سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :20

 

باب پنجون

مرڻو

سڪرات

موت کان اڳ جي منزل ”سڪرات“ جي ٿئي، جنھن ۾ اکين ۾ پاڻي تري اچي، ڪنڌ بي زور ٿي لڙي پوي، ھٿن پيرن جا نھن ڪاراٽجي وڃن، پاڻي ڍڪ بھ نڙيءَ مان اندر نھ وڃي، ۽ ساھھ ڇڪيءَ سان کڄي، يعني گھوگھري لڳي، اھي نشانيون ڏسي، سڄاڻ زالون يا مرد سھي ڪن تھ شيءِ ڌڻين کي پھتي پئي آھي.

جيڪڏھن سڪرات گھڻو وقت ھلي ۽ دم نھ ٽٽي تھ پوءِ منزل آسان ڪرڻ جا حيلا ڪندا، اھو ھن طرح تھ مريض تي ياسين سڳوري پڙھائيندا. ياسين سڳوري، ڪنھن پڙھيل عورت کان پڙھائيندا يا ملا کي سڏائيندا، جيڪو ياسين سڳوري پڙھندو.

سڪرات سولي اھا چون، جيڪا ٿورو وقت ھلي، ۽ مريض کي تڪليف گھٽ ٿئي، پر جي سڪرات گھڻو وقت ھلي تھ مريض کي تڪليف گھڻي پھچندي، جنھن کي چڱو نھ سمجھندا.

 

وفات:

دم نڪتو تھ يڪدم اڇي اڳڙي کڻي مري ويل ماڻھو جي ٻنھي پيرن جي آڱوٺن کي ڳنڍي ٻڌندا تھ جيئن ٽنگون سڌيون رھن. ساڳئي نموني سان ڄاڙيءَ کان مٿي تائين بھ اڳڙي ٻڌندا تھ جيئن وات بند رھي وھاڻو ڪڍي پوءِ اکين کي ھٿ ڏيئي، ڇپر ڍڪي، مري ويل کي سنئون سڌو ڪري سمھاري ڇڏيندا.

جيڪڏھن مري ويل جي ترت اھا سنڀال نھ ڪئي ويئي تھ پوءِ ڦري ويل عضوا سڌا ٿي نھ سگھندا، ۽ ڪفن دفن توڙي قبر ۾ ميت کي سھنجائي سان رکي نھ سگھبو.

انھي موقعي تي عزيزن قريبن ۾ روڄ راڙو پئجي ويندو. ھوڏانھن ڦوڪ ٽٽي، ھيڏانھن ھنبس شروع ٿيندا، جيڪڏھن ٻار يا عورت جو موت ھوندو تھ روڄ گھٽ ٿيندو. پر سگھرن ۽ جوان مردن تي گھڻو ٿيندو.

جيڪڏھن ڪنھن امير ماڻھو وفات ڪئي تھ ان جي پٿر تي ماتم ڪرڻ لاءِ اھي زالون گھرائيندا جيڪي پار ۽ اوسارا چئي ماتم ڪن، ۽ سندرا ٻڌي پٽين ڪٽين. بعضي ”ڍڍ“ بھ وڄارائين. ڪٿي وري يڪدم درود ۽ قل پڙھائين[1].

* گھر ۾ قضيو ٿيو تھ يڪدم پاڻي ھاري، دلا مٽ خالي ڪري ڇڏين.

* ٻار ٿڌو ڄمي يعني ماءُ پيٽان مئل ڄمي تھ پوءِ ڪا بھ رسم ادا ڪانھ ڪن، فقط ٻارڙي کي ڪپڙي ۾ ويڙھي وڃي قبر کوٽي پوري ڇڏين[2].

* جيڪڏھن ڪو ٻارڙو گذاري ويو، تھ بھ ماءُ ٽن ڏينھن تائين سوءَ ڪندي. ڄاڻ ڪونھ ھلائبو ۽ پٿر ڪونھ وجھبو. ٽئي ڏينھن ماءُ جو ھٿ منھن ڌئاري؛ مٿي تا ھٿ ڦيرائي. جھوليءَ ۾ ميوات يا سائي ڀاڄي وجھندس، تھ جھولي سدائين سائي ھجيس[3].

 

ڄاڻ:

قضيو ٿيو تھ عزيزن قريبن، پاڙي پتي ۽ سينڏ ملاقات وارن کي ڄاڻ ڪندا. ڄاڻ ڪرڻ لاءِ ڪو پاڙي جو ماڻھو، يا عزيز اٿندو، جيڪو ساري سنڀالي سڀني کي ڄاڻ  ڪندو. جيڪڏھن ڪي عزيز پري ۽ جدا جدا ھنڌن تي ھوندا تھ انھن ڏانھن جدا ماڻھو ڊوڙائيندا. بعضي ڄاڻ ڪرڻ لاءِ دايو يا حجام مقرر ٿيل ھوندا آھن، اھي ئي ڄاڻ ڪندا.

 

جنازي جي تياري:

لاش کي گھڻو وقت گھر ۾ رکڻ چڱو ناھي، چون تھ ”پرائي (الله جي امانت) آھي، جيترو جلد پڄائجي اوترو چڱو“. تنھنڪري ڪوشش اھا ڪندا جيترو ٿي سگھي جنازي کي سينگاري ٺاھي، مقام ڀيڙو ڪجي. جنازي کي سينگارڻ ۾ ضروري ڳالھيون آھن: ڪفن، غسل ۽ قبر جي کوٽائي. مري ويل جي عزيزن مان يڪدم ڪي ويندا ڪفن جي خريداري لاءِ، ڪي غسل جي بندوبست ۾ لڳي ويندا ۽ ڪي وري مقام ڏانھن ويندا تھ جيئن قبر کوٽي تيار ڪجي. انھن ضروري ڪمن مان ھر ھڪ جو احوال ھيٺ ڏجي ٿو:

ڪفن:

گھٽ ۾ گھٽ ٻھ ڄڻا ويندا ڪفن وٺڻ. عام طرح ’ڪفن‘ کي ’جوڙي پوتي‘ چون. جوڙي پوتي جو خرچ، جنھن گھر ۾ قضيو ٿيو ھوندو، تنھن کان نھ وٺندا، پر ان جو ڪو عزيز قريب، اھو خرچ پاڻ تي ھموار ڪندو، جنھن سان اھو ننگ اڳ ۾ ئي ٿيل ھوندو.

ڪفن، زالن، مردن ۽ ٻارن لاءِ جدا جدا ماپن جي ٿيندو. ميت تان ڌاڳو ڪڇي ڪفن آڻيندا، جيئن نھ کٽي نھ وڌي. جي کٽو ۽ وڌيو تھ خراب سوڻ سمجھندا. گھڻو ڪري اڇو ھرک (پڻيو) استعمال ڪن. غريب ماڻھو بافتو بھ ڪم آڻين، امير ماڻھو ريشمي ڪفن ڍڪائين. ڪفن لاءِ ڪپڙو، ڌوپ، اگربتيون، عطر، ڪافور، صابڻ، ميٽ، سئي ڍيري، ٺِڪر جا ٻھ ٽي ڪؤنرا، ۽ تڏو آڻيندا. ڪي انھن شين مان گھٽ وڌ بھ استعمال ۾ آڻين. ڪفن آئي کان پوءِ ويھي ڪفن سبن. عموما ملان ڪفن سبي. مرد لاءِ مرد ماڻھو زمين تي ويھي ڪفن ھٿ سان سبندو ۽ زال لاءِ زالون سبنديون. ڪفن کي واس ڌوپ ڪن. زم زم جو پاڻي ڪفن تي ھارين ۽ خاڪ شفا جي ٽڪي، زم زم جي پاڻيءَ مان ٻوڙي، ان سان ڪفن تي ڪلمو شريف لکن.

ڪفن ۾ مرد کي ھڪ چولي ۽ ٻھ چادرون ويڙھين، ۽ زالن کي سينا بند ۽ مٿي تي مراقبو (نقاب) ڪرائين. ڪفن ڍڪائي، عزيزن قريبن کي منھن ڏيکاري، چادر جا سيراندي پيرانديءَ جا مٺيا ٻڌي ڇڏين، جي وري لحد ۾ رکڻ مھل کولي، ڪنھن وڻ ۾ ٽنگي ڇڏين.

 

غسل:

سڀ کان اول غسل ڏيڻ لاءِ سامان گڏ ڪن؛ جيڪو ھن طرح ھوندو: ٻھ چار ٺِڪر جا ڪورا ڪؤنرا، ڪوسو پاڻي، جنھن ۾ ٻير جا پن وجھي ٽھڪائيندا آھن. ڦرھو (تختو)، جنھن تي غسل ڏجي ۽ دستانا، جيڪي ڪفن جي ڪپڙي مان ٿورو ڪپڙو ڪڍي، ٻھ چار ڳوٿريون ٺاھين، جيڪي غسل ڏيڻ وارو ھٿن تي چاڙھي، پوءِ ميت جو جسم صاف ڪندو آھي، ۽ سرھو صابڻ ۽ ميٽ تيل.

غسل گھڻو ڪري گھر جي اڱڻ ۾ ڏيندا. اڱڻ ۾ کڏ کوٽي مٿان ڦرھو رکي، ان تي ميت کي رکندا. ڪن ھنڌن کٽ يا تڏي تي بھ تڙ ڏيندا آھن. ٻين ماڻھن جي نظر نھ پوي، ان لاءِ ڦرھي جي پاسن کان کٽون پاسيريون رکي، انھن تي رليون يا چادرون وجھندا؛ يا چادرون ٽنگي پردو ڪندا. پاڻي تازو ڀريل ھوندو ۽ ان ۾ ٻير جا پن وجھي ٽھڪائيندا، ڇاڪاڻ تھ ميت جي جسم تان سڻڀ ۽ چيڙھھ لاھين ٿا. غسل جو پاڻي ھيڏانھن ھوڏانھن ضايع ٿيڻ چڱو نھ آھي. اھو پاڻي ڦرھي جي ھيٺان کڏ ۾ گڏ ٿيندو، غسل کان پوءِ يڪدم مٽي ورائي، کڏ پوري ڇڏيندا.

مردن کي مرد غسل ڏين ۽ زالن کي زالون. فوتيءَ جا مائٽ جيڪڏھن پاڻ غسل ڏين تھ ثواب آھي. نھ تھ ٻيءَ حالت ۾ غسل ڏيڻ وارو ملو يا ملياڻي آڻيندا، جيڪي ٻين جي مدد سان غسل ڏيندا. انھيءَ وقت غسل جون خاص دعائون بھ پڙھندا. غسل ۾ مردي جي جسم کي ميٽ ۽ صابڻ سان چڱيءَ طرح ملي صاف ڪن. ان کان پوءِ مردي جي نڪ، وات ۽ ڪن ۾ ڪپھھ ۽ ڪافور وجھي ڇڏيندا تھ جيئن انھن مان غلاظت نھ نڪري. پوءِ لاش کي ڪفن ويڙھي، کٽ يا ڏوليءَ ۾ سمھاري ڇڏيندا. غسل جي سامان مان ڪؤنرا ۽ ڪورا مٽ يا دلا، مسجد ۾ ڏئي ڇڏيندا. چون ٿا تھ ھر ھڪ مرد توڙي زال تي اڍائي تڙ روا آھي، يعني ٻن وڏن ۽ ھڪ ننڍي ٻار جا غسل[4].

تعلقي وارھھ جي ڪن قبيلن ۾ غسل جون رسمون ھيٺين ريت ادا ڪن:

* جتوئين ۾ لاش کي ميندي لائڻ کان پوءِ غسل ڏيارين. غسل لاءِ پاڻي ميربحر يا ميربحرياڻي کان ڀرائين. فوتي مرد کي غسل ملان کان ڏيارين ۽ فوتي عورت کي غسل ملياڻيءَ کان ڏياريندا. ميت جا ڪپڙا، سڳيون، ڦڻي، پنڙا ۽ اھو وٽو جنھن ۾ ميت لاءِ ميٽ مليو ھوندائون، اھو سڀ ملياڻي کي ڏيندا. ضائفان جي سترپوش ۾ ھڪ پاسي چانورن جو سير کن ۽ ٻئي پاسي ڪتل ٻڌي، اھو بھ ملياڻي کي ڏيندا. مرد جو سترپوش بھ انھيءَ نموني، يعني ھڪ پاسي سير کن چانور ۽ ٻئي پاسي ڪتل ٻڌي، ملان کي ڏيندا.

* ڪلھوڙن ۾ ميت کي ستن دلن سان تڙ ڪرائين. تڙ ملان کان ڏيارين. تڙ کٽ تي ڪرائين. کٽ جي ھيٺان ٿورو کٽ کڻائين، جتي ميت جي غسل جو پاڻي گڏ ٿئي، پوءِ اھا کڏ ڪا سائي ول وجھي پورين. تڙ واري جاءِ تي ٽي ڏينھن ڏيئو ٻارين. ڪي وري ٽي ڏينھن مسجد ۾ ڏيو ٻارين. ميت جا ڪپڙا تڙ ڪرائڻ واري کي ڏين.

* ميربحرن ۾ وھنجارڻ واري چريءَ ۾ اڪ وجھي پورين ۽ پوءِ ان جاءِ ٽي راتيون ڏيئو ٻارين[5].

 

جنازو سينگارڻ ۽ منھن ڏيکارڻ:

غسل ڏيڻ کان پوءِ، جنازي کي ڪفن ڍڪائي، ڏوليءَ ۾ يا کٽ تي رکندا. پوءِ جنازي تي، جيڪڏھن مرد آھي تھ لونگي ۽ اجرڪ وجھندا، پر جي عورت آھي تھ پوتي يا ڪو ڪپڙو مٿان وجھندا. جنھن مان خبر پوي تھ جنازو عورت جو آھي يا مرد جو. جنازي جي سيراندي کان ساڄي پاسي قرآن شريف رکندا. پوءِ عزيزن قريبن کي سڏ ٿيندو تھ اچي فوتيءَ جو منھن ڏسن. منھن ڏسڻ کان پوءِ وري لاش جو منھن بند ڪري، ڪفن جي سيرانديءَ وارو مٺيو ٻڌي ڇڏيندا. منھن ڏيکارڻ جي لاءِ فقط سيرانديءَ وارو مٺيو کولي، ڪفن ھٽائي، منھن ڏيکاريندا. عام طور جنازي کڻڻ تائين لاش جو منھن کليل رکندا تھ سڀڪو جنازي جو منھن ڏسي سگھي.

ڪنوار مري پوي تھ ان کي سھاڳ جا سڀ ڳھھ پارايا ويندا آھن ۽ جي گھوٽ مئو تھ ان کي ميندي لڳائيندا[6].

تعلقي وارھھ طرف جدا جدا قبيلن ۾ جنازي سينگارڻ جون ھيٺيون رسمون ڪن:

جتوئين ۾ ميت کي وھنجارڻ کان پوءِ ڪفن سان سينگاري، پوءِ ان جي منھن تي موڙ ٻڌندا، جي دفنائڻ وقت لاھي وٺندا. موڙ رڳو نوجوان مرد کي، جيڪو ڇڙو ھجي، تنھن کي ٻڌن. فوتي جيڪڏھن نوجوان آھي تھ ان جي ھٿن پيرن کي ميندي لائين. فوتي ڇڙو ھجي يا سگھرو، ٻنھي حالتن ۾ ميندي لڳائين. اھڙي طرح عورت بھ جيڪڏھن نوجوان آھي، ۽ ڇڙي آھي تھ توڙي پرڻيل، تنھن کي پڻ ميندي لائين. ڪي ڪي ضائفائون تھ ڪراڙين عورتن ۽ مردن کي ميندي لائين.

ڪلھوڙن ۾ جيڪڏھن فوتي ڪنوار ھجي تھ ان جي ھٿن پيرن تي ميندي لائين، خوشبوءِ لاءِ عطر، ڌوپ ۽ ڦوٽا ڇٽين. ”لعل تاڪ“ ۽ ”پرڙيو“ بھ ڇٽين[7].

 

ڇاڙون يا سامون:

منھن ڏسڻ کان پوءِ مٽ مائٽ؛ ميت تي ڇاڙون وجھن. ”ڇاڙ“ آھي زالن تي پوتي ۽ مردن تي اجرڪ يا لونگي. ڪي ڇاڙ جي عيوض روڪڙا پئسا ”ننگ“ ڀرين[8].

تعلقي وارھھ جي مختلف قبيلن ۾ ڇاڙ جون جدا جدا رسمون ھن ريت ادا ڪن:

جتوئين ۾ فوتيءَ جي وارثن کي رسم مطابق ڪي عزيز يا ٻيا ماڻھو، جن سان اھڙو رستو ھوندو، سي ميت جي مٿان وجھڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندا ۽ ڪي وري اوڇڻ ۾ رسم مطابق ھڪ رپيو يا پنج رپيا ڏيندا.

تنين ۾ ٻار جي موت تي اوڇڻ ڏين.

چنن ۾ ڪوبھ ننڍو يا وڏو مرد توڙي عورت، فوت ٿيو، تھ مائٽ ان تي لٽو اچي وجھندا، يا رپيو نقد اوڇڻ جو ڪري ڏيندا.

ڪلھوڙن ۾ فوتيءَ جي وارثن جا مائٽ لٽو وجھن، ڪي وري رپيو اوڇڻ جو ڳڻائيندا[9].

 

جنازو کڻڻ:

جنازي کي غسل وغيره ڏيئي، سينگاري، عزيزن کي منھن ڏيکاري، پوءِ ڪندا جنازي کڻڻ جي تياري. پر اھو ضرور اندازو رکندا تھ قبر کوٽجي وئي ھوندي ۽ ڪوبھ مٽ مائٽ ڪونھ رھيو، جيڪو موجود نھ ھجي. جيڪڏھن ڪي ڏورانھين پنڌ تي عزيز ھوندا ۽ انھن کي ڄاڻ ويل ھوندو، ۽ چئن پھرن جي اندر اھي پھچي ويا تھ وھواھھ، نھ تھ انھن جو ايترو انتظار نھ ڪندا. ڪوشش ڪندا تھ جيترو جلد ٿي سگھي، جنازو کڻجي، متان گھڻي دير پوڻ ڪري لاش خراب ٿي وڃي.

جيڪڏھن جمعي جو ڏينھن ھوندو تھ پوءِ جمعو بعد ڪري، جمعي نماز پڙھي، پوءِ جنازو کڻندا، اڳ ۾ کڻڻ چڱو نھ آھي.

جنازو کڻي قبرستان نيڻ ۾ ھيٺ ڄاڻايل ڳالھين جي پابندي ڪندا:

¯                جيڪڏھن گھر جو دروازو وڏو آھي، تھ پوءِ گھر ۾ ئي ڏولي يا کٽ رکي، ان تي جنازو رکي کڻندا، پر جي دروازي مان ڏولي يا کٽ اڪري نھ سگھندي، تھ پوءِ جنازي کي ھٿن تي کڻي، در کان ٻاھر رکيل ڏولي يا کٽ تي آڻي رکندا.

¯                گھر مان جنازي ٻاھر آڻڻ جو ڪم فقط  ويجھا عزيز يا محرم ڪندا.

¯                جنازي کي ڪلھن تي کڻڻ کان اڳ ٻھ منزلون ڪندا. اھو ھن طرح جو چار ماڻھو، ڏولي يا کٽ کي ڪنڊن کان جھلي، زمين کان فوٽ کن مٿي کڻي، پنج ڏھھ قدم ھلي، ڏولي پٽ تي رکندا، اھا ٿي جنازي جي پھرين منزل. وري چارئي ھمراھھ پنھنجون جايون بدلائي وري جنازو کڻي، پنج ڏھھ قدم ھلي، وري جنازو پٽ تي رکندا، اھا ٿي ٻي منزل، ان بعد چارئي ھمراھھ وري بھ پنھنجون جايون بدلائي، ڏوليءَ کي کڻي ڪلھي تي رکندا. جنازي جي ٽي منزل ڄڻ وڃي ٿي قبر.

¯                جنازي کي مقام تائين رسائڻ ۾ جملي ڪانڌي، واري واري سان جنازي کي ڪلھو ڏيندا ويندا، اھو ثواب آھي.

¯                جنازي کڻي ھلڻ وقت ڪانڌي شھادت جا ڪلما چوندا ھلندا. بعضي جنازي جي اڳيان ٻھ چار ماڻھو گڏجي درود شريف پڙھندا ھلندا. ڪن ھنڌن جنازي سان گڏ مولود شريف پڙھندا ھلندا آھن.

¯                ڪانڌي تڪڙو نھ ھلندا، جيئن لاش کي گھڻو لوڏو نھ اچي.

¯                جيڪڏھن لاش تڪڙو ھليو تھ چوندا تھ قبر ڇڪ ڪئي اٿس.

¯                جنازي سان گڏ کارڪون ۽ پتڻ جي ماني بھ ضرور کڻندا. کارڪون، جنازي دفن ڪرڻ کان پوءِ ڪانڌين ۾ ورھائين، ان کي ’سوٿي‘ چوندا ۽ پتڻ جي ماني، جنھن ۾ سيرو ۽ ماني ھوندي، اھا مقامي کي ڏين.

جنازي کڻڻ متعلق ٻيون روايتون ھيٺينءَ ريت آھن:

ڪن ھنڌ ان داڻا پروڻ ۾ وجھي جنازي سان گڏ رکي ڇڏين، جو اتي پکي پکڻ جي کائڻ لاءِ ھاري ڇڏين، ان مطلب لاءِ  تھ ”شل پتڻ اڪري پار پوي“. ڪي سخت پرھيزگار ماڻھو عورت جو لاش رات پيٽ ۾ دفن ڪرائين. لاش ڏولي يا کٽ تي کڻن. ڪي وري ’ڏڪ‘ وڍي، ’ڪائي‘ ٺاھي ان تي کڻن. ڪو جنازو وھٽ تي کڻي پري وڃڻو ھوندو، سو بھ خاص اٺ تي، تھ پوءِ ’ڪائي‘ ڪارگر ٿيندي. اھڙي وھٽ کي ٽلو يا ٽلي ضرور ٻڌن[10].

ميت کڻڻ کان اڳ ’تارو‘ ڏسندا. جيڪڏھن تارو سامھون ھوندو، يعني جنھن طرف جنازو کڻي وڃڻو آھي، ۽ تارو بھ انھي طرف ھوندو تھ پوءِ سوڻ ڪندا. مثلا تڙ جي جاءِ اولھھ طرف آھي تھ ڏسندا تھ تاريخ ڪھڙي آھي ۽ تارو ڪھڙي طرف آھي. زمين ۾ آھي يا ڪيڏانھن ٻئي طرف. جي ساڳئي طرف ھوندو تھ وري سوڻ ڪندا ۽ جي ضرورت پئي تھ گھر جو لوڙھو بھ ڦاڙي سڌو ويندا. گھٽ کان ڦيرائي نھ ويندا. ان بعد سوچ ڪندا تھ تارو ڪھڙي طرف آھي؛ پوءِ تاريخن جو حساب لڳائي، مقام ڏي ويندا آھن[11].

تعلقي وارھھ ڪن قبلين ۾ جنازي سان گڏ وڌيڪ ھيٺيون رسمون ادا ڪندا:

جتوئين ۾ ٻار جي لاءِ ”پتڻ“ ڪونھ کڻن. باقي ھر ڪنھن مرد توڙي ضائفان جي مرڻ بعد ٻھ اڍائي سير ان جا ميت جي سيراندي کان رکندا، جنھن کي ”پتڻ“ چون. جنازو کڻي ھلن تھ اھو پتڻ وارو ان انھيءَ ميربحر کي ڏيندا، جنھن ميت جي غسل جو پاڻي ڀريو ھوندو. ميربحر ان مان ڪجھھ پيھي، ماني پچائي، ملان کان ”جھنڊي پتڻياڻي“ جو ختمو ڏياريندو. باقي بچيل پتڻ وارو ان انھيءَ جي حوالي ھوندو.

تنين ۾ ”پتڻ“ سڀ ڪنھن فوتي جو رکن. ننڍڙي ٻار جو بھ پتڻ رکن. ان ڪڻا ڪنھن ٿانءَ ۾ وجھي، فوتيءَ جي سيرانديءَ کان رکن. پوءِ ان ميربحرن کي ڏين.

ڪلھوڙن ۾ جيڪڏھن ڪو ٻار، وڏو يا عورت مري، تھ ان جي کٽ جي سيرانديءَ کان ان رکن، ان کي”پتڻ“ چون. اھو پتڻ وارو ان ڪنھن غريب کي ڏئي ڇڏيندا[12].

 

جنازي نماز:

جنازي کي دفن ڪرڻ کان اڳ ان تي جنازي نماز پڙھندا. جنازي نماز عام طور مقام واري رستي ۾، ڪنھن موزون ھنڌ تي، يا جيڪڏھن نماز جو وقت ھوندو تھ پوءِ ڪنھن مسجد وٽ پڙھندا، يا تھ وري مقام پھچي. پوءِ جنازي نماز پڙھندا.

جنازي نماز بابت خاص ڳالھيون ھيٺ ڏجن ٿيون:

لاش مسجد ۾ الھندي پاسي يا صاف ميدان تي رکندا. لاش جي سيني برابر امام بيھندو ۽ ڪانڌي اِڪي صفون ٻڌي بيھندا. وارثن کان اجازت وٺي، امام نماز پڙھائي پوري ڪندو. دعائون گھرڻ بعد قرآن شريف بخشيايو ويندو، جو ڪنھن وارث جي ھٿن تي رکي، ملان ان جي خطائن بخشڻ جي دعا گھرندو. ان بعد لاش کي قدم ڏياريندا، يعني ڪانڌي ھٿن تي جنازو کڻي، ٿورو اڳڀرو ھلي وري ھيٺ رکندا. اڳيان کڻندڙ ڦري پويان ايندا ۽ پويان وارا وڌي اڳيان ايندا. اھڙيءَ طرح چار گھمرا ڪندا. جيئن تھ ڪي ميت سان چار وکون ڀرين، تھ ”ڀتر ڀائي“ ٿي موٽن، تنھنڪري انھن کي جنازي نماز بعد وارث چون تھ ”ادا، ڪم ڪار واري کي موڪل آھي“. اھو ٻڌي موٽڻ وارا ھليا ويندا[13].

ڪن ھنڌن جنازي نماز پڙھڻ کان پوءِ جنازي کي کڻي ست قدم آھستي آھستي ھلن، جنھن کي ’قدمي‘ چون، ان بعد جنازو ڪلھن تي کڻندا[14].

 

قبر:

قبر جي تياري لاءِ لاش تان ڪانو ڪڇي قابرن کي ڏيندا تھ وڃي انھن ماپ جي قبر کوٽين، ڪانو انھيءَ لاءِ ڪڇيندا تھ جيئن قبر ننڍي نھ کوٽجي، نھ تھ ٻيڻي ھلاکي ٿيندي. جيڪڏھن قبر پاڻ نھ کوٽيندا تھ مقامي قابروءَ کي چوندا، جيڪو قبر کوٽي ڏيندو.

قبر، ارھھ جيتري اونھي کوٽيندا، ۽ جيڪڏھن زمين واريءَ واري ۽ نرم ھوندي تھ پوءِ وچ ۾ سامي ٺاھيندا. پر جي زمين ذرا سخت ھوندي تھ پوءِ قبر جي تر ۾ الھندي پاسي ۾ ڪوڀ ھڻندا، جنھن کي ’لحد‘ يا ’سامي‘ چون.

قبر گھڻو ڪري انھي ھنڌ کوٽيندا، جتي فوتيءَ جا ٻيا عزيزو اقارب رکيل ھوندا. انھيءَ ڪري مقامن ۾ اڪثر ھر ھڪ ڪٽنب يا پاڙي جا حصا مخصوص ھوندا آھن. ويجھا عزيز گھڻو ڪري ھڪٻئي کي ڪوشش ڪري ويجھو رکندا.

تعلقي وارھھ جي جتوئين ۾ قبر کوٽڻ لاءِ جيڪو ماڻھو پھريون لپو ھڻندو، ان کي دڪو ڳڙ جو ۽ ’پڻ‘ اٽي جو ڏيندا[15].

 

دفنائڻ:

جنازو قبرستان ۾ پھچندو تھ قبر تيار ھوندي. پر جي اڃا ڪجھھ دير ھوندي تھ جنازي کي ترسائيندا. جڏھن قبر جي تياريءَ جو اطلاع ملندو، تڏھن ڪانڌي، جنازو کڻي، قبر تي ايندا. فوتيءَ جا ٻھ ويجھا عزيز، عورت جي حالت ۾ محرم عزيز، قبر ۾ لھندا. لاش کي ھٿن تي کڻي ’سامي‘ ۾ رکندا. ان کان اڳ سامي ۾ گلاب جو پاڻي ۽ عطر وغيره ڇٽڪاريندا. لاش کي ساميءَ ۾ رکي، ساميءَ جو منھن سرن سان، يا اڀن ڏڪن سان بند ڪري، مٽي ۽ گاري گپ سان بند ڪري ڇڏيندا. ساميءَ کي سيرانديءَ کان بند ڪرڻ شروع ڪندا ۽ ان سان گڏ لاش جي پاسن کان آجيون ڪندا ايندا. تان جو پيرانديءَ وارو  پاسو بند ڪرڻ کان اڳ اھي ڇڪي ڪڍي وٺندا. پوءِ باقي حصو بند ڪري قبر ۾ مٽي وجھڻ شروع ڪندا. اڌ قبر ۾ يعني لحد تائين مٽي آھستي آھستي ھٿن سان رھجي وڃي. اڌ قبر ڀرجڻ کان پوءِ دٻالٽ ڪندا، يعني ڪوڏرن سان مٽي قبر ۾ وجھندا. پوءِ قبر جو مٿيون بوتو ٺاھي، سرون وغيره مٿان رکي، قبر تي پاڻي ڇٽڪاريندا. قبر جي مٽي پاڻ سان ڪوبھ نھ کڻي وڃي. تنھنڪري جن ماڻھن مٽيءَ ۾ ھٿ ڀريا ھوندا، اھي قبر جي مٿان ھٿن تي پاڻي وجھندا، جيئن قبر جي مٽي قبر تي رھي. اھي اوزار، مثلا ڪوڏرون، رنبا وغيره جن سان قبر کوٽي ھوندي، اھي بھ قبر جي مٿان رکي، مٿان پاڻي ھاريندا. ان بعد سڀئي فاتحھ پڙھي موٽندا.

انھيءَ سڄي رسم ۾ ھنن ڳالھين جو خاص خيال رکندا:

¯                قبر ۾ لاش جو منھن ورائي الھندي طرف ڪندا.

¯                لاش جي سيرانديءَ وارو طرف، منھن سامھون ھڪ سر تي ڪلمو شريف لکي، اھا رکندا.

¯                ڪانڌي ننڍڙن ڀترن تي ’قل‘ پڙھي ڏيندا، اھي ڀتر بھ لاش سان گڏ لحد ۾ رکندا.

¯                لاش سان گڏ آيل تڏو، مقاميءَ کي يا ڪنھن مسجد شريف ۾ ڏيندا.

قبر ٺھي راس ٿيڻ کان پوءِ يڪدم قبر تي ٻانگ ڏيندا، جو چون ٿا تھ ان مھل منڪر نڪير پڇاڻي تي ايندا آھن، ۽ پڇندا آھن تھ ”ڪھڙو تنھنجو رب، ڪھڙو نبي؟“ متان انھي وقت ڪلمو وسري وڃيس، تھ ٻانگ ٻڌي ياد پئيس ۽ ڪلمو ڀري تھ ملائڪ سڳورا موٽي وڃن.

¯                لاش دفن ٿيڻ کان پوءِ ٻيا ڪانڌي تھ يڪدم موٽندا، پر فوتيءَ جي عزيزن مان ڪوبھ ھڪڙو ڄڻو، يا ملان تيستائين قبر جي ڀر ۾ ويھندو جيسين ڪانڌي، مقام جي حد ڇڏي ٻاھر نڪرن. انھي وچ ۾ قبر تي ويٺل ماڻھو ”سورة مزمل“ پڙھندو.

¯                پاڻ سان گڏ آندل ”پتڻ“ يعني سيرو ماني، مقامي قابروءَ کي ڏيندا.

ميت دفنائڻ جي انھيءَ عنوان تي سنڌ مان ٻيون مليل روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون.

جنازي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ماڻھو قبر کوٽي، ”کرڪ“ ٻڌڻ لاءِ ڪچيون سرون بھ آڻي گڏ ڪندا. پوءِ انھيءَ لاءِ ڪيتريون بھ سرون کپن، پر انھن جو ملھھ ڏيندا. ڇو جو چوندا تھ متان ميت تي اھو بار رھجي وڃي. تنھن بعد ڪجھھ ڪرڙن جون ڪاٺيون، ”سامي“ بند ڪرڻ لاءِ قبر کي لنبڻ لاءِ گارو بھ تيار ڪيو ويندو. پوءِ ميت کي قبر جو منھن ڏيکاري، سامي ۾ لاھيندا، ان مھل قبر جي پاسن کان ڪپڙي جي اوٽ بھ ڪندا تھ متان ڪانڌين مان ڪو ڏسي وٺي. پوءِ قبر کي مٽيءَ سان لٽي، ٺاھي جوڙي، مٿان ڪجھھ پاڻي ڇاٽاري، ’قل‘ پڙھي، کٽ ۽ ٻيو سامان کڻي واپس ايندا[16].

ميت دفنائڻ متعلق تعلقي وارھھ جي ڪن قبيلن ۾ جيڪي وڌيڪ رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون، تن جو تفصيل ھن ريت آھي:

جتوئين ۾ ميت کي اسقاط ۽ قرآن شريف بخشڻ کان پوءِ باقي عام رسمن موجب ميت کي دفن ڪندا.

تنين ۽ ڪلھوڙن ۾ دفنائڻ کان اڳ فوتيءَ کي قرآن شريف بخشائين ۽ اسقاط ڪرائين. ڪانڌين جي موٽي اچڻ تي فوتيءَ جي در تي جنڊ رکي، ان تي پاڻي ھاري ڇڏيندا.

چنن ۾ ميت دفن ڪرڻ بعد جيڪو ماڻھو کٽ کڻي موٽندو، ان جي آڏو پاڻي جو دلو ھارين ۽ کٽ کي ڇنڊو ھڻي پوءِ استعمال ڪن.

ميربحرن ۾ ڪانڌي جڏھن ميت دفن ڪري موٽن ۽ کٽ وارو ماڻھو گھر ۾ پير پائيندو، تھ ان جي آڏو پاڻي ھارين[17].


 

[1]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[2]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[3]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[4]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[5]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[6]   محمد جمن بلوچ (تعلقو مير پورخاص).

[7]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[8]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[9]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[10]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[11]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[12]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[13]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[14]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[15]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[16]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[17]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org