نظم
اونهاري جي رات، ستارا
ڪامڻيُن جي نيڻن وانگر
ڪوسا آهن،
گرم هوا جا جهَر جهَر جهُوٽا
جوڳڻين جي جوڀن وانگر
جن ۾ پپيتا پڪا آهن.
ننڊ ندوري ڇو نه اچين ٿي؟
دور نچين ٿي
ڀيڄ ڀنيءَ جي ڀيچيءَ وانگر
ڇال هڻين ٿي
ٿر جي وحشيءَ هرڻيءَ وانگر!
منهنجي دل ڄڻ ڌرتيءَ وانگر
اَتّ دُکي آ
ڪنهن درشن جي لاءِ بُکي آ.
ڏينهن ڳِجهن جو ڳاهه ٿيو آ
ڏس، ڪيڏي پٽ کوهه ڪيون ٿا
جا جيئڻ جِي جهول ڀري ٿي!
رات به ڪاري ڪويل آهي
ڪويل وانگر ڪُوڪِي ڪُوڪِي
ساجن، توکي سَڏّ ڪري ٿي
(تون جو دور هليو ويو آهين
چنڊ جيئن ڍوري ۾ وهنجِي
ڏاڍو ڏور هليو ويندو آ)
رات لڙيءَ جو ڪونجون ڪرڪِي
ڪَڻس اُڀاري وينديون آهن،
مون من توکي ڳوليندو آ.
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش اِهو تو ڳائين ها
ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي
جو گيت اڌورو ڳاتو هو!
اي ڪاش اُهو تو پائين ها
جو هار هوائن ۾ لڏندي
ڪلهه تانتيا ٽوپِي پاتو هو!
تاريخ جي خوني گلين مان
هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
ڪا توکي ڇِڪّ ڇڪيندي آ؛
ڄڻ او ڊائر جي ڪا گولي
اڄ تائين توکي تاڙي ٿِي
۽ تنهنجا تُنهنجي مقتل ڏي
ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿِي،
تاريخ بکايل چيتي جئن
چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿِي.
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،
جنهن آزاديءَ جا گيت چيَئه
سا آزادي ڪِٿ نيندي آ!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
سا آزادي ڪئن اينديِ آ!
تازي ڄايل
ٻار جي اکڙين وانگر آيل
ٻُوٽيل آهي
مستقبل ڄڻ منهنجي مَن ۾؛
ڦرندي دير نه لڳڻي آهي
هن دنيا کي،
هيءَ دنيا جا ٺڳڻي آهي
اڳتي ڪنهن کي ڪانه ٺڳيندي،
سَچّ-تُراڙي جا ٻِئي پلڙا
پُورا رهندا،
سنئينءَ ڳنيءَ سان سارا سودا
ٿيندا رهندا؛
چور اُچڪَّا هن دنيا جا
هيسيل هوندا،
ڪوڙَ ڪپت جا سڀ واپاري
پيسيل هوندا؛
ڏاڍ ڏمر جا سارا سَلاّ
پٽجي ويندا،
سارا دُهلاري ۽ دَلاّ
ڪٽجي ويندا،
ڪُوڙيءَ قوم پرستيءَ جا سڀ
غلّ غپاڙا گهٽجي ويندا،
ٻِجّ پيار جا ڇٽجي ويندا؛
اڄ به مون ۾ آئيندي جا
کيت کڙن ٿا؛
هٻڪارون هٻڪارون ڪيئي
ڦول ٽڙن ٿا،
توڙي ڄايل
ٻار جي اکڙين وانگر آيل
ٻُوٽيل آهي،
مستقبل اڄ منهنجي من ۾.
گيت محبت جو
ٻيهر گونجي ٿو
پولارن جي پڙلاون ۾
گيت محبت جو
دٻجي ويندو آ.
وقت به واڳوءَ وانگر آهي
گيت محبت جو
چٻجي ويندو آ.
پوءِ به اُڀري ايندو آهي
ور ور ڌرتيءَ جي سيني مان
جِيوَن جي ڦُلواريءَ ۾ ڪنهن
سَرتـٖـي سرتيءَ جي سيني مان
گيت محبت جو-
ڇو ته اگر ڌرتيءَ تي ڪائي
چيز امرتا واري آهي
پياري آهي
جيت موت تي آهي جنهن کي
وکّ وکّ سُکڪاري آهي
سا چيز آهي
گيت محبت جو-
پيارو پيارو
گيت محبت جو
ٻيهر گونجي ٿو.
هي جي گيت گهٽائن وانگر
آيا آهن،
ڪارونڀارَ ڪري اڄ مون تي
ٻڇايا آهن،
’اڄ ڪلهه‘ کان غافل به نه آهن
ڇو ته جُڳن جا ڳايل آهن،
هي جي منهنجا گيت گلن جئن
گهايل آهن،
خوشبوءَ جا طوفان اُنهن ۾
صدين لاءِ سمايل آهن.
ها، هي گيت سندءِ سيني سان
سرديءَ ۾ گرمايل آهن؛
گيت لکان ٿو ائين لڳي ٿو
ڄڻ تنهنجي آغوش ۾ آهيان
(آءٌ خماريل هوندس، ليڪن
پوءِ به پوري هوش ۾ آهيان)
هي ڄاڻان ٿو
تنهنجو پيار امر ڪرڻو آ،
تنهنجين اکين مان ميخانا
جي مون پيتا
تن جو قرض ائين ڀرڻو آ،
ڪيئي گيت لکي مرڻو آ
ڪيئي گيت لکي مرڻو آ.
(وڌيڪ پڙهو) |