سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :17

 

گھوڙي جو ساٺ:

ڪوھستان ۾ لانئن کان اڳ گھوٽ کي گھوڙي جو ساٺ ڪرائين. گھوٽ جڏھن سرگس ڪري ڪنوار جي گھر اچي ۽ گھوڙي تان لھي ھيٺ ٿئي تھ ھڪڙو ٿالھھ آڻي گھوڙي جي ڀرسان رکن. گھوٽ کي ساڄو پير ھيٺ ٿالھھ تي رکي وري گھوڙي تي چڙھڻو پوي، اھڙيءَ ريت ست دفعا لھي ۽ چڙھي[1].

 

گھوٽ جي پيرن ۾ پاڻي ھارڻ:

گھوٽ جڏھن سرگس ڪري ڪنوار جي در تي پھچي، تڏھن ڪنواريتيون زالون ڪنوار جي وھنجڻ وارو پاڻي کڻي اچي سندس پيرن ۾ ھارين. ٿر ۾ وري گھوٽ جڏھن ڪنوار جي گھر جي اڱڻ ۾ داخل ٿئي، تڏھن سندس سس يا ڪا ٻي عورت پاڻي کڻي اچي سندس آڏو ڇٽڪار ڪري؛ جنھن جو مطلب اھو ڪڍن تھ گھوٽ ھميشھ ٿڌو رھندو ۽ ڪنوار سان نرم نموني پيش ايندو.

پوءِ جيڪڏھن سيج جي تياريءَ ۾ دير ھجي تھ ٿوريءَ دير لاءِ کيس دروازي تي ننڍڙي منجي رکي، ان تي ويھاري ڇڏين. انھيءَ وچ ۾ زالون سيج ٺاھڻ کي لڳي وڃن. تيستائين گھوٽ کي کير يا شربت جو گلاس پيارين[2].

 

نڪ جھلڻ:

ٿر جي سماٽن ذاتين ۾ گھوٽ جڏھن ڇني مان اندر گھر ۾ لانئن تي اچي تھ داخل ٿيڻ سان زالن جي مجموعي مان سندس سالي اڳڀرو نڪري اچي گھوٽ جو نڪ جھلي. ان جي عيوض گھوٽ کيس ھڪ رپيو يا پنج رپيا يا وڌيڪ رپيا لاڳ ڏئي[3].

 

پلؤ ڏيڻ:

جڏھن گھوٽ سرگس گھمي، ڪنوار جي گھر جي در تي اچي لھي، ۽ کيس اندر لانئن لاءِ وٺي وڃن، تھ اتي سندس ڀيڻ اچي کيس پلؤ ڏيئي سيج تائين وٺي وڃي. جيڪڏھن ڀيڻ نھ ھجيس، تھ پوءِ سندس ٻي ڪا ويجھي عزيزياڻي پلؤ ڏئي. اھو ھن طرح جو گھوٽ جي ڀيڻ پنھنجي پوتيءَ جو پلؤ سندس ڪلھن تي ورائي وجھي، ۽ پوءِ کيس ڀاڪر پائي، آھستي آھستي سيج ڏانھن آڻي.

 

ڍڪڻي ڀڃڻ:

سرگس بعد گھوٽ، ڪنواريتي در لنگھي اندر ٿئي تھ زالون پھريائين ساڻس ڏانوڻ ڏانئڻ جو سوڻ ڪنديون. ان بعد وري ڍڪڻي ڀڃارائين. عام طور ٺڪر جي ڍڪڻي اونڌي ڪري رکن، جيڪا گھوٽ ھڪ ئي لت سان ڀڃي، پوءِ اڳتي ھلي. گھوٽ جي لت ھڻڻ سان جيڪڏھن ڍڪڻي ڀڳي تھ چڱو سوڻ سمجھن، نھ تھ خراب. اھڙي حالت ۾ زالون گھوٽ تان کل مسخري ۽ چٿرون بھ ڪن.

ڪن ھنڌن، سيج تي چڙھڻ کان اڳ گھوٽ کان ڍڪڻي ڀڃارائين، ۽ انھيءَ موقعي تي ڍڪڻي ٽانڊن تي اونڌي ڪري رکن، جيڪا گھوٽ لت ھڻي ڀڃي.

ھن رسم بابت سنڌ جي ڪن حصن مان قدري مختلف روايتون مليون آھن، جيڪي ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

حيدرآباد جي ڪن سماٽن ۾ ھن ساٺ ڪرڻ مھل، پھريائين ڏيئو ٻاري، ڪنھن ٿالھيءَ ۾ رکي، ان جي مٿان پرڻ رکن. ان سان گڏ ھڪ ٿانءُ ۾ تيل ۽ گيھھ گڏي کڻي اچن. ھيءُ ساٺ ست سھاڳڻيون ڪن. ھر ھڪ سھاڳڻ نمبر وار ساٺ ڪري، ۽ ان بعد گھوٽ ڍڪڻ يا ڍڪڻي ڀڃي. ڪنوار جي بدران وري گھوٽ جو اھنر يا اھنير ڍڪڻ يا ڍڪڻي ڀڃي[4].

ساٺن کان پوءِ ڏيئو ٻاري، ڍڪڻي اونڌي ڪري رکن، جا گھوٽ پير جي کڙي سان ڀڃي. اھا بھ گھوٽ جي ھڪ قسم جي آزمائش ٿئي[5].

تعلقي بدين ۾ ڪن ھنڌن تي گھوٽ جو تيلائو ڪري، پوءِ گھوٽ کان ڍڪڻي جھورائين. ڍڪڻي ۾ ٽانڊو ھوندو ۽ اھا ئي ڍڪڻي گھوٽ کي جھورڻي پوندي. گھوٽ جنھن ڪرسي يا منجيءَ تي ويٺل ھوندو. ان ھيٺان ڏيئو ٻاري، ڏيئي مٿان ٻنگاري امائي ڇڏين؛ پوءِ گھوٽ ڍڪڻيءَ کي لت ھڻي ھليو وڃي. ڍڪڻي نھ جھرڻ جي حالت ۾، پٺيان زالون گھوٽ جي عزيزن کان ٻيھر جھورائين[6].

تعلقي ڪنڊياري جي عام رسم موجب، ٺڪر جي ڍڪڻ يا ڍڪڻي ڀڃڻ جي رسم شاديءَ وقت ٻھ ڄڻا پوري ڪن. ھڪڙو گھوٽ، ٻيو اھنر. پھرين گھوٽ پنھنجي گھر ڍڪڻ ڀڃي. ڪڻڪ جي اٽي جو ڏيئو ٺاھي، ان ۾ تيل وجھي ٻاري؛ ان جي مٿان ڍڪڻ رکن، جيڪو گھوٽ اچي سڄي پير جي کڙيءَ سان ڀڃي. ٻيو اھڙو ڍڪڻ ڪنوار جي اڳيان اھنر ڀڃي. پوءِ انھن ٻنھي ڍڪڻن جا ٽڪر ا۽ ڏيئا، مينديءَ سان گڏ کوھھ ۾ اڇلائين. ان مان اھو مطلب وٺن تھ: جيئن ٽڪرا گڏي ھڪ ھنڌ اڇلايا ويا، تيئن گھوٽيتا ۽ ڪنواريتا بھ سدائين ھڪٻئي ۾ گڏجي ھجن ۽ پاڻ ۾ ٺريل ھجن[7].

ٿرين ۾ موڙن جو ڳيچ ڳائي، پوءِ گھوٽ کي اٿارين. اٿڻ مھل ٺڪر جو ھڪ ٿانءُ گھوٽ جي اڳيان رکن، جيڪو گھوٽ لت ھڻي ڀڃي. انھيءَ سوڻ کي ”ننگھھ ڀڃڻ“ يا ”گھٻڻ ڀڃڻ“ بھ چون؛ ڇو تھ اڳي رواج ھو تھ اڳيان اکري يا اکري جو ترو رکندا ھئا، جو مشڪل ڀڄندو ھو، ۽ نھ ڀڄڻ کي وري بدسوڻ سمجھندا ھئا. ان ڪري ھاڻ ھلڪو ٺڪر جو ٿانءُ، جھڙوڪ ڍڪڻي طباق وغيره رکن، جيڪو جھٽ پٽ ڀڄيو پوي. انھيءَ سوڻ بعد گھوٽ جي پري جي ساڄي کڙي ھيٺان سندس ڀيڻ رپيو يا وڌيڪ رکي، جيڪي وک کڻڻ کان پوءِ حجامڻ يا مڱڻھار کڻي[8].

 

ڏانوڻ ڏائڻ:

ھيءَ رسم ڪن ھنڌن ڍڪڻي ڀڃڻ کان اڳ ڪن تھ ڪن ھنڌن وري ڍڪڻي ڀڃڻ کان پوءِ ڪن. عام طور ڍڪڻي ڀڃڻ کان اڳ ھيءَ رسم ادا ڪن. گھوٽ ڪنواريتي در تي اچي تھ ڪنوار جي ڀيڻ ۽ ڪي ٻيون زالون اڳئي در تي بيٺيون ھونديون. گھوٽ جي سالي، جيڪا اھو سوڻ ڪري، سا ڪچي سٽ جو ڏانوڻ ٺاھي بيٺي ھوندي.

ڪن ھنڌن تي اوبري تي سٽ ويڙھيل ٿئي. گھوٽ در مان اندر گھڙي تھ سالي سندس ساڄي ھٿ جي چيچ ۾ ڏانوڻ ڏانئي، ۽ گھوٽ کي اھو چيچ جي زور سان ڇنڻو پوي. ان وقت تماشي لاءِ گھوٽ ٻانھن مٿي ڪري تھ جيئن ساليءَ جو ھٿ پڄي نھ سگھي ۽ ساليءَ جي ڪوشش ٿئي تھ ڪيئن بھ ڪري ڏانوڻ ڏانئجي. انھيءَ لاءِ ھوءَ ٽپ ڏيئي گھوٽ کي پڄڻ جي ڪوشش ڪندي. اھو گھڙي کن جو تماشو ٿئي. ان بعد گھوٽ خود ھٿ کي ھيٺ ڪري ڏانوڻ ڏائڻ جو موقعو ڏئي. اھڙيءَ طرح اھا رسم پوري ڪن.

ڪن ھنڌن گھوٽ کي پير جي آڱوٺي کان وٺي ھٿ جي چيچ تائين سٽ جا ست ڦيرا ڏيئي ڏانوڻ ڏائين، ان بعد گھوٽ ھڪ سٽ سان ڏانوڻ ڇِني.

ڪن ھنڌن وري گھوٽ جي ڳچيءَ ۾ ڏانوڻ وجھن. اھڙيءَ طرح ھيءَ رسم ٿوريءَ ڦيرڦار سان سڄي سنڌ ۾ رائج آھي. جدا جدا ھنڌن تان ھن رسم بابت مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

ڏانوڻ ڏائڻ سان گڏ، ڪنواريتا گھوٽ سان ٻيا ساٺ بھ ڪري وٺن. انھيءَ مھل جيئن گھوٽ ڏانوڻ ٽوڙڻ ۾ مصروف ھوندو، تنھنڪري ڪنواريتيون زالون وجھھ وٺي ڪنوار جو اکيو سوڻ طور منھن تان گھمائي وٺنس، ڪا جھٽ ھڻي نڪ مان جھليس تھ ڪا وري منھن ۾ چانور ھڻيس[9].

تعلقي وارھھ طرف جڏھن گھوٽ ڪنوار جي گھر کي ويجھو اچي، تڏھن ڪنواريتيون زالون، گھوٽ جي پيرن ۾ پاڻي ھارين ۽ گھوٽيتن کي سرنھن ۽ لوڻ ھڻن، ۽ گھوٽ کي آئينو ڏيکارين. گھوٽيتيون انھن سوڻن کان بچڻ لاءِ گھوٽ کي پلون ۾ سوگھو لپيٽين[10].

تعلقي حيدرآباد ۾ ڪن ھنڌن سالي ڪچي سٽ جو ڏانوڻ ٺاھي، گھوٽ جي ڳچيءَ ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندي. گھوٽ ھوشيار ھوندو تھ ڳچيءَ ۾ ڏانوڻ پوڻ کان اڳ چيچ سان ٽوڙي ڇڏيندو[11].

ٽنڊي الھيار طرف ڪنواريتي گھر ۾ گھڙڻ  مھل گھوٽ جي سالي ڏانوڻ ڏائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ھڪڙي اوبڻي يعني اوبري تي سجاتي جا ڌاڳا ويڙھي تيار بيٺي ھوندي. پوءِ گھوٽ مٿي اڀي چيچ جھلي ۽ سالي ٽپ ڏيئي ان کي اوبري واري ڌاڳي ۾ سوگھو ور ڏئي ۽ ھو اھو سڳو ڇنائي. جي ڌاڳي ۾ ٻڌجي پيو تھ بي ھمٿ ليکبو. زالون اھي سڀ سوڻ قرب پيدا ڪرڻ لاءِ ڪن[12].

تعلقي ڪنڊياري طرف جڏھن ڪنواريتن جي گھر وٽ گھوٽ پھچي تھ سندس سالي اچي ڏانوڻ ڏانئيس. ڏانوڻ لاءِ اڇا سڳا گھرائي انھن کي ڦڪو رنگ ڏين؛ بعضي دوڪان تان ئي ڦڪي رنگ جا ڌاڳا آڻائين. گھوٽ ساڄو پير جتيءَ مان ٻاھر ڪڍي تھ ڪنوار جي ڀيڻ اھي ڦڪا ڌاڳا کڻي اچي گھوٽ جي پير جي آڱوٺي ۾ وڪڙ ڏيئي مٿي ساڄي ھٿ جي آڱر تائين آڻي. گھوٽ کي جيترو ٿي سگھي، اوترو بچاءُ لاءِ ھٿ مٿي ڪري، پوءِ نيٺ ساليءَ جي منٿ تي ھٿ ھيٺ ڪري. پر جيڪڏھن گھوٽ ساليءَ جي منٿ نھ مڃي ۽ ھٿ ھيٺ نھ ڪيو تھ پوءِ سالي گھوٽ کي اتيئي ڇڏي، اندران در بند ڪري ڇڏيندي، جيڪو پوءِ گھوٽيتا منٿن سان کولائين. گھوٽ ھٿ ھيٺ ڪري جھلي ۽ سندس سالي پير جي آڱوٺي کان وٺي ھٿ جي آڱوٺي تائين کيس سڳي جا ست ور ڏئي. پوءِ گھوٽ ھڪ ئي سٽ سان اھي ست ڌاڳا ڇِني؛ جي نھ ڇني سگھي تھ مٿس چٿرون ڪن. اھڙي حالت ۾ اھنر ڏانوڻ ڇنڻ ۾ مدد ڪريس. پوءِ انھن ڌاڳن کي ڪنوار جي ڪپڙن سان رکن.

ڏانوڻ جو اجورو ساليءَ کي ضرور ملي، جيڪو مقرر ناھي، البت سڀڪو پنھنجي پڄت سارو ڏئي. ڏانوڻ ڏائڻ وقت گھوٽ کي درسني بھ ڏيکارين، تھ جيئن ھر وقت پيو زال کي ڏسي ۽ ان سان گھڻي دل ٿئيس. اھا رسم سماٽ ذاتين ۾ عام آھي[13].

تعلقي خيرپور جي سماٽن ۾ پڻ گھوٽ سان ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم پوري ڪن. گھوٽ جي سالي ھڪ ھيڊو ڌاڳو کڻي گھوٽ جي ساڄي پير جي آڱوٺي ۾ ٻڌي، وري گھوٽ جي ھٿ جي چيچ ۾ ٻٽي ور ڏئي. گھوٽ ھر وراڪي تي اھو ڌاڳو ڇنندو ويندو. ان وقت زالون ڏانوڻ ڏانئڻ جو سھرو چونديون[14].

ميرپور ماٿيلي طرف ڪن ھنڌن گھوٽ جي ٽوڙيل ڏانوڻ مان ڪنوار کي اڳٺ ٺاھي ڏين، يا ان ڌاڳي سان ڪنوار جو ڪونھ ڪو ڪپڙو سبي کيس پارائين. سالي ان لاءِ گھوٽ کان ٻھ رپيا کن لاڳ وٺي[15].

وارھھ جي تنين ۾ گھوٽ جي سالي اوبرو کڻي اچي، جنھن ۾ سٽ جو ڦورو پيل ھوندو. ان سٽ سان گھوٽ جي پير جي آڱوٺي ۽ ھٿ جي آڱوٺي ۾ تندن جا ست وڪڙ ڏئي، جيڪي گھوٽ سٽ سان ڇني ڇڏي ۽ سالي ان سوڻ جي عيوض کانئس پنج رپيا لاڳ وٺي. ڳنواسن ۽ راشدين ۾ ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم ڪونھ ڪن[16].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ڏانوڻ ڏائڻ جي رسم ھن طرح ادا ڪن. ڪا بھ سھاڳڻ عورت (ڪنوار جي ماءُ، چاچي يا ٻي ڪا زال) کوري ۽ ڪچي سٽ جا ڌاڳا ۽ ناريل جھلي، اٽي ۽ ڳڙ وارو ٿالھھ (جنھن ۾ گيھھ جو ڏيئو ٻاريل، ھڪ خاني ۾ سنڌر ۽ ڌؤنرو پيل ھجي) کڻي اچي ۽ اوبرو (ڪتڻ جو)، چوٿائي (ان مئڻ جي)، ڪاٺ جو داٻلو، ھيڊي رنگ جو ڪچو سٽ اوڀري تي ويڙھيل، جھيرڻو، مڪڙي ۽ مھري، اھي شيون بھ کڻي اچن. گھوٽ تورڻ سان لاڳيتو اتر ڏي منھن ڪري بيھي ۽ سس وري تورڻ جي ٻئي پاسي ڏکڻ ڏي منھن ڪري بيھي. ٻيون زالون ڀرسان بيھي ڳيچ ڳائين. اڻوھار بھ گھوٽ جي ڀرسان بيٺل ھوندو. گھوٽ پنھنجي ساڄي ھٿ ۾ رومال جھلي منھن تي رکي بيھي ۽ ساڄو پير جتيءَ مان ٻاھر ڪڍي. ان مھل سس اوبرو کڻي. سٽ جو ھڪ ڇيڙو گھوٽ جي ھٿ ۾ ڏئي ۽ ھو ھٿ ۾ چيچ کولي بيھي. سس ڌاڳي جو وراڪو گھوٽ جي پير جي آڱوٺي مان ورائي، چيچ ۾ ورائيندي، اھڙيءَ طرح پنج وراڪا ڏيندي.

ڏانوڻ ڏائڻ بعد گرڙو آرتي پڙھي، پوءِ اھو ڏانوڻ وارو ڌاڳو، گرڙو گھوٽ جي پير جي آڱوٺي ۽ چيچ مان ڪڍي ٻيڻو ڪري، سس جي ڳچيءَ ۾ وجھي[17].

کڏ ڪڻي کيڏڻ:

تعلقي وارھھ ۾ ڪن ھنڌن وري ڏانوڻ ڏانئڻ جي رسم ڪونھ ڪن. ان جي بدران ھڪ ٻئي رسم ادا ڪن، جنھن کي ”کڏ ڪڻي کيڏڻ“ چون انھيءَ رسم ۾ ويھارو کن ڪڻڪ جي اٽي جا ڏيا ٺاھين، ۽ انھن جا اوترا ڍڪ بھ ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاھين. پوءِ انھن ڏين ۾ تيل وجھي ٻاري، ڍڪڻين سان ڍڪي رکن پوءِ گھوٽ اھي ڍڪڻ لاھيندو ويندو ۽ ھوڏانھن سندس سالي وري ڏيئن مٿان ڍڪڻ رکندي ويندي. ڏھھ ٻارھن دفعا ائين ڪن. ان بعد سالي، گھوٽ کان ھڪ ٻھ رپيا لاڳ وٺي. اھا رسم گھڻو ڪري ڳنواسن ۽ سوھن ۾ ڪن[18].

 

رانءِ جھانءِ:

گھوٽ کي ڏانوڻ ڏائڻ کان پوءِ زالون، ”رانءِ جھانءِ“ جو ساٺ ڪن، ھيءُ ساٺ گھوٽ جي ڀيڻ سان ڪن. جيڪڏھن ڀيڻ نھ ھجي تھ پوءِ گھوٽ جي ٻئي ڪنھن ويجھي عزيزياڻيءَ سان ساٺ ڪن. اھا مائي ڪلھن تي ھٿ رکي بيھي، پوءِ کيس کارڪ وات ۾ وجھي، مٿان پاڻيءَ جو ڍڪ پيارين. اھڙا ست ڍڪ ڀرائين. ھيءَ رسم عام نھ آھي، پر ڪن ڪن ھنڌن تي مروج آھي[19].

 

سيج:

شاديءَ جي سڀني ساٺن سوڻن مان گھڻي ۾ گھڻا سوڻ سيج تي ٿين؛ انھيءَ ڪري شاديءَ ۾ سيج کي گھڻي اھميت حاصل آھي. سيج ڪنواريتا ٺاھيندا ۽ اھا پٽ تي ٺاھين. ۽ ڪن ھنڌن کٽ تي بھ سيج وڇائين. سيج ۾ اھو ھنڌ وڇائين جيڪو ڪنوار کي مائٽ ڏاج ۾ ڏين، جنھن ۾ فراسي ريشمي ۽ سوٽي پٿراڻي، چادر، سوڙ، وھاڻو وغيره ٿين.

تعلقي حيدرآباد ۾ عام رسم آھي تھ سيج (کٽ سميت) ٻئي ڪنھن گھر ۾ رکن. گھڙي ڀرڻ کان پوءِ زالون سھرا چونديون اھا کڻائي اچن. سيج کھنبي ھيٺان کڄي اچي[20].

ڪنوار کي گھوٽ جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي سينگاري ٺاھي آڻي سيج تي ويھارين. ڪن ھنڌن تي فقط ھڪ ئي ڪپڙي ۾ ڪنوار کي ويڙھي آڻي سيج تي ويھارين. گھوٽ کي سيج تي جتيءَ سوڌو چڙھي ويھڻو آھي. جيڪڏھن جتي لاھي پوءِ سيج تي ويٺو تھ سندس سالي يا ڪنواريتن جي ٻي ڪا عورت جتي چورائي ويندي ۽ پوءِ ڪجھھ رپيا لاڳ وٺي، بعضي مٺائي وغيره وٺي موٽائي ڏيندي. پر جيڪڏھن گھوٽ سيج تي جتيءَ سوڌو چڙھي ويٺو تھ بھ ڪنوار جي ڀيڻ اھا چورائڻ لاءِ وڏا وس ڪندي.

تعلقي بدين ۾ ڪن ھنڌن سيج وڇائڻ جو ڪم ڪنوار جي ڀيڻ ڪري. سيج اولھھ اوڀر ڪري وڇائين. پھريائين گھوٽ کي سيج تي اوڀر طرف آڻي ويھارين، پوءِ ڪنوار کي وٺي اچي گھوٽ جي سامھون ويھارين[21].

گھوٽ ۽ ڪنوار جي قرب وڌائڻ لاءِ ڪنواريتا ڪي ساٺ سوڻ ۽ حيلا وسيلا بھ ڪن. ڪن ھنڌن تھ گھوٽ کي ڪنوار جي مطيع ڪرڻ لاءِ کريب بھ ڪن.

سيج جي رسمن ۽ کريبن بابت سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تن جيڪي روايتون مليون آھن، سي ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي سنجھوري جي لغارين بلوچن ۾ گھوٽ جي سيج چڙھڻ کان اڳ ڪنواريتا ھيٺيان کريب ڪن:

¯  ڪنوار جو چولو گھوٽ جي منھن تي گھمائين، جنھن جو مطلب تھ سدائين پنھنجو ننگ نظر ۾ ھجيس.

¯  جڙي ڏاند کي نٿ ھڻن تھ جيئن ڏاند نٿ لڳڻ سان قابو ٿئي، تيئن گھوٽ بھ ڪنوار وٽ قرب ۾ قابو ٿي وڃي.

¯  سيج ھيٺان ڪڪڙ جا آنا پورين تھ جيئن ڪڪڙ آنن تي آرو ڪندي آھي، تيئن گھوٽ بھ ڪنوار کان پاسي نھ ٿئي[22].

تعلقي ڪنڊياري ۾ پٽ تي تڏو وڇائي، ان تي رليون يا سوڙ وڇائي سيج ٺاھين، پر ان کان اڳ ھيٺيان کريب ڪن:

¯  گڏھھ جي لڏ کڻي سيج وڇائڻ واري ھنڌ ھيٺ رکن.

¯  گھوڙي جا سنج گھرائي، انھن تي ڪنوار کي ويھارين.

¯  تڏي جي ھيٺان زمين ۾ کڏ کوٽي، ان ۾ ڪڪڙ جا آنا پورين.

¯  ڪنوار کي ڪلف ۽ ڪنجي ڏين تھ ويٺي ڪنجيءَ سان ڪلف ڏئي ۽ لاھي.

ڪلھوڙن ۽ سھتن، راڄپرن، گھانگھرن، اڄڻن، ابڙن ۽ ڦرڙن وغيره ۾ وري ھي ساٺ ڪن:

¯  گھوٽ جا لٿل ڪپڙا کڻي اچي ڪنوار کي پارائي وري جھٽ پٽ لھرائي وٺن.

¯  اٺ جي ناڪيل آڻي ڪنوار جي ڀرسان پورين.

¯  ڪنوار کان رات جو ست ڏيئا اٽي جا ٺھرائي، تيل وجھي ٻارائين.

¯  ٽامي جو پئسو اکريءَ ۾ وجھي، ڪنوار کان مھري سان اکريءَ ۾ پيل پئسي کي ست ڌڪ ھڪ ھٿ سان ۽ پنج ڌڪ ٻئي ھٿ سان ھڻائين[23].

تعلقي خيرپور جي سماٽن ۾ زمين ۾ فوٽ کن کڏ کوٽي ان ۾ ڪڪڙ جا آنا، گھوڙي جي نير ۽ لغام وجھي، ان جي مٿان تختو رکي، ان تي تڏو وڇائي، مٿانئس سوڙ وغيره کي نرم وڇاڻو ڪن. انھن شين رکڻ جو مطلب اھو ڪڍن تھ گھوٽ ڪنوار تي اِئين آرو ڪندو جيئن ڪڪڙ آنن تي ڪندي آھي، ۽ جيئن گھوڙو لغام ۽ نير ۾ قابو ھوندو آھي تيئن گھوٽ، ڪنوار جي حڪم ۾ قابو ھوندو[24].

تعلقي وارھھ ۾ چڪ جي مٽي، ستن کوھن جي پاڻي سان ڳوھي، ان مان ھڪ اٺ ۽ ھڪ گڏي ٺاھي، اھا گڏي اٺ تي سوار ڪن؛ ان سان گڏ ٻڪ کن ڪنڊا، مالھھ جو ٽڪر ۽ ستن کوھن جو پاڻي سيج ھيٺان پورين. ڪنوار جي ونواھھ وارا لٽا بھ سيج ھيٺان رکن. کٽولي وانگر چار ڪوڪا زمين ۾ کوڙي. انھن ۾ ابتو سبتو سٽ ويڙھي، ان جي مٿان سيج وڇائين. پوءِ ڪنوار کي ھار سينگار ڪرائي آڻي سيج تي ويھارين ۽ سندس منھن ڏکڻ تي ڪن. پوءِ ڪنوار کي گھوٽ جا ڪپڙا پارائي، ھني تي ويھارين ۽ کيس لڪڻ ھٿ ۾ ڏئي سواري ڪرائين. پوءِ ھي ڪپڙا لاھارائي، انھن کي ابتا سبتا ھٿ ھڻائي ڪڇائين. ان بعد گھوٽ کي وٺي اچي سيج تي ڪنوار جي سامھون ويھارين[25].

تعلقي وارھھ ۾ ڪن ھنڌن گھوٽ جي پرڻي جي رات ھيٺيان سوڻ ڪن:

ساٺ لاءِ سرڻ جو آکيرو، ڳيري جو آکيرو، ڪڪڙ ۽ ڪبوتر جا ٽي ٽي عدد آنا، ڪنڀرن جي چڪ جي مٽي، وڻ ويڙھيءَ جو ٽڪر، مالھھ جو ٽڪر، کوھھ جي لوٽي پاڻيءَ سميت، پنجن جنڊن جا ڳارا، ٺڪر جو ڏاند (جيڪو ٻارڙا پارا  چاڏيون ڀڃي ٺاھين) ۽ ڪنوار جي سٿڻ جي ٻچيءَ جو ٽڪر گڏ ڪري رکن. ٻچيءَ جي ٽڪر مان ھڪڙي ڳوٿري ٺاھي، ان کي وچان ٽوپو ڏيئي ٻھ خانا ٺاھين. انھن مان ھڪڙي خاني ۾ سرنھن ۽ ٻئي ۾ پنجن جنڊن جا ڳارا وجھي، ڳوٿريءَ جو ٻوٿ سبي ٺڪر جي ڏاند مٿان رکن. ان مٿان وري ڪنوار کي پھرين ڏينھن لڳل چيڪو، جنھن مان ضاعفائون ھڪڙو مرد ٺاھي رکي ڇڏين، اھو سوار ڪن. پوءِ ان سوار ٿيل گڏي کي ڪنوار کان مڙس جو نالو وٺائي پنج بُجا ڏيارين. انھيءَ رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ سيج واري جاءِ تي کڏ کڻي، اھو ڏاند گڏي سميت ۽ مٿي ڄاڻايل سڀئي شيون ڪنوار ۽ حجامڻ کان پورائي ڇڏين. ڪنوار ان کڏ کي لتن سان لٽي بند ڪري ۽ پوءِ پادر کڻي گھوٽ ۽ ان جي گھر جي ڀاتين جا جدا جدا نالا وٺي انھي پوريل کڏ تي ھڻي. ان بعد کڏ جي چئني ڪنڊن تي چار ڪوڪا کوڙي، انھن کي ڌاڳن جا ست وڪڙ ڏيئي، انھن مٿان بھ مٽي وجھي، مٿان پراڻي رلي رکي، ان تي تڏو وڇائي ڇڏين. ان جاءِ تي ڪنوار ڪانھ ويھي ۽ نھ ڪا ٻي عورت، پر گھوٽ لانئن تي اچي تھ کيس وٺي آڻي ان جاءِ تي ويھارين ۽ پوءِ ڪنوار کي وٺي آڻي سندس سامھون ويھارين[26].

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ ڪنوار کي وناھھ واري وقت ۾ لڳايل اٽو، جيڪو گڏ ڪري رکن، تنھن مان شاديءَ جي رات ھڪ اٺ ٺاھي، ان مٿان ڪنوار جو بت ٺاھي ويھارين. مطلب تھ گھوٽ مھري تھ ڪنوار سوار. انھيءَ سان گڏ ڪڪڙ جو آنو، سرڻ جو آکيرو، وڻ ويڙھي، ست ان، لوھو نير ۽ رڍن جون ڦوڱڻيون انھيءَ ھنڌ پورين، جتي گھوٽ ڪنوار سان لانئون لھي[27].

تعلقي وارھھ جي لنڊن ۾ لانئون ڪوٺي ۾ ڏيارين. چار ٿوڻيون کوڙي پاسن کان پٿر ڏيئي، مٿان تڏو وجھن ۽ اندر سيج ٺاھين؛ انھيءَ کي ”ڪوٺو“ چون. ڪوٺي جو منھن ڏکڻ طرف ڪن. ڪوٺو ستن ڏاڏي پوٽن کان ٺھرائين  ۽ سيج وري گھوٽ جي سس ۽ ساليءَ کان وڇارائين. ڪنوار کي سوڻن لاءِ ٽپھريءَ جو ئي آڻي سيج تي ويھارين. ۽ گھوٽ کي سج لٿي ڌاري آڻي ڪنوار جي پاسي ۾ ويھارين[28].

تعلقي وارھھ جي تنين ۾ وھانءُ واري رات جا کريب ھن طرح ڪن:

ڪڪڙ جا ٻھ آنا، سرڻ جو آکيرو، ستن وڻن جا پن، واريءَ جون ست مٺيون، ڍيريءَ جي سڳي جون ست تندون، چڪ جي مٽيءَ مان ٺھيل اٺ ۽ ماڻھوءَ جو بوتو، لانئن واري جاءِ تي پورين. پوءِ ان مٿان ڪنوار کي گھوٽ جا ڪپڙا پارائي، گھوڙي جي ھني تي سوار ڪرائي، لڪڻ ھٿ ۾ ڏين. ان جو مطلب اھو وٺن تھ ڪنوار مڙس تي غالب ھوندي. پوءِ وري مڙس وارا لٽا لھرائي گھوٽ کي پھرڻ لاءِ موڪلين ۽ ڪنوار کي سينگاري انھيءَ سيج تي ويھارين، جيڪا اڳيئي تيار ڪئي ويندي آھي[29].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ ڏانوڻ ڏانئڻ کان پوءِ گھوٽ کي سيج ڏانھن نين. ان وقت ڪنواريتيون گھوٽ جي آڏو پاڻيءَ جو دلو ھارين، گھوٽ کي آئينو ڏيکارين ۽ کيس سرمون پارائين.

جنھن وقت گھوٽ در کان اندر اچي، ان وقت کير ۾ ڀنل سرنھن گھوٽ ۽ گھوٽيتن کي ھڻن. ڪي وري نجاست ۾ پسيل سرنھن بھ گھوٽيتن کي ھڻن. گھوٽ در لنگھي ڪنوار وٽ پھچي تھ ڪنوار کي ڀاڪر ۾ ھڪ ھنڌان کڻي ٻئي ھنڌ ويھاري.

 

سيج ٺاھڻ جا کريب:

ڪڪڙ جا ٻھ آنا، سرڻ جو آکيرو، ستن وڻن جا پن، وڻ ويڙھي، گھاڻي جي مٽي، گڏھھ جي ليٽھڙي واري مٽي، چڪ جي مٽيءَ مان ٺھيل گھوٽ- ڪنوار جا گڏا، ڪنوار جي چولي جي پٺ مان خرزين ٺاھي، چڪ جي مٽيءَ مان ٺھيل اٺ جي پٺيءَ تي رکن ۽ مٿان گھوٽ ۽ ڪنوار جي گڏن کي گڏ سوار ڪن. اڳيان گھوٽ جو گڏو ۽ پويان ڪنوار جو گڏو سوار ڪرائين. اھي سموريون شيون گھوٽ جي پاٿاريءَ ھيٺان ھڪ لوھي نير سميت پورين. پوءِ اڳڙيءَ جون ٻھ گڏيون ٺاھي، انھن مان ھڪ تي گھوٽ جو نالو رکي، ان کي ڪنوار کان ست موچڙا ھڻائين، ٻيءَ گڏيءَ تي وري گھوٽ جي ٻين عزيزن جا نالا رکي، ھر ھڪ نالي تي ڪنوار کان ست ست موچڙا ھڻائين، پوءِ اھي گڏيون بھ اتي ئي پورين. ان بعد چار ڪوڪا کٽ جي وڇوٽيءَ جيترا کوڙي انھن ۾ ست تندون اچي ڦوريءَ جون ويڙھي، مٿان تڏو وجھي ۽ بسترو وڇائي سيج ٺاھين. وري سيج مٿان ھنو رکي، ڪنوار کي گھوٽ جا ڪپڙا پارائي، لڪڻ ھٿ ۾ ڏيئي ڪنوار کي ان ھني تي سوار ڪرائين. ڪنوار گھوڙي کي ھڪلڻ وانگر ڇٻيون ڏئي. پوءِ کانئس گھوٽ وارا لٽا گھرائي، سمورن ڪپڙن کي ڪنوار کي ابتا سبتا ھٿ ھڻائي ڪڇائين، ان بعد ڪپڙا گھوٽ کي واپس ڪن. ان بعد چلھھ جو ھڪ مارنگ ڀوري، ان جي مٿان تڏو وجھي ڇڏين ۽ جڏھن گھوٽ کي لٽا ڪرائڻا ھجن؛ تڏھن کيس ان تڏي تي ويھاري لٽا ڪرائين. لانئن ڏيڻ کان اڳ ڏيو ٻاري، ان جي مٿان وڏو کارو اونڌو رکي، انھيءَ کاري تي گھوٽ کي ويھارين. ان بعد گھوٽ کي سيج تي ويھاري لانئن جي رسم ادا ڪن[30].

لاڙ ۾ ڪن ھنڌن تي وري جنھن جاءِ ۾ گھوٽ – ڪنوار کي لانئون ڏين، ان جاءِ جي ڇت تي گھوٽ جي ويھڻ واري جاءِ جي بلڪل مٿان گھوڙي جا سنج ائين ٺاھي رکن، جيئن گھوڙو سنجبو آھي، ان ڪري تھ گھوٽ – ڪنوار جو پاڻ ۾ چاھھ رھي[31].

 

لانئون:

سيج تي گھوٽ ۽ ڪنوار کي آمھون سامھون ۽ ويجھا ويھاري لانئون ڏيارين. ھر ھڪ لانءَ ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ٻھ ٻھ ڀيرا پاڻ ۾ آھستي آھستي ٽڪرائين. ھڪ ھڪ لانو سان گڏ مقرر ٿيل ساٺ ڳيو بھ عورتون چونديون رھن تھ: ”ھيءَ پھرين لانو، ھيءَ ٻيءَ لانو“ وغيره.

لانئون گھوٽ جي ويجھن مائٽن ۽ سھاڳڻين زالن کان ڏيارين. ڪن ھنڌن تي ست لانئون ڏين تھ ڪن ھنڌ گھٽ وڌ بھ ڏين. ڪن ھنڌن تي رڳو ستن سھاڳڻين کان لانئون ڏيارين. عام طور ست لانئون ڳڻجن.

ڪن ھنڌن لانئن ڏيڻ ۾ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ مرشد وغيره بھ شامل ٿين[32].

تعلقي شھدادپور طرف ڪن ھنڌن گھوٽ کي ماسي لانئون ڏياري[33].

تعلقي سنجھوري جي لغارين ۾ لانئن جي شروعات ھڪ پريو مڙس ڪندو، جيڪو پھريائين وڃي گھوٽ ۽ ڪنوار کي لانئون ڏيئي ايندو[34].

تعلقي ڪنڊياري جي سماٽن ۾ گھوٽ کي سيج تي اولھھ ڏانھن منھن ڪري ويھارين ۽ ڪنوار کي اوڀر ڏانھن. پوءِ پھريائين ڪنوار جو پيءُ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ٽي ڀيرا لانئون ڏئي، تنھن بعد گھوٽ جو پيءُ، گھوٽ جي ماءُ لانئون ڏيندا، پوءِ ڪنوار جي ماءُ ۽ ان بعد ويجھا عزيز، جھڙوڪ: ڀاءُ، ڀيڻ، سؤٽ، چاچا، ماما وغيره لانئون ڏين.

ڪنوار کي ھڪ ”وري“ کان ٽپائي ويھارين، ٻھ ”ورا“ ڪونھ ٽپائين، چون تھ جي ائين ڪبو تھ ڪنوار بھ ٻھ ور ڪندي[35].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ لانئن وقت گھوٽ تي ڪنواريتن طرفان ٿيل ساٺن سوڻن جو اثر نھ ٿئي، ان لاءِ گھوٽ کي وات ۾ سون جو ڪوبھ زيور رکائين؛ ڪي وري کيس اڳواٽ ئي ”موچڪو مار“ پياري ڇڏين[36].

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ لانئون اڪثر سنجھي مھل يا اسر ويل ڏين. ڪنوار ۽ گھوٽ کي آمھون سامھون ھڪ گاديلي تي ويھارين. پوءِ ست ڄڻيون يا نو ڄڻيون گھوٽ کي لانئون ڏين، پوءِ گھوٽ – ڪنوار کي اڪيلو ڇڏي ڏين.

تعلقي وارھھ جي راشدين ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار کي صرف ھڪ لانو ڏين ۽ سيج تي ٻيو ڪوبھ ساٺ سوڻ ڪونھ ڪن[37].

تعلقي وارھھ جي تنين ۾ ست مرد ۽ عورتون، جيڪي سندن عزيز ھجن، گھوٽ ۽ ڪنوار کي ست ست ٽڪر ھڻائي لانئون ڏيڻ جي رسم ادا ڪن[38].

ٿر پارڪر جي سماٽن ۾ سيج تي لانئن اچڻ کان اڳ گھوٽ ٻھ رڪعتون نفل پڙھي، پوءِ لانئن لاءِ ڪنوار جي سامھون ويھي. ان وقت گھوٽ ۽ ڪنوار خاموش ھجن، منجھانئن ڪنھن بھ ڳالھايو تھ بدسوڻي ليکين. پوءِ ست سھاڳڻيون کين لانئون ڏين[39].

تعلقي ڪنڊياري طرف ڪن ھنڌن جيڪڏھن ڪنھن مرد جي پھرين زال مري وڃي ۽ ٻي شادي ڪري، وري ٻي زال بھ مري وڃي ۽ ٽي شادي ڪري تھ پوءِ ان موقعي تي لانئن کان اڳ کيس ھر تي ويھاري وھنجارين ۽ پوءِ کيس ڪنوار کان اڳ ھڪ رڍ سان لانئون ڏياري، پوءِ ڪنوار سان لانئون ڏيارين. خيال آھي تھ ائين نھ ڪبو تھ پوءِ اھو گھوٽ جلد مري ويندو[40].


 

[1]   عبدالعزيز جوکيو، نئين زندگي، اپريل ١٩٥١ع تان ورتل.

[2]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[3]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[4]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[5]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[6]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[7]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[8]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[9]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊو الھيار).

[10]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[11]   محبوب سروري، ماھوار ”شاعر، رفيق حيات نمبر ١٩٥٧ع.

[12]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[13]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[14]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[15]   محمد عالم ”شور“ خانپوري (تعلقو ميرپور ماٿيلو).

[16]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[17]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[18]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[19]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[20]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[21]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[22]   علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجھورو).

[23]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[24]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[25]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[26]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[27]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[28]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[29]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[30]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[31]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[32]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[33]   الھڏنو رند (تعلقو شھدادپور).

[34]   اڪبر علي لغاري (تعلقو سنجھورو).

[35]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[36]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[37]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[38]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[39]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[40]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org