سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :8

 

 

سوٽھڙن ۾ جتي ظاھري بَدي جو رواج نھ آھي، اتي ھو ويھن رپين کان سٺ رپين تائين نقد وٺن ۽ موٽ ۾ اوڍاڻيون ڏين.

مھيشرين (ڪراڙ) ۽ برھمڻن ۾ ھن رسم کي ”ساڪريو“ چون. ھوند سارو ڳھھ ۽ ڪپڙا ٺھرائي، چار – پنج ويجھي عزازت واريون زالون گڏجي مڱ جي مائٽن ۾ ڏيئي اينديون. روڪ پئسو ڏيڻ جو دستور ھنن ۾ ڪونھ ٿئي.

مينگھواڙن ۾ زيورن ۽ڪپڙن ڏيڻ جو رواج نھ آھي.

ڀيلن ۾ ”ڳوٿريءَ“ جي رسم جيستائين ادا نھ ڪندا، تيستائين ڪچو مڱڻو شمار ٿيندو. مڱيندي طرف وارا مڱ لاءِ ھڪ وڳو (حلواڻ جو پڙو، ھڪ چني ۽ ھڪ پٺيو انگرکو) تيار ڪرائي، وچوئي سان چار – پنج مکيھ ماڻھو گڏجي، مڱ جي مائٽن ۾ ويندا. وڃڻ سان ڪپڙا ۽ مقرر ڪيل رقم (ھڪ سؤ کان وٺي پنجن سون تائين) ڏيندا. ڪپڙا ۽ رقم ملڻ بعد مڱ جي طرف واريون زالون ڳيچ ڳائينديون. صبح جو وچوئو ۽ آيل ڄاڃي رھاڻ ڪندا. منجھند جو مانيءَ بعد مڱ جو پيءُ آيل مھمانن کي اوڍاڻيون ۽ موٽ ۾ مليل رقم (جيڪا دستور موجب ڏنل رقم جو چوٿون حصو ٿيندي) ڏيندو. اوڍاڻين ملڻ تي وچوئو ۽ ڄاڃي واپس ٿيندا. ڀيلن ۾ زيورن جو رواج نھ آھي.

 

مڱڻو يا پوتي

پڌريءَ کان پوءِ ٿيندو مڱڻيءَ جو سانباھو. ھن رسم کي ’پوتي وجھڻ‘ بھ چون. سڀ کان اول مڱڻي جا ڏينھن ٻڌندا. ڏينھن ٻڌڻ کان پوءِ گھوٽيتا مقرر ڏينھن تي زالين مڙسين ڄڃ ڪري ڪنواريتن ۾ ويندا ۽ ڪنوار کي پوتي وجھي. ڪنوار جو نڪ ٽوپيندا. ڪنواريتا وري گھوٽ کي ڪلھن ۾ ”ملير“ يا ”لونگي“ وجھندا ۽ کيس موڙو ڏيندا. آخر ۾ گھوٽيتن کي کير پيارين ۽ گھوٽيتا وري مٺائي ورھائين. ”مڱڻي“ جي  رسمن جو تفصيل ھن ريت آھي:

 

ڏينھن ٻڌڻ:

پڌري ٿيڻ يا ڳالھھ پڪي ٿيڻ کان پوءِ ڪو ڏينھن مقرر ڪري، گھوٽيتن جا بھ چار معتبر ماڻھو گڏجي ڪنواريتن ۾ ايندا، جتي ڪنواريتا اڳ ۾ ئي انتظار ۾ ويٺا ھوندا. خوش مرحبا ۽ ماني ٽڪي کان پوءِ ڏينھن ٻڌڻ لاءِ ويھندا. جيڪڏھن گھوٽيتن کي تڪڙ ھوندي تھ پوءِ اتي ئي ”چنگ“ يا ”ٻڪي“ ۽ شاديءَ جا ڏينھن بھ ٻڌندا ۽ اھا بھ صفائي ڪري ڇڏيندا تھ نڪاح مڱڻي وقت پڙھبو يا شاديءَ وقت. پوءِ ٻئي ڌريون کلي کير پي اٿنديون. ويجھي عزازت ھوندي تھ پوءِ ڪنوار – ماءُ، کير آڻي سيڻن اڳيان رکندي ۽ سيڻن کي ھٿ بھ ڏيندي. گھوٽ -  پيءُ ۽ سندس ٻيا رفيق، ڪنوار – ماءُ کي خالي ھٿ نھ ڏيندا، گندي ضرور اوڍائيندا. لاچار تھ رپئي کان وٺي جيترو سري سگھندا، روڪ پئسا پنھنجي نئين سيڻ جي ھٿ تي رکندا[1].

 

ڄڃ

مڱڻي جي ڏينھن تي گھوٽيتا، زالين مڙسين ڄڃ ڪري، سج لٿي کان پوءِ ڪنواريتن ۾ ويندا. مڱڻي ۾ عام طور برادر کي ڪوٺ ڏين. ڪاڄ تر جو ھوندو تھ پوءِ زالون ۽ مرد جدا جدا ڄڃ ڪري ويندا، پر جي پري جو ڪاڄ ھوندو تھ پوءِ زالين مڙسين ڄڃ ۾ گڏجي ويندا. ڪنوار کي جيڪي ڏيڻو يا اوڍائڻو ھوندو، اھو سامان ھڪڙي کاري ۾ وجھي، سھاڳڻ زال جي مٿي تي کڻائي ھلندا.

 

پوتي:

مڱڻي ۾ ڪنوار کي گھوٽيتن طرفان جيڪا پوتي وڌي ويندي، تنھن سان گڏ گھوٽيتا پڄنديءَ آھر ٻيو سامان بھ ڏيندا. عام طرح کنھبن ڪپڙن جو وڳو، کير – منڊي ۽ ويڙھھ ڏين، پوتي جيڪا اوڍائين، تنھن جي پلاند ۾ مصري، ڦوٽا وغيره ۽ ڪجھھ رپيا ٻڌل ھوندا. پوتي عام طرح چني يا کھنبي حلواڻ جي ڏين.

 

ملير يا لونگي:

گھوٽ ڇني ۾ پھچندو تھ ڪنواريتن طرفان ھڪڙي ٿالھھ ۾ موڙي سان گڏ لونگي يا ملير کڄي ايندي، جيڪا پاکر طور گھوٽ کي ڪلھن ۾ اوڍائيندا.

 

موڙو:

ڪنواريتن طرفان گھوٽ لاءِ ملير سان گڏ موڙو کڄي ايندو، جيڪو رسم پوري ٿيڻ بعد موٽي اچي راڄ ۾ ورھائيندا. موڙي ۾ مصري، ناريل، پتاشا ۽ کارڪون ٿين.

 

کير يا شربت:

موڙي ۾ ملير سان گڏ ڪنواريتن مان کير يا شربت کڄي ايندو، جيڪو پھريائين گھوٽ کي پياريندا، پوءِ جملي ڄاڃين کي. گھوٽ ۽ گھوٽ جا ڄاڃي موٽ ۾ گھور ڏيندا، جيڪا ڪنواريتا کڻندا.

 

مٺائي:

مڱڻي جي رسم ختم ٿيڻ بعد گھوٽيتا وري کارڪون، لڏون يا پتاشا وغيره ورھائين. ان بعد ڄڃ پنھنجي ماڳ موٽي ايندي.

 

نڪ ٽوپڻ:

جن قومن ۾ نٿ پائڻ جو رواج ھوندو، تن ۾ مڱڻي جي رسم ۾ ڪنوار جو نڪ ٽوپين. ڪن ھنڌن مڱڻي جي ٻئي ڏينھن نڪ ٽوپين. جيڪڏھن ڪنوار جو نڪ اڳ ۾ ئي ٽوپيل ھوندو تھ پوءِ رسم طور ٽوپيل نڪ ۾ ڌاڳو وجھن. مڱڻي جي رسم عام طور سڄيءَ سنڌ ۾ انھيءَ نموني سان ادا ڪئي ويندي آھي.

ڪن ھنڌن مڱڻي وقت ڪنوار لاءِ سينگار جي پيتي، سونو ڪوڪو، سڳيون، ڦڻي ۽ ٽيئي لٽا ريشمي ڪن. ڪنوار جي ماءُ لاءِ جوڙو ڪپڙن جو جدا ڏين. ڳھن ۾ کير – منڊيءَ ۽ سونو ويڙھھ ضرور ڏين. ڪنڙي جي ٽِڪي، مڱڻي جو ڀاڳاھو ۽ کنڊ بھ ڪنوار لاءِ آڻين[2].

ٿرپارڪر جي سماٽن ۾ گھوٽيتن طرفان ڪنوار لاءِ پڙو يا سٿڻ، چولو، چنين جو جوڙو، ڪڙين جو جوڙو، بُولو، منڊي، جتي، سڳيون ۽ ڦڻي آڻين. ان کان سواءِ مصري ڦوٽا ۽ ٻيو ڀڳي جو سامان ھڪ سھاڳڻ عورت جي مٿي تي کڻائي، ڳائي وڄائي ڪنواريتي گھر آڻين، ۽ ڪنوار کي ڪپڙا ۽ زيور پھرائين. ڪنوار کي ”پوتي“ ڍڪائڻ بعد ڪنواريتا وري پنھنجي طرفان ”ملير“ يا ”اجرڪ“ گھوٽ کي ڍڪڻ لاءِ موڪلين، جنھن جي چئني ڪنڊن ۾ ڪجھھ نھ ڪجھھ ٻڌل ھوندو. عام طرح ھڪڙي ڪنڊ ۾ ڪجھھ پئسا، ٻيءَ ۾ کارڪون، ٽيءَ ۾ لؤنگ ۽ ڦوٽا، ۽ چوٿين ڪنڊ ۾ ڏونگھيون ٻڌن. اھو ملير بھ زالون دھلن سان ڳائي وڄائي گھوٽ وٽ کڻي وينديون[3].

سماٽ قبيلن ۾ گھوٽيتا، ڳاڙھي حلواڻ ڇيٽ جي پوتي ۽ ڪي ٻيا ڪپڙا ڪنوار لاءِ وٺندا. اھو سامان، کير – منڊي، ويڙھھ ۽ ڪجھھ سيڌو پاڻ سان کڻي ڪنواريتن وٽ ويندا. ڪنوار کي ڪپڙا پھرائي، پوتي ڍڪائيندا. ڪنوار – ماءُ کي بھ سيڻپي جا ڪپڙا ڏيندا. پوءِ مرد خواھھ عورتون کير ورھائي پيئندا يا مٺائي ورھائيندا. ڪنواريتا وري ملير يا اجرڪ گھوٽ کي ڪلھن ۾ وجھندا. ان ڏينھن کان وٺي ڪنوار نڪي گھوٽ سان ڳالھائيندي، نڪي منھن پوندي. جيڪڏھن مڱيندو سامھون اچي ويو تھ ھڪدم منھن ڍڪي ڇڏيندي[4].

لغارين ۾ گھوٽيتا، ھيٺيون سامان ڪنوار لاءِ وٺي موجود رکندا: ڪپڙن جو وڳو، بُولو، ڪيوٽيون، ڇلو ۽ منڊي، ميندي پنج پاءُ ۽ مٺائي (گھٽ ۾ گھٽ ٥ سير). جڏھن گھوٽيتن جي ڄڃ ڪنواريتن ۾ پھچندي، تڏھن پريي مڙس کي (جيڪو اندر زالن ۾ وڃڻ جھڙو ھوندو) مڱڻي جي پوتي ڏيندا، جنھن جي ھڪ پلئھ ۾ ماھي يا ڳائي آلي ڇيڻي جو ذرو ۽ ٻئي پلئھ ۾ سوا پاءُ ميندي، ٽئي ۾ جون جا گھٽ ۾ گھٽ پنج داڻا ۽ چوٿين پلئھ ۾ ھڪ رپيو يا پنج رپيا ٻڌل ھوندا، جيڪا ھو ڪنوار جي مٿان وجھندو. ان کان پوءِ پھرين مبارڪ گھوٽيتي طرف کي ڏيندو، ۽ پوءِ ڪنواريتن کي . ان بعد زالون توڙي مرد ھڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا. پوءِ ڪجھھ وقت ڳائڻ وڄائڻ کان پوءِ گھوٽيتا مٺائي ورھائيندا. اھڙيءَ طرح ڪن ساٺن سوڻن بعد مڱڻي جي رسم پوري ٿيندي ۽ گھوٽيتا خوش ٿي پنھنجي ماڳ موٽندا.

ھن موقعي تي زالون ڪنواريتي گھر ۾ ڳيچ ڳائينديون تھ ڪنواريتا ۽ گھوٽيتا مرد وري ويھي پڌريءَ جي موقعي تي ٿيل شرط ڀائرن اڳيان نروار ڪندا. جي ڳڙ جو شرط پيل ھوندو تھ ڳڙ آڻيندا ۽ جن جو ڳڙ ٻوليل ھوندو (گھوٽ، پڻس يا ڀائر) سي ڳڙ کائي اقرار ڪندا. بَدي جا سڱ ھوندا يا ”ڦلن مٺ“ جو شرط ھوندو تھ ان جي پڌرائي ڪندا. مطلب تھ جيڪي شرط ھوندا اھي برادر جي اڳيان ظاھر ڪندا.

مڱڻي جي رسم جي ٽئين ڏينھن گھوٽ جون ويجھيون مائيٽياڻيون ڪنوار جو وڳو ۽ ڇِل پٽ، جيڪو ورتو ھوندائون، سو کڻي ھڪ وارث سان گڏجي ڪنواريتن ۾ وينديون ۽ ڪنوار کي وڳو ۽ ڳھھ پارائي، پوتيءَ واريون ڳنڍيون ڇوڙي موٽي اينديون. ان رسم کي ”ڳنڍيون ڇوڙڻ“ چون. انھي موقعي تي ”گھور“ بھ ڏين، جيڪا ڪنوار ماءُ کڻندي[5].

’چنن‘ ۾ مڱڻي جي رسم اڳ نھ ڪندا ھئا. ھينئر مڱڻي تي پاڙو سڏائين، مٺائي ورھائين، ٻڪي ڪن ۽ پوءِ وڃي ڪنوار کي جوڙو ڏين، جنھن ۾ ڪورڪي سٿڻ، ڇيٽ جو چولو ۽ ڇيٽ جو رئو ڏين. جتي ڪونھ ڏين. ڳھن ۾ کير منڊي ۽ ويڙھھ ڏين، ڪنوار کي چولو وڏيري ڍڪائي ۽ باقي ڪپڙا ماءُ ڍڪائي[6].

چانڊين ۾ جيڪڏھن ڪنوار جو گھر پري ھجي تھ گھوٽيتا ڄڃ ڪري اتي وڃي شام يا فجر وقت راڄ سڏي، ڪنوار جو نڪ ٽوپين ۽ ٽي ڪپڙا بھ ڏين. ان کان سواءِ ڪنوار کي کير – منڊي ۽ ويڙھھ پارائين. ڪنوار کي ڪپڙا کھنبا ڏين. مڱڻي تي ٻڪي ڪونھ ڪن. ڄاڃين کي ماني گھوٽيتا کارائين. مڱڻي مھل گھوٽ کي ڪنواريتا ريٽو ڏين گھوٽيتا صرف مٺائي ورھائين. بعضي نڪاح بھ مڱڻي وقت وجھن. ھن موقعي تي سھرا ڪونھ چون، باقي دھل ڪي وڄائين تھ ڪي ڪونھ وڄائين[7].

ڪلھوڙن ۾ راڄ مڙي ڪنواريتن وٽ اچي ۽ پوءِ سھرا ڳائي ڪنوار کي مڱڻي جا لٽا ڏين. لٽن ۾ سائو چولو، ڳاڙھي سٿڻ، ڳاڙھو رئو ۽ جتي بھ آڻين، جيڪي ڳوٺ يا راڄ جي چڱي مڙس جي زال ڪنوار کي ڍڪائي. مڱڻي واري ريٽي جي ھڪ پلئھ ۾ مصري، ٻئي پلئھ ۾ ڇھارا، ٽئي ۾ ميندي ۽ چوٿين ۾ سوا رپيو ٻڌن. چانديءَ جي کير – منڊيءَ ۽ ويڙھھ بھ ڏين ۽ پوءِ نٿ ٽوپين. جيڪڏھن نڪ اڳ ئي ٽوپيل ھجي تھ ان ۾ ڪاٺي وجھن. نٿ ٽوپڻ کان پوءِ مٺائي ورھائين. مڱڻي وارا ڪپڙا اڪثر ڪنوار چوڙي ڇڏي[8].

تنين ۾ مڱڻو ۽ نڪاح عموما گڏ ڪن. رات جو نڪاح پڙھائين ۽ صبح جو مڱڻو ڪن. مڱڻي تي راڄ کي سڏ ڏين. ڪنواريتن ڏانھن وڃڻ لاءِ ڪوبھ دھل وغيره ڪونھ ڪن. ڪنوار لاءِ سائي سٿڻ، ڳاڙھو چولو ۽ ڳاڙھو رئو ۽ کير – منڊي ۽ ويڙھھ آڻين، جيڪي چڱي مڙس جي زال ڪنوار کي پھرائي. ڪنواريتا وري ان موقعي تي گھوٽ کي ريٽو ڏين. آخر ۾ مٺائي ورھائين[9].

ميربحرن ۾ بھ گھڻو ڪري مڱڻو ۽ نڪاح گڏ ڪن. رات جو نڪاح ڪن ۽ ٻئي ڏينھن تي مڱڻو ڪن. گھوٽيتن جي سڏ تي راڄ صبح جو اچي ڪٺو ٿئي. اھو سڏ صرف ضاعفائن کي ھوندو . راڄ جي چڱي مڙس جي زال مٺائي ورھائي، راڄ کي وٺي ڪنواريتن ڏي وڃي، جتي گھوٽيتن طرفان ڪنوار لاءِ تيار ڪيل چولو، سٿڻ، رئو ۽ جتي ڪنوار کي پھرائي. پوءِ ڄاڻو زال ڪنوار جو نڪ ٽوپي. نڪاح ۽ مڱڻي تي گھڻو ڪري دھل ڪونھ ڪن ۽ نھ وري مبارڪ ڏيڻ جو رواج اٿن. مٺائي ورھائيندڙ وڏيريءَ کي مٺائي ورھائڻ جي عيوض ھڪ رپيو يا رئو ڏين. مڱڻي تي سھرا چون[10].

جتوئين ۾ مڱڻي جي رسم شام جو ادا ڪن. مڱڻي تي گھوٽيتن مان ڪي ضاعفائون راڄ کي سڏ ڏيئي گڏ ڪن ۽ پوءِ زالين مڙسين ڄڃ ڪر ڪنواريتي گھر وڃن. پوءِ چڱي مڙس جي گھر واري سھرن ڳائيندي، گھوٽيتن جي آندل ڪپڙن مان رئو کڻي وڃي ڪنوار جي مٿي تي وجھندي. ڪنواريتا، ڪنوار کي اڳ ۾ ئي ڪنڊائتو ڪري ويھاريندا. ڪنوار کي رئو ڍڪائڻ وقت، وڏيري چوندي ’خدا لايو سجايو ڪندو‘.

مڱڻي ۾ ڪنوار لاءِ سڄو جوڙو آڻين، جيڪو ھوءَ ڇوڙي ڇڏي. رئي يعني پوتي ڍڪائڻ بعد چڱي مڙس جي زال مٺائي ورھائيندي. مٺائي کان پوءِ حجامڻ وٽي جھلي ھر زال کان پئسو، ٽڪو يا آنو گھور وٺندي[11].

بلوچن ۾ مڱڻي جي خاص نشاني آھي. ”نٿ ٽوپڻ“. ھاڻي تھ ٿيٻا، تنيا، خاصخيلي، نانگور، آمر[12]، سھتا، حاجي[13]، ونڊير، ماڇي، لانگاه، سيال وغيره بھ عام طرح اھا رسم ڪن. اڃا بھ جن قبيلن ۾ نٿ ٽوپائڻ جو اثر گھٽ آھي، سي ھي آھن: کنڀڙا[14]، ڦرڙا[15]، ۽ ابڙا[16]، ڪلھوڙا ۽ پيرزادا.

ڪن قبيلن ۾ رواج آھي تھ مڱڻي ۾ ڪنوار کي ھڪ ٻھ لٽو ڏين، ۽ مڱڻي تي مرد پاڻ ۾ مٺائي ورھائين ۽ زالون پاڻ ۾ ورھائين. زالن ۾ مٺائي ورھائڻ واري وڏيري آخر ۾ مٺائيءَ وارو خالي ٿالھھ پنھنجي گھر کڻي وڃي[17].

ڪوھستان ۾ مڱڻي کي ”ويھانءُ“ ۽ ”پوتي“ بھ سڏين. مڱڻي تي گھوٽيتا ٻانڌڻي يعني رڱيل ڀينڊيدار گندي ۽ ھڪ کھنبي (يعني ڳاڙھي مدراسي ڪپڙي تي چلڪيدار ڇر سان ڇريل گندي)، چولو ۽ سوسيءَ جي سٿڻ ڪنوار کي ڏين. زيورن ۾ نٿ، آڱر ۽ چيچ لاءِ چانديءَ جي منڊي (جنھن کي ’کيرول‘ چون) ۽ آڱر ۽ ٻاچ لاءِ چاندي جو ويڙھو (جنھن کي ’وريئڙو‘ چون) سي ضرور ڏين.

مڱڻي ۾ سڀني دعوتين کي کير ۽ ڳڙ جو شربت پيارين يا مصري ۽ کارڪون ورھائين. ڪنوار لا ھڪ ڊگھو ھار بھ آڻين، جنھن ۾ ڊاک، کوپرو، سوپاريون، لؤنگ، ايلاچيون، کارڪون، زردالو وغيره. چئن پنجن سرن ۾ پوتل ھوندا. گھوٽ کي وري ان موقعي تي ڪنوار جو پيءُ ھڪ اجرڪ ۽ رومال ڏيندو[18].

سماٽ قبيلن ۾ پوتي وجھڻ جي تاريخ، گھوٽيتا ۽ ڪنواريتا ھڪٻئي جي سھوليت سان مقرر ڪندا. پوتيءَ واري ڏينھن گھوٽيتا، پوتيءَ جا ڪپڙا، ڪجھھ زيور ۽ ٻيو سامان کڻي، ڄڃ ڪري ڪنواريتن ۾ ويندا. اتي عورتون ڳيچ ڳائي، گھوٽيتن طرفان آندل ڪپڙا ۽ زيور ڪنوار کي پارائينديون. پوءِ پنج سير کارڪون، پنج سير ڳڙ، پنج سير کنڊ، پنج سير ڏونگھيون، پنج سير گيھھ ۽ ڪڙو مٺو تيل، ھڪ پوتيءَ ۾ ويڙھي ڪنوار اڳيان رکنديون.

پوتي وجھڻ جي موقعي تي عام طرح ڪپڙن ۾ ھڪ پورو وڳو (ٽي ڪپڙا) جتي سميت ڏين ۽ زيورن ۾ ھڪ کيرول منڊي، ھڪ ورڻو، سون يا چانديءَ جون چوڙيون، ڳچيءَ لاءِ ھسي ۽ نڪ لاءِ سوني ڦلي آڻين. اھي سڀ شيون ”پوتي“ جي ڏيپ ۾ شامل آھن. ان موقعي تي گھوٽيتا مٺو ڀت رڌين.

مڱڻي وارو ورڻو ۽ کيرول منڊي بھ سڀاڳي سمجھي رکي ويندي آھي. اھا ڀڄي ڀري پوي تھ بھ ان جا ٽڪر ۽ ذرا سڀاڳ جي نشاني سمجھي، ڪپڙي ۾ ٻڌي رکي ڇڏين[19].

مڱڻي کان وٺي شاديءَ تائين، ھر مند تي جيڪو بھ نئون ميوو نڪرندو سو گھوٽيتا، ڪنوار لاءِ ڪنوايتن کي ڏياري موڪليندا. ان ۾ انب، کجيون، ڄمون، گدرا، ڇانھيون، ٻوراني، ڪم، پوڻيون، لوڙھيون، پلا، پکي وغيره مند مطابق موڪلين. اھو ميوو ڪو عزيز يا عزيزياڻي ڪنواريتن ۾ پھچائي. ڪنواريتا پڻ ”مند“ آڻيندڙ جو وات مٺو ڪرائين[20].

 

شاديءَ جا ڏينھن وٺڻ / تِٿ ٻڌڻ

مڱڻي کان پوءِ جڏھن گھوٽيتا خرچ پکي جي توفيق سارين، تڏھن ڪنواريتن کان شاديءَ جا ڏينھن وٺن. انھيءَ رسم کي ”ڏينھن وٺڻ“، ”ڏينھن ٻڌڻ“، ”ڏينھن چٽا ڪرڻ“ ۽ ”تِٿ ٻڌڻ“ بھ چون. ڏينھن وٺڻ کان اڳ ڪنواريتن کي اطلاع ڪندا تھ ”اسين شاديءَ لاءِ تيار آھيون.“ شاديءَ جي ڏينھن وٺڻ ۾ ڪنواريتن جو رايو وٺڻو پوندو تھ جيئن اھي بھ ڏاج ڏيوڻ تيار ڪن. تنھنڪري انھن جي ھائوڪار تي گھوٽيتا راڄ ڪندا پوءِ شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪري ظاھر ڪندا.

گھوٽيتن طرفان اول سڄي برادر کي سڏ ملندو، جنھن تي سڀئي راڄ جا ماڻھو گھوٽيتن ۾ يا چڱي مڙس جي اوطاق تي اچي گڏ ٿيندا. انھيءَ سڏ تي جيڪڏھن ڪو شخص نھ آيو تھ راڄ وارا سمجھندا تھ ضرور ڪنھن ڳالھھ کان رسامو ٿيو آھي. انھيءَ ڪري ٻھ – ٽي ڄڻا گڏجي وڃي ھن کي منٿون ميڙون ڪري وٺي ايندا. پوءِ راڄ وارا ٻنھي طرفن جون ڳالھيون ٻڌي پرچاءُ ڪرائيندا، ان بعد تاريخ مقرر ڪندا.

گھڻو ڪري چنڊ جون اِڪي تاريخون مقرر ڪن، جيئن ٧، ١١، ١٥، ١٧، ١٩، ٢١، ٢٧ ۽ ٢٩. تاريخون ٻھ مقرر ڪن، ھڪڙي ٻڪيءَ جي ۽ ٻي شاديءَ جي. ڪوھستان ۾ وري نڀاڳي ۽ سڀاڳي ڏينھن جو خيال رکن ۽ شاديءَ لاءِ عموما سومر يا خميس جو ڏينھن رکن، جنھن کي شاديءَ جو ”کڻ“ چون. تاريخن جي مقرريءَ بعد مٺائي ورھائي سڀني کي موڪل ڏين.


 

[1]   لغارين جون رسمون: سومر خان لغاري، تعلقو سنجھورو.

[2]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[3]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي، تعلقو عمرڪوٽ.

[4]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[5]   لغارين جا رواج: سومر خان لغاري، تعلقو سنجھورو.

[6]   -

[7]  غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[8]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[9]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[10]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[11]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[12]   ۽.

[13]   راڄپر ذات جا پاڙا.

[14]   عباسي ذات جا پاڙا.

[15]   عباسي ذات جا پاڙا.

[16]   عباسي ذات جا پاڙا.

[17]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[18]   عبدالعزيز جوکيو، تعلقو ٺٽو.

[19]   ۽.

[20]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊوباگو.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org