سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :05

 

 

قبرستان ۾ ڳالهائن ٿا-

 

هي ڦاسيءَ تي چاڙهيل آهي

هي اُن جو چاهيندڙ آهي-

 

ڇا ٻيو ڪوئي ايندڙ آهي؟

 

ها، ها ڪيئي اچڻا آهن

ڏاڍ ميڙا مچڻا آهن؛

 

جَڳ جي ڪَچّيءَ آباديءَ ۾

لڏ پلاڻ لڳي پئي آهي؛

هُو سڀ پُٺ تي واجهائن ٿا

سڀ کي تاڻ لڳي پَئي آهي؛

 

ڪنهن جو تختو نڪتل آهي

ڪنهن جو تخت وڃايل آهي،

مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا

پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛

 

ڪِن کي ماڙا ياد پَوَن ٿا

۽ ڪي سونَ هَتايا آهن،

انگ اُگهاڙا هي سوچن ٿا

اڄ ڪنهن انگ ڍڪايا آهن؟

 

لايو ڪوبه سجايو ناهي

سڀ ڪُجهه مٽيءَ ۾ ورڻو آ

ڇا ڪنهن ان تي سوچيو آهي

ڪيسين ڌرتيءَ تي ڌرڻو آ!

 

شينهَن مري چنگهاڙ ڇڏي ويا

هر لومڙ کي مرڻو آهي

هر ڪُتي کي مرڻو آهي

هر رومڙ کي مرڻو آهي؛

 

پنهنجو پنهنجو وڙ هر ڪنهن جو

هر ڪنهن وَڙ کي مرڻو ناهي

تارازيءَ ۾ تور ته ٿيندي

پر هر ڪنهن کي ڏرڻو ناهي؛

 

جن کي ڏاڍو سيءُ ٿئي ٿو

لوئيءَ لئه سي واجهائن ٿا-

قبرستان ۾ ڳالهائن ٿا.

 

 

اڄ ته سِتار ائين تڙڦي ٿي

اُن ۾ منهنجي دل جي ڪائي

ڄڻ پِيڙا آ-

ناڪاري آفاق، اُنهيءَ ۾ هائوڪاري ڇا آ؟

اڳتي ڇاهي؟

ڪيئن چوان مان موت اڌوري نهڪر آهي،

پورو دم آ، اڌ دم آهي!

کڏَّ منجهان ڇا کڄڻو ناهي؟

نادُ نئون ڪو وڄڻو ناهي؟

اڳتي، اڳتي ياترين کي وڃڻو ناهي؟

اڳتي، اڳتي، هنگلاج کان اڳتي ڪائي منزل آهي؟

جوڳيئڙن کي جا دل آهي

اُن ۾ ڪهڙا سنسا آهن؟

اُن ۾ ڪيڏا سنسا آهن!


 

 

هي پِتّـٖـي جي پِتُّ، اُنهيءَ ۾

ساري دنيا ڪنهن ٻوڙي آ؟

غزلن جا ديوان هوا ۾

پنو پنو ٿِي پکڙيل آهن؛

چنڊ نديءَ ۾ وِٽڙيل آهي

لهر لهر ڄڻ ڪاتيءَ وانگر

ان کي ڇِيههَ ڏئي گذري ٿي.

سَچُّ ڏيئي جو ڪالڪ آهي،

ڪُوڙ ڏيئي ۾ جهلڪا ڏي ٿو

بڻجي وَٽِّ ٻري ٿو؛

اُلُّو اڄ ته چڪورن وانگر

چنڊ جا داعي آهن:

لائي ڪابه سجائي ناهي

ڦاسيءَ جي رَسيءَ کي هاڻي

ڪير بڻائي ڳل جي ڳاني؟

پِنڊيءَ ۾ پاروٿِي ماني

سڀئي سيڪـٖـي کائو يارو

هائو يارو

جي چيخي ٿو چِتُّ، اُنهيءَ ۾

ڪا پِتّي جي پِتُّ ته آهي!

ڪا پِتّي جي پِتُّ ته آهي!

 

 

ٽُنڊا منڊا ڏينهن لنگهن ٿا

لَم لَم ڪَن ٿا،

تن کي ڪوبه سهارو ناهي.

اونهاري جو ڏينهن ٻري ٿو،

ڌرتي ڄڻ ته تَئيءِ جئن آهي

جنهن ۾ سڀ کي سِجُّ تري ٿو؛

ماڻهو پنهنجن کُڏڻن اندر

لِڪّي ويٺا آهن؛

ٻاهر چيتا ڦيرا ڪن ٿا

ايندي ويندي هر ساسيءَ کي

ٻيرا ٻيرا ڪن ٿا؛

ٽُنڊا منڊا ڏينهن لنگهن ٿا

چيتا تن کي ڪونه کنگهن ٿا

تن تي مارو ناهي،

ڇو ته سگهارا ڏينهن مري ويا،

اڄ تن جي چنگهاڙ نه آهي

هُو ڪالهوڪا شينهن مري ويا

 

 

جهلملائيندڙ ڪراچي!

روشنيءَ جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي!

اڄ به مون لئه اوپري ناهين ڪراچي!

سنڌ جي آهين ڪراچي!

اڄ به مان

تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!

اڳ گرومندر کان ٿورو اڳڀرو ويندي هئينءَ

شام جو ڪيئي ٽَلا ٽهه ٽهه ڪندا نيندي هئينءَ،

ڪويلين جي ڪوڪ ڏي جي ڌيان ويندو هو ڪڏهن،

۽ ڪڏهن تارا هوا ۾ جُگنوئن جئن جڳمڳائيندا هيا

پير منهنجا ڊگمگائيندا هيا،

عاملياڻين جي پٺيان-

اڄ به مان

تن کي سارٖي تن جي خوشبوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،

ڪوڪ ڪويل جي ٻڌان ٿو تن جي جادوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،

تنهنجو لالوکيت، اورنگي به مون لئه اجنبي ناهن ڪُنوار!

مون رُنو هو زار زار

تانتياٽوپـٖـي جڏهن ڦاهـٖـي چڙهي مردانه وار

ڪالهه رَسيّءَ ۾ لُڏيو بي اختيار

مون ڇُهيا ها پير اُن جا بار بار؛

ڪاش هُن جا هم وطن

ايترو سمجهي سگهن

ڪيئن آزادي ملي؟

ڪير ها، ورتي هُئي جن

شاهراهن کي ڇڏي سوڙهي ڳِلي؟

اڄ به مان هي ٿو چوان

ڪاش، ٽيپوءَ جئن مران!

ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي

ان ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي؛

هِت به آهن تُنهنجي اوچن بنگلن

مير صادق وانگيان ننگِ وطن،

پاڻ سان غدّار آهن

زندگيءَ جي هار آهن،

تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن

پو به ڪجهه ناهي وَٽن،

جي نه آ مٽي ته پو ڪهڙو ڪفن!

تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين

منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛

تون سڄي تاريخ آهين

ڌرتتيءَ جي چيخ آهين

دل ڏکائيندڙ ڪراچي!

جهلملائيندڙ ڪراچي!

اڄ به مان

تنهنجي رستن کي منڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org