پهرئين ايڊيشن جو
مهاڳ
شروع کان ئي شيخ اياز بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هئم جنهن
۾ دهريو، ناستڪ ۽ غدار جا لقب القاب پيش پيش هئا.
اِها به ڄاڻ پئي ته ’ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ ثاني آيا سنڌ
۾‘ جهڙو طنزائتو بيت به سندس ئي شان ۾ جوڙيو ويو
هو. انهن مڙني ڳالهين جي نتيجي ۾ جيڪو تاثر ذهن ۾
ويٺو سو اِهو ته اياز ڪوئي هُل يا هنگامو آهي.
ڏينهن پڄاڻان اياز جي ڪنهن وائي جي سٽ نظرن مان
گذري، ’ڀونءِ نه آئي ڀانءِ اَلا مان اُڏري ويندو
سانءِ‘ ان وائيءَ ۾ الائي ڪهڙو ڏوراپو هو، ڪا ميار
هئي ڪو پنهنجائپ ڀريو سهاپو هو جنهن جيءَ کي
جهونجاڙي ڇڏيو.
وڏن شاعرن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي لفظن جا
جادوگر آهن، پر جي انهن کي دِلين جو ڪاٽڪو چئجي ته
به غلط نه ٿيندو جو ڪڏهن ڪڏهن ته دل جي ارد گرد
اڏيل پڪ سري ديوارن ۾ به کاٽ هڻي پنهنجو دائمي اثر
ويهاريو ڇڏين.
مون کي اُها هڪ سٽ ايڏي ته وڻي جو باقي رهيل حصي
جي ڳولها ۾ رهيس، نيٺ اهو وقت به آيو جنهن ۾ سندس
سڀئي ڪتاب پڙهي پوريا ڪيم، ۽ اها ڳالهه شدت سان
محسوس ٿي ته جذبي کي نهايت اثرائتي صورت ڏيڻ ۾ کيس
ڪمال حاصل آهي. سندس هر شعر ۾ سچائي ۽ سونهن جي
مسلسل جستجو سان گڏ ازلي حسن جون جهلڪيون جهٽيل
آهن. مون ڪڏهن به هن جي شاعريءَ جي صنفن، گهاڙيٽن
يا هِيئن وغيرہ تي سوچڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي.
مون ته رڳو انهن جي معنيٰ تي غور ڪيو آهي، خيالن
جي اڏام کي سمجهڻ گهريو آهي ۽ موتين جهڙي لفظن تي
ويچاريو آهي. ڪي من ۽ ذهن ۾ پيهي ويندا آهن، ڪي
مٽيءَ جي مهڪ جيان دل تي ڇانئجي ويندا آهن، ته ڪي
رڳو خوشگوار جهوٽي جيان ڀر مان لنگهي ويندا
آهن....
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بنجي، اياز جڏهن
حيدرآباد آيو ته هر طرف کان سندس مرحبا ٿيڻ لڳي،
هڪ ته ناميارو ٻيو ته موجودہ شاعرن مان سڀ کان
مٿانهون مقام رکندڙ، تنهنڪري خاص طور ادبي حلقن ۾
سندس خوب آجيان ڪئي وئي، آئي ڏينهن سندس مانَ ۾
گڏجاڻيون پيون ٿينديون هيون، اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي
رِٽز هوٽل ۾ رکي وئي جتي پهريون ڀيرو ساڻس روبرو
ملڻ ٿيو. ان گڏجاڻيءَ ۾ مرحوم حسام الدين راشدي
صاحب به شرڪت ڪئي، هن پنهنجي تقرير جي شروعات ۾
چيو،
”اياز کي بطور وائيس چانسلر، سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي
ڪا به ضرورت نه هئي. کيس جيترو اتان ملندو ان کان
وڌيڪ هن جي آمدني آهي، پر هي عهدو رڳو انڪري
قبوليو اٿس جو...“
سڀني ڏاڍي غور سان اها تقرير ٿي ٻڌي. اياز جي رعب
۽ بردبار شخصيت جو اثر، ان تقريب ۾ ويٺل سندس
زيردستن کان علاوه اديبن تي به ڇانيل هو. هن جي
روشن مشعلن ۾ ڪاريهر جي مڻ جهڙا تجلا هئا جنهن ڄڻ
ته ڪنهن اونهي اسرار جا عڪس ٿي پسايا. چؤڌاري ايڏو
هجوم، پوءِ به لڳو ٿي ته ڪنهن ڪنهن مهل خيالن جي
اُڏام کيس ڪوهين دور وٺي ٿي وئي جو ڄڻ اتي هو ئي
ڪين....
V.C
جو عهدو ڪيڏو ئي معتبر ۽ مٿاهون سهي پر الائي ڇو
ان دم مون کي هي خيال آيو، ته اهو کيس نه قبولڻ
گهربو هو. مون اڪثر ائين پئي محسوس ڪيو آهي ته حال
جا ذهين شاعر، ماضيءَ جي عظيم شاعرن جا جانشين
هجن. شايد ته انڪري لاشعوري طور کيس به شاه جو
جانشين ٿي سمجهيم، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن شاه کي
سدائين پنهنجو مرشد ڪوٺيو آهي. شاه سان هر سنڌيءَ
کي محبت ۽ عقيدت آهي پر کيس اِها ان حد تائين آهي
جو هن پاڻ کي روحاني طور ساڻس ڳنڍي، پاڻ ۾ سمائي
ڇڏيو آهي. اڄڪلهه ته شاهه جي نالي ۾ ڪنهن ٽانءِ
ڀرئي افغان مهاجر يا يوناني ڏند ڪٿا جي ٺونٺي
ديوتا جهڙيون تصويرون ۽ مجسما جوڙ ان جي نمائش ڪئي
وڃي ٿي، پر اُها حقيقي تصوير جيڪا شاهه جي بيت جي
هر سٽ پڙهندي پاڻمرادو ذهن ۾ اُڀريو اچي، تنهن کي
اياز بنا ڪنهن نمائش جي پنهنجي دل ۾ سڀ کان
اُتاهين هنڌ تي رکيو آهي، جا هر گهڙي هر ويل هن
سان گڏ آهي، جيڪا لاشڪ ته محبتن ۽ عقيدتن جي اُها
منزل چئبي؛ جنهن جي ڪا به ابتدا ناهي ڪا به انتها
ناهي.
اياز جي آتم ڪٿا ۾ اِها ڳالهه پڌري پَٽ ڄاڻايل آهي
ته وقت جي سربراهه جي بيحد اسرار هيٺ ئي کيس
V.C
جو عهدو قبول ڪرڻو پيو. مان سمجهان ٿي ته هڪ محب
وطن ۽ ذهين انسان جي حيثيت ۾ هن اِها ذميداري
پنهنجي سر تي کنئين به کڻي؛ ته جيڪر اها کيس پوري
ريت نڀائڻ جو موقعو ڏجي ها، ته اڄ اسان وٽ تعليم
جو معيار ڪنهن به حالت ۾ هندستان جي تعليمي معيار
کان گهٽ نه هجي ها. سنڌالاجي به ڪنهن مهڻي هاب ٿيڻ
بدران پنهنجي پيرين سيرين هجي ها.
ڪنهن قيمتي هيري يا پٿر جي ڀانءِ نه پوڻ جيان
وائيس چانسلري اياز کي کڻي راس نه آئي پر گهٽ ۾
گهٽ ’ساڌن سان سنمک ته پئنچن سان به پورا‘ جهڙي
دوست دشمن جي ڄاڻ ته کيس ڏيئي وئي، جيڪي پاڻ ته
سرخرو ٿي وڃي چؤڏول چڙهيا، پر هن لاءِ ڄڻ ڏکن جو
ڏيج ڇڏي ويا. کين گهائل ڪرڻ لاءِ ڪي به بڙڇون ڀالا
ڪونه کڄيا، ڇو ته اُهي پنهنجي چالاڪ ۽ حرفتي
مهانڊن کي مڪاريءَ جي ماسڪ پويان لڪائي هلڻ جا
گهڻئي گُرَ ڄاڻيندا هئا. ممڪن آهي ته ذاتي سطح تي
اياز کان به ڪي ڪوتاهيون سرزد ٿيون هجن، ڇاڪاڻ ته
’پاورز‘ يا اختيارات شئي ئي اهڙي ٿيندي آهي جنهن ۾
توازن رکڻ مشڪل ٿيو پئي، هڪ کي خوش ته ٻئي کي
ناخوش ڪرڻ جو ڪونه ڪو سبب ته نڪريو ئي اچي، پر
مجموعي طور ڏسجي ته اياز نهايت مهذب ۽ سانتيڪو
انسان آهي. ’ادبي گِرگٽن‘ وارو ڪو به رنگ هن تي
چڙهيل ناهي. بحث مباحثي، ڪج بحثي جي صورت اختيار
ڪري ورتي هجي يا مخالفتن جهيڙي جهٽي جي، ته به
تهذيب جي دائري اندر، ڌيرج ڀرئي مِٺي سڀاءُ سان
پيو پيش ايندو، جڏهن ته پنهنجي ڳالهه مڃائڻ يا پاڻ
کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ اڪثر ماڻهو وهلور پيا ويندا
آهن. اياز وٽ پاڻ مڃائڻ لاءِ ڪي به جُڙتو هٿ ڪنڊا
ناهن. هن جي عظمتن کي هرڪو مڃي ٿو، اُهي به جيڪي
بظاهر سندس مخالف آهن.
وائيس چانسلري يا سياسي حوالن جي آڏ وٺڻ ته محض هڪ
بهانو آهي. هن خلاف اڳ به گهڻو ڪجهه ڳالهايو ويو
آهي ۽ هاڻ به ڳالهائجي پيو، پر ماڻهن جي الزامن،
نڪته چينين لاءِ هن ڪڏهن به ڪو دفاع ناهي چاهيو.
ماٺ آهي دريا جيان، جنهن ۾ ساريون جُلِهيون ساوڻ
جي مينهن جيان جذب ٿيو وڃن. جنهن حد تائين منهنجو
مشاهدو آهي ته مان سمجهان ٿي، دراصل هن خلاف
ڳالهائڻ فيشن يا جدت ۾ شمار ٿي چڪو آهي، جنهن جي
اڪثر اکيون پوري تقليد ڪئي ويندي آهي. هڪ چوندو ته
اياز ڪامپرومائيز ڪيو آهي ته ٻيو بنا ڪجهه سوچ
ويچار جي ٻه وکون اڳتي کڻي يڪدم انجي پرزور تائيد
ڪندو، کيس ڀئو ٿيندو ته ائين نه چوڻ سان ڪٿي پٺتي
پيل يا رجعت پسند نه سمجهيو وڃي. ان صورتحال مان
اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ذهانت جي
کڻي نه پر ان جي صحيح استعمال جي کوٽ سا ضرور رهي
آهي، جو ڪن حالتن ۾ اها رڳو فرد جي پنهنجي ذات جي
گهيري تائين محدود رهجيو وڃي. ٻين لاءِ ڪي غير
معقول ادبي رايا يا غلط بيانيون آهن ته اُنهن تي
پنهنجي نقطئه نظر کان سوچڻ ۽ ڪا راءِ قائم ڪرڻ
لاءِ ذهني صلاحيتن کي ڪم آڻڻ بدران ٻڌل ٻڌايل،
رٽيل رٽايل گٺل پيٺل جملا، ٺپي ڇاپ جيان ڪتب آڻي
سهل پسنديءَ وارو رستو اختيار ڪيو ٿو وڃي، جنهن
مان ڪنهن به غلطيءَ جي درستيءَ جا امڪان باقي نٿا
رهن. ادبي تنقيدن ۽ تبصرن جي ڏينهون ڏينهن ڪرندڙ
معيار جو يقيناً اهو به هڪ مکيه ڪارڻ آهي، جنهن
لاءِ اياز به ڪنهن هنڌ چيو آهي ته ’سنڌي تنقيد
انهيءَ جانور جو نالو آهي جنهن کي جهرڪيءَ جو مٿو،
ڪاريهر جي ڄڀ، چمڙي جون اکيون ۽ اُٺ جي اوجهري
آهي.‘
شاعر ۽ اديب جي ذميداري انسان ذات سان آهي نه ئي
ڪنهن خاص سماجي يا ڦرندڙ گهرندڙ سياسي نظام سان.
انسانيت جي دشمن سماج جو هڪ هوشمند ليکڪ ڪڏهن به
ڀرجهلو يا حمايتي نٿو ٿي سگهي. اڻ سڌريل حالتن سان
رڳو اُهي ئي ٺاهه يا نباهه ڪري سگهندا آهن، جن جون
پنهنجون ذهني صلاحيتون زنگجي ويون هجن. هر عظيم
ليکڪ جيڪڏهن پهرين عظيم انسان آهي، ته اهڙو ئي
سماج کيس بغاوت ڏي مائل ڪرڻ جو ذميدار آهي.
عام طرح سان اسان وٽ مروج، جيڪي دوگاني جي انداز ۾
سياسي بيان بازيون هلنديون آهن، اهڙو طريقو اختيار
ڪري، اياز سياست جي بازي کٽڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي
ڪئي، نه ئي سياست جي پڙ ۾ پير پائڻ لاءِ هن ڪي
سانگ رچايا يا سٽل سٽيا. سياست جي سمنڊ جي اُها
ڇڙواڳ ڇولي آهي جيڪا اوچتي طوفان جي زور تي، ڪناري
وٽ بيٺل اڪيلي انسان کي پاڻ وٽ گهلي ايندي آهي ته
ڪڏهن کُٽيءَ سانگي هو پاڻ ڏانهس گهلجي ويندو آهي.
اياز کي پنهنجي وطن ۽ قوم جي بقا ئي بي ساخته ان
طرف ڌِڪيو، نتيجي ۾ سندس شاعري جا سراپا محبت ۽
پيار جي پيامبر هئي، تنهن کي سياست مسلسل پيڙا ۽
ڏک ڏيئي سدا لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
سياسي غلطي ۽ ڪامپرومائيز ڪرڻ جي حوالي سان اياز
لاءِ ڪيئي قياس آرايون ٿينديون رهيون آهن. پر اياز
کي ادب ۾ جيڪو مٿانهون مقام حاصل آهي، جنهن جي
شاعريءَ کي حق ۽ سچ جو ترجمان ڪوٺيو ٿو وڃي ته
اصولي طور وزن به خود اياز جي پنهنجي ڳالهه کي ئي
ملڻ گهرجي جنهن ۾ هو اٽل يقين سان چئي ٿو ته هن
سان ڪا به سياسي غلطي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو
ڪامپرومائيز ڪيو آهي. شايد ته انڪري ئي هيل تائين
هن ڪنهن به قسم جي ’جسٽيفڪيشن‘ ڏيڻ جي ضرورت محسوس
ناهي ڪئي.
اياز، جنهن کي سنڌي ليکڪن جي گهٽ مطالعي جي هميشہ
شڪايت رهي آهي، تنهن پنهنجي ڀرپور ڏات، تجربي،
آزمودي، مشاهدي ۽ وسيع مطالعي سان سنڌ جي لازوال
عظمتن کي پنهنجي غير فاني تخليقن سان نه رڳو
سدائين اڳتي وڌڻ جو حوصلو پئي ڏنو آهي پر ڪيترن ئي
ذهنن کي وسعت ۽ عظمت بخشي انهن ۾ جوش جذبو ۽ اُمنگ
پيدا ڪئي آهي ته جرئت ڀريا قدم کڻي پنهنجا حق حاصل
ڪرڻ جو حوصلو به پيدا ڪيو آهي.
هو سنڌي ادب جي هڪ نرالي ۽ منفرد شخصيت آهي، قدرت
کيس جنهن لافاني ڏات سان نوازيو آهي اُها هن لاءِ
ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان لنگهڻ جو ڪارڻ پئي بڻي
آهي پوءِ به هو ادب جي راهن ۾ سدائين ثابت قدم
رهيو آهي، جنهن جو مثال اڄ به سندس ئي لفظن ۾ اسان
اڳيان آهي.
’يار ٿيا اغيار، چون ٿا تون ته ٽُٽي پيو آهين، پر
منهنجا پير اڳي کان اڳتي....‘
اِها ٻي ڳالهه آهي ته حساس دِليون ڪڏهن ڪڏهن انهن
اِهنجن تي بي تاب ٿي پونديون آهن ۽ ’مار نه تاڙي
اُڏار نه سانون، اسين آپ هي اُڏڻهاري‘ جهڙن جيءُ
جهوريندڙ سٽن جي چونڊ ڪري، ڄڻ اُنهن پَرمتڙن کي
دلاسو پيون ڏينديون آهن جيڪي اجاين جُلهن سان شاعر
جي روح کي رتوڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هونديون آهن.
شيخ اياز جا ڪتاب جنهن تيزيءَ سان ڇپجي پڌرا ٿي
رهيا آهن تنهن بابت ويجهڙائيءَ ۾ ڪٿي پڙهيو هئم ته
شايد
V.C
واري دور جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ يا پوءِ لهندڙ سج
جي احساس کيس ان نيڪ ڪم ۾ جمبي وڃڻ جي توفيق عطا
ڪئي آهي.
پر منهنجي خيال ۾ ائين ناهي. تخليق اهو چشمو آهي
جيڪو دل ۽ ذهن مان بي اختيار ڦُٽي نڪرندو آهي. کوٽ
يا واڌ پوري ڪرڻ جا ليکا چوکا رڳو ڪاروباري بندين
۾ بند رهندا آهن، جڏهن ته هڪ سچي اديب يا شاعر جو
روح ازل کان آزاديءَ جو طالب ۽ ڳولاؤ آهي. هن جي
لکڻين جو سڄو دارومدار ’موڊز‘ تي آهي. ڪِن جو فن
پيڙا جي پيدائش آهي، ڪي وري من جي سک شانتيءَ
کانسواءِ قلم جي ويجهوئي نه ويندا. ٻنهي ڪيفيتن ۾
ليکڪ لکڻ لاءِ آزاد آهي. روح کي زنجيرون پارائي
لکڻ هن جي وس ۾ ناهي. زندگيءَ جو سج ٽاڪ منجهند
کان ٿورو ٿڙي، جڏهن شام جي ڪنارن طرف رڙهڻ شروع
ڪندو آهي، تڏهن کان ئي لهندڙ سج جو احساس يا اونو
سڀ کي ٿورو ڪي گهڻو قدرتي طور ٿيڻ لڳندو آهي، پر
ان خيال کي پڪڙي ويهڻ سان ته شايد ئي ڪو ڪم پُڄي
سگهي.
لهندڙ سج جا پاڇا شاعر جي سوچ تي کڻي اثر انداز
ٿيندا هجن، جندڙيءَ جو هوريان هوريان جُهرڻ، هن جي
شاعراڻي من ۽ نفيس جذبن کي جهوريندو هجي ۽ روح تي
به ڪي مايوسين جا پاڇا لهرائيندا هجن، ذهن تي به
ڪو اڻلکو خوف ڇانيل هجي پر جذبات ۽ احساسات پوءِ
به پرهه جي پهرين باک جيان تازا توانائي رهندا.
اياز پنهنجي زندگيءَ کان سدائين مطمئن رهيو آهي ۽
گڏوگڏ ان ڌرتيءَ جو احسامند رهيو آهي جنهن هن کي
جنم ڏيئي، سندس من کي پنهنجي سموري مهڪ ۽ ساڀيا
سان جرڪايو آهي. قدرت کيس اهڙي ڏات سان نوازيو آهي
جيڪا جڳن جي تلاش ۽ جستجو کانپوءِ ڪنهن خوشنصيب جي
حصي ۾ ايندي آهي. گهڻو اڳ هن زندگيءَ کي چيو هو،
’تو مونکي اهي گيت ڏنا آهن، جي ڏاڍي کان ڏاڍو به
مون کان کسي نٿو سگهي. جي هي نادان مونکان ڪاغذ ۽
قلم کسي به وٺن ها، تڏهن به منهنجو من ساڳيا گيت
ڳائي ها. اهي ايندڙ پيڙهيءَ تائين ته نه پهچن ها،
پر هن بي انت سنسار ۾، اکٽ ستارن جي جهرمر ۾ ڪٿي
نه ڪٿي موجود هجن ها. هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه ابناسي
آهي. گيت موت کان ڏاڍو آهي. انکي ڪوبه مٽائي نٿو
سگهي‘.
اياز جي اها پيشنگوئي اڄ به صحيح آهي ته ڪوئي
کانئس قلم کسي نه سگهيو آهي. هن جا گيت نه رڳو
ايندڙ پيڙهين تائين پهچي رهيا آهن پر آڪاش جي ابت
ستارن جي جهرمٽ ۾ چنڊ جي چانڊاڻ سان چمڪندي نظر
اچي رهيا آهن. جنهن مان ثابت ٿيو ته اياز جهڙي
شاعرن جي سانجهي ڪڏهن به نه ايندي آهي. انهن جي من
جي گونج؛ سنڌوءَ جي هر اُڀرندڙ ۽ لهندڙ ڇوليءَ ۾
ساهه جيان روان دوان رهندي اچي.
اياز جون مختلف لکڻيون دل تي ايڏو اثر ڪنديون آهن
جو پڙهندڙ جي حالت ان لالچي شخص جهڙي ٿيو پئي جيڪو
ڀائين ته سمورا مال خزانا هڪ ئي جست ۾ سندس حصي ۾
اچي وڃن....
اياز جون من موهيندڙ سوچون، هيئين سان هنڊائڻ جهڙا
ٻول، جيءَ کي جهونجهاڙي، غافل ذهنن کي بيدار ڪندڙ
وزنائتا دليل، دلڪش تشبيهون، ڏکن، محبتن، نفرتن جا
انوکا اظهار، انهن کي پڙهڻ مهل، پڙهندڙ عجيب قسم
جي مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. اياز جون تحريرون
کيس پنهنجي ايڏو ته ويجهو ٿيون لڳن جو ائين پيو
محسوس ڪندو ته هن جيڪي چيو ٿي سو اڳ ئي سندس دل ۾
هو پر الائي اهو سڀ من جي ڪهڙي گوشي ۾ لڪل هو،
جنهن کي ڄاڻڻ ۽ محسوس ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي نه هو.
روح تي چانڊوڪي وسائيندڙ جڏهن اهي سوچون، شاعريءَ
جي روپ ۾ هن تي ظاهر ٿيو وڃن ته هو ڪنهن به حالت ۾
ان ذهني خزاني کان پري نٿو رهڻ چاهي. پر اياز جي
سوچن جو ساگر لامحدود آهي، آڪاش جيان بي انت....
بس اهو ئي فرق آهي عام پڙهندڙ ۾ جيڪو کيس اياز
بنجڻ نٿو ڏي توڙي جو هو اُن مان گهڻو ڪجهه پرائي ۽
حاصل ڪري ٿو.
اياز ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي
آهي. ادب جي هر دور سان نباهڻ لاءِ وٽس جذبو ۽
جستجو آهي. ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ کي ويهه ٻاويهه
سال گذرڻ کانپوءِ به پڙهي ڏسبو ته ان ۾ اڄ جا ئي
مسئلا ۽ سوچون آهن، بلڪ هن جي ڳالهه نظر نه ايندي
جنهن کي مدي خارج چئي سگهجي، بلڪ هن جي ڪتابن ۾
اهڙيون ڪيتريون ئي پيشنگويون ڪيل آهن جيڪي حرف به
حرف پوريون ٿي رهيون آهن... وقت ۽ دور ڪتابن ۾ قيد
رهجي ويندا آهن پر اياز جا لکيل ڪتاب، وقت جي هر
لمحي سان گڏ وِک وڌائيندا هر دور ۾ نواڻ ۽ تازگيءَ
جي احساس سان ذهنن کي مالا مال ڪندا رهن ٿا. ائين
لڳندو آهي ته ماضي حال، مستقبل جون سڀئي ڪڙيون
سندس ئي مُٺ ۾ هجن جنهن جي گرفت ڪڏهن به ڍري ناهي
پوڻي. شيخ اياز کي ادب ۾ اُهو مقام حاصل ٿي چڪو
آهي جنهن لاءِ چئبو آهي ته کيس لهر نه ڪو لوڏو.
مستقبل ڪهڙي به صورت اختيار ڪري، هن جي شاعري مرڻي
نه آهي.
شال هو وڏي ڄمار ماڻي ۽ نت نوان ڪتاب لکي پڌرا
ڪندو رهي، پر جڏهن هو نه هوندو، مان نه هونديس،
اوهان مان ڪوبه نه هوندو... صديون لنگهي
وينديون.... تڏهن لطيف سان گڏ اياز جو به نالو
هوندو جنهن کي تاريخ هميشہ عزت ۽ احترام سان ياد
ڪندي رهندي.... هو سدا امر رهندو، سنڌ جي غيرت ۽
امرتا جيان.
’ارم
نما‘
ماهتاب محبوب
312 ڊي، لطيف آباد
6 5 جنوري 1986ع
حيدرآباد سنڌ.
|