سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :18

 

تِر مئڻ:

گھوٽ ۽ ڪنوار جي وچ تي تِرن جو ٿالھھ رکي، ان ۾ کارڪون وجھن. پوءِ ڪنوار ان مان ٻڪ ڀري گھوٽ جي ٻڪ ۾ لاھيندي ۽ گھوٽ ٻڪ ڀري ڪنوار جي ٻڪن ۾ وجھندو، ائين ٽي ڀيرا ڪن. ڪن ھنڌن ٻھ چار ڀيرا بھ اھا اٿل پٿل ڪن.

سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تي ترن جي بدران ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو ٿالھھ ڀري رکن. جيئن تھ لاڙ ۽ ٿر ۾ عموما چانورن جو ٿالھھ ڀري، ان ۾  کارڪون وجھن.

تعلقي خيرپور طرف سماٽن ۾ سير کن ڪڻڪ آڻي گھوٽ ڪنوار جي اڳيان رکن، جنھن مان گھوٽ پنھنجو ٻڪ ڀري، ڪنوار جي ٻڪ ۾ وجھي ۽ ڪنوار موٽائي گھوٽ جي ٻڪ ۾ وجھي. اھڙيءَ طرح ست ڀيرا ڪن[1].

تعلقي وارھھ جي تنين ۽ ڪلھوڙن ۾ ھيءَ رسم، کير جي ساٺ کان پوءِ ادا ڪن. اتي وري لوڻ جو ٿالھھ آڻي رکن، جنھن مان گھوٽ کان ٻڪ ڀرائي، ڪنوار جي ٻڪ ۾ وجھائين، وري اھو ڪنوار جي ٻڪ وارو لوڻ، گھوٽ جي ٻڪ ۾ لھرائين. اھڙيءَ طرح ست ڀيرا ٻنھي ڄڻن کان ٻڪ ڀرائين[2].

تعلقي سنجھوري جي لغارين ۾ ڪنوار کي ھٿ ۾ چانور ڏيئي، گھوٽ کي چون تھ ڪنوار جو منھن کول. ھو جيئن ئي ڪنوار جو گھونگھٽ کولي، تيئن ئي ھو لپ وارا چانور گھوٽ کي ھڻندي[3].

اھا رسم چانورن، جون، ڪڻڪ يا لوڻ، جنھن بھ شيءِ سان ادا ڪجي، پر ان کي چوندا ”تِر مئڻ“. ترن مئڻ وقت زالون ساٺ ڳيو چونديون تھ: ”جيترا تر مئيندي، اوترا پٽ ڄڻيندي“.

تعلقي بدين طرف تِر مئڻ کان پوءِ ڪنوار کي ان لوڻ ۽ ٻين کاڌي جي شين تي ھٿ رکائين[4].

 

ڊامڻ لٺڙين جو ساٺ:

ڊامڻ گاھھ جا چھا پٽي، انھن جي موڙي ٻڌي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي پھريائين ساڄي گوڏي ۽ ساڄي ڪلھي کان نراڙ تائين، پوءِ وري کاٻي ڪلھي ۽ کاٻي گوڏي سان ڇھن. اھڙيءَ طرح ٽي دفعا اھو ساٺ ڪن.

تعلقي بدين ۾ ڪن ھنڌن اھو ساٺ، ٿار جي ساٺ کان پوءِ ڪن. ست سھاڳڻيون، ٿار وارو کھنبو لاھي، ھڪ ڪاٺيءَ تي ويڙھي، ان سان ست دفعا ڊامڻ ساٺ ڪن ۽ انھيءَ موقعي تي سٺ ڳيو چون[5].

 

وڃڻيءَ جو ساٺ:

جتي ڊامڻ جون ڇڙيون نھ ملي سگھن، اتي وري ڪي وڃڻي سان ساٺ ڪن، جو ھن طرح ٿئي:

وڃڻيءَ جو ڳن پوتيءَ جي ڪنڊ ۾ ويڙھي، پوءِ جيئن ڊامڻ جي ڇڙين سان ساٺ ڪيو وڃي، تيئن ساڳيءَ طرح ڪن. يعني پھرين گوڏو، پوءِ ڪلھو. ان بعد مٿو ڇھن، وري مٿي کان پوءِ ڪلھو ۽ گوڏو ڇھن. ان کان پوءِ وڃڻي گھوٽ جي ھٿ ۾ ڏيئي ڪنوار کي واءُ ھڻائين. وري ڪنوار کي وڃڻي ھٿ ۾ ڏيئي گھوٽ کي واءُ ھڻائين. ائين ٽي ڀيرا ڪن. ان موقعي تي بھ ساڳيا ڊامڻ وارو ساٺ ڳيا چون. پر جڏھن وڃڻي سان واءُ ڪرائڻ جو ساٺ ڪن، ان وقت جو ساٺ ڳيو جدا ٿئي تھ: ”وڃڻي واءُ لڳي؛ ٺرڙيس ماڻس“. ھيءُ ساٺ گھوٽيتيون ڪن.

 

اِٽين جو ساٺ:

ڪن ھنڌن تي ڊامڻ جو ساٺ يا وڃڻي ساٺ جي بدران اِٽين جو ساٺ ڪن. اھي اِٽيون ڪنھن ڪاٺيءَ مان بروقت گھڙائي رکن يا جنڊيءَ چڙھيل ست اِٽيون گڏ ڪن، جي گھڻو ڪري مانڌاڻيءَ جي نوڙيءَ ۾ ٻڌل ھجن، پوءِ انھن اِٽين سان ڊامڻ جي ڇڙين وانگر گھوٽ ۽ ڪنوار جي بدن سان ڇھڻ جو ساٺ ڪن.

ڪوھستان ۾ جنڊ ٻڪيءَ کان پوءِ ”اِٽين جو ساٺ“ ڪن. ھن رسم ۾ عورتون، ستن سنھين آلين ڪاٺين کي کھنبڙو رنگ ڏيئي، نئين اکريءَ ۾ اڀو ڪري رکن؛ پوءِ اِٽين جا خاص ڳيچ چون ۽ ھڪ ھڪ اِٽي ننڍن ٻارن کي ھٿ ۾ ڏينديون وڃن[6].

 

منڌيءَ جو ساٺ:

منڌيءَ کي ڪپڙي ۾ ويڙھي ڳنڍ ڏيئي، وڃڻي جو ساٺ وانگر گھوٽ ۽ ڪنوار جي نراڙ، ڪلھن ۽ گوڏن سان ڇھائين؛ ان ساٺ وقت خاص ڳيا چون.

تعلقي ٽنڊي الھيار طرف ڪن ھنڌن منڌيءَ جي ڦل کي اجرڪ جي ڪنڊ يا ٻي ڪنھن پوتيءَ ۾ ڪنڊ يا پلاند سان ڳنڍ ڏيئي، پوءِ پھرين گھوٽ ۽ ڪنوار جي کاٻي گوڏي کي ڇھن، پوءِ ڪلھو، آخر ۾ نراڙ. وري بھ ساڳي طرح ساڄي ڪلھي کي ڇھن ۽ آخر ۾ ساڄي گوڏي کي ڇھن[7].

تعلقي حيدرآباد جي سماٽن ۾ منڌي، گيھھ ۽ تيل مان ٻوڙي، پوءِ ساٺ ڪن. ان وقت زالون ھي لفظ چون: ”ميڌيءَ ولوڙيئڙو، جيئين لاڏا تون“[8].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ اھو ساٺ ھن طرح ڪندا: ڪونڊي ۾ لسي ۽ پاڻي وجھي، ان جي مٿان مڪڙي (مانڌاڻي) رکي، جھيرڻو وجھن، ۽ گھوٽ مٿان جھيرڻي کي ھٿ سان جھلي. جھيرڻي ۾ پيل نيتري (نيٽي) سان ڪنوار ان کي جھڳندي؛ ائين پنج دفعا ڪري، پوءِ مانڌاڻي ۽ جھيرڻو پري رکن[9].

 

مھريءَ جو ساٺ:

تعلقي حيدرآباد جي سماٽن ۾ ٽيون ساٺ مھريءَ جو ڪن، سو بھ ساڳئي نموني سان ست سھاڳڻيون ڪن. مھري، گيھھ ۽ تيل مان ٻوڙي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي گوڏي، ڪلھي ۽ نراڙ تي رکن. ان وقت زالون ھي ساٺ ڳيو چون: ”چانور ڇڙيئڙو، جيئن لاڏا تون“[10].

 

سونگيءَ جو ساٺ:

ڪاٺ مان ٺھيل ۽ جنڊيءَ چڙھيل ڏاٻلو، جيڪو سئي سڳي ي ڳھھ ڳٺي رکڻ جي ڪم اچي، ان کي سونگو چون. لاڙ جي سماٽن ۾ زالون، منڌيءَ ساٺ کان پوءِ گھوٽ ۽ ڪنوار سان سونگي جو ساٺ ڪن. سونگو ڪپڙي ۾ ويڙھي، ڳنڍ ڏيئي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي پھرين کاٻي گوڏي، کاٻي ڪلھي ۽ پوءِ نراڙ کي ڇھن؛ ۽ پوءِ ساڄي ڪلھي ۽ ساڄي گوڏي سان ڇھن. انھيءَ ساٺ وقت بھ زالون ساٺ ڳيو چونديون رھنديون[11].

 

ڦل چونڊڻ:

 جيئن ھن رسم جي نالي مان ظاھر آھي تھ ڦل يعني گل چونڊيا وڃن، پر عام طور گلن بدران ڪپھھ جا ٻڙا ڪم آڻين ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ھر ھنڌ اھا رسم ڪپھھ جي ٻڙن سان ئي ادا ڪن. اھا رسم ھن طرح ٿئي:

لانئن کان پوءِ ٻين ساٺن سوڻن بعد ٻھ – ٽي سھاڳڻيون، ڪپھھ جي پوڻيءَ مان ٻڙا ڇني، ڪنوار جي مٿان ورکا ڪن، جيڪي گھوٽ چونڊيندو. پوءِ وري ساڳيون سھاڳڻيون، گھوٽ جي مٿان ڪپھھ جا ٻڙا اڇلين، جيڪي وري گھوٽ جي ڀيڻ، جيڪا ڀاءُ کي پلؤ ڏيو ويٺي لانئون ڏياريندي، سا پوتيءَ جو پلؤ ڇنڊي، گھوٽ تان ٻڙا لاھيندي.

ڪن ھنڌن تي گھوٽ تي اڇليل ٻڙا ڪنوار چونڊي. انھيءَ موقعي تي زالون ھي ساٺ ڳيو چون:

”ڦلڙا چونڊيون، گلڙا چونڊيون، ٺرڙي ماڻس.“

تعلقي خيرپور جي سماٽن ۾ ڪپھھ ذرو ذرو ڇني گھوٽ جي مٿي تي ھڪڙي عورت رکي ۽ ڪنوار اھي ذرا کڻندي وڃي. ساڳئي طرح ڪنوار جي مٿي تان وري گھوٽ کڻي، ان وقت زالون ھي ڳيچ ڳائين:

”گل چونڊيندي ڦل چونڊيندي
وني ونيءَ نيڻ ٺريا“[12].

 

تعلقي وارھھ ۾ ھن رسم کي ”گل چونڊڻ“ بھ چون. ڪلھوڙا ذات ۾ ھيءَ رسم ھن طرح ادا ڪن: ڪپھھ جي پوڻي ڪنوار جي نراڙ تي رکن، اتان گھوٽ ست دفعا ڪپھھ ڇني، پوءِ وري گھوٽ جي نراڙ تي رکن تھ ڪنوار ست دفعا اھا ڪپھھ ٿوري ٿوري ڪري ڇني. ان وقت زالون چون: ”جيترا گل چونڊيندو، اوترا پٽ ڄڻيندو“.

ڪن ھنڌن ڪپھھ جا ٻڙا ڪنوار جي مٿي تي رکن، جن کي گھوٽ ڦوڪ سان ھيٺ ڪيرائيندو. ائين ست ڀيرا ڪن[13].

ٿر جي سماٽن ۾ ڪپھھ جا ٻڙا بيٺل زالون، ذرا ذرا ڪري ڪنوار جي مٿان اڇلائين ۽ گھوٽ رومال سان اھي ڇنڊي ڪيرائيندو[14].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ زالون ڪپھھ جا ذرا ذرا ڪنوار جي چنيءَ تي رکنديون ۽ گھوٽ چنيءَ کي ڇنڊيندو تھ سڀ ھيٺ ڪري پوندا. ائين پنج دفعا ڪن[15].

 

ڳنڍ يا پلؤ ڇوڙڻ:

گھوٽ جي لونگي يا اجرڪ جو پلاند ڪنوار جي بوڇڻيءَ جي ڪنڊ سان ڳنڍ ڏيئي ڏاڍو ٻڌن، گھوٽ ھڪ ھٿ سان ڳنڍ کوليندو. ھن رسم جون لاڙ ۽ ٿر مان جدا جدا مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي بدين جي سماٽن ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جي اوڍيل چنين جي پلاندن کي ڳنڍ ڏين، جيڪا گھوٽ پنھنجي آڱوٺي ۽ چيچ سان ڇوڙيندو. ھن رسم کي ”ڏورڙو ڇوڙڻ“ بھ چون[16].

گھوٽ ۽ ڪنوار جي گندين جا ساڄا پلاند گھوٽ جو گھوٽ جي ھٿ ۾ ۽ ڪنوار جو ڪنوار جي ھٿ ۾ ڏين. ڌاريون ٻھ زالون پلاند وٺن ۽ ڳنڍ ڏيڻ نھ ڏين، ان وچ ۾ ٽي زال ٻنھي پلاندن ۾ زوريءَ ڳنڍ ٻڌي. پوءِ اھا ڳنڍ، گھوٽ ھٿ سان ڇوڙي. ڪي گھوٽ اھا ڳنڍ ڇوڙي وڃن تھ ڪي اھا ڪانھ ڇوڙي سگھن[17].

ٿر جي سماٽن ۾ ڦل چونڊڻ کان پوءِ ھيءُ سوڻ ڪن. ھن سوڻ ۾ ڪابھ عورت گھوٽ جي اجرڪ ۽ ڪنوار جي چنيءَ جا پلؤ کڻي پاڻ ۾ ڳنڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ گھوٽ ان ڳنڍ ڏيڻ وقت وچان آڱر ڏئي ڳنڍ کولي ڏيندو. اھڙي طرح اھا ڇڪتاڻ ٻھ ٽي منٽ ھلندي[18].

 

کير پيارڻ:

مٺو کير، جنھن ۾ مصري يا کنڊ پيل ھجي، ان جو تاسرو وٽو ڀري گھوٽ ۽ ڪنوار جي جوٽن تي رکن. پھرين گھوٽ ان کير مان ڏھھ ئي آڱريون ٻوڙي ڪنوار کي ڇنڊا ھڻندو، وري ڪنوار ڏھھ ئي آڱريون ٻوڙي گھوٽ کي ڇنڊا ھڻندي. ڪن ھنڌن وري ان کير ۾ کيرول منڊي وجھي گھوٽ ۽ ڪنوار کان ڳولارائين. پوءِ اھو ساٺ وارو کير گھوٽ ۽ ڪنوار کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيارين. ڪٿي تھ مرڳو اھو کير ٻارن کي يا آسائتن کي پياري ڇڏين.

ھن رسم جون سڄيءَ سنڌ مان جدا جدا مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي حيدرآباد جي سماٽن ۾ ھن ساٺ ۾ مٺي کير جو ھڪ گلاس ڀري آڻين، جيڪو گھوٽ ۽ ڪنوار واري واري تي سرڪي سرڪي ڪري پيئن. ھن کي محبت جو سوڻ ڪري چون[19].

کير مٺو ڪري، ان مان گھوٽ جو ڏھئي آڱريون ٻوڙي ڪنوار جي نراڙ ۽ چپن تي ڇھائين، ان بعد اھي آڱريون چئن ئي ڏسين اڇلائي، وري آسمان ڏانھن ڇنڊا ھڻن. اھڙي طرح وري ڪنوار بھ ساڳئي نموني گھوٽ جي نراڙ ۽ چپن تي آڱريون ڇھي، پر اھو ڇھڻ جو ڪم ڀر ۾ ويٺل زالون زوريءَ ڪنوار جو ھٿ وٺي ڪرائين[20].

ٽنڊي الھيار طرف سماٽن ۾ ڪنھن پيالي يا وٽي ۾ کير کڻي اچي گھوٽ ۽ ڪنوار جي وچ ۾ رکن. پوءِ گھوٽ ۽ ڪنوار واري سان ان کير مان ھٿن جون ڏھئي آڱريون ٻوڙي ھڪٻئي کي ڇنڊا ھڻن. ڪٿي وري پوءِ اھو کير ٻنھي کي پياري ڇڏين[21].

زالون کير جي وٽي ڀري سيج تي کڻي اچن ۽ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ڇلا لھرائي ان کير ۾ وجھن. پوءِ گھوٽ ڪنوار ان کير ۾ ھٿ وجھي، ھڪٻئي کان ڇلڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪن. آخر گھوٽ ڪنوار کي ۽ ڪنوار گھوٽ کي کير جا ڇنڊا ھڻن. پوءِ سندن کير ۾ پيل ڇلا، سندن ماءُ يا ڀيڻ ڪڍي کين ڏئي، جي سڃاڻي ھڪٻئي کي ڏين. اھو کير پوءِ ڪنھن ڪنواري ڇوڪر کي پيارين تھ جيئن اھو بھ زال وارو ٿئي[22].

تعلقي ڪنڊياري جي سماٽن ۽ بلوچن ۾ کير ۽ ڦوٽا، مصري ۽ ڪيسر وجھي گھوٽ جي سالي يا جيڪا عورت ڪم ڪار لاءِ ڪنواريتن ۾ ھجي، سا پھرين گھوٽ کي ۽ پوءِ ڄاڃين کي کير ھڻي. کير جو لاڳ گھوٽ کان ٻھ رپيا وٺي. کير ھڻڻ جو مطلب تھ ڪنواريتا ۽ گھوٽيتا کير کنڊ ٿي وڃن. کير کي نڪي گرم ڪن، ۽ نڪي اھو ٿانءُ اس تي رکن.

ھي رسم جن قبيلن ۾ عام ٿئي، سي ھي آھن: بلوچ، سرائي ۽ سماٽن جون ڪي ذاتيون، مثلا: ڦرڙا، ڪلھوڙا، ٿيٻا، پيرزادا، تنيا، قريشي ۽ سومرا (کٽي ۽ ڊکڻ) وغيره[23].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ لانئن کانپوءِ ڪنواريتا کير آڻين، جيڪو لانئن ڏيڻ وارا پيئن. پوءِ وري ٻيو کير آڻين، اھو اڳ ۾ ڪنوار کي پياري، اوبر ڪرائي، پوءِ گھوٽ کي پيارين. باقي بچايل کير مان وري گھوٽ جون اڱريون ٻوڙائي، ڪنوار جي نراڙ تي رکائين ۽ ڪنوار جون آڱريون ٻوڙائي گھوٽ جي نراڙ تي رکائين. ائين لاڳيتو ست دفعا ڪن[24].

تعلقي وارھھ جي تنين ۾ لانئن بعد کير آڻي پھرين لانئون ڏيندڙ کي پيارين، جيڪي ست ڍڪ پيئن. ان کان پوءِ وري ٻيو کير آڻين، جنھن مان پھرين ڪنوار کي ست ڍڪ ڀرائين ۽ پوءِ گھوٽ کي ست ڍڪ پيارين[25].

ٿرپارڪر جي سماٽن ۾ ”تِرمئڻ“ بعد زالون کير کڻي اچن، جنھن مان اول گھوٽ ڍڪ ڀري ۽ پوءِ ڪنوار ڍڪ ڀري. ان بعد گھوٽ ڪنوار ٻئي، پنھنجن ھٿن جون ڏھئي آڱريون گڏي کير ۾ ٻوڙائين. ائين ھڪ – ٻھ دفعا ڪن[26].

 

کارڪ ڇڏائڻ يا مٺ کولڻ:

ڪنوار کي مٺ ۾ کارڪ يا منڊي ڏيئي، يا خالي مٺ بند ڪرائي، پوءِ گھوٽ کان ھڪ ھٿ جي زور سان مٺ کولائين. انھيءَ ڪري ھن رسم کي ”کارڪ ڇڏائڻ“ بھ چون. عام طرح ڪنوار حياءُ کان جلدي مٺ کوليو ڇڏي. بعضي ڪنوار کارڪ مٺ ۾ اھڙو سوگھو جھليندي جو گھوٽ گھڻئي زور لائيندو پر مٺ کولڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيندو. انھيءَ ڪري زالن ۾ کل خوشي ٿئي.

خيال آھي تھ کارڪ ڇڏائڻ مھل ڇڪتاڻ ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جو حجاب گھٽجي ٿو ۽ منجھن قربت پيدا ٿئي ٿي.

ھن رسم بابت وڌيڪ روايتون ھيٺ شامل ڪجن ٿيون:

ٽنڊي الھيار طرف سماٽن ۾ ڪنوار جي ھٿ ۾ کارڪ ڏين، جيڪا ھوءَ مٺ بند ڪري، قابو جھلي، ۽ گھوٽ کاٻي ھٿ جي زور سان مٺ کولي اھا کارڪ کڻي.

ڪن ھنڌن تي وري ڪنوار جي پوتيءَ کي ڳنڍ ڏين ۽ گھوٽ اھا ڳنڍ ھٿ ھٿ جي چپٽيءَ سان کولي. جيڪڏھن گھوٽ کارڪ نھ ڇڏائي سگھي يا ڳنڍ نھ ڇوڙي سگھي تھ پوءِ ڪنوار جو ٿورو مڃيندو[27].

ٿرپارڪر جي سماٽن ۾ ڪنوار کي ھڪ کارڪ مٺ ۾ ڏين، ۽ گھوٽ وري ھڪ ھٿ سان اھا مٺ کولي. جي گھوٽ کارڪ ڇڏائي نھ سگھيو تھ ان جي عيوض ڪنوار کي ڪو زيور وغيره باسيندو. تنھنڪري ان موقعي تي ڪنواريتيون ڄاڻي واڻي ڪنوا رجي ھٿ کي تيل يا گيھھ مکي سڻو ڪري ڇڏينديون تھ جيئن کلي نھ سگھي ۽ گھوٽ کي لاڳ ڏيڻو پوي[28].

 

منھن ڏسڻ:

لانئون لھڻ ۽ جملي ساٺ پورا ٿيڻ کان پوءِ گھوٽ کي ڪنوار جو منھن ڏيکارين. ڪن ھنڌن تي قرآن پاڪ کولي ڪنوار اڳيان رکن؛ ڪنوار قرآن پاڪ ۾ نھاري ۽ گھوٽ وري سندس منھن ڏسي. ڪن ھنڌن ڪنوار جي اڳيان آرسي رکي، سندس گھونگھٽ مٿڀرو ڪن تھ جيئن گھوٽ آرسيءَ ۾ سندس منھن ڏسي سگھي. ڪن ھنڌن وري گھوٽ کان ”ڪانو ڪانو، آءٌ ٻائيءَ جو ٻانھو“ چوائين ۽ جيستائين ھو ائين نھ چوي، تيستائين ڪنوار جو منھن ڏسڻ ڪونھ ڏين. منھن ڏسڻ جي عيوض گھوٽ، ڪنوار کي ڪو ڳھھ وغيره باسي. ان بعد گھوٽ ڪنوار کي پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ خلاصي جاءِ ۾ ڇڏين.

ھن رسم بابت سنڌ جي مختلف ھنڌن تان مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

بدين طرف عام رواج آھي تھ گھوٽ کي ڪنوار جو منھن ڏيکارڻ کان اڳ، سندن ٻِٽن جا پلاند ٻڌي، سيج تان اٿاري ڪوٺيءَ ۾ نين؛ جتي گھوٽ جي ڀيڻ پلاند ڇوڙي ڇڏي. زالون ڪنوار جي گنديءَ جو ساوڙ پلاند وڇائين، جنھن تي گھوٽ شڪراني جا نفل پڙھي. ان کانپوءِ گھوٽ، ڪنوار جو منھن ڏسي ۽ ڪنوار کي وينڊو يا ڪو ٻيو ڳھھ باسي. ڪنوار جي منھن ڏسڻ کان پوءِ گھوٽ ڇني ۾ ھليو وڃي[29].

ٿرپارڪر جي سماٽ قومن ۾ مٺ پٽڻ کان پوءِ منھن ڏسڻ جو وارو ٿئي. پوءِ سڀ عورتون گھوٽ تي اچي زور ٻڌن تھ لاڳ ڏي تھ توکي ڪنوار  جو منھن ڏيکاريون. نيٺ مجبور ٿي گھوٽ کي زيور يا ڍور ڍڳو باسڻو پوي. ان بعد زالون ڪنوار جي منھن تان ٿورو پلؤ کڻي سندس منھن گھوٽ کي ڏيکارين[30].

 

ڪٽي يا کير ڀت:

لانئن ۽ سيج جي سمورن ساٺن  سوڻن کان پوءِ گھوٽ ڇني ۾ وڃي، جتي بزرگن ۽ وڏيءَ عمر وارن عزيزن کي پيرين پوي ۽ موٽي ڪنوار جي گھر اچي، تيسين گھوٽ ۽ ڪنوار جي لاءِ، ڪنوار جي ماءُ يا ٻي ڪا مائٽياڻي ڪٽي ٺاھي؛ جيڪا گھوٽ ۽ ڪنوار ستن سھاڳڻين سان گڏجي کائين.

ان بعد وري کير  ۽ ڀت بھ گھوٽ ۽ ڪنوار جي اڳيان آڻي رکن، جيڪو پڻ ستن سھاڳڻين سان گڏجي کائين. بعضي گھوٽ ۽ ڪنوار اڪيلا کائين.

 

مارڪو ۽ مبارڪون:

جڏھن شاديءَ جون سموريون رسمون پوريون ٿين، تڏھن سڀيئي زالون گڏجي شاديءَ جي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائين، جنھن کي ”مارڪو“ يا ”مارڪي جي مجلس“ چون. انھيءَ موقعي تي زالون سانگ پڻ وجھن ۽ ھيرا ڏين. مارڪي ۾ مبارڪون بھ پيون ملنديون تھ زالون گھور بھ پيون ڏينديون. گھور گھڻو ڪري سڀني موقعن تي ڏين وٺن. مرد، مردن کان ۽ زالون زالن کان وٺن. انھيءَ موقعي تي مڱڻھار بھ دھل وڄائي گھور ۽ لاڳ وٺن.

 

موڪلاڻي ۽ ڄڃ جي واپسي:

شاديءَ جون رسمون پوريون ٿين تھ گھوٽ پنھنجي گھر ڏانھن موٽڻ جي ڪري. ڄڃ سنبت ڪري، ڪنواريتن کان موڪلائيندي. ڪنواريتا وري ڪنوار کي سنڀرائين. ويچاري ڪنوار بھ مائٽن کان وڇڙڻ وقت کانئن روئي موڪلائي. ان وقت سڀني ڀاتين جي دل ڀرجيو اچي. ڌيءَ جي وڇوڙي ڪري پيءُ، ماءُ ۽ ٻيا عزيز پيا روئندا. اھو اھڙو وقت ٿئي، جو پنھنجا بھ ٺھيو، پر پراوا بھ رويو ڏين. ان وقت زالون بھ وڇوڙي جا ڳيچ ڳائين. آخرڪار گھوٽ ڪنوار کي وٺي واپس ٿئي. ڄڃ ساڳئي نموني دھلن ۽ شرناين سان موٽي، ۽ جاڃي خوشيءَ مان نچندا ٽپندا، ڳائيندا وڄائيندا اچي گھوٽ جي گھر سھڙن.

تعلقي وارھھ ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار، ھڪڙي رات ڪنواريتن ۾ رھن. صبح جو گھوٽيتا اچي ڪنوار جو منھن ڏسن ۽ منھن ڏساڻيءَ ۾ ڪنوار کي ڪجھھ موڙ (پئسا) ڏين. ان کان پوءِ ڪنوار کي وھنجاري، سرھا ڪپڙا ڍڪائي، سينگارين. ڪپڙن سان گڏ ڪنوار کي کھنبو ضرور ڍڪائين. گھوٽ ۽ ڪنوار کي پاڙي وارن ۽ مٽن مائٽن مان بُسريون ملن؛ پوءِ ڄڃ موٽڻ لاءِ تيار ٿئي. ڪنوار کي ٻھ ٽي ڄڻيون ڪپڙي ۾ ويڙھي وٺي اچي گاڏيءَ ۾ ويھارين. گھوٽ جي گھر تائين ڪنوار جو منھن ڍڪيل رکن ۽ گھوٽ کي پڻ موڙ ٻڌل ھجن[31].

ڪوھستان ۾ جڏھن گھوٽ، ڪنوار کي گھر وٺي وڃڻ لاءِ سنڀري. تڏھن ڪنوار جي ڀيڻ پھريائين پيءُ کان، پوءِ  ماءُ کان موڪل وٺي. ان وقت سڀ ڄاڃياڻيون ۽ ماڃياڻيون، ڪنوار – ماءُ کي موڪل ڏيڻ لاءِ چون. پوءِ ڪنوار ماءُ، ڪنوار کان ڳري لڳي موڪلائي. ان کان پوءِ ست سھاڳڻيون، پنھنجين چنين جي ستن پلاندن ۾ ڪنوار کي ڍڪي، گھوٽ جي گھر تائين وٺي وڃن. ان وقت زالون، ڪنوار تان گھورون گھورين ۽ ڳيچ ڳائينديون ھلن.

گھوٽ جي گھر ۾ ونيءَ کي گھر جي اترين ڪنڊ ۾ ويھارين ۽ پاڻ سيج سنڀائڻ ۾ لڳي وڃن[32].

ٿرپارڪر جي سماٽن ۾ شاديءَ جي سڀني رسمن رواجن کان پوءِ گھوٽيتا ڳوٺ ڏي ورڻ جو سعيو ڪن. ڪن ھنڌن تي پنج ست راتيون ۽ ڪن ڪن ھنڌن فقط ھڪ رات گھوٽ ساھرن ۾ ترسي، پر ڪن ھنڌن تي گھوٽ نڪاح ۽ شام جو سوڻن ساٺن بعد اصل ڪين ترسي ۽ پھرين رات ئي ڪنوار وٺي ڳوٺ پھچي. موڪلاڻيءَ کان اڳ نيکيٽيءَ جي رسم ڪن. نيکيٽيءَ مھل ڪنواريتيون، گھوٽ ۽ ڪنوار جي ڪپڙن جا پلو ٻڌي، کين پلؤ ڏيئي آھستي آھستي ڳائيندي دروازي تائين اچن، جتي سندن سواريءَ جو بندوبست اڳواٽ ٿيل ھوندو[33].

 

نکيٽي، نيکيٽي:

شادي جي جملي ساٺن سوڻن ۽ رسمن پورين ٿيڻ بعد گھوٽيتا، نيکيٽيءَ جون رسمون ادا ڪري، ڪنوار کي پنھنجي گھر وٺي وڃڻ جي تياري ڪن. جيڪڏھن ڄڃ پرانھين پنڌ ھوندي تھ ڪن حالتن ۾ ھڪڙي رات ڪنواريتن ۾ وڌيڪ رھن. اھا رات پڻ زالون مارڪو ڪنديون. جيڪڏھن ساڳئي ڳوٺ يا شھر جي ھوندي تھ پوءِ گھوٽيتا ڪنوار کي وٺي پنھنجي گھر اچن ۽ نکيٽي جي رسم اتي ڪن. ڪنوار کي رات جوئي وٺي ڄڃ واپس موٽي، ۽ ڪنوار کي گھوٽ جي ٻئي ڪنھن مائٽ جي گھر ۾ ويھاري پنج لانئون ۽ پنج سڳڻ ڪري، ساھرين گھرن وٺي اچن. سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تي نيکيٽيءَ جي رسم بعضي ڪنواريتي گھر ڪن، بعضي گھوٽيتا پنھنجي گھر وڃي ڪن.

ھن رسم بابت سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تان مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي حيدرآباد طرف سماٽن ۾ نکيٽي گھوٽ جي گھر ۾ ڪن. گھوٽ ۽ ڪنوار کي سيج تي ويھاري، گھر جا ڀاتي پنج لانئون ڏين ۽ ٻيا ساٺ سوڻ بھ ڪن[34].

نکيٽيءَ ۾ بھ لانئن کان پوءِ وري تِر ڀرين. ان موقعي تي جيڪي عزيز لانئون ڏين سي وري اچي تِر بھ ڀرين. ان وقت گھوٽ جي مدد خاطر ھرڪو عزيز جيڪي بھ سري سگھي، سو ”تِر ڀراڻي“ جو لاڳ ڏئي. ان وقت ھي لفظ چون ”جيترا تِر مئيندو، اوترا پٽ ڄڻيندو“[35].

وچولي ۽ لاڙ جي عام رواج موجب ڪنوار کي سندس گھران آڻي گھوٽ جي ڪنھن ويجھي عزيز جي گھر ويھارين. پوءِ رات جو ڳائي وڄائي، نکيڙي گھوٽ جي گھر آڻين. گھوٽ جيڪڏھن ساڳئي ڳوٺ يا شھر جو ھجي تھ پوءِ ڪنوار کي سندس گھران ئي نکيڙي وٺي اچن.

نکيٽيءَ ۾ بھ شاديءَ وانگر سارا سوڻ ڪن. گھوٽ ۽ ڪنوار کي وري بھ سيج تي ويھاري پنج لانئون ڏين ۽ تِر ڀرائين ۽ ٻيا بھ ڪي ساٺ سوڻ ڪن[36].

تعلقي سنجھوري جي لغارين ۾ شاديءَ بعد ستين ڏينھن گھوٽ جون عزيزياڻيون کير ڀت رڌي، گھوٽ کي سندس سھري جي گھران، ڪنوار جي پوتيءَ سان سندس اجرڪ جو پلاند ٻڌي گھر وٺي اچن. پلاند ٻڌڻ جو مطلب آھي تھ سدائين ھڪٻئي ۾ ٻڌل رھن. پوءِ گھوٽ جي گھر پھچي اھو رڌل ڀت ۽ کير گڏجي ويھي کائين. انھن ستن ڏينھن ۾ ٻڪيءَ وارو ان، جيڪو ڪنواريتن ۾ پيٺو ويو سو کائي اچن ۽ وري پنھنجي گھر بھ اھو ان اچي کائين، جيڪو ٻڪيءَ تي پيٺو ھوندو[37].

تعلقي وارھھ طرف جتوئين ۾ رات جي مانيءَ کان پوءِ نکيٽي ڪرائين، جنھن ۾ ست لانئون ڏياري، ٻيا سوڻ ساٺ ڪري ڪنوار ۽ گھوٽ کي پنھنجي گھر وٺي اچن. ان وقت بھ سندن پلو ٻڌل ھوندا. جڏھن گھر ڏي ھلن تھ ڪنوار جي مٿي تي سينھين رکي، ان تي ٻھ ڪپڙيون کير جون ڀريل رکن، ۽ ڪڇ ۾ مانڌاڻي بھ کڻائين. ڪنوار گھر ۾ پھچڻ تي ڪنھن ٿوڻي يا ٺل کي ڀاڪر پائي جھليندي، جڏھن کيس سھرو يا ٻيو ڪو عزيز ڪجھھ باسيندو، تڏھن ھوءَ ان مان ھٿ ڪڍندي؛ ۽ پوءِ گھوٽ ۽ ڪنوار ھيٺ تڏي تي ويھندا. سندن آڏو لوڻ جو ٿالھھ رکن، جنھن مان پھريائين ڪنوار ٻڪ ڀري گھوٽ جي ٻڪ ۾ وجھندي، وري گھوٽ ساڳيو ٻڪ ڪنوار جي ٻڪ ۾ لاھيندو. اھڙيءَ طرح ست دفعا ڪندا. پڇاڙيءَ ۾ ستين دفعي ڪنوار، گھوٽ جو ھٿ جھليندي، پوءِ جڏھن ھو ڪجھھ باس باسيندو، تڏھن سندس ھٿ ڇڏيندي. شروع وارن ڇھن دفعن ۾ جيڪو عزيز ھيءَ رسم ادا ڪرائيندو، ڪنوار انھيءَ جو ھٿ پڪڙيندي ۽ باس باسڻ تي ڇڏيندي. ان وقت زالون ھي لفظ چونديون:

”جيترا تِر ڀريندي، اوترا پٽ ڄڻيندي،
ڄڻي ڄڻي ھنج ڀريندي،
اتر ڏکڻ لولي ڏيندي.“

 

ان بعد ڪنوار ۽ گھوٽ کير ڀت گڏجي کائيندا[38].

تعلقي وارھھ جي عام رسم موجب نکيٽي سومھڻي جي ماني کائي پوءِ ڪن. نکيٽي ڪرڻ وقت گھوٽ ۽ ڪنوار جا پلؤ ڀيڻ ٻڌي، ۽ پلؤ ٻڌاڻي ھڪ رپيو لاڳ وٺي. ان بعد ڪنوار ۽ گھوٽ کي گھونگھٽ ڪرائي ھلن. سوڻ خاطر ڪنوار کي مانڌاڻي ڪڇ ۾ ڏين ۽ کير جون ٻھ ڪپڙيون ڀري ڪنوار جي مٿي تي رکن؛ پوءِ سھرا ڳائي اچي گھر لھن. اتي تِر بھ مئين، يعني لوڻ جا ٻڪ ڪنوار ۽ گھوٽ ھڪ ٻئي جي ٻڪ ۾ لاھين. اھي پاڻ نھ لاھين، پر جيڪي زالون يا مرد تر موائين، اھي ٻڪ وٺي تِر موائين. تِر لاھڻ وقت ڪنوار ھر ھڪ عورت جي ھٿ جھلي. جنھن جو بھ ھٿ جھلي اھا ڪجھھ رقم ڪڍي ڪنوار جي ھٿ تي رکي. جيڪڏھن پيسا نھ ھجنس تھ ڪجھھ باسي.

تر موائڻ کان پوءِ ڪنوار کي ٿوڻي جھلائين. ان وقت سھرو ڪو جانور، مثلا ڳئون يا مينھن وغيره تحفو ڪري ڏئي، تڏھن ڪنوار ٿوڻيءَ مان ڀاڪر ڪڍي. پوءِ ست ڏينھن کن ڪنوار کان سانجڻ (گھر جو ڪم ڪار) ڪونھ ڪرائين. ستن ڏينھن کان پوءِ گيھھ سان ھٿ مکرائي، باھھ تي ويھارين. پر جي ڪا ڪنوار ڀلجي سانجڻ ڪري بھ وجھي تھ ان کي يڪدم اٿاري، گيھھ ۾ ھٿ ٻوڙائين.

پاڙي وارا يا مٽ مائٽ ٻھ ٽي ڏينھن گھوٽ ڪنوار کي بُسريون ڏين. جيڪڏھن بسريون نھ ڏين تھ ڪجھھ نھ ڪجھھ نقد ڏيئي وڃن[39].

ھن رسم جي ادائگي وقت زالون ھيٺيون ساٺ ڳيو چونديون رھنديون:

جيترا تر مئيندي، اوترا پٽ ڄڻيندي،
ڄڻي ڄڻي ھنج ڀريندي،
اتر اوڀر لولي ڏيندي،
مائي سدوري ڪين ڪڇندي.

 

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ نيکيٽي وقت گھوٽ  ۽ ڪنوار جا پلؤ ڀيڻ ٻڌي. ڪنوار کي ھٿ ۾ مانڌاڻي ۽ کير ڏين. ھلندي ھلندي ڪنوار، کير مان ھٿ ٻوڙي مانڌاڻي کي ھڻندي. ٻيون رسمون ساڳيون ڪن.

راشدين ۾ نيکيٽي ڪونھ ڪن، باقي گھوٽ پھچڻ تي صبح جو کيرڻي رڌي مائٽن کي کارائين[40].

 

کوڙو:

ٿرپارڪر جي سماٽن ۾ جڏھن ڪنوار، مائٽن مان نکڙي ساھرن ۾ وڃي، تڏھن ان کي گھوٽ جي گھر ڪين نين، پر ڪنھن ٻئي عزيز کي فرضي پيءُ ڪري، ڪنوار کي اتي وٺي وڃن. ڪنوار جا مائٽ، ڪنوار جي فرضي ماءُ کي ٽي ڪپڙا ۽ پيءُ کي ھڪ اجرڪ ڏين. ان کي ’کوڙو‘ چون. اھي ڄڻ تھ ڪنوار جا حقيقي مائٽ ٿي چڪا.

ان بعد وري شاديءَ وارا ساڳيا سوڻ ساٺ شروع ٿيندا، ۽ پوءِ اھا فرضي ماءُ، ڪنوار کي چني اوڍائي، ماني مھٽي، وٽي ۾ وجھي ڏئي، جيڪا ھوءَ گھوٽ جي گھر کڻي وڃي، ۽ اتي ورھائي. اھا تھ رسم ٿي، پر گھڻو ڪري اھي فرضي مائٽ، ان ڌيءُ جي ساري عمر سنڀال لھن[41].

 

موڙو (ڪنوار کي):

گھوٽ، ڪنوار کي وٺي گھر اچي تھ سندس محرم عزيز ڪنوار جو منھن ڏسڻ اچن ۽ ڪنوار کي ڪجھھ رپيا نقد ”موڙو“ ڏين. ساڳئي وقت ڳوٺ، راڄ يا پاڙي پتيءَ جون زالون، جيڪي وھانءَ تي ھلي نھ سگھيون ھونديون، پر انھن سان پير پنڌ ھوندو، اھي بھ ڪنوار کي ڏسڻ اچن ۽ ڪنوار کي ڪجھھ رپيا ”موڙو“ ڏين. موڙي جي رقم ڪنوار کڻي. بعضي گھوٽ کي بھ موڙو ملي، پر عموما ڪنوار کي گھوٽيتن مان ۽ گھوٽ کي ڪنواريتن مان موڙو ملي. تعلقي وارھھ ۾ ”موڙي“ کي ”منھن ڏساڻي“ بھ چون.

 

لاڳ:

جڏھن شاديءَ جي ساٺن سوڻن ۽ ڪمن ڪارين کان سڀئي آجا ٿين تھ پوءِ ھرڪو پنھنجي گھر وڃڻ لاءِ تيار ٿئي. ڪاڄ وارا، ڪمن ڪارين وارن ماڻھن، جھڙوڪ: لنگھن، حجامن، پخالين، ڪنڀرن وغيره کي پنھنجو پنھنجو ٻنڌاڻ ۽ بخششون ڏيئي، خوش ڪري روانو ڪن، ان کي شاديءَ جو ”لاڳ“ چون.


 

[1]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[2]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[3]   اڪبر علي لغاري (تعلقو سنجھورو).

[4]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[5]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[6]   محمد عرس سمو، نئين زندگي، آگسٽ (١٩٥٧ع.

[7]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[8]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[9]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[10]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[11]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊو الھيار) ۽ محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[12]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[13]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[14]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[15]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[16]   شيخ محمد سومار (تعلقو بدين).

[17]   شيخ محمد سومار (تعلقو بدين).

[18]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[19]   محبوب سروري، ماھوار شاعر، رفيق حيات نمبر، سال ١٩٥٧ع.

[20]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[21]   ولي محمد طاھرزادو (ٽنڊو الھيار)..

[22]   محمد سومار شيخ  (تعلقو بدين).

[23]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[24]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[25]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[26]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[27]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[28]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[29]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[30]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[31]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[32]   محمد عرس سمو، نئين زندگي، آگسٽ ١٩٥٢ع.

[33]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[34]   محبوب سروري، ماھوار شاعر، رفيق حيات نمبر، سال ١٩٥٧ع.

[35]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[36]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[37]   علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجھورو).

[38]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[39]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[40]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[41]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org