سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :5

 

 

باب ٽيون

 

ولادت کان وٺي بلوغت تائين ٻار جي سنڀال دوران سوڻ

 

ٻار جي ڄمڻ کان وٺي وڏي ٿيڻ تائين، ماءُ ۽ ٻين مائٽياڻين طرفان ھيٺيان سوڻ ڪيا ويندا آھن:

*                 ماءُ، ٻار ڏي چاليھي تائين پٺي ڪري سمھندي، چون تھ: جيڪڏھن ڪنھن عورت ائين ڪيو تھ ”ديوي” ٻارڙي کي ٿڃ پياري ويندي، جنھنڪري ٻار، ماءُ جي ٿڃ نھ ڌائيندو پر روڄ راڙو ڪندو. انھيءَ حالت ۾ ھيٺيان سوڻ ڪن:

*                 ستن کوھن جو پاڻي آڻي ان ۾ ستن وڻن جا پن وجھي، ستن وڻن جي ڪاٺين جي باھھ تي پاڻي گرم ڪري، ان پاڻيءَ سان ٻار کي ستن ڏينھن تائين ٽھ – واٽي تي وھنجارين.

*                 نانگ ماري ٽھ – واٽي تي پوري، پوءِ ان ٽھ – واٽي تي نانگ جي مٿان ٻار کي ٽي ڏينھن وھنجارين.

*                 ھٿ پير لٿل عورت ڪنھن بھ جانور يا پکيءَ کي ھڪل نھ ڏيندي، ڇو تھ ائين ڪرڻ سان ماءُ جي ٿڃ سڪي ويندي.

*                 ٻار کي ھڪ نھ ٻي نھ ڇڏيندي تھ ان ٻار کي مئل ڪتيءَ جي منڍيءَ تي بيھاري وھنجارين.

*                 ڌيءَ کي ايڪيھھ ڏينھن نيڻ ڪڍن ۽ پٽ کي اڍائي مھينا. وڌيڪ ڏينھن نيڻن ڪڍڻ سان ناناڻن کي نقصان پوندو.

*                 ٻار کي مٿيان ڏند اڳ ۾ ڄمن تھ ناناڻا ان ٻار کي چانديءَ جو ننڍڙو سڱ ۽ گز ٺھرائي ڳچيءَ ۾ وجھندا. ٻيءَ حالت ۾ ناناڻن کي نقصان پوندو.

*                 ٽن ڌيئرن جي مٿان پٽ ڄمي تھ ان کي ٽکڙ چون ۽ کيس سون يا چانديءَ جا ڳھھ (ٽنگن ۽ ٻانھن ۾ ڪڙيون ۽ ڳچيءَ ۾ ھسي) وجھن ۽ ٻارھين مھيني صفر پوئين اربع تي اھي ڳھھ مٽائي، وڏا ڪرائي پارائين. ٽي سال ائين ڪن.

*                 ٻار جي ڇٺيءَ تي سير نھ وجھندا، باقي طاھري يا خشڪ چانور رڌين. گھڻو ڪري ٻاٽ جو ڀت رڌين.

*                 ٻار نھ ڳالھائي يا ٽيئڙ تپ ھجيس تھ ان کي رڇ تي چاڙھين.

*                 گونگي ٻار کي دھلاريءَ جو اوبارو پاڻي پيارين، يا سروري مڱڻھار جي دھل جو ڏونڪو ڌوئي، اھو ڌوپ وارو پاڻي پيارين، تھ جيئن ٻار ڳالھائي.

*                 جيڪو ٻار ڳالھائڻ جي عمر ۾ آيو ھجي، پر اڃا ڳالھائڻ تي نھ وريو ھجي، ان جي وات ۾ جيئري جھرڪيءَ جي سسي وجھن تھ ٻار جلد ڳالھائيندو.

*                 جيڪڏھن ننڍڙي ٻار واري عورت سيويون کائيندي تھ ٻار کي پيٽ ۾ ’سيڪيون‘ (ڪينئان) ٿي پونديون انھيءَ ڪري، جيڪڏھن ننڍڙي ٻار واري عورت کي سيوين کائڻ تي دل ٿي، تھ پوءِ ڍڪڻ ۾ سيويون وجھي، در جي چانئٺ تي ويھي کائيندي، ائين ڪرڻ سان ٻار کي پيٽ ۾ ’سيڪيون‘ نھ ٿينديون.

*                 جيڪڏھن ٻارڙو روڄ راڙو ڪندو ھوندو تھ پوءِ ستن گھرن مان سر ڪڍي، اھي ساڙي، انھن جي رک ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن تھ روڄ راڙو ڇڏي ڏيندو.

*                 ٻار واري عورت، ٻار سميت ڪنھن مقام يا درگاھھ تي، باس يا سکا کان سواءِ ڪانھ ويندي، نھ تھ ٻار کي نقصان رسندو.

*                 جنھن گھر ۾ ويم ٿيو ھوندو، ان گھر مان ’ڇِلي‘ تائين ٽانڊو نھ کڻندا، نھ تھ نئين ڄاول ٻار جو وات ٺري پوندو (يعني وات ۾ ڦلڻا ٿي پوندا).

*                 جنھن ٻار کي ڏند آيل ناھن، ان کي ڦڻي نھ ڏيندا، ڇاڪاڻ تھ ڦڻي ڏيڻ جي حالت ۾ ٻار کي ڏند تڪليف سان نڪرندا[1].

*                 عورت کي ڌيءَ ڄائي ھوندي، ۽ پٽ نھ ڄمندو ھوندس، تھ پوءِ ان ڌيءَ جون واليون ڪين ٺھرائين. ۽ چون تھ: جڏھن ڀاءُ ڄمندس تڏھن واليون پائيندي. ڪن ھنڌن تي وري پٽ ڄمڻ تائين ڌيءَ جا ڪن بھ ڪين ٽوپائين.

*                 ويم واري عورت جو ’ڇِلو‘ ست ڏينھن ھلي، ان عرصي تائين ڪوبھ مرد ماڻھو ڇلي واري جاءِ ۾ اندر نھ ويندو.

*                 ڇلي واري عرصي تائين گھر ۾، وڻ ھيٺ يا ٻئي ڪنھن ھنڌ ڏاڍيان ڪونھ ڳالھائين، متان ماءُ ۽ ٻار کي ڇرڪ ٿي پوي.

*                 ٻار ڄمڻ کان پوءِ ستن ڏينھن تائين ان گھر ۾ ٻريل ڪاٺيون پاڻي سان ڪونھ وسائين، ڇو تھ ائين ڪرڻ سان ٻار جي منھن ۽ بدن تي ڦلڻا ٿي پوندا[2].

*                 مينھن ۾ گوڙ ٿئي تھ ٻار جي ٻانھن ۾ ڪچو اڇو ڌاڳو ٻڌي ڇڏينديون تھ متان ٻار ٻوڙو ٿي پوي[3].

*                 جنھن ٻار کي مٿي ۾ ٻھ ڀؤنريون ھونديون سو ڀاڳ وارو ليکين.

*                 جنھن ٻار کي پير ۾ پدم ھوندو، سو سڀاڳو ٻار چون.

*                 جنھن ٻار کي چور ڏند اڀرندا، اھو تيستائين ڏکيا ڏينھن ڏسندو رھندو، جيستائين اھي سڀئي ڏند نھ ڪڍائيندو يا پاڻھي لھي وڃن.

*                 ٻن آڱوٺن وارو ٻار ڏکيا ڏينھن نھ ڏسندو، ۽ ڪنھن نھ ڪنھن ھنر ۾ مشھور ٿيندو.

*                 ٻار جو خالي پينگھو نھ لوڏين، جو ائين ڪرڻ سان ٻار جون اکيون اٿي پونديون.

*                 ٻار کي اٽڻو آيو تھ چون ”اف دائي، تنھنجي منيءَ تي موچڙو!“

*                 ٻار اوٻاسي ڏئي تھ سندس وات تي ھٿ يا آڱر رکن، يا وري ھيٺئين ۽ مٿين چپ تي واري سان ڏسڻي آڱر رکن تھ جيئن اوٻاسي اڌ ۾ رھجي وڃي، متان ٻار جون ڄاڙيون چڙھي پون يا واڇون وڏيون ٿي پون.

*                 ٻار کي نڇ آئي تھ چونديون ”ڇٽا پٽ!“ يا ”بسم الله!“

*                 ٻار باھھ ۾ سڙيو تھ چونديون ”ٺري پيو“.

*                 ٻار فوت ٿي ويو تھ چون ”وڌيو آھي“.

*                 ننڍڙو ٻار بيمار ٿيو تھ چونديون ”سکالو ٿيو آھي“.

*                 نڍڙو ٻار ستل ھوندو تھ چونديون ”وڏو ٿيو آھي“.

*                 ٻار جي ستي ڦڪي کي ھارڻ بدران چون ”وڌاري ڇڏ!“

*                 جنھن کٽ تي ٻار ستل ھوندو، ان کي ھڪ ھنڌان کڻي ٻئي ھنڌ رکڻ بعد کٽ جا کڻندڙ ھڪٻئي کي ھٿ ڏيندا ۽ ان بعد ھرڪو پنھجي ھٿ جي اڳ ۽ پٺ چمندو تھ جيئن ٻار کي نقصان نھ پھچي[4].

پٽ جي چوري

پٽ ڄمڻ تي، ”پٽ جي چوري“ ڪن، انھيءَ موقعي تي سموريون مائيٽياڻيون اچي گڏ ٿين، ۽ ڳيچ ڳائين. ”چوري“ ڪنھن ٿالھھ يا ڪنھن ٻئي ٿانو ۾ گيھھ ۽ کنڊ ملائي ٺاھين. سڀ عزيزياڻيون انھيءَ ٿانو جي چوڌاري ويھي ”چوري“ ٺاھينديون ۽ ڳيچ چونديون ۽ آخر ۾ ھڪٻئي کي مبارڪون ڏينديون. پوءِ ٻار جي ويجھي عزيزياڻي اٿي اھا چوري ورھائيندي ۽ تنھن کان پوءِ مٺائي ڏيندي آھي[5].

ٻار کي ٿڃ ڏيڻ

نئين ڄاول ٻار کي ماءُ تيستائين ٿڃ نھ ڏيندي، جيستائين گھر ۾ رھندڙ يا ٻاھران آيل عورتون، جن کي سون پيل ھوندو، اھو انھن کان لھرائي پاڻي ۾ ڌئاري، ان پاڻيءَ سان ماءُ جون ڇاتيون ڌئارين. گھر ۾ ڪا سنجيل گھوڙي موجود ھوندي يا ٻاھران گھر ۾ لنگھي آئي ھوندي تھ اھڙيءَ حالت ۾ ان جا رڪيب ڌوئي ان پاڻي سان ڇاتيون ڌئاري پوءِ ٿڃ ڏيارين[6].

ٻار – ماءُ جو علاج

*                 سوانجو يا ٻٽيھو: ويم بعد عورت کي چاليھن ياٻٽيھن ڏينھن تائين ’سوانجو‘ کارائين. جنھن کي ”ٻٽيھو“ پڻ چونديون آھن. اھو ھن طرح تيار ڪن: ويم کان ڏھھ پندرھن ڏينھن کن اڳ دائي ۽ ھڪ – ٻھ پوڙھي عورت گڏجي وڃي پساريءَ کان ”ٻٽيھو“ خريد ڪنديون. آُھي ٻٽيھي جي ھر ھڪ شيءِ جانچي جونچي وٺنديون. پوءِ سڀ شيون جدا جدا چوندي، ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري رکنديون. ان بعد اھي شيون ھڪ ھڪ ڪري ڪاٺ جي اکري م ڪٽينديون، پر اھڙي ھنڌ يا اھڙي طرح جو ڪنھن بھ مرد ماڻھوءَ جي نظر ٻٽيھي تي نھ پوي. پوءِ اھي سڀ شيون ڪٽي، گڏي ٻٽيھو تيار ڪنديون. سڄاڻ دائي جو تيار ڪيل ٻٽيھو ويم واري عورت استعمال ڪندي تھ ويم سبب جيڪا بھ جسماني ڪمزوري ھوندي، سا دور ٿي ويندي ۽ عورت چاق چؤبند رھندي. ٻٽيھو تيار ٿيڻ بعد ٺڪر جي ٿانون ۾ وجھي رک.

*                 ويم واري عورت کي دائي، صبح شام اچي ھٿ ھڻندي، جنھن ۾ سڄي جسم کي گيھھ سان مالش ڪري، پوءِ سندس پيٽ تي جنڊ يا جنڊيءَ کي ھٿئي جي ٽيڪ سان بيھاريندي، تھ جيئن عضوا پنھنجي جاءِ وٺي بيھن.

*                 ڇِلي واري عرصي ۾ ويم واري زال کي ٻاجھري، جوئر يا چانورن جي پٽڙي رٻ، جنھن ۾ جھجھو گيھھ، ڦوٽا ۽ جيرو پيل ھوندو، کارائينديون آھن.

*                 ويم کان پوءِ ڇھين يا ستين ڏينھن، عورت مٿي تي پاڻي وجھندي، ۽ ان کان پوءِ ٻار جي ڇٺيءَ ڪن[7].

دائيءَ جو لاڳ

ٻار ڄمڻ تي دائيءَ کي لاڳ ڏيڻ جو رواج ھر قوم ۾ جدا جدا ٿئي، جيڪو ھيٺئين تفصيل موجب آھي:

*                 ٻار ڄمڻ تي دائيءَ کي ھٿ پير لھندڙ زال جو لٿل رئو ۽ چولو ملندو، سکيا ماڻھو نئون رئو ۽ چولو بھ ڏيندا. ان کان علاوه پٽ ڄمڻ جي حالت ۾ پنج رپيا ۽ ڌيءَ لاءِ مرضيءَ مطابق لاڳ ڏين. دائي ٩ يا ١١ ڏينھن ٽڪندي، پوءِ جيترا ڏينھن ٽڪي ھوندي اوتريون پاٽيون ان جون کيس ملن، جنھن کي ’ورؤ‘ چيو ويندو آھي[8]. عام طرح ويم واريون عورتون يارھين ڏينھن ڇِلو ختم ڪن ۽ مٿي تي ’پڪو پاڻي‘ وجھن. اعو عرصو دائي جيڪا خدمت ڪري ان جي عيوض کيس گھٽ ۾ گھٽ پنج روپيا روڪڙا، نئون رئو ۽ چولو لاڳ ۾ ملندو[9].

*                 پٽ جي ناڙي وڍاڻي جو لاڳ، دائي پھرين ٻھ رپيا يا پنج رپيا وٺندي. پوءِ وري ڏھھ رپيا ۽ ڪپڙن جو وڳو وٺندي. جن ماڻھن ڏانھن مبارڪيءَ جو ڳڙ يا مصري کڻي ويندي يا ڪنھن ماڻھوءَ ھٿان مبارڪي موڪليندي تھ اتان بھ کيس ڪپڙا ۽ پئسا ملن. ڳڙ ۽ مصريءَ جو خرچ گھر ڌڻين تي، باقي مبارڪيءَ جو جيڪي بھ ملي. سو دائيءَ جي حوالي. ڪي سرنديءَ وارا پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ دائيءَ کي ٻڪري، ڍڳي يا مينھن وغيره بھ ڏين. ڌيءَ ڄمڻ جي حالت ۾ دائيءَ کي صرف پنج رپيا ۽ ويم واري عورت جا لٽا ملندا[10].

*                 پٽ ڄمڻ جي حالت ۾ دائي، ٻار جي مائٽياڻين (ماءُ، پڦي، ڏاڏي، ناني، ماسي، وغيره) کان ھڪ ھڪ پنڙو لھرائي وٺندي، چاھي اھو سونو ھجي يا روپو. جيڪڏھن پنڙو نھ ھجي تھ والي وٺندي. مردن مان پيءُ، چاچي، مامي، ناني، ڏاڏي وغيره کان وري ھڪ ھڪ بوڇڻ وٺندي.

*                 دائي، پٽ توڙي ڌيءَ، ٻنھي جي حالت ۾ ’روھيون مانيون‘ وٺندي، يا انھن جي عيوض پنج ٽويا ساريون وٺندي.

*                 جيڪڏھن ڪنھن سرنديات کي ٻار ڄائو تھ ان جو وات سوني منڊيءَ سان ڪڇين ۽ جي غريب جو ٻار ھوندو تھ چانديءَ جي ڇلي سان ڪڇين. اھا منڊي يا ڇلو، دائي کڻندي.

*                 ڪي ماڻھو پٽ ڄمڻ تي امام موسيٰ رضا جو نياز ڪندا ۽ اھو دائي وڃي ورھائيندي. ان کان پوءِ ڳڙ ورھائين، ۽ ان جي عيوض دائيءَ کي گھور ملندي[11].

ڪن قومن ۾ ھٿ پير لھندڙ عورت جا لاٿل ڪپڙا دائي کي ڪونھ ملن، باقي ٻيو سمورو لاڳ ساڳيءَ طرح ملندو. اڌ پاءُ تيل ۽ پاءُ ميٽ جو بھ دائيءَ کي ڏنو ويندو. انھن قومن ۾ ڌيءَ جي حالت ۾ بھ ساڳيو پٽ وارو لاڳ ڏيندا[12].

مير بحرن ۾ ٻيو لاڳ ساڳيو ڏين، البت ڌيءَ ڄمڻ جي حالت ۾ ڳڙ نھ ورھائڻ سبب اھو لاڳ دائيءَ کي نھ ملندو[13].

پٽ ڄمڻ جي مبارڪي

پٽ ڄمڻ تي پھرين مڱڻھار دھل کڻي اچي، در تي دس وڄائيندو ۽ دعائون ڪري مبارڪون ڏيندو. دھل جو آواز ٻڌي اوڙي پاڙي جون زالون بھ اچي گڏ ٿينديون. گھڻو ڪري پاڙي واريون بھ ”سروري فقير“ يا مڱڻھار کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ڏينديون. انھيءَ ڏيڻ کي ”ويل“ چون. ٻار جون ويجھيون مائيٽياڻيون دھل جي تار تي خوشيءَ وچان نچي ڳيچ بھ ڳائينديون. آخر ۾ مڱڻھار يا ”سروري فقير“ کي ٻڪري، ڍڳي يا ٻيو ڪجھھ ڏيئي خوش ڪندا. دھلاريءَ کي گھٽ ڏيڻ تي اوڙي پاڙي ۾ کل ٿيندي[14].

کنڊ

پٽ ڄمڻ تي ماءُ کي مٽ مائٽ مبارڪون ڏيندا ۽ ڪي عورتون ڳيچ بھ ڳائينديون. ويم ڪيل عورت کان سواءِ گھر جي ٻين ڀاتين کي بھ مبارڪون ملنديون. جيڪي ماڻھو بھ مبارڪ ڏيڻ ايندا، سي ٻار کي خرچي ”کنڊ“ جي نالي سان ڏيندا. اھو سلسلو ڇٺيءَ تائين ھلندو رھندو[15].

ٻار جي پيءُ ٻين عزيزن يا دوستن کي مبارڪيءَ ۾ جيترا پئسا اڳ ڏنا ھوندا، اوترا کيس بھ انھن وٽان ملندا. پاڻ وري مبارڪ ڏيڻ وارن کي مصري يا ڳڙ ڏيندو[16].

پاکر

پٽ ڄمڻ جي خبر يا مبارڪ جڏھن سندن مرشد کي ملندي تڏھن اھو بھ قميص سبائي ٻار جي پيءُ کي اچي ڏيندو يا موڪلي ڏيندو. مبارڪيءَ جي عيوض مريد وري مرشد کي ڪجھھ نھ ڪجھھ نذراني طور ڏيندو. غريب گھٽ ۾ گھٽ پنج رپيا ۽ شاھوڪار گھٽ ۾ گھٽ ڏھھ رپيا ۽ ٻڪري وغيره ڏيندو، جنھن کي ”پاکر“ چون[17].

ٻار جو نالو رکڻ

ٻار کي وھنجارڻ بعد صاف ڪپڙي ۾ ويڙھي پيءُ، ڏاڏي يا ٻئي ويجھي عزيز کي ڏيندا، جيڪو ٻار جي چيچ ساڄي ھٿ ۾ جھلي، سندس ڪن ۾ ٻانگ چوندو ۽ ان بعد ٻار جو نالو رکندو. ٻار تي گھڻو ڪري ڏاڏي يا ٻئي ڪنھن مري ويل ويجھي عزيز جو نالو رکندا. پر جيڪڏھن ٻار سڪي پني ڄائو ھوندو يا نھ بچندو ھوندو تھ ان جو نالو سھڻن لفظن وارو نھ رکندا ۽ چوندا تھ اِھو ڳرو آھي. تنھنڪري وڻن ۽ ميون جا نالا رکندا، جھڙوڪ: ڪرڙ، کٻڙ، ڪنڊو، لاڻو، ڦوڳ، انب، توت، صوف، ڏاڙھون، اڪ، گل، ڦل وغيره، يا جيتن وغيره جا نالا جھڙوڪ: پوپٽ، ٽِنڊو (ٽنڊڻ)، ماڪوڙو وغيره، يا وري ذائقي جي لحاظ وارا نالا جھڙوڪ: ڪؤڙو، مٺو، مصري، پتاشو وغيره رکيا ويندا. ان کان علاوه جنھن ڏينھن يا مھيني ۾ ٻار ڄاول ھوندو تھ انھيءَ نالي سان بھ سڏيندا، جيئن: جمعو، آچر، سومر، اڱارو، يا خميس، منگل، رمضان، شعبان، عرس، رجب، محرم، صفر، حاجي وغيره[18].

ڪن قومن ۾ رواج آھي تھ ٻار جو نالو ڄمڻ سان رکي ڇڏين، جيئن تھ سيد، پيرزادا، شيخ، سونارا وغيره. ڪن قومن ۾ وري ڇھين ڏينھن ڇٺيءَ واري رات ٻار جو نالو رکن، جيئن تھ: ڏھراج، گھانگھرا، آگرا، ڦرڙا، ابڙا، تنيا، ڪلھوڙا، راڄپر، سرائي، مڱڻ، سامٽيا، خاصخيلي، ٽالپور، رند، لنڊ، خشڪ مري وغيره. نالو والدين رکن. نالي رکڻ وقت، ڪڏھن ڪڏھن اختلاف بھ ٿيندا آھن. مثال طور: ڪو ماڻھو پنھنجي پٽ جو نالو ’امير بخش‘ رکندو ھجي، پر ساڳئي ڳوٺ ۾ ’امير خان‘ نالي ڪو ماڻھو ھوندو تھ اھو نالو رکڻ ڪونھ ڏيندو، ۽ چوندو تھ: جيئري جو نالو ڪيئن رکندؤ؟ عام ماڻھن ۾ اھو وھم ويٺل آھي تھ ٻئي ڪنھن ٻار تي سندن ٻار جي نالي وارو نالو رکڻ سان اڳئين نالي وارو ٻار مري ويندو[19].

نالي رکڻ جا بد سوڻ

*                 جنھن ماڻھو کي اولاد نھ ھوندو يا رڳو ڌيئرون ھونديون تھ ان جو نالو ٻار تي نھ رکندا

*                 ماءُ پيءُ جي نافرمان اولاد جي نالي جھڙو نالو بھ نھ رکندا.

*                 جوانيءَ ۾ مري ويل يا گھڻو عرصو بيمار رھيل ماڻھو جو نالو بھ نھ رکندا.

*                 ڳؤرا نالا، جھڙوڪ: عبدالقادر، علي اڪبر، علي اصغر، عباس علي وغيره بھ نھ رکندا.

*                 پيءُ ڏاڏي وغيره جو نالو بھ نھ رکندا، ۽ چوندا تھ: انھيءَ نالي جو ادب مائٽ کان نھ پڄي سگھندو، پر جيڪڏھن اھڙو نالو رکندا تھ ان سان ٻيو نالو بھ ضرور رکندا.

نالا کارڻ يا بگاڙڻ

اڪثر مائٽ پنھنجي ٻار جو نالو لاڏ ۽ ڪوڏ مان سڏڻ ڪري ننڍو ڪري ڇڏيندا، ۽ اھڙي ريت اصل نالو بگڙي ٻي صورت اختيار ڪندو آھي. جيئن عبدالڪريم مان ابو، ڪريم بخش مان ڪمو، يا ڪرو، علي بخش يا علي محمد مان علو، اڪبر مان اڪو، شرف الدين مان شرفو ۽ شفيع محمد مان شفو يا شفن، دين محمد مان دينو ۽ گل محمد مان گلو وغيره.

ڪڏھن وري ڊگھي نالي جي بدران ’اڌ‘ نالو بھ ڏيندا آھن، جيئن عبدالقيوم کي قيوم، عبدالجبار کي جبار، زين العابدين کي زينل وغيره.

ڇٺي

ٻار ڄمڻ کان ڇھھ ڏينھن کان پوءِ ستينءَ رات ٻار جي ڇٺي ڪن. ڇٺيءَ جي رات اوڙي پاڙي جي عزيزن ۽ نياڻين کي سڏين. منگتا فقير جيڪي (پٽ جي حالت ۾) ٻار جي ڄمڻ واري ڏينھن کان دس وڄائيندا ۽ مرادون گھرندا رھندا، انھن کي بھ ڇٺيءَ واري رات مائٽن ۽ ٻين عزيزن کان لاڳ ملڻ جي وڏي اميد ھوندي آھي. ڇٺيءَ ڌيءَ توڙي پٽ، ٻنھي جي ٿيندي. البت پٽ جي ڇٺي وڏي ڌام ڌوم سان ڪن. ان موقعي تي پاڙي جون زالون گڏجي سھرا بھ ڳائين.

ڇٺيءَ جو ڀت

ڇٺيءَ جي رات مٺو ڀت رڌين، جنھن کي ”مٺي ڀت جو ڪنو“ بھ چون. اھو ڀت گھر جي ڀاتين ۽ پاڙي اوڙي مان گھرايل نياڻين کي کارائين. ڪجھھ ڀت ڳوٺ جي گھرن ۾ بھ موڪلين، جتان وري ڀت واري ٿانو ۾ ٿورو گھڻو ان ملندو، جيڪو دائي کي ملندو[20].

بلوچ توڙي سماٽ قومن ۾ ڪڻڪ جو ڏارو ڪري، ان ۾ ڳڙ وجھي، ڇٺيءَ جو ڀت رڌين.

جتوئي قوم ۾ رواج آھي تھ دائيءَ ڇٺيءَ جي ڀت مان اڍائي ڏويون ”بيبي تنوري“ جي نالي جون ڪڍندي ۽ باقي ڀت پاڙي ۾ روھائين[21].

جيڪڏھن ڪي مائٽ غربت يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري ڇٺيءَ جو ڀت نھ ڪري سگھن، تڏھن بھ دائيءَ کي ان وغيره ضرور ڏين، جنھن کي ”پڻ“ چون[22].

تنيا قوم ۾ ڇٺيءَ جي ڀت مان بادشاھھ پير کي ختمو بھ ڏيارين. چانڊيا قوم ۾ پٽ جي ڇٺي تي طھري ڀت ۽ ڌيءَ جي ڇٺيءَ تي ڪونئرو ڀت رڌين[23].

ڇٺيءَ جا سوڻ

ڇٺيءَ جي سوڻن مھل پنج يا ست زالون گڏجي ڇٺيءَ جا ڳيچ ڳائين. گھڻو ڪري سڄي رات ڳيچن ڳائڻ ۽ سوڻن ڪرڻ ۾ گذارين. ڇٺيءَ ۾ ھيٺيان سوڻ ڪن:

سڳا ويڙھڻ

ڇٺيءَ واري رات ٻار ۽ ماءُ واري کٽ جي چئني پاون سان ھڪ ھڪ ڪانو کڙو ڪن، ۽ ھر ھڪ ڪاني جي ڀرسان ھڪ ڇوڪري کي ڳڙ يا مٺائي ڏئي بيھارين. ان کان پوءِ زالون انھن ڪانن جي چوڌاري سڳا ويڙھڻ شروع ڪنديون. جڏھن ست تندا پورا ٿيندا، تڏھن ھڪ عورت ’آيت الڪرسي‘ پڙھي، کٽ تي دم ڪندي. ان وقت دائي چوندي:

”آيت الڪرسي، ڪڇ ۾ ڪمان
لوھھ جي ڪنجي، رڪ جو ڪوٽ
ياعلي! تنھنجي اوٽ، تنھنجي ڪوٽ“

 

سڳن ويڙھڻ مان مراد اھا ھوندي اٿن تھ اھو ھڪ ڪوٽ آھي ۽ ان تي حضرت علي ڪرم الله وجھھ جو ھٿ آھي، تنھنڪري ڪابھ خوفناڪ شيءِ ٻار ۽ ماءُ کي نقصان نھ پھچائي سگھندي. صبح جي نماز مھل دائي اھي سڳا ڪانا لاھي پنھنجي گھر کڻي ويندي. اھو سوڻ پٽ جي ڇٺيءَ تي ڪن. ھي رواج ڦرڙا، ٿيٻا، ميمڻ، ڪلھوڙا، مري، خشڪ ۽ مڱڻ قبيلن ۾ عام آھي[24].

مائي ڇٺي يا بيبي ڇٺي

عام ماڻھن جو عقيدو آھي تھ ڇھن ڏينھن کان پوءِ ”ڇٺي بيبي“ يا ”مائي ڇٺي“ ٻار جي عمر ۽ قسمت لکڻ ايندي آھي. ان موقعي تي ٻار کي نوان ڪپڙا ۽ ڳانا پارائين. ڪي زالون وري ٻار کي ڪاري سٽ جا سڳا (ڳانا) ڄنگھن ۽ ٻانھن ۾ بھ ٻڌن، ۽ ھڪ ڳاني ۾ چانديءَ جو ويڙھھ، ڇلو ۽ مڻيا وجھي، ڪنڍلو ٺاھي ٻار جي ڳچيءَ ۾ وجھن. ان کان پوءِ ڍڪڻيءَ ۾ کير ڀري، ٻار جي سيراندي کان رکن ۽ چون: ”مائي ڀاڳ ڀري، چڱو ڀاڳ لکجانس“[25].

ڪن قومن ۾ رواج آھي تھ ان موقعي تي ٻار ۽ ماءُ جي چوڌاري صلواة ۽ آيت الڪرسي پڙھن، تھ جيئن ”ڇٺي بيبي“ راضي ٿي سٺي قسمت لکي. ان مھل ھڪ ٿالھي ڀت جي ڀري ٻار جي سيراندي کان رکن ۽ صبح جو کوھھ يا واھھ ۾ اڇلائي ڇڏين. ٻئي ڏينھن ڇٺي بيبي کي ختمو ڏيارين[26].

راڄپر ۽ پلھھ قومن ۾ ٻار جي سيرانديءَ کان ھڪ اڇو پنو، مس ۽ ڪلڪ بھ رکي ڇڏين، تھ جيئن ”مائي ڇٺي“ ان پني تي مس ۽ ڪلڪ سان قسمت لکي[27].

ڇنڊا ھڻڻ

دائي، ٻار جي ماءُ جي ٻنھي ھٿن جون آڱريون، آڱوٺن سميت کير مان ٻوڙي پھرين اولھھ طرف، پوءِ اتر ۽ ڏکڻ طرف، پوءِ آسمان ڏانھن ۽ آخر ۾ زمين ڏانھن ڇنڊا ھڻائيندي. ائين ٽي ڀيرا ڪن، ۽ ان کان پوءِ ٻار جي نراڙ، ڳلن ۽ کاڏيءَ تي بھ ڇنڊا ھڻن.

*                 مٺي ماني پچائي، چار ٽڪر ڪري، ھر ھڪ ٽڪر ٻار جي مٿان ٽي ڀيرا گھوري، پوءِ چارئي ٽڪر چئن طرفن ڏانھن اڇلائين.

*                 دانگي يا ڪني جي ڪاراڻ، ٻار جي نراڙ ۽ ڳلن تي ھڻن تھ جيئن نظر نھ لڳيس.

*                 گڏھھ جي ليڏوڻي کي پاڻيءَ ۾ پسائي، ان پاڻيءَ سان ٻار کي وھنجارين. لنڊ، خشڪ ۽ کوسا ذاتين ۾ اھو پاڻي ٻار جي ماءُ کي پيارڻ جي رسم آھي.

*                 ٻار کي ان ۾ توري، اھو ان خيرات ڪري ڇڏين.

*                 ڪنھن نيڪ ۽ معتبر ماڻھو کان ڦيڻ ڪڍائي، ٻار جي تارونءَ تي لڳائين، تھ جيئن ٻار ان ماڻھوءَ جھڙو نيڪ ۽ معتبر ٿئي.

*                 ٻار کي ڄنگھن ۾ ڏاوڻ ٻڌن[28].

*                 جتوئي ذات ۾ رواج آھي تھ سير کن ميندي پسائي ان جا ٻھ حصا ڪري، ھڪ حصو ڏاڏي پوٽين ۽ ٻيو آدم پوٽين کي لائين، ۽ چون تھ: آدم پوٽين کي ميندي لائڻ سان ٻار گونگو نھ ٿيندو.

*                 گڏھھ جا ست ليڏوڻا، ست سيڱون ۽ ست گز آڻين، ۽ ليڏوڻا ڌاڳن ۾ پوئي سيڱ ۾ زھھ ڪري ٻڌن. انھن ستن سيڱن مان چار گھر جي چئن ڪنڊن ۾ پنجين گھر جي وچ واري وري ۾، ڇھين در جي چانئٺ ۾، ۽ ستين ٻار جي ڪڇ ۾ رکن. ان کان پوءِ پيءُ ٻار تي نالو رکندو (ھي سوڻ پٽ جي حالت ۾ ڪن).

*                 ٽن ڌيئرن مٿان ڄمندڙ پٽ کي ”ٽِکڙ پٽ“ ۽ ٽن پٽن مٿان ڄمندڙ ڌيءَ کي ”ٽکڙ ڌيءَ“ چون، ۽ اھڙي ٻار کي ٻھ ڪنگڻ ٻانھن ۾، ۽ ھڪ ڪڙي ساڄي ٽنگ ۾ پائين[29].

*                 چانڊيا ذات ۾ رواج آھي تھ ڇٺيءَ جي رات، ڪڻڪ ۽ ڪارا ڌاڳا کير ۾ پسائي رکن، ۽ صبح جو اھا ڪڻڪ اڇن ڌاڳن ۾ پوئي، ٻار کي ٻانھن ۽ ٽنگن ۾ ٻڌن.

*                 ڇٺيءَ واري رات وارو ڀت ڍڪڻيءَ ۾ وجھي، منجھس کير ملائي ٻار جي سيراندي کان رکن ۽ صبح جو اھو ڀت ۽ کير پاڻيءَ ۾ ھاري ڇڏين، ۽ چار ڪارا ڌاڳا ٻار جي ٻانھن ۽ ٽنگن ۾ ٻڌن.

*                 پٽ جي حالت ۾ سوني منڊي يا نڪ جي سوني ڦلي، سڳي ۾ وجھي، ٻار جي ٽنگ ۾ ٻڌن، ۽ ڌيءُ کي روپو ڇلو يا روپي منڊي ڳچيءَ ۾ ٻڌن[30].

*                 ڪلھوڙا ذات ۾ ڇٺيءَ جي رات ختمو بھ ڏيارين[31].

*                 مير بحر ذات ۾ رواج آھي تھ ڪا وڏڙي سدوري ضاعفان، ٻار جي سيراندي کان رکيل ڀت ۽ کير مان آڱر ٻوڙي ٻار جي وات ۾ وجھندي ۽ نراڙ تي رکندي، ۽ مدراسي سٽ جا ڪارا سڳا، ڄنگھن ۽ ٻانھن ۾ ٻڌڻ کان پوءِ چوندي: مائي ڇٺي! ھن ٻار جو ڀاڳ سھاڳ چڱو ڪجانءِ، چڱو انگ لکجانءِ. ان کان پوءِ اھا ضاعفان پٽ جي حالت ۾ سونو ويڙھھ ۽ ڌيءَ جي حالت ۾ کيرمنڊي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندي. اھو ويڙھھ يا منڊي ڪاري ڌاڳي ۾ ٻڌن[32].

ڪي ذاتيون ٻار کي سنھي بافتي جي انگي وجھن، ۽ چانديءَ جو ڇلو ڪاري سڳي ۾ وجھي ٻار ۾ ڳچيءَ ۾ ٻڌن[33].

مٿي تي پاڻي وجھڻ

ھٿ پير لھندڙ زال، ٻار ڄڻڻ بعد ستين ڏينھن مٿي تي پاڻي وجھندي، يعني چڱي ڀلي ٿي ڇِلي مان اٿندي ۽ کيس وھنجاري سھنجاري نوان ڪپڙا ڍڪائين[34] ڪن قبيلن ۾ وري نون يا يارھن ڏينھن بعد مٿي تي پاڻي وجھن[35].

ٻار کي ناناڻن طرفان لاڳ

نئين ڄاول ٻار (ڌيءَ توڙي پٽ) کي، ناناڻا ٻھ چولا، ھڪ مٿان وجھڻ لاءِ لٽو ۽ ھڪ ننڍي وٽي ڏيندا. پر جيڪڏھن پھريون ويم آھي تھ سمورو خرچ ناناڻا ڪندا[36].

ٻار ڄائو تھ ناناڻا ۽ ٻيا ويجھا عزيز رسم موجب ٻار کي ’ٻاراڻا‘ (چولو، سٿڻ ۽ ملير وغيره) خرچي سميت آڻي ڏيندا. ان جي عيوض ’ٻاراڻا‘ آڻيندڙ کي ڳڙ، کنڊ، مصري يا پتاشا وغيره ڏيئي وات مٺو ڪرائيندا[37].


 


[1]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[2]   ماھوار ”نئين زندگي“ ڪراچي، مارچ ١٩٧٥ع.

[3]   ماھوار ”نئين زندگي“ ڪراچي، مارچ ١٩٧٥ع.

[4]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊو باگو.

[5]   الھڏتو بلوچ تعلقو شھدادپور.

[6]   جتوئي قوم جا رواج: غلام رسول جتوئي تعلقو وارھھ.

[7]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊو باگو.

[8]   سماٽ قوم جا رواج: رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[9]   راڄپرن ۽ پھلن جا رواج: رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[10]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[11]   چانڊيا قوم جا رواج: غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[12]   پاڙو موچي، قوم چنا جا رواج: غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[13]   مير بحر قوم جا رواج: غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[14]   الھڏتو بلوچ، تعلقو شھدادپور.

[15]   راڄپرن ۽ پلھن جا رواج: رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[16]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[17]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[18]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[19]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[20]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[21]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[22]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[23]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[24]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[25]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[26]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[27]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[28]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[29]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ..

[30]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[31]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[32]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[33]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[34]   راڄپرن ۽ پلھن جا رواج: غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[35]   سماٽ قوم جا رواج: رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[36]   جتوئي ذات جا رواج: غلام رسول جتوئي تعلقو وارھھ.

[37]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊوباگو.

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org