سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :04

 

سُرّ ته مون وٽ سهسين آهن

سُور ته ڪوئي سَلّي!

ڪوئي ته مون سان هلّي!

پريت ڀريو آ جنهن پيالي کي

اوتّ نه مون کان اَلّي!

ڪوئي ته مون سان هلّي!

 

پُٺ تي پيرن نه ورڻا آهن

ڏينهن لهي پيو ڀَلّي،

ڪوئي ته مون سان هلّي!

 

ماڌو لال حُسين ملي ويو

دڳ تي بَلِي بَلّي!

ڪوئي ته مون سان هلّي!

 

 

چورَ پَوّن راتين گهَر سُتيان دٖي، ديکو دِنـٖـي

بزار وِچ مُٺي آن مَئن.

(وارث شاهه)

...............

تون مان ڏينهن ڏٺي جو وارث

وِچَّ بزار مُٺاسين،

توڙي کِنَ ڀر اکّ نه لاتي

پوءِ به يار مُٺاسين،

پنج-نَدَ جي لهر لهر تي،

سنڌوءَ ڌارَ مُٺاسين،

وِچّ نديءَ ۾ ڪنهن سُهڻيءَ لئه

ٻَئي ميهارَ مُٺاسين،

اڄّ به آ درياهه اڳي جئن

تارئون تار، مُٺاسين،

ٻيو ته ٺهيو پر هِي رانجهوءَ جـٖـي

هِيرَ- وِسارَ، مُٺاسين،

ڪُوڙي جَڳ جا ڪُوڙا ڀاڪُر

پيار نه پيارَ، مُٺاسين،

منهنجا يارَ، مُٺاسين،

وارئون وارَ مُٺاسين

وچَّ بزار مُٺاسين!


 

 

 

تيري عشق نچايا ڪَر ٿَئيا ٿئيا

(بُلي شاهه)

...............

بُلا ڀئيا!

توکي مون کي

عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!

 

تنهنجي منهنجي هيءَ ڌرتي آ

سڀ جي سنڌو مَئيا،

ڀَئيا!

عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!

 

حال ٿيو پنجاب جو ڪهڙو*

ڪهڙي بپتا پئي آ؟

ڀئيا!

عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!

 

سنڌ نه ڄاڻي ٿي نفرت مان

سنڌ محبت ڪَئي آ،

ڀئيا!

عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!

مؤرک وير وڌائڻ وارا

مَتّ اُنهن جي وئي آ،

ڀئيا!

عشق نچايو ٿئيا ٿئيا.

 

 

رت بدلي آ

باک ڦٽيءَ جا

رنگ نچن ٿا

رڳّ رڳّ ۾ رت ٽهڪي ٿو

چاٻين تي ڇَلّي جئن منهنجا

انگ نچن ٿا

رَتّ به ڄڻ ڪا ڪُنجي آهي

آزاديءَ جي دروازي جي

جا مون ڳولي لڌيّ آهي!

 

 

پنهنجا چَپ چمين سان پياري

پيالن جئن ٽمٽار ڪري ڇَڏ،

ٻيهر وقت نه ورڻو آهي.

 

مُند انارن جي آئي آ

جو ڪرڻو ٿِي پيار، ڪري ڇڏ

ٻيهر وقت نه ورڻو آهي.

 

هَٿّ اچن جي هِرکِي توڏي

تن کي تون گُلنار ڪري ڇَڏ

ٻيهر وقت نه ورڻو آ.

 

عشق نه ڄاڻي مجبوريءَ مان

تون اُن کي مختار ڪري ڇڏ،

ٻيهر وقت نه ورڻو آهي.

 

 

ڪالهه ٽڙيل هُئي

گولان جي گلڙن وانگر،

منهنجي ڪَوتا،

اَڄّ ائين مُرجهايل ڇو آ؟

مان ڀانيان ٿو گُلڙن وانگر

ڪَوتا لاءِ به اُسّ چڱي آ،

هائو، ڪاري اُسّ چڱي آ

 

 

تن من ميرا پُرزٖي پُرزٖي جيوُن درزي دي لِيران هُو.

(سلطان باهو)

...............

اهڙو وقت به ايندو آهي

جو ماڻهوءَ جو تن من ”باهو“

پرزا پرزا ٿيندو آهي

ڪنهن درزيءَ جي لِيڙن وانگر-

 

مون به ته اهڙو وقت ڏٺو آ

ڏاڍُ ڏسي جڳُ سهمي ويو آ،

ڌرتيءَ تي انسان ڦرن ٿا

ماڪوڙن جئن، ڪيڙن وانگر-

 

اَنڌِ آلوليون اِئن ماڻي ٿي

ڀانءِ ته ڀُنءِ تي ڀَنگُ نه پوندو،

شال اچي گهنگهور گهٽا ڪا

اوت ڪري اوهيڙن وانگر-

 

 

رات، سراءِ ڀتين تي ٽنگيل

فانوسا دونهاٽيل آهن

۽ دونهين ۾ ڪيئي دانهون

ٻوساٽيل ٻوساٽيل آهن

اڻ ڄاتل مهمانن جون، جي

راتو رات سفر تي نڪتا.

 

هي شيشن تي تن جا چهرا

ڌنڌلايل ڌنڌلايل آهن

هو جي پنهنجا ڳوڙها پي ويا

جن جا گهاوَ ڇپايل آهن،

هو جي مُرڪ چپن تي آڻي

راتو رات سفر تي نڪتا.

 

لاٿل لويون ائين کَٽن تي

آڌيءَ جو اُڇلايل آهن

ڄڻ ته اچانڪ تن تي حملو

ٿيڻو آ، گهٻرايل آهن،

هُو جي نيڻن ننڊ نهوڙي

راتو رات سفر تي نڪتا.

 

ڄڻ ته بکايل ڪوئن وانگر

شهتيرن کي پَل ڪُترن ٿا

ڪَٽُّ به ڪيئي ڪوُئا آهي

زنجيرن کي پل ڪُترن ٿا

روءُ اُنهن لئه، جيڪي ڀڄندي

راتو رات سفر تي نڪتا.

 

 

منهنجا ساٿي!

مون تي اِئن ويچار نه مَڙهه تون

جئن بلبل کي

ڪوئي ڀيتي وجهندو آهي،

منهنجو شعر عقاب جيان آ

جيئڻَ – جهڙَپ چڱيءَ پر ڄاڻي

پاڻ ئي پنهنجي

بُکّ مٽائي سگهندو آهي.

 


 

*  در کُلا حشر عذاب دا

بُرا حال هويا پنجاب دا

(بُلي شاهه)

 

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org