سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :2

 

 

مھاڳ

 

سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سھيڙڻ لاءِ ھڪ تفصيلي تجويز ١٩٥٥ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ سامھون رکي ويئي، جا ١٩٥٦ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي وئي.

ان تجويز مطابق، جنوري ١٩٥٧ع کان لوڪ ادب سھيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انھيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا تھ ڏنل ھدايتن موجب، ٻھراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’سنڌي لغت آفيس‘ سان گڏ ’لوڪ ادب‘ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، تھ مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاھران آيل مواد کي ھدايتن موجب ورڇي ورھائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين. پھريان ٻھ سال، يعني ١٩٥٧ع ۽ ١٩٥٨ع، لوڪ ادب جي مواد سھيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انھيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گھربل ڳالھيون ھٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي ھر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگھڙن سان ڪچھريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي ھر پھلوءَ کي سمجھڻ لاءِ قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي ھر نوع بابت نموني طور ھڪ ڪتاب مرتب ڪري سگھجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال يعني ١٩٥٩ع کان شروع ڪيو ويو آھي.

ھت ٻھ ڳالھيون واضح ڪرڻ ضروري آھن:

پھريون تھ ھن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جو اھي جملي جنسون، جيڪي ھن وقت تائين ٻھراڙيءَ جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آھن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آھي. انھيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آھن؛ مثلا: مداحون، مولود، ٽيھھ اکريون، ڪافيون وغيره. مگر جيئن تھ اھي ھن وقت ٻھراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشھور آھن، انھيءَ ڪري انھيءَ کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آھي. انھيءَ لحاظ سان، ھن تجويز ھيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بيعنه ’فوڪ لور‘ (Folk Lore) جي مغربي مفھوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نھ ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شھري زندگيءَ اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نھ ڪئي آھي. جو اھا خواص جي زندگي ۽ تمدن جو يا ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بڻجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آھي، ۽ انھيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اھوئي آھي، جو عوام جي زندگي جو آئينو آھي. انھيءَ ڪري ھن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگھجي.

ٻيو تھ ھن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نھ ٿي سگھيو، ان کي سھيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آھي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ تھ اٿاھھ سمنڊ سوجھي، مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر ٿيندو، جو ناممڪن آھي. البت جو ڪجھھ گڏ ٿي سگھيو آھي، سو لوڪ ادب جي ھر جنس بابت مثالي مواد آھي. انھيءَ لحاظ سان ھن تجويز ھيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد تھ آئنده ڪوشش لاءِ نمايان نشان  ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي مگر ان جي عملي سربراھي توڙي تڪميل ۾ گھڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آھن. اول تھ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن ھن تجويز کي سن ١٩٥٦ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گھربل مواد گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي، مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪتابن جي ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانھن ٻيلي ٿيا آھن. ھن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باھمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن، توڙي انھن مڙني دوستن جو حصو آھي، جن بنده لاءِ سگھڙن کي ڳولي ھٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچھرين ڪرڻ ۾ پنھنجي ھڙان وڙان مدد ڪئي.

ھيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو اوڻيتاليھون ڪتاب آھي. ان جو بنيادي مواد سن ١٩٥٧ع کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو ۽ ڊسمبر ١٩٧٠ع تائين گڏ ٿيل سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، جنوري ١٩٧٥ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس ڪاپي تيار ڪئي وئي.

ھيءُ ڪتاب گھڻو اڳ تيار ٿي ڇپجي وڃي ھا، مگر بدقسمتيءَ سان ’لوڪ ادب تجويز‘ کي بند ڪيو ويو ۽ ھن ڪتاب جي اشاعت پڻ روڪجي ويئي. ٢٥- اپريل ١٩٦٨ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان ’طالب موليٰ‘ جي سفارش تي، سنڌي ادبي بورڊ ’لوڪ ادب تجويز‘ کي پايئھ تڪميل تي پھچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھا ذميواري بنده کي سونپي وئي. جون ١٩٦٨ع کان ڪم شروع ڪيو ويو، پر چئن مھينن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. وري ١٨- جون ١٩٦٩ع تي بورڊ، ’لوڪ ادب تجويز‘ کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن کان خط پھتو تھ ٻيھر ڪم شروع ڪيو وڃي. باوجود انھن تڪليفن جي، جيڪي ھڪ مخلص ڪارڪن کي پھچن ٿيون، ۽ جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪندي سھڻيون پيون آھن. بنده ھيءُ ڳرو بار ٽيون ڀيرو پنھنجي ڪلھن تي کنيو آھي، انھيءَ لاءِ سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي جيترو ٿي سگھي اوترو سھيڙي، ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي، ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ ادب“ جي چاليھن جلدن کي مڪمل ڪيو وڃي.

بھرحال توڪل جو ترھو ٻڌي، ڪم شروع ڪيو ويو تھ: ”لوڪ ادب تجويز“ وري زير بحث آئي ۽ سن ١٩٧٣ع ۾ ھن تحقيقي ڪم کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چوٿون ڀيرو وري نومبر ١٩٧٤ع  کان ڪم شروع ٿيو آھي.

٢٦- جنوري ١٩٧٦ع کان بنده راقم مرڪزي وزارت تعليم اسلام آباد ۾ نئون عھدو سنڀاليو آھي، مگر باوجود انھيءَ جي لوڪ ادب جي ڪم کي قيمتي ڄاڻي، ان کي جاري رکيو ويو آھي.

ھن وقت تائين لوڪ ادب تجويز ھيٺ رٿيل چاليھن جلدن مان ٽيٽيھھ جلد ڇپجي چڪا آھن ۽ ھيءُ چوٽيھون جلد آھي جيڪو شايع ٿي رھيو آھي. جيڪڏھن حياتيءَ وفا ڪئي، تھ باقي رھيل ڪتابن بابت مواد گڏ ڪري، چاليھن جلدن جي تحقيقي ڪارنامي کي توڙ تائين پھچايو ويندو.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ۽ محمد يوسف شيخ ھن ڪتاب جي مواد کي اتاري يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ ٻيھر صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ سڄي ڪم جي نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا ۽ آخري سٽاء، توڙي ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آھي.

 

اسلام آباد                                         خادم العلم

٢٠-٠٦-١٩٧٨ع                                   نبي بخش

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org