سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :11

 

چيڪو:

ونواھھ ۾ ڪنوار کي روزانو چيڪو يعني ھيڊ، اٺ ڪچور ۽ ڪپ ڪچور مليل جون جو اٽو ھڻن تھ جيئن سونھن وڌيس. وناھھ دوران ڪنوار کي ڪنھن مرد جي پڳ تي نظر وجھڻ بھ ڪونھ ڏين. وناھھ جي وچ وارن ڏينھن ۾ پاڙي وارا، گھوٽ ۽ ڪنوار کي بُسريون ڏين. اونھارو ھجي تھ ڪنوار کي روزانو وھنجارين. ڪنوار جو لٿل چيڪو ڪنوار جي ماءُ يا ڪا ويجھي عزيزياڻي محفوظ رکي ۽ پوءِ وھانءَ واري رات، پھرئين ڏينھن واري چيڪو کان سواءِ باقي ٻين ڏينھن ۾ جو چيڪو، پاڻيءَ ۾ لوڙھي ڇڏين ۽ چيڪوءَ واري ٺڪر جو ٿانءُ ڀڃي ڇڏين. ڪنوار جي چيڪو واري اٽي جي ايتري سنڀال ڪن، جو ڪنوار جي ڀرسان بھ ڪنھن کي لنگھڻ نھ ڏين. ڪنوار ڪنھن سان ھٿ بھ نھ ملائيندي تھ متان عضون کي لڳل چيڪو ڪنھن کي ٿورو گھڻو لڳي پوي.

 

ڳانو:

ڪنوار جون سڳيون ڇوڙيندڙ ستن سھاڳڻين مان جيڪا چڱي مڙس جي زال ھوندي، سا ڪنوار کي سڄيءَ ٻانھن ۾ لاک جو ڳانو ٻڌندي، ڳاني ۾ سرنھن جا داڻا، ستن جنڊن جا ڳارا، جون جا ست داڻا ۽ ھڪ ڇلو چاندي جو پيل ھوندو. ڪنوار کي ڇڙيل وارن ۾ ميندي بھ وجھن. ڪنوار جو سامان پنج رپيا ۽ ميندي وغيره چڱي مڙس جي زال، گھوٽيتن پاران ڪنواريتن کي ڏئي، ان بعد راڄ جون زالون پنھنجي گھرن ڏانھن موٽي وڃن. گھوٽيتا پري جا ھجن تھ رات ٽڪي پون ۽ ماني پنھنجي کائين[1].

ڪلھوڙن ۾ پھريائين گھوٽيتا پاڻ سان ھڪ ڳانو لاک جو، جنھن ۾ ست ڳارا، جنڊن جا، ست جو، ٽامي جو ڇلو، کھنبي جي اڳڙيءَ ۾ وجھي، لاک سان ٻڌي تيار ڪن. ان سان گڏ سوا پاءُ ميندي، پنج آنا ڪڻڪ، ڪڻڪ جو اٽو پنج پاٽيون، اڍائي پاءُ ڀاڳاھو، پنج پاءُ ڳڙ، ٻھ رپيا روڪڙا، تيل جو شيشو ۽ چيڪو وارو اٽو (جيڪو ڪڻڪ جي اٽي ۾ اٺ ڪچور ۽ ڪپ ڪچور ملائي، ميندي جي پاڻيءَ سان ملائي تيار ڪن) ڪنوار ڏي کڻي اچن. پاڻ سان گھوٽ کي ڪونھ آڻين. سڀ سامان سھرا ڳائي کڻي اچن. گھوٽيتا پري جا ھجن تھ پوءِ مختصر ڄڃ ڪري اچي ڪنواريتن وٽ لھن. پوءِ ست ڄڻيون ونواھھ جو سامان کڻي ڪنوار وٽ اچن. انھن ستن ڄڻين ۾ چڱي مڙس جي زال ضرور ھوندي. ونواھھ گھڻو ڪري اٺن – ڏھن ڏينھن جو ڏين. ونواھھ ۾ ويٺل ڪنوار کي تمام چڱو کارائين، روز چيڪو ۽ ميندي ھڻنس ۽ وھنجارينس، پر ان عرصي ۾ نھ سندس ڪپڙا بدلائين ۽ نھ ڌوئن. انھن لٽن کي ”زھاري وارا لٽا“ سڏين. ونواھھ واري عرصي ۾ ڪنوار جو ڪوبھ عزيز ڪنوار جي منھن پوڻ ڪونھ ڏين. ان عرصي ۾ گھوٽ توڙي ڪنوار کي ڪابھ ساھھ واري شيءِ (گوشت، مڇي وغيره) ڪونھ کائڻ ڏين ۽ نھ وري گھوٽ ڪنھن حلال شيءِ کي تڪبير وجھي. ونواھھ ڏيڻ وقت ڪنوار کي سڄيءَ ٻانھن ۾ ڳانو ٻڌن[2].

تنين ۾ ونواھھ مڱڻي کان پوءِ اٺين ڏينھن ڏين، جنھن ۾ سوا پاءُ ميندي، پنج پاءُ ڳڙ، پنج پاءُ کنڊ، پنج پاءُ ڇھارا، پنج پاءُ ڏونگھيون، پنج پاءُ نباتون، تيل جو شيشو ۽ پنج رپيا روڪ ڪنوار کي ڏين. جيڪڏھن گھوٽيتا پري جا ھجن تھ گھوٽ کي گڏ ڪونھ آڻين، باقي ٻيا عزيز ڄڃ ڪري اچن.

ونواھھ ڏيڻ وقت گھوٽيتا، پاڻ سان لاک جا پنج ڳانا بھ ٺاھي کڻي اچن، ٻھ گھوٽ ۽ ڪنوار لاءِ، ھڪ گنديءَ لاءِ، ھڪ جنڊ لاءِ ۽ ھڪ مٺائي واري پاري کي ٻڌڻ لاءِ. انھن مان جيڪي ڳانا گھوٽ ۽ ڪنوار لاءِ آڻين، تن ۾ ھڪ ھڪ ڳاڙھي اڳڙي (ڳوٿريءَ وانگر) پڻ ٻڌن. جنھن ۾ ست ڳارا جنڊن جا ۽ ست جون جا ڪڻا وجھن ۽ ھر ھڪ ڳاني ۾ ھڪ روپو ڇلو بھ ٻڌن، باقي ٽي ڳانا خالي ٿين. جيڪڏھن ڪنوار، گھوٽيتن کان پري ھجي تھ پوءِ ان لاءِ ڳانو سندس مائٽ ٺاھين.

تنين ۾ ونواھھ وقت گھوٽ جي ڀيڻ ميندي پسائي رکي. جيڪا ست ڏاڏي پوٽيون سھاڳڻيون وھانءَ واري رات ڪنوار وٽ کڻي اچن ۽ ڪنوار جي مينڍي ڇوڙي، ھرڪا ان مينديءَ مان لپ لپ ڀري سندس مٿي ۾ وجھي ۽ مٿو اکيڙيل ئي ڇڏين. چيڪو حجامڻ ھڻي. چيڪو جي لٿل اٽي مان وھانءَ واري رات کريب ڪن[3].

چانڊين ۾ مٺائي واري ڪنيءَ کي بھ ڳانو ٻڌن. اھا ڪوري ڪني، مٺائي ورھائڻ واري کي ڏين ۽ پوءِ ڄڃ ڪري ڪنواريتن وٽ وڃن. اتي سالي گھوٽ کي ڳانو ٻڌي. گھوٽ ۽ ڪنوار جي ڳاني کي اھڙن ماڻھن کي ھٿ ڪونھ لائڻ ڏين جن جا ٻھ نڪاح ٿيل ھجن. وناھھ کان اڳ گھوٽ ڪنوار کي وھنجارين ۽ انھن جا ڪپڙا بھ ڌوئن. وناھھ واري عرصي ۾ نڪي گھوٽ ڦڻي ڏئي ۽ نڪي ڪنوار. انھيءَ عرصي کي ”چِلو“ ڪري چون. وناھھ کان ٿوري دير اڳ ڪنوار کي منھڙو ويڙھين ۽ وناھھ وقت اھو منھڙو اکوڙي ڇڏين. ڪنوار کي روزانو چيڪو ھڻن ۽ مينديءَ جي پاڻيءَ سان وھنجارين. وناھھ توڙي وھانءُ اِڪي تاريخن تي ڪن. ڪنوار کي جيڪو روزانو چيڪو ھڻن، سو وري وھنجارڻ وقت لاھي گڏ ڪري رکن ۽ شاديءَ رات ان اٽي مان ھڪ اٺ ٺاھين، جنھن جي مٿان ڪنوار جو بت ٺاھي ويھارين[4].

ڪوھستان ۾ مينڍن کولڻ کان پوءِ سھاڳڻيون، ڪنوار کي حلواڻ يا ھيڊي رنگ جو ھڪ خاص طرح تيار ڪيل ڪپڙو (جنھن کي اکين وٽان ٻھ ٽنگ ڪن) گيھھ مان ھلڪو ٻوڙي ”اکيو“ ڪري ٻڌن.

اکيو ٻڌڻ کان پوءِ ونواھھ جا ساٺ سوڻ ڪن، ۽ پوءِ گھوٽيتيون پنھنجي گھر موٽي اچن، ۽ جنڊ ٻڪي وارو پيٺل اٽو کڻي، گيھھ ۽ پاڻي ۾ ڳوھي رکن. پوءِ روزانو صبح شام لنگھي يا سالي ان اٽي سان ڪنوار جو منھن، ھٿ ۽ پير ملي. ان اٽي ملڻ ڪري، ستن ڏينھن بعد ڪنوار جي سونھن سوڀيا ۾ اضافو ٿئي. ان ڳوھيل اٽي کي ”اٻٽڻ“ يا ”اٻٽاڻ“ ۽ ڪن ھنڌن تي ”چِيڪو“ ڪري چون[5].

ٿرپارڪر جي سماٽن ۾ ونواھھ واري ڏينھن کان اڳ، ڪنوار جون مائيٽياڻيون ڪنوار جا وار ڳتي ڇڏين، تنھن کي ”مينڍا ويڙھڻ“ چون. پوءِ مقرر ڏينھن تي گھوٽيتيون اچي ڪنوار جا وار کولين ۽ کيس مٿي تي مکڻ ھڻي، مينڍي جو ڳيچ ڳائي اکيو ٻڌن.  مينڍو، ست سھاڳڻيون گڏجي کولين؛ ۽ مٿي ۾ مکڻ ان لاءِ ھڻن تھ جيئن چوٽي ٿڌي ھجيس، يعني مڙس جو مٿس راض رھي، ڏک نھ ڏسي ۽ سدا سھاڳڻ رھي.

ڪنوار لاءِ گھربل ونواھھ جو سامان، ڪنھن موچاري ڏينھن تي شھر مان خريد ڪن، جنھن کي ”ونواھھ ڀڃائڻ“ چون. ڪنوار جو ونواھھ ۽ اکيو سڀ گھوٽيتن طرفان ٿئي. ونواھھ ۽ لازمي سامان ھيٺينءَ ريت ٿئي: ھڪ شيشو ڪڙو تيل، ھڪ شيشو مٺو تيل، گيھھ اڍائي سير، ڪڻڪ پنج سير،  کنڊ اڍائي سير، مصري ٻھ سير، مڱن جو اٽو، ھيڊ، بادام، ڦوٽا، لؤنگ، مھلب، ميندي، نو جوڙيون ڏونگھيون ۽ پنج سير ڳڙ. اھو سڀ سامان ھڪڙي ڪپڙي ۾ ٻڌي رکن، پوءِ مقرر ڏينھن تي رات جو ئي اھو کڻي ڪنوار واري ڳوٺ ۾ ڪنھن ٻئي گھر ۾ اچي رکن. ٻئي ڏينھن شام جو پاڙي جون عورتون ۽ گھوٽيتيون، ڳائي وڄائي اھو سامان کڻي ڪنوار جي گھر وڃن.

ونواھھ ۾ ڪچو سيڌو بھ ڏين ۽ پڪو وناھھ بھ. پڪي وناھھ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو ڀوڳاڙو، شيرو، سيويون، مٺائي، حلوو وغيره ٿئي ۽ ڪچي سيڌي ۾ گيھھ، اٽو، ميدو، کنڊ، بادام، ڊاکون ۽ ٻيو سامان ڏين. اھڙو ڪچو سامان ڏين. اھڙو ڪچو سيڌو مسلمان ۽ ھندو بھ شادين ۾ ھڪٻئي کي ڏين.

ونواھھ ۾ ويٺل ڪنوار کي ”اکيو“ ضرور ٻڌن، انھي لاءِ جيسين ھوءَ گھوٽ جي حوالي ٿئي، تيسين ڪنھن جي بھ اک تي نھ چڙھي، اکيي ٻڌجڻ کان پوءِ ان جاءِ ۾ ڪنھن بھ مرد کي اچڻ ڪونھ ڏين. ”ونواھھ“ ۾ ويٺل ڪنوار جي خدمت ۾ ڪنواري ڇوڪري ويھارين. اوڙي پاڙي جون ڪنواريون ڇوڪريون سمورو وقت ڪنوار سان ڀوڳ چرچا ڪنديون رھن، جيڪي ھوءَ خوشي سان سھندي. ونواھھ ۾ ويٺل ڇوڪريءَ جي ڀر گھڻو ڪري لوھھ جو ڪپ يا ڪو ٻيو اوزار رکي ڇڏين، جنھن جو مطلب آھي تھ ڪنوار کي لاڻ يا ڊپ نھ لڳي. ان کان سواءِ ڪنوار کي وناھھ واري مدت ۾ کلڻ. ڪاوڙجڻ، ”اکيو“ مٿي کڻن، ھندوري ۾ لڏڻ، وڏي آواز سان ڳالھائڻ، روئڻ يا چرچو ڀوڳ ڪرڻ جي بھ منع ھوندي. ونواھھ ۾ گھڻو ڪري ست ڏينھن ويھارين. ڪن ڪن ھنڌن پنج ڏينھن ۽ ٽي ڏينھن بھ ويھارين. ونواھھ واري مدت ۾ ڪنوار کي سندس ”اڻھيار“ ۽ ٻيون سھيليون گڏجي ”پيٺي“ بھ ھڻن. پيٺيءَ ۾ مڱن جو اٽو، مٺو تيل ۽ ھيڊ گڏي استعمال ڪن تھ جيئن ڪنوار جو رنگ ڳورو ٿئي ۽ ھوءَ سھڻي ڏسجڻ ۾ اچي.

ونواھھ ۾ ويھڻ کان پوءِ ھر رات سانجھيءَ مھل پاڙي جون عورتون گڏجي ڪنوار واري جاءِ اڳيان بيھي ”سانجھيءَ جو ڳيچ“ ڳائين. انھيءَ رسم کي ”سانجھي ڏيڻ“ چون. ڪن ھنڌن تي وري سانجھيءَ جي ڳيچ مٿان ٻھ ٻيا ڳيچ بھ لازمي چون. سانجھي ڏيڻ جو خاص مقصد آھي تھ ونواھھ ۾ ويٺل ڌيءَ کي نصيحت ٿئي[6].  

ٿري ھريجنن ۾ شاديءَ کان پنج، ست يا ڏھھ ڏينھن اڳ، ڇوڪريءَ کي ونواھھ ويھارين. ان لاءِ ڪي خاص ڏينھن مقرر ٿيل ناھن، پر گھٽ ۾ گھٽ ”پارڻيت“ جي رات کان پنج ڏينھن اڳ ضرور وناھھ ڪن. ونواھھ ويھارڻ واري ڏينھن ڪنوار کي ٻنپھرن ڌاري سندس سھيليون مٿو ڌئاري، تيل وجھي، ڪنوارين ڇوڪرين وانگر سندس وار ويڙھي ڇڏين. وري ٽپھريءَ ڌاري اچي ڪنوار جو مٿو اکيلين ۽ کيس ھڪ ننڍي کٽولي تي ويھارين، انھيءَ موقعي تي پاڙي جي سڀني عورتن کي ڪوٺ ٿئي، جيڪي اچي ڳيچ ڳائين. پوءِ شام ڌاري ڪجھھ چانور رڌي پنجن ٿانون ۾ وجھي، ھڪڙو ڪنوار جي اڳيان رکن ۽ پنج ست ٻيون ڇوڪريون بھ ڪنوار سان گڏجي کائڻ ويھن، باقي چار ٿانو ٻين ۾ آيل عورتن ۾ ورھائي ڇڏين. ڪنوار سان گڏ ويٺل ڇوڪريون پھرين ھڪ ھڪ گراھھ ڪنوار کي کارائين. جڏھن سڀ ھڪ ھڪ گراھھ کارائي بس ڪن، تڏھن ڪنوار سميت گڏ ويھي کائين جيڪڏھن ڪي ساھيڙيون حاضر نھ ھجن تھ انھن جو ڀت گھر موڪلي ڏين. مانيءَ کان پوءِ ڪنوار کي ساڄي ھٿ ۾ ھيڊي رنگ جا پنج ست ڌاڳا گڏي ٻڌي ڇڏين، جنھن کي ”ڏورو ٻڌڻ“ چون.

ڪنوار کي ونواھھ ڏيڻ، يعني ”ڏينگھڻ“ واري ڏينھن، ڪنوار جي ڪٽنب وارا جھڙوڪ: ماما، چاچا، سؤٽ، ماسات ۽ انھن جي گھرن جون زالون، پنھنجي پڄت سارو گھر ۾ ”مگت“ تيار ڪري ڪنوار کي ڏين. ڪي ڪڻڪ جي اٽي جا ڳڙيل پيل لڏون تيار ڪن تھ ڪي دڪان تان مٺائي وٺي اچن ۽ ڪي وري گھر ۾ ئي ڪو مٺو مال تيار ڪن.

جڏھن شاديءَ ۾ باقي چار ڏينھن بچن، تڏھن ”پھرين سانجھي“ ڪن. ان ڏينھن سج لٿي مھل ڪنوار جي گھر جون ٻھ زالون يا ڇوڪريون سڄي ڳوٺ ۾ وڃي ڪوٺ ڏيئي اچن. پوءِ منھن مير مھل سڀ اچي گڏ ٿين ۽ ڳيچ وغيره ڳائين، پوءِ سڀني ۾ ڳڙ ورھائين؛ ان کي چون ”پھرين سانجھي“. ٻيءَ شام بھ ساڳي طرح ”ٻيءَ سانجھي“ جا ڳيچ ڳائين، پر ان ۾ ڳڙ ڪونھ ورھائين. اھڙي نموني ٽئين ۽ چوٿين سانجھيءَ جا بھ ڳيچ ڳائين. چوٿين ڏينھن منجھند جو سوٽھڙ، ڪاٺ جو تورڻ، ننڍو ڏوئلو، چؤنري لاءِ ڪاٺ جون چار ڪليون ۽ ڪاٺ مان ٺھيل ماڻھوءَ جو بُت، جيڪو اٽڪل اڌ – منو فوٽ ٿئي، جنھن کي ”وڻاک“ چون، کڻي ايندو. انھيءَ موقعي تي ھڪ سھاڳڻ اٿي لوٽو پاڻي جو ڀري سوٽھڙ جي ٻنھي طرفن ٿورو ٿورو پاڻي ھاري، اھي شيون وٺندي. ان کي چون ”وڌائي رکڻ“ ان بعد سوٽھڙ کي سير ٻھ چانور يا ٻاجھري، ڏھھ تولا ڳڙ ۽ پنج آنا روڪڙا ڏين. تنھن کان پوءِ گرڙي جي چوڻ موجب ڪنھن موزون جاءِ تي، اتر طرف کان سامھون ٻھ ڪاٺيون کوڙي ڪاٺين جي ھيٺان سوپاري ۽ پئسو پوري، ان جي مٿان ڇھھ فوٽ کن مٿي تورڻ ٻڌن. ڪڏھن ڪڏھن جي سوٽھڙ نھ ھجي يا تورڻ تيار ٿي نھ ملي تھ ڪاٺين ۾ مٿان رسي ٻڌي، ان ۾ نم جون پنج ست ننڍيون ٽاريون اٽڪائين. پوءِ ڪنوار جي ماءُ، چاچي، ڀاڄائي يا ڪا ٻي ويجھي عزيزياڻي پاڻ وڃي دڪان تان ميندي وٺي اچي، جيڪا پيھي پسائي رکن.

ان ڏينھن صبح کان وٺي ڪوٺ ڏنل ماڻھو اچڻ لڳن. ھر مھمان جي اچڻ تي زالون ڳيچ ڳائين. شام جو چوٿين سانجھيءَ جي ڳيچ ڳائڻ کان پوءِ زالون موٽي گھر وڃن. اھي چارئي ڏينھن ڪنوار جون سھيليون، روزانو ٻنپھرن ڌاري ڪنوار کي ”پيئر“ يا ”پيٺي، ملين“. ان بعد ڪنوار جي ماءُ، مانيءَ تي گيھھ کنڊ وجھي ڏئي، جيڪا سڀئي گڏجي کائين. ٻھ خاص سھيليون ھر وقت ڪنوار سان گڏ رھن، جن کي ”اڻوھارڻيون“ چون. اھي روزانو ڪنوار لاءِ ڏندڻ آڻين. ڪنوار کي پيئر ملين ۽ ماني بھ گڏجي کائين، ڳالھيون ٻولھيون ڪري ڪنوار کي وندرائين ۽ رات جو بھ ساڻس گڏ سمھن.

ونواھھ جي ڏينھن ڪنڀار پاڻ يا سندس زال يا ڇوڪرو، چؤنرا، ٻھ دلا، ڪونڊيون، ھڪ – ٻھ تس ۽ ھڪ ٻھ – دانگيون کڻي اچن. چؤنري ۾ چار ڍولڙيون ۽ چار کوڻا ٿين. ھر ھڪ کوڻي ۾ ست ماٽيون ٿين، جيڪي ھڪٻئي مٿان رکجن، جنھنڪري ھيٺين وڏي، ان جي مٿان واري ٿوري ننڍي ۽ ان جي مٿان ٿوري ننڍي، تان جو سڀني کان مٿي ننڍي لوٽي جيڏي وڃي ٿيندي. اھڙي طرح چئن کوڻن جون جملي اٺاويھھ ماٽيون ۽ مٿين لوٽين جي مٿان جملي چار ڍڪ ٿين. ڪنڀار جڏھن اھو سامان آڻي تڏھن پھريائين ھڪ سھاڳڻ زال اٿي پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، ڪجھھ پاڻي انھيءَ سامان جي ساڄي ۽ ڪجھھ کاٻي پاسي ھاري، پوءِ اھو سامان کڻي گھر ۾ رکن. ان جي عيوض ڪنڀار کي اڍائي سير کن چانور يا ٻاجھري ۽ پاءُ کن ڳڙ ڏين؛ جنھن کي ”موکاڻي“ چون.

ونواھھ جي ڏينھن ۾ موچي بھ ڪنوار لاءِ جتي ٺاھي کڻي اچن، جيڪا سوڻن ساٺن سان کڻي رکن، انھيءَ رسم کي ”ورھولو وڌائي رکڻ“ بھ چون. ڪنوار لاءِ جتي خاص نموني جي چٽن سان ٺھرائين، جنھن جو تر چٽساليءَ وارو ٽڪيل ٿئي ۽ مٿان وڏو ريشمي ٽؤنر وجھن، ڪي بنان چٽن تھ ڪي وري چانديءَ جي ڀرت سان جتي گھڙائين، پر ٽؤنر ضرور وجھن.

موچي جتي تيار ڪري کڻي اچي تھ اول ڪا سھاڳڻ زال، پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، ڪجھھ ساڄي ڪجھھ کاٻي، ھاري، پوءِ جتي کڻي رکي. ان عيوض موچيءَ کي بعضي روڪڙا پئسا ڏين، پر اھو رواج تمام گھٽ آھي. عموما موچيءَ کي داڻا (ان) ۽ ڳڙ موکاڻي طور ڏين، باقي جتيءَ جو ملھھ پوءِ ڏين. جتيءَ کي سڪڻ کان بچائڻ لاءِ تيل نھ، پر گيھھ جو ٿورو ڇنڊو ھڻي رکن.

ڀيلن، ڪولھين ۽ مينگھواڙن ۾ ڪنوار جي ماءُ لڏون ٺاھي رکندي يا وري مگت يا سانڌاڻو تيار ڪري رکندي، جيڪو وناھھ ۾ ڪنوار کي ڏين. ڪڻڪ جو اٽو گيھھ ۾ ڀڃي، ان ۾ ٿورو پاڻي ملائي کنڊ وجھن تھ چاش ٿيو پوي، ان ۾ ڀڳل ڪڻڪ جو اٽو، پيٺل سوئا، ۽ پيٺل ’لوڊ‘ وجھي، ان جا لڏون ٺاھين، جنھن کي سانڌاڻو چون. بعضي ڪنوار کي چِلا ٺاھي ڏين، جيڪي ڪنوار، ساھيڙين يا اڻوھارين سان گڏجي کائيندي[7].

 

گھوٽ کي ونواھھ ۾ ويھارڻ:

سنڌ جي خصوصا ٿر ۽ اتر جي ڪن قبيلن ۾ گھوٽ کي بھ ونواھھ ۾ ويھارين، گھوٽ کي ونواھھ ۾ ويھارڻ جون خاص رسمون ”تيلاڙو، ”ونواھھ“ ۽ ”اھنير“ آھن، جن جو تفصيل ھن ريت آھي:

 

ونواھھ جو عرصو:

اتر ۾ شاديءَ کان ھڪ ڏينھن اڳ گھوٽ کي اٺ پھر ونواھھ ۾ ويھارين. ٿر جي مينگھواڙن ۾ پنج، ڇھھ يا ست ڏينھن بھ گھوٽ کي ونواھھ ۾ ويھارين.

 

تيلاڙو:

ونواھھ ۾ ويھارڻ کان اڳ گھوٽ کي منجيءَ تي ويھاري، سھاڳڻيون زالون ۽ مائيٽياڻيون، ماکي ۽ سرھي تيل مان آڱريون ٻوڙي سندس پڳ تي مکين ۽ ڪپھھ جي پوڻين مان ٻڙا پٽي سندس مٿي تي اڇلين، جيڪي گھوٽ چونڊيندو.

 

ونواھھ:

تيلاڙي ساٺ کان پوءِ گھوٽ کي ڏندڻ، تسبيح، ۽ ڪاتي ھٿ ۾ ڏيئي، ڳانو ٻڌي ڪنھن محفوظ ھنڌ تي ويھاري ڇڏين، جيئن مٿس ڌارئين ماڻھو جي نظر نھ پوي.

 

اھنير:

گھوٽ سان ھڪ ويجھو عزيز ”اڦھنير“ يا ”اھنر“ طور گڏ ھوندو ۽ کيس اڪيلو نھ ڇڏيندو. انھيءَ حالت ۾ گھر کان ٻاھر نڪرڻ وقت کيس منھن تي موڙ بھ ٻڌن.

انھن سمورين رسمن بابت سنڌ جي مختلف حصن مان مليل تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:

گھوٽ کي شاديءَ جي رات، ”سرور يا مينديءَ جي رات“ بھ چون ونواھھ ۾ ويھارين. کيس ماکي ۽ تيل سان ساٺ ڪري، ڪاتي، ڏندڻ ۽ تسبيح ھٿ ۾ ڏين ۽ ڪي ٻانھن ۾ ڳانو بھ ٻڌن[8].

پرھھ ڦٽيءَ ڌاري ھڪ وٽيءَ ۾ تيل وجھي، جيڏيون سرتيون گڏ ٿي، گھوٽ کي منجڻ تي ويھاري، مٿو اگھاڙو ڪرائي تيلائو ڪن، يعني ھر ھڪ زال، گھوٽ جي مٿي تي ھڪ ٻھ آڱريون تيل جون لڳائي. انھيءَ دوران زالون ڳيچ بھ ڳائين[9].

خيرپور ضلعي جي ڪن سماٽن ۾ ونواھھ جون رسمون سج لٿي تائين ادا ٿيو وڃن. گھوٽ کي مردن ۾ ڳاڙھي کٽ تي باوضو ويھارين، ۽ ھو تسبيح تي الله جو ذڪر ڪندو رھي. ھڪ خاص ماڻھو ساڻس گڏ پيرانديءَ يا پاسي کان ويھي، جنھن کي ھڪ ڪاتي يا چاقون يا ترار ھٿ ۾ ڏين، جيڪو گھوٽ جي نگھباني ۽ خدمت ڪري؛ اھو گھوٽ جو سالو يا ويجھو عزيز ھوندو، جنھن کي ”اھنير“ يا ”اھنر“ سڏين[10].

وارھھ طرف چانڊين ۾ گھوٽ کي ونواھھ وارو ٻڌل ڳانو ڇوڙي، ڪنھن ترار يا ڪاتي کي ٻڌي، اھا گھوٽ جي ھٿ ۾ ڏين[11].

تعلقي ڪنڊياري جي ڦرڙن، ڪلھوڙن، ميمڻن، ٿيٻن، ڪنڀرن، سيدن، سومرن، انڙن ۽ ڪن ٻين قبيلن ۾ گھوٽ کي شاديءَ جي تٿ تائين درياءَ پار وڃڻ ڪونھ ڏين. سندن خيال آھي تھ اگر ھو درياءَ پار ويو تھ نقصان پھچندس[12].

گھوٽ کي شاديءَ کان پنج يا ست ڏينھن اڳ ”ونواھھ“ ۾ ويھارين. ان موقعي تي ھڪ ديڳ چانور رڌي، ھڪ ھڪ ڪڻڇي پاڙي جي گھر گھر ۾ ڏين. ڪي وري ٻاجھري جي مانين ۽ ڳڙ مان مٺيا ٺاھي، گھر گھر ھڪڙو مٺيو ڏين.

 

پِـِيئر يا پيٺي:

دانگيءَ تي مڱ ڀڃي، پيھي، گيھھ ذري ۽ پاڻيءَ سان ڳوھي ٺاھين. پوءِ گھوٽ کي ويھاري، ٻھ – چار سنگتي گڏجي سندس بدن تي پيٺي ملين. اھڙيءَ طرح روزانو پيٺي ھڻن ۽ ھڪ پيلو ڌاڳو بھ ھٿ ۾ ٻڌن. وناھھ ويھارڻ کي ”تيل چڙھڻ“ بھ چون. تيل چڙھڻ بعد گھوٽ کي ڪوبھ ڪم ڪرڻ نھ ڏيندا.

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ٻھ سھاڳڻ زالون، گھوٽ جون ڀاڄايون ۽ ٽي ڇوڪريون خاص طرح گھوٽ جون ڀيڻون، گھوٽ کي منجي تي ويھارين. پوءِ ھڪ ڀاڄائي پنھنجا ٻئي ھٿ ھڪٻئي مٿان ڪئنچي وانگر رکي، پيٺي مان آڱريون ٻوڙي گھوٽ جي پيرن تي رکندي، پوءِ گوڏن تي، پوءِ ڪلھن تي ۽ ان بعد مٿي تي رکندي. اھڙيءَ طرح سڀئي ڄڻيون پنج دفعا ڪنديون. فقط ڀيڻون يعني ڪنواريون ڇوڪريون، گھوٽ جي پيرن تي ھٿ نھ رکنديون. ان رسم کي چون گھوٽ جو ”پيئر چڙھڻ“ يا ”تيل چڙھڻ“. ان وقت گھر ۾ ٻيون زالون وري پنج اکريون کڻي، ھر ھڪ ۾ سير کن داڻا (ٻاجھر يا چانور) وجھي، مٿان اڀيون مھريون وجھي، پنجن ڪنوارين ڇوڪرين کي چون، جيڪي اھي مھريون اتي جھلي بيھن. ان مھل ڇوڪرين کي ھٿن ۾ مٺن لولن جا ڇڳا ڏين، جن مان ھر ھڪ ڇڳي ۾ پنج لولا ٿين. ان بعد زالون ڳيچ چون، تنھن کان پوءِ انھن داڻن جون چار پتيون ڪري، مڱڻھار، گرڙي، ڪنڀر ۽ موچيءَ کي ورھائي ڏين[13].

ٿر جي ھندن ۾ ڏينھن چٽا ڪرڻ بعد شاديءَ جي تاريخ کان پنج- ست ڏينھن اڳ، گھوٽ ۽ ڪنوار کي پنھنجي پنھنجي گھر ونواھھ ويھارين. رواج موجب گھوٽ يا ڪنوار کي اڻور سان گڏ منجيءَ تي ويھاري، تيل چاڙھڻ جو ساٺ ڪن، جيڪو ھن طرح ٿئي: چار ڪنواريون ڇوڪريون ۽ چار سھاڳڻ زالون، واري واري سان پنھنجي ٻنھي ھٿن جون آڱريون تيل ۾ ٻوڙي، اول گھوٽ جي پيرن، گوڏن، ڪلھن ۽ مٿي تي ڇھائين، ان بعد گھوٽ، ڪنوارين ڇوڪرين سان گڏجي ماني کائي، ان بعد گھوٽ کي ڇري يا ڪٽاري ھٿ ۾ کڻائين. ساڳئي وقت ڏاس جو ھڪ سڳو، جنھن ۾ ھڪ لوھي ڇلو ٻڌل ٿئي، گھوٽ جي ساڄي پير ۾ ٻڌن، جنھن کي ”ڪنڪڻ“ چون، ڪنڪڻ ۽ ڇري کڻڻ گھوٽ جي نشاني آھي. ان رسم بعد گھوٽ ڪنوار پنھنجن گھرن اندر رھن.

ٺڪرن، بجيرن، چارڻن ۽ سوٽھڙن وغيره ۾ وناھھ جو بھ ڀت ڪن. يعني ڳوٺ جي گھر گھر مان ھڪ ماڻھو، ۽ جن سان مٽي مائٽي ھوندي تن سڀني کي کارائين. موٽ ۾ اھي مٺائي يا ھڪ رپيو يا اٺ آنا گھوٽ کي ڏين. ھن رسم کان پوءِ گھوٽ ڪنوار جي شادي مقرر تاريخ تي ضرور ٿئي. پوءِ کڻي سندن گھرن ۾ ڪي بھ قضيا ٿي پون. منھن کوڙ بعد تاريخ ڦري سگھي ٿي، مگر وناھھ کان پوءِ تاريخ ھرگز نھ ڦرندي.

مھيشورين ۽ برھمڻن ۾ بھ وناھھ جو ساٺ گھڻو ڪري ساڳئي نموني ٿئي، فرق صرف اھو آھي جو اھي وناھھ وقت عام ڀت ڪونھ ڪن، باقي عزيز قريب وناھھ بعد گھوٽ جي گھر ماني کائين. گھوٽ کي پيلو پٽڪو ٻڌائين، جنھن کي ”ڪيسريو“ چون، اھا گھوٽ جي خاص نشاني سمجھي وڃي ٿي.

مينگھواڙن ۾ وناھھ جي ساٺ وقت (منھن کوڙ ڏيڻ وقت، موٽ ۾ مليل ڪنواريتن وارا) ملير گھوٽ جي ڪلھن تي وجھن، ۽ ساڄي ھٿ ۾ ڌاڳو ٻڌن. پوءِ گھوٽ ھٿ ۾ ڇري کڻي. ڀيلن ۾ بھ وناھھ جو ساڳيو رواج ٺڪرن جھڙو ٿئي. وناھھ جو ڀت بھ ڪن. شادي کان پنج ڏينھن اڳ وناھھ جو ساٺ ڪن. وناھھ جي حالت ۾ ٻيا ويجھا مائٽ سيرو يا ٻيو چڱو طعام گھوٽ لاءِ سندس گھر ڏيئي اچن.

وناھھ واري عرصي ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار، ٻئي ساھھ واري شيءِ نھ مارين ۽ نڪي کائين، بلڪ ويشنو خوراڪ استعمال ڪن. گھوٽ ونواھھ وارو ٻڌل ڳانو ڇوڙي، تلوار يا ڪاتي کي ٻڌندو ۽ اھا ساڻ کنيو وتندو. ونواھھ جو عرصو گھڻو ڪر پنجن کان پندرھن ڏينھن ٿئي. ان دوران گھوٽ ۽ ڪنوار کي خاص ڪري زور سان ڳالھائڻ ڪونھ ڏين. چون تھ گھوٽ ڪنوار جيڪڏھن ڏاڍيان ڳالھائيندا تھ ڏڪار پوندو. وناھھ واري عرصي ۾ ڪنوار جا ميرا لٽا اصل ڪونھ مٽائين[14].


 

[1]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[2]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[3]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[4]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[5]   محمد عرس سمو نئين زندگي، ماھھ آگسٽ ١٩٥٧ع تان ورتل.

[6]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[7]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[8]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[9]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[10]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[11]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[12]   محمد پناھھ ڦرڙو، (تعلقو ڪنڊيارو).

[13]   رائچند (تعلقو ڇاڇرو).

[14]   ڪيشولال گوڌيار (ٿرپارڪر) کان مليل.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org