ کير مان مکڻ بلڪل ٿورو نڪرندو، جنھن مان اندازو لڳائينديون تھ ڪنھن ڏاند – ڏھائيءَ مکڻ سوسيو آھي.[19]

سوسيل يا چورايل مکڻ ورائڻ جا حيلا:

42.            جنھن عورت جو مکڻ چورائجي ويندو آھي، تنھن جو سک ڦٽي پوندو آھي ۽ ھوءَ چورايل مکڻ ھٿ ڪرڻ لاءِ واھون ڏيندي آھي تھ ڪنھن نموني چورايل مکڻ ورايان. جنھن جو مکڻ چورائجي ويندو آھي، سا ستن – اٺن ورھين جو ھڪ ٻار پاڻ سان وٺي جھنگ ۾ ويندي ۽ ٻار کي چوندي تھ تون نچ ۽ ڦيريون ڏي تھ آءٌ اڪ جا پن پٽيان. ٻار نچندو ڦيريون پيو پائينديون ۽ مائي اڪ جا ست پن پٽي وٺندي. پر جيڪڏھن اڪ جھنگ ۾ ڪنھن گوشائتي ھنڌ تي ھوندو تھ مائي خود بھ نچندي، ٽپندي ۽ ڦيريون پائيندي، اڪ جا ست پن پٽي گھر کڻي ايندي. صبح جو ڏڌ ولوڙڻ مھل ست ئي پن پنھنجي پاسي ۾ رکندي. پوءِ کير بھ ولوڙيندي رھندي ۽ ستن ئي پنن کي واري وٽي تي موچڙو ھڻندي رھندي. ان ريت جڏھن ڏڌ ولوڙجي رھندو، تھ چورايل مکڻ سمورو واپس ھليو ايندو.

مکڻ سوسجڻ ۽ چورائجڻ کان حفاظت:

43.            جيڪا عورت ڄاھي جي کل پنھنجي ۾ ٻڌي ڇڏيندي، تنھن جو مکڻ ڪير بھ سوسي نھ سگھندو.[20]

44.            نھيري وٽ پراڻو پادر اونڌو ڪري کير ولوڙبو تھ ان جو نھ کير کرندو، نھ مکڻ سوسبو.[21]

45.ڏڌ ولوڙن واي جاءِ کي ڏاٽي سان ڪڙو چاڙھجي تھ مکڻ نھ چورائبو نھ سوسبو.

46.            ڏڌ ولوڙڻ واري جاءِ جي چوڌاري حقي جي پاڻيءَ جو ڪڙو چاڙھينديون آھن تھ مکڻ سوسجي نھ ۽ گھڻو لھي.

47.            کير ڄمائڻ مھل، ٽھ واٽي جي مٽي، ڳاڙھي مرچ، ڦٽڪي کڻي کير مٿان گھمائي، باھھ ۾ اڇلينديون آھن تھ مکڻ کي نھ نظر لڳندي، نھ مکڻ ٻي ڪا عورت سوسيندي.

عام سوڻ:

48.            رات جو ٻئي ڪنھن کي کير ڄمارائڻ لاءِ سباڻ نھ ڏبو، نھ تھ سباڻ ڏيندڙ جو مال مري ويندو.[22]

49.            اوٺي کير ۾ منڌي نھ وجھبي، نھ تھ سڄو وڳ مري ويندو.[23]

50.مانڌاڻي اس ۾ نھ رکجي، نھ تھ ڏڌ کان محروم ٿي وڃبو.[24]

51. گيھھ جو وارو ڇنڇر ڏينھن ڏيڻ گھرجي تھ برڪت پوندي.[25]

52.لوڌي تارو، جيڪو صبح جو اڀري، تنھن تي مالوند مال لوڌيندا (ڪاھيندا) آھن. [26]

مال جي بيماريءَ جا سوڻ:

53.جيڪڏھن ڪنھن ڀاڳيي جي مال ۾ ڪا خوفناڪ بيماري پوندي آھي، تھ اھو ڀاڳيو بيماريءَ کي ڪڍڻ لاءِ ڪئين حيلا ھلائيندو ۽ خاص طور ”ڏوڌ ڏيڻ“ جو سوڻ ڪندو. اھو ھن طرح تھ سمورو مال ڪنھن ويجھي وليءَ جي درگاھھ تي ڪاھي ويندو، ۽ اتي رات رھي، مال کي اولياء جي پِڙ جي چوڌاري گھمائي ڦيرو ڏياري ايندو. رات وارو سمورو کير ۽ ڏينھن وارو بھ سمورو کير ڏھي ديڳين ۾ وجھي، اوي سويءَ کي پياريندو. جيستائين کير نھ کپائيندو؛ تيستائين اولياء تي مال سميت رھندو. ان بعد مال ڪاھي سيم ۾ ويندو ۽ رات جو مال وٿاڻ تي اچي، تنھن کان اڳ وٿاڻ تي وڏو دونھون ٻاري ڇڏيندو ۽ اولياء تان آندل خاڪ، پاڻيءَ ۾ وجھي، سڄي وٿاڻ ۾ ڇٽڪاريندو ۽ اولياء تان پڙھايل گگر ڀوري، ٽانڊن جي ڀريل ٺِڪر ۾ وجھي، سڄي وٿاڻ کي واسيندو ۽ ان بعد مال کي ڪاھي آڻي وٿاڻ ڀيڙو ڪندو.[27]

ڏيتي ليتي جا سوڻ:

دڪانداري يا روزمره جي زندگيءَ ۾ سج اڀرئي مھل يعني مرداني جو ۽ سج لٿي مھل، جنھن مھل چارئي وقت گڏجن ٿا، انھن وقتن تي ڪن چيزن يا پئسن جي ڏيتي ليتي نھ ڪندا آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن مان ھيٺيان بدسوڻي جا اھڃاڻ ڪڍندا آھن:

1.      رات جو ڪنھن کي بھ قرض واپس نھ ڪجي، نھ تھ سڃو ٿي وڃبو.[28]

2.     رات جو جيڪو بھ دڪاندار نمڪ وڪڻندو، تنھن جي اکين مان نمڪ نڪري ويندو.

3.     صبح سويلي ڪوبھ دڪاندار اوڌر ڪندو تھ سڄو ڏينھن سندس دڪان تي پيئي اوڌر ٿيندي.

پوک جا سوڻ:

1.      زمين ۾ ٻج اربعا ڏينھن وجھڻ گھرجي.[29]

2.     پوک ۾ تِڏون پيدا ٿين تھ مٿئين واءُ ويھي، پوک ۾ اٺ جو ھڏو ساڙجي تھ تڏون گم ٿي وينديون.[30]

3.     اڪ مڪڙ وليون کائي وڃن تھ اٺ ۽ گڏھھ جا ليڏوڻا ساڙي رک جو ليڪو ڏجي تھ اڪ مڪڙ ڀڄي ويندا.

4.     ”ساريال“ پوک کي ڪوئو لڳي تھ جن ماڻھن کي خاڪ پڙھڻ جو ھدو مليل ھوندو آھي تن کان خاڪ پڙھائي، اھا گھڻي واري يا ڪوئا ڪر سان ملائي وڃي ڪوئن کي کاڌ واري ٻنيءَ ۾ اڇلبي تھ ڪوئا اھا جوءِ ڇڏي ھليا ويندا (اھا خاڪ بعضي قريشي پيرن يا شيخن کان پڙھائي ويندي آھي).[31]

5.     پوس ۾ لابارو يا ڦٽين جو چونڊو ڇنڇر ڏينھن شروع ڪجي.[32]

6.     لابارو وجھڻ وقت سنگن جو ھڪ وڏو مٺيو ٺاھي ٻڌي رکبو آھي. ٻنيءَ جو ان جڏھن کڻي گھر اچبو، تڏھن اھي سنگ ڪٽي سٽي، ان ڪڍي، ان مان ماني پچائي معصومن کي کارائبي آھي.[33]

7.     ٻاريءَ جي بٽئي اسر جو ڪجي، يا سج چڙھي پوءِ ڪجي. سج اندر ٻاھر وقت بٽئي نھ ڪجي.[34]

ڪنڀارن جا سوڻ:

1.      ڪنڀار مٽيءَ جو ٻورو آڻي لاھيندو تھ ان مان ذرو بھ واءُ وڪر ٿيڻ نھ ڏيندو، انھيءَ لاءِ تھ الاجي ڪھڙي ڀتر ۾ برڪت آھي.[35]

2.     ڪنڀار ٿانوءَ گھڙڻ لاءِ صبح جو سوير ويھندو. اويرو ويٺو تھ کانئس ٿانون جي گھاڙ نھ بيھندي.

3.     ڪنڀار ڪم تي ويھندو تھ چوندو:

لقمان حڪيم حڪمت جا سائين!

ٻيڙا ٻني لائين

ڪنھن جو ڪين وڃائين.

4.     ميري مٿي چڪ تي نھ ويھجي يا ڪم تي نھ ويھجي.

5.     آوي کي باھھ ڏينھن جو نھ ڏجي، سج لٿي کان پوءِ باھھ ڏيڻ سٺو سوڻ آھي.

6.     جمعي جي رات آويءَ کي باھھ نھ ڏجي، پر جمعو بعد ڪري پوءِ باھھ ڏجي.

7.     ڪنڀار، آويءَ کي باھھ ڏيئي، ٽي ڀتر ھٿ ۾ کڻندو ۽ آويءَ جي ھڪڙي ڪنڊ تي ھڪڙو ڀتر، ٻيءَ ڪنڊ تي ٻيو ڀتر ۽ ٽيو ڀتر وچ تي اڇليندو ۽ چوندو تھ: ”ڀڄ ٽنڊڻي ماڪوڙا! پاسي ٿيءُ- تنھنجي کامڻ جو حق، اسان جو پورھئي جو حق.“

مينگھواڙن جا سوڻ:

1.      ڪنھن ڪم سان نڪرڻ وقت چٻرو نظر آيو تھ موٽي ايندا، چون تھ ”ڪم ڪونھ ٿيندو.“[36]

2.     چٻري جي ٻولي ٻڌڻ بدسوڻ آھي. صبح سان چٻري جي ٻولي ٻڌڻ ڪري سڄو ڏينھن ڏک ۾ گذرندو.

3.     ھڪڙي ڇِڪ (نڇ) نڀاڳي، ۽ ٻھ ڇڪون سٺو سوڻ ڪري ليکين، گھڻيون نڇون بدسوڻي ۾ شامل آھن.

4.     آکاٽي (آکاڙ) ۾ ٻج پوکڻ جي لاءِ ھيٺيون سوڻ ڪندا. آکاڙ، سانوڻ ۽ بڊي جي نالي سان مٽيءَ جا ٽي پيالا ٺاھين. پھريون پيالو آکاڙ، ٻيو پيالو سانوڻ ۽ ٽيون پيالو بڊو، جيڪو پيالو پھرين ڦاٽو (چيرجي پيو) ان مھيني ۾ مينھن وسندو. پوءِ ٻج ٻنيءَ ۾ انھيءَ حساب سان ڇٽين.

5.     زمين (ٻني) تي پھچڻ کان پوءِ گگھھ تنواريو تھ سٺو سوڻ ليکين.

6.     گھر موٽڻ مھل ڀريل دلا سامھون آيا تھ سڀاڳ ليکيندا.

7.     ڪٿي بھ اناج ڏسڻ سڀاڳ سمجھيو وڃي.

8.     رن زال سامھون اچڻ نڀاڳ آھي.

9.     گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت اڳيان ڪنھن پاڻي ھاريو تھ سٺو سوڻ ليکبو.

10. چنڊ جي ڀرسان پنج تارا ايندا تھ ان کي ”پنجڪ“ چوندا ان وقت وار نھ ڪوڙائيندا. [37]

11.  ماتا جي بيماري وقت سڀ مينگھواڙ گھر جي ڦلھيار پسائي، ماتا واري گھر کڻي اچن ۽ ان کي ملائي، ان مان تلڪ لڳائين، انھيءَ لاءِ بيماري کان بچاءُ ٿئي.

لوھارن جا سوڻ:

1.      لوھار صبح سان آسڻ تي ويھڻ وقت چوندو: ”لقمان حڪيم، حڪمت جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين، ڪنھن جو نھ پورھيو وڃائين.“ ڪي وري چوندا تھ ”داؤدي دونھان، ڪجھھ اٻوجھھ سونھان.“[38]

2.     لوھار جي آسڻ تي جتيءَ سان نھ چڙھجي، جتيءَ سان چڙھڻ، رزق کي لتن ھڻڻ جي برابر آھي.

3.     لوھار جو آسڻ اورانگھڻ، کاڌي پيتي کي اورانگھڻ جي برابر آھي.

4.     لوھار ٽڪ گھڙڻ، رواتڻ ۽ ور ڪڍڻ وقت بھ پاڻ ڳالھائيندو نھ ٻين کي ڳالھائڻ ڏيندو، ڇو تھ ٽڪ اوگھڙ ڍڪيندڙ اوزار آھي، تنھن جي تياري وقت گٿا اکر وات مان نھ ڪڍجن.

5.     سراڻ ٻڌڻ جو ڪم لوھار پنھنجي گھر ۾ ڪندو دڪان ۾ ڪڏھن بھ سراڻ نھ ٻڌندو.

6.     سراڻ ٻڌڻ وقت سڀئي مرد ۽ عورتون، ميرائي سيرائي کان پري ٿي، وضو ڪري پوءِ ڪم ۾ ھٿ وجھندا.[39]

7.     سراڻ ٻڌبي گھر ۾، پر ان جو ور دڪان ۾ اچي ڪڍندا.

8.     سراڻ گھڻو ڪري سائي سومار جي ڏينھن ٻڌندا آھن.

9.     سراڻ تيار ٿيڻ تي مٺائي ورھائيندا ۽ حضرت داؤد عليه السلام کي ختمو ڏياريندا.

10. کوري جي منھن تي ھڪ نيم گول پڪل سر رکندا آھن، انھيءَ سر کي ”ٻڙھھ“ چون. اھو ٻڙھھ حضرت داؤد عليه السلام جو بچاءُ آھي، جو باھھ کان لوھار کي بچائي ٿو. جيڪو لوھار ٻڙھھ نھ رکندو، تنھن کي بي استاد سڏيندا.

11.  ڪنھن بھ وڍ يا ڦٽ جو رت نھ بيھي تھ لوھار جي کوري جي ڇار کڻي ڦٽ تي رکي پٽي ٻڌجي تھ رت بيھي ويندو.

12. لوھار جي ڪونڊيءَ واري پاڻي (جنھن ۾ اوزار ٺاريندو آھي ۽ ڪھاڙي، ڏاٽي وغيره کي پاڻي چاڙھيندو آھي) ان کي حضرت داؤد عليه السلام جي دونھين جو پاڪ پاڻي چوندا آھن. انھيءَ پاڻي سان ڦٽ ڦرڙيون، ملو موھيڙا وغيره ڌوئبا تھ اھي بيماريون ڇڏي وينديون.

ميربحرن جا سوڻ:

1.      ميربحر مڇي مارڻ بعد مڇي ورھائيندا تھ پنھنجي حصي جي مڇي مان ھڪ ڪرڙي ”شيخ“ جي ڪڍندا آھن. جيڪڏھن ڳوٺ ۾ شيخ ويٺل نھ ھوندو تھ اھا مڇي وري ڳوٺ ۾ ويٺل سيد کي ڏيندا، ٻيءَ صورت ۾ ڪنھن بھ مسڪين کي ڏيئي ڇڏيندا.[40]

2.     مڇي يا پلو ڍوئڻي طور کڄي اچي تھ ان کي موٽائڻ نھ گھرجي. مڇي موٽائڻ آھي رزق کي پٺي ڏيڻ.

3.     مڇيءَ جو رت، پت، ڇلر، ڪنڊا وغيره ميربحر ٻھاري سھاري ھڪ پاسي پوري ڇڏيندا يا ڪنھن وڻ ۾ ھاري ڇڏيندا تھ جيئن لتاڙجڻ کان محفوظ رھن.

موچين جي ڌنڌي جا سوڻ:

1.      ڪوبھ موچي صبح جو پھرئين پھر ڳلي ٽوپي جو ڪم نھ ڪندو تھ سارو ڏينھن حرام ٿي ويندس.[41]

 


 

[1]   ١.  کان  ٣.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[2]   ٤.  ۽  ٥.  محمد طالب لوھار.

[3]   ٦.  ۽  ٧.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[4]   الھڏتو بلوچ تعلقو شھدادپور.

[5]   ٩.  ۽  ١٠.  محمد طالب لوھار.

[6]   ١١.  کان  ١٤.  غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[7]   الھڏتو بلوچ تعلقو شھدادپور.

[8]   الھڏتو بلوچ تعلقو شھدادپور.

[9]   غلام رسول جتوئي.

[10]   ١٨.  ۽  ١٩.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[11]   ٢٠.  کان  ٢٢.  غلام رسول جتوئي.

[12]   الھڏتو بلوچ تعلقو شھدادپور.

[13]   محمد طالب لوھار.

[14]   ٢٥.  کان   ٢٨.  الھڏتو بلوچ تعلقو شھدادپور.

[15]   ٢٩.  کان  ٣٢.  غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[16]   ٣٣.  کان  ٣٥.  غلام رسول جتوئي.

[17]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[18]   غلام رسول جتوئي.

[19]   مغزن تعليم تان ورتل.

[20]   مغزن تعليم تان ورتل.

[21]   ٤٤.  کان   ٤٧.  غلام رسول جتوئي.

[22]   محمد طالب لوھار.

[23]   محمد طالب لوھار ۽ محمد پناھھ ڦرڙو.

[24]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[25]   محمد طالب لوھار.

[26]   راوي حاجي علي محمد خان.

[27]   محمد طالب لوھار.

[28]   ١.  کان  ٣.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[29]   الھڏنو فقير.

[30]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[31]   محمد طالب لوھار.

[32]   الھڏنو فقير.

[33]   محمد طالب لوھار.

[34]   الھڏنو فقير.

[35]   ١.  کان  ٦.  ٻيڙي فقير کان زباني ٻڌي قلمبند ڪيل.

[36]   ١.  کان  ٩.  محمد سومار شيخ (بدين).

[37]   ١٠.  ۽  ١١.  محمد سومار شيخ (بدين).

[38]   ١.  کان  ٥.  محمد طالب لوھار.

[39]   ٦.  کان  ١٢.  محمد طالب لوھار.

[40]   ١.  کان  ٣.  محمد طالب لوھار.

[41]   محمد پناھھ ڦرڙو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org