سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :26

 

باب اٺون

 

سفر، تارو، ڏينھن، تاريخون وغيره

 

سفر جا سوڻ:

 

مسافريءَ تي وڃڻ جا اھڃاڻ:

1.      جنھن ماڻھوءَ جي جتي جو پادر، جيڪڏھن ٻئي پادر تي چڙھيل ھوندو تھ اھو ماڻھو مسافريءَ تي ويندو.[1]

2.     پير جي پٻ ۾ خارش ٿئي تھ اھو ماڻھو مسافريءَ تي وڃي.

3.     پير جي تِريءَ ۾ کھي ٿئي تھ پنڌ ڪرڻو پوندو، ليڪن پنڌ بھ تڪليف وارو.

مسافريءَ کان اڳ:

4.     جنھن گھر مان ڪو ماڻھو مسافريءَ تي وڃڻو ھجي، تھ ان جي وڃڻ کان اڳ گھر کي ٻھاري ڏيئي وٺجي، نھ تھ نقصان ٿيندو.[2]

5.     سفر تي اسھڻ وقت مرد جي کاٻي اک ڦڙڪي تھ سفر سجايو نھ ٿئي.[3]

6.     سفر تي اسھڻ وقت مرد جي ساڄي اک ڦڙڪي تھ سفر سجايو ٿئي، ۽ مطلب حاصل ٿئي، پر جي کاٻي اک ڦڙڪي تھ سفر ملتوي ڪرڻ گھرجي.

7.     مرد ماڻھو پاڻي پي يڪدم ٻاھر نھ نڪري.[4]

سفر ۾ ڪاميابي يا ناڪامي:

8.     گھر کان ٻاھر نڪرڻ شرط جيڪڏھن ٻيلھھ ڀريل دلا منھن ۾ گڏجن تھ واپار ۽ سوداگري ۾ فائدو پھچي.[5]

9.     مالھاريءَ جو سوڻ ڏسي، پوءِ سفر تي نڪربو تھ سوڀارو ٿي موٽبو. مالھاريءَ جي سوڻ جو طريقو ھن ريت آھي: ڳوٺ جي ڀرسان ڪنھن وڏي وڻ مثلا: ٻٻر، ٻير، نم، ڪرڙ، ڄار، کٻڙ وغيره جي ڪنھن سنئين ٽار ۾ ماٽيءَ جي گرڻ ڪني جو گھانگھو رسي ۾ ٻڌي، ان ٽار ۾ لٽڪائي ڇڏيندا. جنھن ڏينھن مالھاري (پکي) کي ان گرڻ يا گھانگھي مان لنگھندو ڏٺو ويو، ان ڏينھن ڳوٺ جا پھلوان خصوصا لوڙائو، ساٿ ڦرڻ ۽ وڳ ھڻڻ لاءِ سنڀري ھٿيار پنوھار پھري، ٻاھر نڪري ويندا ھئا ۽ سوڀارا ٿي موٽندا ھئا.

10. سفر ۾ جيڪڏھن پکي مالھاري ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي اڏامي وئي تھ پئون ٻارھن ۽ سڀ ڪم سجايا ٿيندا.

11.  سفر ڪندي يا سفر شروع ڪرڻ وقت، جيڪڏھن مالھاري سامھون آئي تھ ڪم ڪنھن بھ حالت ۾ ڪونھ ٿيندو، اٽلندو نقصان ٿيڻ جو ڊپ آھي، تنھنڪري انھي سوڻ ٿيڻ سبب مسافر ھڪدم واپس ٿيندو ۽ وري ٻئي ڏينھن تي اسھندو.

12. سفر تي نڪرڻ وقت ڏائو ٻولي ۽ منزل تي پھچڻ وقت سائو ٻولي پئون ٻارھن، ڇو تھ ڏائو اٿاريندڙ ۽ سائو ويھاريندڙ آھي.[6]

13. سفر تي اسھڻ کان پوءِ ساڄي سپ، کاٻي کر، ۽ منھن سامھون مردو ھجي تھ پئون ٻارھن.

14. سفر ڪندي جيڪڏھن ڏائي پاسي کان تتر ٻوليو، تھ پئون ٻارھن ۽ جنھن مقصد لاءِ سفر اختيار ڪيو ويو ھوندو، سو مقصد تھ حاصل ٿيندو، پر ان کان وڌيڪ فائدي پھچڻ جي اميد آھي. ان لاءِ چوندا آھن تھ ”ڏائو ڏياري، ڀريا ساٿ پٽن ۾.“[7]

15. سفر ۾ جيڪڏھن تتر ساڄي پاسي ٻوليو تھ ڪابھ بدسوڻي ڪانھي، مگر خوشيءَ جي خبر بھ ناھي.

16. جيڪڏھن ڪارڙو تتر ٻولي تھ سمجھو تھ ڪم ۾ اينگھھ ٿيندي، تنھنڪري ڪم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ نھايت جان فشانيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو.

17. سفر شروع ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏھن رستي تي سھو گڏيو تھ سفر صاب نھ پوندو، ڪم ڪونھ ٿيندو.

18. سفر ڪندي جيڪڏھن رستي تي گدڙ گڏيو تھ پئون ٻارھن سفر صاف پوندو ۽ ڪم ٿيندو.

19. ڪنھن ڪم سان ويندڙ جو رستو جيڪڏھن گدڙ يا سھي ٽپي ويو، تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.[8]

20.            سفر ڪندي لومڙ آڏو لنگھي ويو تھ نڀاڳ آھي، ڪم نھ ٿيندو.[9]

پنڌ ھلڻ جو سوڻ:

21. گس ھلندي، ٻئي ماڻھو جي پيرن جي نشانن تي پير رکي ھلبو تھ پيرن جي نشان وارو ماڻھو مري ويندو.[10].

راتيون ۽ تاريخون:

راتيون ۽ تاريخون بھ نحس ۽ سعد ٿين، انھيءَ ڪري ڪنھن بھ ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ تاريخ ڏسي پڪ ڪندا. جيڪڏھن ڪو ڪم نحس تاريخ يا نحس رات تي ڪبو تھ نقصان پوندو. سنڌ ۾ انھيءَ بابت جيڪي روايتون ھلندڙ آھن، سي ھيٺ ڏجن ٿيون:

1.      ٩ – تاريخ چنڊ جي، زمين جي کوٽائي وغيره جو ڪم نھ ڪندا، جو ”تارو“ زمين ۾ ھوندو آھي.[11]

2.     ١٠ – تاريخ جڙي وھٽ تي سواري نھ ڪندا، جو تارو آسمان ۾ ھوندو  آھي.

3.     ١ ۽ ٢ – تاريخ اڀرندي طرف نھ وڃبو، نھ تھ ڪم اصل ڪونھ ٿيندو ۽ نقصان ٿيندو.

4.     ٣ ۽ ٤ تاريخ ڏکڻ طرف نھ وڃبو، نھ تھ نقصان رسندو.

5.     ٥ ۽ ٦ تاريخ اولھھ طرف نھ وڃبو، نھ تھ نقصان رسندو.

6.     ٧ ۽ ٨ تاريخ اتر طرف نھ وڃبو، نھ تھ نقصان رسندو.

7.     ١١ ۽ ١٢ تاريخ اوڀر تاري سامھون نھ وڃبو، نھ تھ ڪم نھ ٿيندو ۽ نقصان رسندو.

8.     ١١ تاريخ اڪثر سڄي سنڌ ۾ بادشاھھ پير جي نيت کير ولوڙيندا ۽ ان تاريخ تي کير ڪونھ وڪڻن.

9.     ٿر ۾ ١١ ۽ ١٨ تاريخ تي ڀاڳيا کير ڪونھ ولوڙين.

10. شاديءَ لاءِ چنڊ جون سعد تاريخون ھي آھن: ٩، ١٠، ١١، ١٢، ١٤، ١٥، ١٦، ١٩، ٢٠، ٢٢، ٢٤، ٢٥، ٢٧، ٢٨ ۽ ٢٩.[12]

11.  ٧، ١٧ ۽ ٢٧ تاريخ تي ٻار ڄڻيندڙ عورت سڀاڳي ھوندي آھي.[13]

12. چنڊ واري مھيني جون اھي راتيون، جيڪي پنجن واري انگ سان ورھائجي اچن، انھن کي ”پنجڪيون“ چوندا آھن، جيئن تھ: ٥، ١٠، ١٥، ٢٠، ٢٥ ۽ ٣٠ راتيون.[14]

ڏينھن جا سوڻ:

ھفتي جي ستن ڏينھن مان ڪي سڀاڳا تھ ڪي نڀاڳا ڏينھن ٿين. ڪو ڏينھن ڪھڙي ڪم لاءِ چڱو تھ ڪو ڪھڙي ڪم لاءِ. ھفتي جي ڪھڙن ڏينھن تي ڪھڙا ڪم ڪجن يا نھ ڪجن، تن لاءِ سڄيءَ سنڌ مان مليل روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون:

ڇنڇر

1.      ڇنڇر ڏينھن ننھن نھ لھرائجن، نھ تھ اڻ ھوند ٿيندي.[15]

2.     ڇنڇر تي شاديءَ جا ڏينھن نھ ٻڌجن، باقي ٻين ڏينھن تي ڀلي ٻڌجن.[16]

3.     ڇنڇر ڏينھن تي پوک ۾ لابارو يا ڦٽين جو چونڊو شروع ڪجي.

4.     ڇنڇر ڏينھن ڪيڏانھن بھ ڪم لاءِ نھ وڃجي.

5.     ڇنڇر ڏينھن مئي جي عذر خواھي نھ ڪجي.[17]

6.     گيھھ جي ڏيتي ليتي ڇنڇر ڏينھن ڪجي.

7.     ٻھراڙين ۾ گيھھ جو وارو گھڻو ڪري ڇنڇر ڏينھن ٻڌل ھوندو آھي، جنھن ڏينھن تي گيھي اچي گيھھ وٺندو آھي.

8.     کري جو پٽ ڇنڇر ڏينھن ڇلجي.

9.     شاديءَ جا ڏينھن وٺڻ لاءِ ڇنڇر جو ڏينھن چڱو آھي.

آچر:

10. آچر ڏينھن اڀرندي طرف مسافري نھ ڪجي.[18]

سومر:

11.  سوداگري سومر ڏينھن ڪرڻ گھرجي.[19]

اڱارو:

12. اڱاري ڏينھن ھر طرف وڃي سگھجي ٿو.[20]

اربعا:

13. اربعا ڏينھن اتر طرف نھ وڃجي.[21]

14. زمين ۾ ٻج اربعا ڏينھن وجھجي.[22]

15. اربعا جو ڏينھن نحس آھي، تنھنڪري ڪنھن بھ ڪم لاءِ ان ڏينھن تي ٻاھر نھ وڃجي.[23]

16. ٻار کي مدرسي ۾ داخل ڪرائڻو ھجي تھ اربعا جي پھرين پھر ۾ ويھارجي.

خميس:

17. خميس ڏينھن لاڙ ڏانھن نھ وڃجي.

18. سھاڳڻ زال خميس ڏينھن غسل نھ ڪري، جي ڪندي تھ ان جي عزيزن کي نقصان رسندو.[24]

19. ڪي ڀاڳيا خميس جي ڏينھن کير ڪونھ ولوڙين. ڀٽائي رحھ چيو آھي تھ:

’تنين جي خميس، منڌي ماٽيءَ نھ پوي.‘

جمعو:

20.            جمعي ڏينھن پھريان ٻھ پھر ماٺ ڪري ويھجي، ڪوبھ ڪم نھ ڪجي.

21. جمعي نماز کان پوءِ ڪم ڪار ڪجي يا ڪيڏانھن وڃجي، انھي ڪري چوندا تھ: ”جمعو بعد، الله ياد.“

22.            جمعي ڏينھن ڪاسبي پنھنجو ڌنڌو نھ ڪن، نھ تھ نقصان ٿيندو.

23.            جمعي ڏينھن تي عذرخواھي نھ ڪبي آھي.[25]

24.            جمعي ڏينھن نانگ مارڻ، حج جيترو ثواب آھي.

25.جمعي جي ڏينھن ڀٽون مارڻ، ھڪ ڪافر کي مارڻ جيترو ثواب آھي.

26.            جمعي ڏينھن ڏينڀو يا چيلاٽو مارڻ، سؤ فقير کارائڻ جيترو ثواب آھي.

27.            ’پاتو‘ پاڙي جا ڀنڀرا جمعي جي ڏينھن کير ڪونھ ولوڙين.

نوان ڪپرا پائڻ لاءِ ڏينھن:

28.            آچر، سومر، اڱاري، ۽ جمعي ڏينھن تي نوان ڪپڙا پائجن.[26]

ڪاٺ وڍڻ:

29.            ڇنڇر، آچر ۽ اڱاري ڏينھن تي گھر لاءِ ڪاٺ ڪپڻ گھرجي. اھڙي ڪپيل ڪاٺ کي اڏوھي ۽ سرو ڪونھ لڳندو.

ھرلو ٻڌڻ:

30.            ڇنڇر، آچر ۽ سومر ھرلو ٻڌڻ لاءِ سٺا ڏينھن آھن. ھرلي کي ڦيرو پھرئين پھر ڏجي.[27]

فاتحه يا عذر خواھي:

31. اربع ۽ جمعي ڏينھن تي فاتحه نھ ڪبي.

شادي جا ڏينھن:

32.            سومر، اربعا، خميس ۽ جمعي مان ڪوبھ ڏينھن شاديءَ لاءِ ٻڌجي.

گيھھ جو وڪرو:

33.            خميس، جمعي ۽ سومر ڏينھن تي گيھھ جو وڪرو فائديمند ثابت ٿيندو. انھن کان سواءِ باقي ڏينھن تي گيھھ جي وڪري مان نقصان رسندو.[28]

ڌوپ ڪرڻ:

34.            عورتن کي ڪپڙن جي ڌوپ جمعي ڏينھن ڪرڻ گھرجي. ڇنڇر ۽ خميس تي ڌوپ نھ ڪجي.[29]

ھفتي جي ڏينھن بابت سنڌ ۾ ڪي چوڻيون بيتن جي صورت ۾ پڻ ھلندڙ آھن، جن مان انھن ڏينھن تي ڳنڍيل سوڻن جي خبر پوي ٿي:

اربعا اتر نھ وڃجي، خميس وڃجي نھ لاڙ
جمعي سندا ٻھ پھر، گھر ويھي گھار
تھ قادر تنھنجي ڪار، مولو موچاري ڪري.

 

--

ڇنڇر ڇيھھ نھ وڃجي، آڳندڙي آچار
ساٿيئڙا سومار، وار پڇائي ھليا.

 

--

ڇنڇر ڇيھھ نھ وڃجي، اولھھ نھ آچار
اربعا ڏينھن نھ اتر کڻ، خميس وڃ نھ لاڙ
جمعي سندا ٻھ پھر، ويھي گھر گذار.

 

--

ڇنڇر ڇيھھ نھ رھڻا، آچر وار اڪير
سومر پڪ مؤن اچڻا، اچڻ اڱاري امير
جمعي جڙي آئيا، منھنجا ھئا مھمير.

 

ماھھ صفر جا سوڻ:

قمري سال جي سڀني مھينن ۾ ”صفر“ مھيني سان گھڻا سوڻ لاڳو ٿين ٿا. ھن ماھھ متعلق چوڻ ۾ اچي ٿو تھ جيڪو بھ ڪم ڪبو، اھو سڄو سال ڪرڻو پوندو. يعني ان جو اثر سڄي سال تي پوي ٿو؛ تنھنڪري اھڙا ڪم نھ ڪجن، جن مان سڄو سال نقصان رسندو ھجي. ھن مھيني ۾ ڇا ڪجي ۽ ڇا نھ ڪجي، ان متعلق ھيٺ تفصيل ڏجي ٿو:

مھيني جي پھرين تاريخ:

1.      صفر مھيني جي پھرين تاريخ جيڪڏھن ڪو جھيڙو ڪندو تھ پوءِ اھو ھر روز پيو جھيڙو ڪندو.[30]

2.     صفر جي پھرين تاريخ تي جي ڪو نوان ڪپڙا پائيندو تھ اھو سدائين پيو نوان ڪپڙا پائيندو.

3.     صفر مھيني جي پھرين تاريخ تي چڱو طعام کائجي، ائين ڪرڻ سان سڄو سال چڱو چوکو پيو کائبو.

4.     صفر جي پھرين تاريخ تي ڪوبھ سوال نھ ڪجي، جيڪو سوال ڪندو، سو سڄو سال محتاج رھندو.

5.     صفر جي پھرين تاريخ مھمان ايندا تھ سڄو سال پيا مھمان ايندا.

صفر مھيني جا سوڻ:

6.     جيڪڏھن ڪنھن عورت کان صفر جي مھيني ۾ دانگي ڀڄي پيئي تھ ان عورت کان ڏھاڙي پيون دانگيون ڀڄنديون.

7.     صفر مھيني ۾ مسافري نھ ڪجي، جيڪڏھن ڪوبھ مسافري ڪندو تھ اھو سدائين سفر ۾ ھوندو.

8.     صفر مھيني ۾ مينھن پيو تھ سڄو سال برسات وسندي.

9.     صفر مھيني ۾ پئسا مليا تھ سدائين پيا پئسا ملندا.

10. صفر ۾ نفلي روزو بھ نھ رکجي، نھ تھ سدائين پيو بک ۾ گذاربو.

11.  صفر مھيني ۾ ماڻھو بيمار ٿيو تھ پورو سال بيماريءَ ۾ مبتلا رھندو.

12. صفر مھيني ۾ زيور ٺھرائبا تھ ماڻھو سدائين پيو زيور ٺھرائيندو.

تيرھن تيزيون:

13. صفر مھيني جون ڪي تاريخون، جنھن ۾ ڪي نکٽ ساڳئي برج ۾ اچن، جنھنڪري اھي تاريخون نحوست واريون ٿين. انھن تاريخن ۾ ڪوبھ ڪم ٿيندو تھ ان جو اثر سڄي سال تي پوندو. زالون انھن پھرين تيز تاريخن ۾ تمام احتياط سان گذارين. [31]


 

[1]   ا. کان ٣. محمد طالب لوھار.

[2]   تعلقو حيدرآباد.

[3]   ٥. ۽ ٦. محمد طالب لوھار.

[4]   الھڏنو فقير.

[5]   ٨. کان ١١. محمد طالب لوھار.

[6]   ١٢. ۽ ١٣.  الھڏنو فقير ماڇي.

[7]   ١٤. کان ١٨. محمد طالب لوھار.

[8]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[9]   الھڏنو فقير.

[10]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[11]   ١. کان ٩.  تعلقو حيدرآباد.

[12]   الھڏنو فقير.

[13]   محمد طالب لوھار.

[14]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[15]   مصلح المفتاح.

[16]   ٢.  کان  ٤.  الھڏنو فقير.

[17]   ٥.  کان  ٩.  محمد طالب لوھار.

[18]   الھڏنو فقير.

[19]   محمد طالب لوھار.

[20]   الھڏنو فقير.

[21]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[22]   الھڏنو فقير.

[23]   ١٥.  کان  ١٧.  محمد طالب لوھار.

[24]   ١٨.  کان  ٢٢.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[25]   ٢٣.  کان  ٢٦.  محمد طالب لوھار.

[26]   ٢٨.  ۽  ٢٩.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[27]   ٣٠.  کان ٣٢.  الھڏنو فقير.

[28]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[29]   الھڏنو فقير.

[30]   ١.  کان  ١٢.  محمد پناھھ ڦرڙو..

[31] تعلقو حيدرآباد

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org