اڪويهين صدي شروع ٿي چُڪي آهي.
اڌ رات جو
سماسٽا کان ايندڙ گاڏي
سکر جي پُل تان لنگهي رهي آهي
۽ اُن جي بتين جي روشني
پاڻيءَ ۾ پئجي رهي آهي
پُر اسرار
دل آويز
محبت جي وارفتگيءَ وانگر
خواجه فريد جي ڪافيءَ وانگر.
ٻڌين ٿو؟
شيون ڳالهائن ٿيون!
هي دنبورو آهي، جو ڀٽائي وڄائيندو هيو
۽ اُن جي تارن مان
رابيل جا گُل ڦٽي پوندا ها،
جن جي هڳاوَ ۾
سڀ ويڙهجي ويندا ها.
هي ڪبير جو چرخو آهي
جنهن جي تاڃي پيٽي ۾
ساري ديس جو من
اُڻجي، هڪ ٿي ويو هو.
هيءَ اُها رَسي آهي
جنهن ۾ نانا صاحب کي لٽڪايو ويو هو
۽ جا اڃان تائين هوا ۾ لٽڪي رهي آهي
۽ نه ڄاڻان
ڪنهن ڪنهن سِرَ جي منتظر آهي!
تون جو
منهنجي شاعريءَ کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو آهين،
ٻڌين ٿو؟
تاريخ جي عجائب گهر ۾
شيون ڳالهائن ٿيون.
سيڪريٽريٽ ۾
هو فائيل بند ڪري،
فيض جو شعر جهونگاري رهيو آهي-
پيو که مفت لگادي هي خونِ دل کي کشيد
گران هي اب کي مي لالہ فام کهتي هين.
فيض ته پنهنجا شعر محنت ڪش عوام لاءِ لکيا ها؟
هي جو رت پياڪ طبقو آهي
جنهن جي واڇن مان
محنت ڪش عوام جو خون ٽپڪي رهيو آهي،
فيض کي ڇو ڳائي رهيو آهي؟
فيض ته پنهنجي زندگي ڏَئي
اها شاعري ورتي هُئي،
جيتوڻيڪ هو به انهيءَ محنت ڪش وانگر هيو
جنهن کان پنهنجي محنت جو ڦل کسيو ويو آهي
جنهن جو خون
اُنهيءَ رت پياڪ طبقي جي واڇن مان
ٽپڪي رهيو آهي
۽ جنهن جيءَ تقدير تي
سيڪريٽريٽ ۾
اهو فائيل ٻوٽيو ويو آهي.
منهنجون نظرون
هڪ سرويئر وانگر
تنهنجي قبر ڪڇي رهيون آهن
قبر، جا ڪراچيءَ کان ڪارومنڊل تائين آهي،
۽ جنهن تي انبارَ ڪنڊن جا نڪتا آهن.
نه ڄاڻان تنهنجي روح ۾ ڇا هيو
جنهن مان ايترا ڪَنڊا نڪتا آهن!
نه ڄاڻان توکي ڇو نه ملي سگهيو
اهو جيئڻ
جو ڪنهن سؤنف جي کيتن مان گذرڻ وانگر
لڳندو آهي.
هي ڪهڙو بسنت آهي؟
پنن تي ماڪ موهيڙن وانگر لڳي رهي آهي!
پکين جا پَر
هڪٻئي کي
ڪئنچين وانگر ڪَٽي رهيا آهن؛
اورنگزيب اڃا تخت تي آهي
۽ دارا جو روح
پنهنجيءَ مزار ۾
پنهنجيءَ شهادت تي
افسوس ڪري رهيو آهي!
چيني سيلاني
شيوسانگ،
ڪوٽيشوِر جي بندر تي لٿو آهي
پوياڙيءَ جو سج
سمنڊ تي
ڪنهن غدار جي چُميءَ وانگر لڳي رهيو آهي،
شيو سانگ مون کان پُڇي ٿو
”ڇا هن ديس جو نالو سنڌ آهي؟“
مان وراڻيان ٿو:”هائو،هن ديس جو نالو سنڌ آهي“
هُو وري پڇي ٿو” ڇا ان جي ٻيرين ۾
سونا ٻير ٿيندا آهن؟“
”هائو ان جي ٻيرين ۾ سونا ٻير ٿيندا
آهن“ مان جواب ڏيان ٿو، ” پر ريٻارين
جا ڳَل اُنهن کان وڌيڪ سونا هوندا آهن ۽ ٿر جي
ريتيءَ تي سج جا سونا شعاع به“
شيوسانگ وري مون کان پڇي ٿو: ”مون ٻڌو
آهي ته هتي پٽ پٽيهر ڏاڍو عمدو ٿيندو
آهي؟“
”هائو“ مان جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻيان ٿو.”هائو
سومرا سَرَ تي جڏهن سومريون پاڻي ڀري پٽ
تي ويهنديون آهن، تڏهن ايئن لڳندو آهي ته پَٽ جا
تاڪيا اُکلي پيا آهن“
ڪجهه سوچي وري هو پڇي ٿو ”مون ٻڌو آهي
ته هتي گيت ڳائيندا آهن جن کي ’جَڪڙيون‘
چيو ويندو آهي. مان اُنهن ۾ جڪڙجي ته نه
ويندس؟ مون کي پنهنجي ديس موٽي وڃڻو
آهي“
”هائو تون اُنهن ۾ جڪڙجي ويندين،“
مان هن کي چوان ٿو، ” ۽ جي تون اُنهن مان
پاڻ ڇڏائي به وئين تڏهن به ساري عمر
تنهنجو من اُنهن ۾ جڪڙيل رهندو“
شيو سانگ ڪوٽيشور جي بندر تي وڃي رهيو آهي
۽ سامهون سمنڊ تي
پوياڙيءَ جو سج
ڪنهن غدار جي چميءَ وانگر لڳي رهيو آهي.
”هن ديس ۾ هڪڙو پن به اهڙو نه آهي
جنهن کي آءٌ نه ٿو چوريان“
(چِليءَ جو صدر آگسٽو پنوچي)
پنوچي!
آلندي جي دل به هڪ پن آهي
جو چُري پري رهيو آهي
تنهنجي بندش جي باوجود
۽ تون
اُن پن جي چُر پُر
گولين سان بند نه ڪري سگهيو آهين،
۽ جيڪو ان طوفان جي انتظار ۾ آهي
جنهن ۾ ڪروڙين پَن
تاڙيون وڄائي،
اُن انقلاب جي آجيان ڪندا
جنهن جو انتظار
هو اَڄ
خاموشيءَ سان ڪري رهيا آهن.
مون ليار جي وڻ کي چيو:
”مون کي بُک لڳي آهي
”تو ۾ ڳاڙها ڦُل ڪڏهن ايندا؟“
۽ پوءِ شام ٿي وئي
۽ شفق جي ڳاڙهاڻ ۾
ليار جو وڻ ڪجهه سوچيندو رهيو.
نظم
ڪوڏَ ڪئن ڪناري تي
سمنڊَ کي سَمايو آ؟
شورُ تو ڪڏهن اُن ۾
هانوَ سان هنڊايو آ؟
اِيئن ڪَنَّ آهن جي،
هِن سٽاءَ ساري کي
پاڻَ ۾ سَمائن ٿا
ڪوڏُ جئن ڪناري تي!
چَپَّ چُپِّ آهن پر
نيٺ هانءُ ڀرجي ٿو،
نيٺ سِپَّ مان اُڀري
سمنڊُ جيئن گرجي ٿو؛
بس اِها تَمنّا آ،
’ڪوڏَ جِئن اگر چاهيان،
شاعريءَ ۾ پنهنجي
سمنڊُ ڪيئن ڦهلايان؟
علي الصباح که مردان به کار کار رَونَد
بلاڪشانِ محبّت به کوئي يار رَوَند
(هڪ پارسي شعر)
باکَ ڦُٽيءَ جو شعر لهن ٿا
مون تي سِجَّ اُهاءُ ڪري؛
رَتُّ اُٻڙڪا کائي ٿو ايئن
ڏينهن تَتو جِئن تاءُ ڪري!
سارو وقت ته رهندو ناهين،
ويندو آنهه سماءُ ڪري!
ڪيسين ڪُوءِڪلالن جي ۾
منهنجي ڏات هُڳاءُ ڪري؟
آءٌ ته آدرڀاءُ ڪري ڪو
تنهنجو آدرڀاءُ ڪري!
اڃا اُجهاڻل ڏيئو ناهيان
تون جو اچڻو آهين، آءٌ!
تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا
ساري رات جَلِي مون در تي؛
ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ
ڀنڀرڪي تائين سانڀَر تي!
ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!
توڙي پوئين آهي ويرا،
منهنجي جوت اڃا به ٻري ٿي
اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.
اڃا به ساڳيو ليئو آهيان
اچڻو آهين جي تون، آءٌ!
تون جو ڄڻ ڪنهن وقت ڏسين ٿي
جهُڙَ جي جهالر مان،
منهنجي ويڙهي جي آڳر ۾
املتاس جي وَڻ تي جهَڙو
پُورو چندرمان!
آءٌ ڇهان ٿو تُنهنجو مکڙو
جنهن جي سندرتا ۾ ڦيرو
سَمئه نه آندو آ!
ڦُولَ جيان آ ساڳيو مُکڙو
جنهن جي سندرتا ۾ ڦيرو
سَمئه نه آندو آ!
پيار ته مون سَؤُ ڀيرا ڪيو آ
پوءِ به ڄڻ هڪ ڀيرو ڪيو آ،
منُ اُجرو آهي اڄ تائين
ڪئن چئجي تَنَ ميرو ڪيو آ!
ڪيئي سالن کان ڪنهن پنڇيءَ
مون ۾ ڄڻ آکيرو ڪيو آ!
ڪنهن گوڪَل جي مڌوونتيءَ جي
سارَ سهاري گذريو جيِونُ،
اِندرڌَنش جئن جنهن جو مکڙو
تنهن کي ساري گذريو جيوَن
سو مکڙو آ اڄ به هٿن ۾
ٻيو سڀ واري گذريو جيوَن.
(وڌيڪ پڙهو) |