سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :1

 

 

باب پھريون

اولاد لاءِ دعا

سکائون باسڻ

جن عورتن کي ٻار نھ ٿيندو آھي، سي ڪنھن نھ ڪنھن پير جي سکا باسين ۽ سکا باسڻ وقت چونديون آھن: ’پير! پٽ ڏي يا خدا کان وٺارائي ڏئي تھ نر جو نر ڏينديسانءِ.‘ جنھن جومطلب آھي تھ گھڻو يا ڪونھون ڏيندي. ڪي زالون وري ٻار جي جھنڊ، چڳ، چوٽي يا ڦنڊر باسين ۽ اھا انھيءَ پير جي ڪري ڇڏينديون آھن.

جن زالن کي ٻار نھ بچندو آھي يا سڪي سڪي پيٽ ۾ ٿيندو آھي، سي ڪنھن پير جي سکا يا باس باسينديون آھن. اھڙي ٻار کي ’سوکتو‘ چيو ويندو آھي. جڏھن ان عورت کي پنجون مھينو پيٽ ٿيو تھ سکا ۾ ”اڌ ڳڀ“ ڏين. يعني زالون اڌ ڳڀ ان جي ڪٽي ٺاھي ڪنھن ڀر واري پير تي وڃي ڏيئي اينديون آھن. ڪي زالون چاليھو باسينديون آھن، جو گھڻو ڪري مسجد ۾ ڏنو ويندو آھي. ڪي زالون پير يا ولي جي ڪني باسينديون آھن. يعني چانورن جي ديڳ لاھين. ھر پير يا وليءَ جي جدا جدا مڃتا ڪن. ملتان جي غوث صاحب جا روٽ باسين، ڄام ڏاتار جي ڦنڊر ڏين، ميان غلام شاھھ کي ”مڇي ماني وارو پير“ سڏين ۽ اتي سيئل مڇي ۽ ماني باسين.

جن زالن کي ھڪٻئي پٺيان ٻھ ٻار ڄمندا آھن تھ اھي وري ٻارن کي ننڍڙي پاڃاريءَ ۾ وجھي، ڊڪائي پير تي وٺي وينديون آھن ۽ پير جي ڌمال ھڻنديون آھن. [1]

جھنڊ يا جاد باسڻ

زالون باس باسينديون آھن تھ پٽ ڄمي تھ فلاڻي ڪي فلاڻي پير تي ”جاد“ لھرائينديونسين. سڄي جھنڊ لاھي، رڳو مٿي تي چوٽي ڇڏين، ان چوٽيءَ کي ”جاد“ چون[2].

گھڻو ڪري پھرئين پٽ جي جھنڊ جي باس، پٽ جي ويجھي عزيزياڻي، جيئن تھ ماءُ، ناني، ڏاڏي يا ماسي باسيندي آھي. اھا باس ڪنھن پير يا وليءَ جي نالي باسي ويندي آھي؛ ۽ اھا سوڻ ساٺن سان ڪنھن پير، وليءَ يا فقير تي لھرائينديون آھن.

ڪنھن عورت کي اولاد نھ ٿيو تھ خود اھا عورت (ان جي ماءُ يا سس) ڪنھن پير يا وليءَ تي جھنڊ باسيندي. چوندي تھ: ’اي فلاڻا پير! مون کي بخشيل پٽ (پوٽو يا ڏھٽو) ڏي تھ آءٌ توتي سوني وينڊي سان، اڇي ڦنڊر سان، دھلن دمامن، ڳيچن ۽ خوشين سان اچي پٽ (پوٽي يا ڏھٽي) جي جھنڊ لھرائي وينديس.‘ اھا باس پير وليءَ جي درگاھھ تي ھلي وڃي ڪنديون آھن، بعضي گھر ويٺي بھ اعتقاد ڪري باس باسينديون آھن[3].


 

[1]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[2]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[3]   الھڏتو بلوچ، تعلقو شھدادپور.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org