سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 16

 

 

 

ڳڀرو

ڳاڙها،

۽ ڳَرُ وارا

لفظ، اُنهن جي

پيشانيءَ تي

گهنُج نه آهن،

منهنجي ڪوتا

تن کي امرتا

آڇي آهي،

اندرڌنش جئن

ڪوملتا، جا

اَنت سَمي تائين هلڻي آ

 

 

 

هي ڏيکارا

رنگا رنگ گُلن جا ٻارا

جن تي موت جا ڇاپا آهن!

ديوارن ۾ دَهڪا آهن،

لوڪ ڀَڄَن ٿا

وِکَّ وِکَّ تي سَهڪا آهن،

ٽئنڪ اچن ٿا

گولن جا گرڙاٽ آڙي ڙي!

ماڻهوئڙن جا

رستن تي رانڀاٽ اَڙي ڙي!

پڳ پڳ لاشا

تن جا لاڙيل ڳاٽ اَڙي ڙي!

۽ پوءِ ماٺ جُڳن جي آهي....

هاڻي اُڇنگارن ۾ ڇاهي؟

ديسُ اُها گاڏي آ جنهن جو

ڦيٿو ڦيٿو ڌار پيو آ.

 

 

 

ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن

هر ماڻهوءَ کي بُکّ لڳي ٿي،

هر ماڻهوءَ کي اُڃَّ لڳي ٿي،

پيار بنان ڄڻ هر ماڻهوءَ کي

ساري دنيا سُڃَّ لڳي ٿي،

 

توڙي تن جي قوم الڳ آ

توڙي تن جو رنگُ الڳ آ

توڙي تن جا ٻولَ نه ساڳا

توڙي سُر جو سنگُ الڳ آ

ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن

 

هيءَ به حقيقت آهي ليڪن

ڪي ماڻهوءَ جو روپ رکن ٿا

سچ ته شڪاري ڪتا آهن

ڪارا توڙي اَڇّا،تن کي

هڪجهڙا ڪاڻيٺا آهن؛

 

اڇا ڪتا ڪارا ڪتا

آپي شاهيءَ وارا ڪتا

فوجي ورديءَ وارا ڪتا،

سارا پُونجيءَ وارا ڪتا،

ها، ها، سڀ هڪجهڙا آهن.

 

 

 

دهشت پسند جو موت

 

پنهنجي ڪلاشنڪوف کي

۽ ايڏي ساري خوف کي

ويڙهي، مٿي هيٺان رکي

هُو آ سُتو.

چُپ چاپ پيري ٿا اچن

وردين سان ويري ٿا اچن

ڌرتي سنگهي ٿو موت جو

ڪارو ڪُتو

گولي ڇُٽي گَرڙاٽ سان،

لُنءَ لُنءَ ولاري لاٽ سان،

شعلو هوا مان اوچتو

هُن ۾ کُتو.

هُن موت کان معنيٰ مَڱي

آ رتَّ جي رُومي چڱي،

ڳوڙها ته ڪجهه ناهن، رڳو

پاڻي تُتو-

 

 

 

اڄ تن جي بندوقن مان

ڪيئي ڪِرڙ ڪڪوريا آهن

ڪيئي ڪنڊا موريا آهن

لفظ صفحن تان موڙَ مُڪٽ ٿي

مَٿن مٿان مَڌُ ماتا آهن،

لال لهوءَ ۾ لويَل گهوٽن

ڇا ڇا سهرا پاتا آهن!

 

چوڌاري جهرجهنگ ٻُرن ٿا

چَنگَ چپن جو چوريا آهن،

موت اَمڙ جي لوليءَ وانگر

ڪنهن ٻاجهاري ٻوليءَ وانگر،

ننڊ هندوري وانگر تن جي

ديس مٿان جي گهوريا آهن،

ڪيڏا سپنا نڪتا آهن

اڄ ٽوڙيل صندوقن مان!

 

 

 

هي وڻ، جو ڪجهه نِوڙي پيو آ

مَلهه وڙهِي ڄڻ واچوڙي سان

ٿڪجي پيو آ-

سِجُّ اُنهيءَ کي اڄ ڄُنڊن کان

ڄڻ ته ڇڪي ٿو

ڄڻ ته چوي ٿو،

”تياري ڪر طوفان اچي ٿو

”ڪو اؤکو امڪان اچي ٿو.“

 


 

 

 

وَنُّ به ساڳو واسُ به ساڳو،

منُّ به ساڳو ماسُ به ساڳو،

ڌرتي ۽ آڪاسُ به ساڳو،

۽ ارتو اَتهاسُ به ساڳو،

پنهنجو جيءَ جياپو ساڳو،

پنهنجو ناسُ وِناس به ساڳو،

 

هڪٻئي کي ڇا لاءِ مِٽايون؟

هڪٻئي سان گڏ ڇو نه جِيون ٿا؟

هڪٻئي جو هَٿُ ڇونه وٺون ٿا؟

هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟

ڀَوَ ساگَر جا ڀولَ ڏسي ڀي

هڪٻئي جو مَڏُ ڇو نه ٿيون ٿا؟

 

هڪٻئي سان گَڏُ ڇو نه جيون ٿا؟

هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟

هڪٻئي جي مَڏُ ڇو نه ٿيون ٿا؟

 

 

فاشي فوج جي شڪست

 

هُو اُٻاٽيل ۽ اَٻالا ٿا اچن

لڙ کَڙائيندا اچن ٿا

ٿيڙَ کائيندا اچن ٿا

راهه تي ڪيڏا رِسالا ٿا اچن!

 

ڪيتري آڪڙ ڪندا ها!

ڪيتري بَڙ بَڙ ڪندا ها!

مورکائيءَ جا نوالا ٿا اچن؛

 

ڇا سڀاڻي هارَ پنهنجي

ياد رکندا مارَ پنهنجي؟

ڪيترو مايوس سالا ٿا اچن!

 


 

 

عمر گذري وئي،

دُکَّ هن ديس جا

اڄ به ساڳا هئا

جي هئا مون ڏٺا

سال چاليهه اڳ

ٽيهه يا ويهه اڳ،

ڪوبه ڦيرو نه آ

ديس جي دانهن ۾!

 

امن جي فاخته

پَرشڪسته، اُڏي

ڄڻ سگهي ڪا نه ٿي؛

اڄ به ساڳا جهنڊا

ٿا هوا ۾ جهُلن،

اڄ به ساڳا ڪَنڊا

راهه ۾ ٿا چُڀن،

 

اڄ به ديوار آهي، اَڳي کان وَڏي

ڪانه آهي سگهيو ڪوبه جيڪا ٽپي؛

اجنبي، اجنبي آدمي ٿا ملن

اجنبي گهُور سان راهه تي ٿا کِلن!

 

ماڻهپو ڪونه آ،

ماڻهپي جو ڏُڪر

هيئَن هن ديس ۾

اڳ پيو ڪونه آ!

 

 

انقلابي اُٿو!

اڄ ته هن ديس جو

سڏ ورڻائيو!

سڏ تي آءٌ ڪيسين اڪيلو وڃان؟

گڏُّ ورڻائيو!

گڏُّ ورڻائيو!

سَڏُّ ورڻائيو!

سَڏُّ ورڻائيو!

 


 

 

 

جيءَ جي جلاوطني

ڪيتري بُري آهي!

ڄڻ ته ڪا ڇُري آهي

اندريون وڍي ٿي جا،

ديس منجهه هوندي ڄڻ

ديس مان ڪَڍي ٿي جا.

 

جيءَ جي جلاوطني

پاڻَ ڪنهن گهُري آهي!

 

ڇا ڪري اگر ماڻهو

ديسَ ۾ وِديسي آ!

وَسُّ اِنَّ تي ڪهڙو

ڳالهه ئي ته اهڙي آ!

ڪيتري ڪُريِ آهي!

 

جيءَ جي جلاوطني

ڪيتري بُري آهي!

 

 

 

هو سڀ آڌيءَ رات اچن ٿا،

مُگرمانَ تي ناچُ نَچن ٿا.

 

مُگرمانَ جي چمڙي هيٺان

تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،

هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن

تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،

دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين-

ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ دِيپَ جَلن ٿا،

مُگرمانَ تي ناچُ نَچن ٿا.

 

جيڪي ڪالهه انهيءَ ڌرتيءَ تي

ماريا ويا ها، سي به اُٿن ٿا،

۽ پوءِ پنهنجي پيرَن هيٺان

لاشُ چنيسرَ جو چيڀاٽي

ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي

ڏاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

مُگرمانَ تي ناچُ نچن ٿا.

 

 

 

رات جي سياهيءَ ۾

روشنيءَ جي جهِرمِر آ،

 

ڪيترا نوان ماڻهو

سَچَّ ڏي وڌن ٿا پيا،

ڄڻ پتنگ آهن جي

مَچَّ ڏي وڌن ٿا پيا؛

 

ڪُوڙ جا نوان حَربا

ڪم نه ٿا اَچن هاڻي

ڪوڙ سان نوان شعلا

ڪونه ٿا مچن هاڻي؛

 

ڪوڙ جا حواري سڀ

روز و شب بَڪن ٿا پيا؛

آدمي انهن کان پَر

ڪونه اڄ ڏَڪن ٿا پيا؛

 

تون اڪيلڙي اي دل

ڪيترو وِڙهي آهين!

راهه تي اڳي کان تون

ڪيترو رِڙهي آهين؟

 

ٻيا به ٿا وڌن هاڻي

ڪيترا قدم اي دل!

واءُ ۾ پيا ڦڙڪن

ڪيترا عَلم اي دل!

 

 

 

وکَّ وکَّ ۾ تن سان

جيڪڏهن هلي هلندينءَ،

منزلون وڌي ملنديون

تون جڏهن هلي هلندينءَ.

 

 

 

گيت به ڄڻ گوريلا آهن،

جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.

 

جئن جئن جاڙَ وڌي ٿي جڳَ ۾

هُو ٻوليءَ جي آڙَ ڇُپن ٿا،

ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا

موٽي منجهه پهاڙَ ڇُپن ٿا؛

 

ڪيڏي تِرڇي تاڙ رکن ٿا

اُتر اوڀري لاڙَ ڇُپن ٿا،

سانوڻَ سَنگِ وسن ٿا ڏاڍو،

بادل ٿي آکاڙَ ڇُپن ٿا.

 

ڪالهه هُيا جي سُرخ گُلن جئن

اڄڪلهه نيلا پيلا آهن؛

گيت به ڄڻ گوريلا آهن

جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.

 

 

 

جوت ٻَرندي رهي

رات ٽَرندي رهي...

باکَ جي ساکَ مان اڄ ڏَئي ٿو وڃان!

اڄ چئي ٿو وڃان

”سِجُّ لالاڻ سان

”مَڌُّ ريٽي جيان

”نيٺ سنڌوءَ مٿان

”اُڀرندو ساٿيو!“ مان چئي ٿو وڃان،

باک جي ساک مان اڄ ڏئي ٿو وڃان.

هانءُ هاريو متان!

پيرُ اڳتي اڃان.....

نيرُ نيڻان اُگهو

پنڌ ويجهو پيو آهه اُن باک جو،

گيت منهنجي ڪَئي

آهي جا اڳڪٿي

تنهن انوکيءَ صدا جي سچيَ ساک جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org