سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :13

 

تنهنجي سار آئي آ

اڄ ته چنڊ سانوڻ جي

اِئن پِڙِي هنئين آهي،

ڄڻ ڪلال جي در تان

مَٽَّ مان ڀري وهه جِي

مون وٽي کنئي آهي.

 

 

***

 

ڇا ڇُپائي ٿي پنهنجو

چولڙي چُني جو هن

رنگ ۾ رڱائي آ؟

ونئڻ پهرين ڦُل ٻاٽي،*

گوگڙا اڃا ڪونهن

ٿر اُڀي(1) مان آئي آ.

 

 

***

 

تون ڪٿي ڇُپي وَئي آن؟

مشعلون ٻريون آهن

اڄ شبِ برات آهي؛

تنهنجا نيڻ جو ڪونهن

ڪيتري انڌيري اڄ

منهنجي ڪائنات آهي!

 

 

***

 

مانڙي نه ٿي اُڄَهي

ڪائي واٽ تي ويندي

چُڪَّ ٿي  وَئي آهي

راتڙي نه ٿي گذري

پيار ۾ اُداسائي

ڪا ڇُپي وَئي آهي.

 

 

***

 

تنهنجا سَڏّ سرنايون

منهنجي من ۾ ڄڻ ڪيئي

آسمان اُڀرن ٿا؛

چاندنيءَ ۾ چؤراها

واسُ واسُ وڻراهون

سَو جهان اُڀرن ٿا.

 

 

***

 

تنهنجا ڳل لڳن ٿا اِئن

ڄڻ هزار ڦلواريون

رنگ ۾ رُليل آهن؛

مان وري اُڏامان ٿو

توڙي پيار ۾ منهنجا

پر اڳي جليل آهن.

 

 

 

***

 

چهنب چهنب سان لائي

تار تي ٻه پاريهر

پيار ۾ الوٽ آهن؛

سي چميون ڪٿي آهن

منهنجا چَپَّ اڄ جن کي

ايترو پيا چاهن!

 

 

***

 

اُن سوا اڌورو مان

سونهن آ لِکيو منهنجو

سونهن منهنجو ڀاڳُ آهي؛

سونهن کان سواءِ دنيا

خواب جئن اجاڳ آهي.

 

 

***

 

راتڙي جُهڙالي آ

آسمان تي تارا

ڪي ٻه ٽي رهيا آهن،

اڄ ته تنهنجي لوئيءَ ۾

انگ منهنجي ٻانهُن لئَه

ڄڻ اُتاولا آهن.

 

 

***

 

تنهنجي آلي سيني تي

اي اُتاولي، منهنجا

چَپَّ لوڻ لوڻ آهن؛

تنهنجي منهنجي ڀاڪر ۾

پيار جا سوين سپنا

ڄڻ ته جوڻ جوڻ آهن!

 

 

***

 

هي پگهر هي اونهارو

ڪيتري طلسمي آ

تنهنجي پيار جي خوشبو!

مَٽ نه آهه متوالي

تنهنجي آلي سيني سان

ڪا بهار جي خوشبو!

 

***

 

وائُرو ٿڌيرو آ

تنهنجي سار اي سَرَتي

سارِي رات جهڪي ٿي؛

اُڀ تي انڌيرو آ

پيار جي اَمر جوتي

ڏيئڙن ۾ ٽمڪي ٿي.

 

 

 

***

 

اي گُلاب جئن جانان

تون شگفته رهڻي آن

منهنجي شاعريءَ وانگر،

تون سدا حيات آهين

موت جي شڪست آهي

شعر عاشقيءَ وانگر.

 

***

 

ڳَهر لهر جئن آئي

ساري رات سَرتن سان

مَڌُّ پي مون پڇتايو؛

ماڪ مانگهه جي منهن تي-

باک جو اُٿي در مان

تو ڏٺو ته ڪو آيو؟

 

 

***

 

مانگهه جي هوائن ۾

پاپڙيون سرنهن جون اڄ

رات پيئي کڙڪائي؛

سيءَ جو سياٽو آ

سِجَّ جيئن ڇاتيءَ سان

ڪاش، ڪو اچي لائي!

 

 

***

 

مون تڏهن به ڄاتو هو

لاڙ جي هوائن جئن

مان ڪڏهن هليو ويندس؛

زرد ڦول ٻٻرن جا

واٽ تي ڇڻي پوندا

مان جڏهن هليو ويندس.


 

 

 

***

 

ڏس، هي عطر جو شيشو

اوتجي ويو آهي

پو به اُن ۾ خوشبو آ؛

ياد ٿيون اچن جانان

سي ڳراٽڙيون تنهنجون

جن جو اُن ۾ جادو آ.

 

 

***

 

تون جڏهن هئينءَ مون سان

اِئن لڳو پئي ڪَؤتا

ڄڻ ته بي چسي آهي،

تنهنجي سار آئي آ

منهنجي ڏات اڄ مون تي

مينهن جئن وسي آهي.

 

 

 

***

 

مون کي پنڇي پيارا ها

ڪالهه جي اُڏامي ويا

چار ٻولڙيون ٻولـٖـي؛

اڄ اُداس بن ۾ پَئي

اي اياز ڪالهوڪِي

ڪوڪ ڪويَليون ڳولـٖـي.


 

*  ڦل ٻاٽي – ونڻن ۾ گوگڙن کان اڳ ڦل ٻاٽي ٿيندي آهي

(1)  ٿرُ اُڀو – اُٻاوڙي پاسي واو ٿر

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org