سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :07

 

موت اچي ٿو ميخاني ۾،

تاڙي ٿو-

ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.

 

ٻاهر پنهنجا *ٻَرد سَلهاڙي

واڙي ٿو،

ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.

 

ڪوئي پنهنجي پيماني ۾

مُرڪي ٿو،

ڪوئي ڳوڙها ڳاڙي ٿو،

ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.

 

ڪو به ته هُن کان بچڻو ناهي

سڀ کان قرض اُڳاڙي ٿو،

ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.

 

رَنڪُ هجي يا راوُ، اچانڪ

سڀ کي موت پڇاڙي ٿو

ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.

 

ڳِيچَ ڳَهر مان جاڳيا آهن

لَيءَ ڪيڏي متوارِي آهي!

ڄڻ سنڌوءَ جي ڏائي ڪَپ تي

سائِي سرنهن ڦُلاري آهي.

 

ڪيڏي آ هُٻڪارَ هَوا ۾!

توڙي سَو پَرمار هوا ۾

ڪويل ڪُوڪ ڪَٽاريءَ وانگر

اُڀرِي آ ٻيهار هوا ۾؛

 

سِجُ جئين لاڏِيءَ جو بَينو

دور پهاڙين تي نڪتو آ!


 

 

ڪوريا، بَرلن

ڇا ڇا کي تقسيم ڪيو ويو آهي!

ماڻهوءَ جو مقسوم به ساڳو

بُکّ به ساڳي، ڏُکّ به ساڳا!

پيار به ساڳو، پياس به ساڳي

سيرانديءَ سان سُکّ به ساڳا!

هر ماڻهوءَ کي مرڻو آهي

موت به ساڳو مات به ساڳي!

*مَدرا پيتي پرک به ساڳي

ماڻهوءَ جي مَرجات به ساڳي!

ماڻهو پو به ورهايَل توڙي

ڏيهه به ساڳا، ڏاتِ به ساڳي!

سَنڌا سيڙها هن ڌرتيءَ جا

لوڙهي ٿي برسات به ساڳي.

مُکّ – وچن پر ڪنهن به ڪَويءَ جا

مُنهنجيءَ ڪوتا جهڙا ناهن!

آءٌ اڪيلو هان ڌرتيءَ تي

مون جئن ڪنهن جا سپُنا ناهن!

 

 

جَل ٿل جا جذبات لڳي ٿي

ڇاتيءَ منجهه ڇُپائڻ گهرجي.

 

چُرندڙ پُرندڙ لاش وطن جي

گليءَ گليءَ ۾ ڪيڏا آهن!

انڌا، گونگا، ٻوڙا ماڻهو

هي جي منهنجا جيڏا آهن،

تن جي پرک پريان ئي پڌري

تن کان لعل لڪائڻ گهرجي.

 

مون کي پويون لفظ صديءَ کي

ڏاهپ وارو ڏيڻو آهي

عُمر سڄي جو مون چاهيو آ

اَنت اُئين ئي ٿيڻو آهي

ٻيهر ٻاڦي ٻاڦ اجايو

ڳچّيءَ ڳَٽُ نه پائڻ گهرجي

 

اڄ ڪنهن جي منصور ٿيڻ سان

ڪوئي فرق نه پوڻو آهي

مُوڙها! منهنجي مام نه سمجهيئه

مون ته چيو جو چَوڻو آهي

ڳُجَهه ڳُجهاندر کي مدرا پِي

وِچّ نه اڄ ورجائڻ گهرجي.

 

 

سورج – پَٿّر وانگر منهنجا

ٻولَ ٻُرن ٿا

شيشي – گهر جا سڀ دروازا

ڪِرچون ڪِرچون پکڙيل آهن،

توڙي رتو رتُ پير اَٻاجها،

پو به وڌن ٿا!

سورج – پٿر سان اڄ ڇا ڇا

مون کي ڊاهڻو آهي؟

شهر سڄو ئي شيشي – گهَر آ

سورج – پٿر سان هر گهر تي

مون کي ڪاهڻو آهي،

ڀل ته پيو پو مون تي باهي

جنهن کي باهڻو آهي –

هِي جي شيشي جا دروازا

ڪِرچون ڪِرچون پکڙيل آهن

مون ئي ڊاٿا آهن،

هر گهر جي دروازي تائين

منهنجا پيرا آهن،

هي جي شيشا آهن

مون ئي ڦوڙيا آهن،

مون ئي ٽوڙيا آهن،

مون ئي ٽوڙيا آهن.

 

 

پيار پکيءَ جئن ايندو آهي

آکيرو به اَڏيندو آهي،

روهه مٿان روها کيءَ وانگر

پو به اُڏامي ويندو آهي،

 

ڌيمِي آهي وهڪ نديءَ جي

ونجهه ٿڌيرا ساهه کڻن ٿا،

پتڻ مٿان پاڇاوان مون کي

سِجَ لٿي جا ڪو نه وڻن ٿا.

 

ڪونجن جي ڪُڻڪار ڪَچي ۾ -

هَيءَ هَيءَ جيءُ جهڄي پيو آهي

اڄ جو ڪو ڪَرلاهُو* ڪونهي

منهنجو هيانؤ هڄي پيو آهي.

 

پُٺ تي پير ورن ٿا منهنجا

ريت رات جي گهيري ۾ آ

تارن جي ٽم ٽم جئن منهنجي

آشا گهور انڌيري ۾ آ


 

پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي

نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي،

آکيرا اُن لاءِ اَجايا

ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي.


 

*  ٻَرد – ڍور، ڏاند

*  مَدرا - شراب

*  ڪَرلاهو – خبر رکندڙ، همدرد

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org