ماٽِيُن تي ماڻا
ڪينجهر، تنهنجي ڪَنڌئين
چولِيُن ۾ چاڻا!
___
مُنڌوُن منڌيئڙن
ولوڙڻ جي ويرَ ڄڻ
ٻَنگيو ٻاڻ هَڻن!
___
چِڪَّ منجهان چاڙهو؟
ڪنهن ڄاتو آهي ڪڏهن
هاڙهو ٿي ڳاڙهو!
___
آءٌ اوهان سان ڇونه؟
ميندي نانهه ملير جي
ٻي مان لايان ڪونه.
___
پرَّ کان پاڻُ نه پَلِّ!
سائي وڻ جي ڇانوَ ۾
گهوڙو گهوٽ نه جهَلِّ!
___
سنڌوءَ جو پاڻي-
بيڪس، ريشم- پَٽَّ جئن
ڄڻ هيءَ واياڻي!
___
وَلر ويو ڪنهن ڌاران؟
هي ڪنهن جو ڪُرلاءُ اچي ٿو
وڇڙي ڪونج قطاران؟
___
موتَ نه کاڌي ماتِ،
وري سِجُّ لُهو لُهان
راهوڪيءَ تي رات!
___
اڳتي تي سوچي،
آءٌ ڏسان ڇا لاءِ ٿو
جيوتي باسوءَ ڏي؟
___
ڪنهن کي ٿي ڳولي؟
پيئي اُتر واءُ ۾
سار سَڙيِ ٻولي.
___
پپر پيلا گُلَ-
ڪاريون ڪَٻريون ڇانوَ ۾
هيٺِ هُلاچا هُلَّ.
___
چانڊوڪيءَ ۾ چارا-
ٻانهَن ٻانهَن ۾، اڄُّ به آهن
تنهنجي سنگِ پسارا.
___
سانوَڻ جو جادوُ-
اڃا تائين ڀُرٽَ جي
کُرَن ۾ خوشبو!
___
اوٺِي اُٺَن تي،
ڄڻ چوڏس جو چنڊ آ
تن جي پُٺن تي!
___
هيءَ ڪولهِڻ ڪهڙي؟
روهيءَ واري مينهَن جي
چانڊوڪيءَ جهڙي!
___
تکا ويا توڏا،
ڏَئي ساري سنسار کي
لُريءَ ۾ لوڏا.
___
ٽَپن نه لوڙها-
ڪَتيءَ جي آڪاس ۾
ڪَڪَر به پوڙها!
___
ٻايَلِ ماڻيندين؟
روهيڙي جا گُلڙا
اَڄُّ به آڻيندين؟
___
چؤنرا چمڪن ٿا،
مون کي ريٽي رات جو
ٽَهه ٽَهه ٽمڪن ٿا.
___
ڪيڏا ڏهرن ۾،
چَڙا چنگَ وڄن پيا!
واريءَ لهرن ۾!
___
هي جو روهِيڙو،
اهڙو ڪوئي ڏيهه ۾
آهي ڏوهيڙو؟
___
مٿان سَرءُ چنڊُ،
هيٺان تڏي تي اَمڙ
اڃان پينهين جنڊُ!
___
اونهارو، ليڪِن،
ٻيٽارين تي ٻگههَّ ڄَڻ
اُسَّ پَيا سيڪِن!
___
منهنجا کيتَ کرا،
ڇو هي فوجي وئن تي
بندوقون، پَهَرا؟
___
ڄاڻو ڄاڻن ٿا،
ٻُڏيون اُڪاري ٻيڙيون
ڪنڌيءَ آڻن ٿا.
___
لَڪن پڙاڏا
پيرَن آهٽ، پنڌ ۾
ڏاڏا، پڙڏاڏا!
___
ويڙهوُٽا واسي،
هَلُّ سُهاڳڻ ننڊڙي
پرينءَ جي پاسي!
___
چَين به ڪهڙا چَين!
ٻيجل ٻه ٽي ڏينهڙا
سدا ناهي سَين!
___
ڪوئي آهي ڙي؟
اکيون ٻوٽي ڪو هتي
موٽيو ناهي ڙي!
___
پهچي ساڳي پَڳِ،
ڪنهن هي تنبُو تاڻيا
اسان جي ڳَڙهه لَڳِ؟
نثري نظم
تون ۽ مان اُن وقت مليا هياسين
جڏهن کوهه سُڪي رهيا ها،
۽ ٿَر- ٻاٻيها اُڃ ۾ اُڏري ٿڪجي پيا ها؛
جڏهن ٿريچاڻيون پارَ ڪڍي رهيون هيون
۽ تازيون بُٺيون اڃا ڪونه سُڪيون هيون:
جڏهن کوهن ۾
تارن جا ٽُٻڪڙا نظر نه ٿي آيا،
مون تو کي سڏ ڪيا ها
۽ تون مون کي ائين ملي هئينءَ
جئن سارنگا سَڏوَنت کي ملي هئي!
مون سپنو ڏٺو هو ته تون اچي رهي آهين؛
اُهو سپنو ڀٽائيءَ جي واين ۾ هو؛
اُنهن گلاب جي گلن ۾ هو،جي توکان سوا ٽڙي اجايا ٿي
لڳا؛
سج لٿي جو ورندڙ ڍورن جي چنگن چڙن ۾ هو
جن جي لار اُن ڌرتيءَ تي ٻُري رهي آهي
جنهن تي انڌيارو ڇانئجي چُڪو آهي؛
سپنو، جو اُن جي سَرءُ جي واءُ ۾ آهي،
جو بسنت جي ڳولا ۾
وائڙو ڦري رهيو آهي.
اِن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي
ته اسان کان وڌيڪ
ڪوئي وڇوڙيل نه آهي
ديوار برلن ڪنهن ڪَرٽ وانگر
گوئٽي کي
اڌو اڌ ڪري وڌو آهي
۽ بيٿوون ۽ باخ جا نغما
هوائن ورهائي ورتا آهن،
پر پوءِ به جرمنيءَ جا رهواسي
بجليءَ جون تارون ٽَپي
هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃن ٿا؛
۽ مان ويزا جي انتظار ۾
گهر کان ٻاهر کَڙي اجنبيءَ کي
چتائي ڏسي رهيو آهيان
۽ سوچي رهيو آهيان
ته هو ڪو سي. آءِ. ڊيءَ وارو ته نه آهي!
(لنڊن ۾)
جيئن طوفان کان پوءِ
گهمسان ۾ سَرَ ٻڏي ويندا آهن
ائين هُن جي شڪل صورت
منهنجي روح جي گهراين ۾ ٻڏي وئي هئي.
ڪيئي سال ٿيا
زندگيءَ جي انوکيءَ آزمائش ۾.
ڪائي لهر
هُن کي لوڙهي آئي هئي
جو هوُ بيچ تي
سڌو منهنجي آغوش ۾؛
۽هاڻي مان هن کي الوداع ڪري وڃي رهيو آهيان
(زندگيءَ جو جبر مون کي ڌڪي رهيو آهي)
هيٿرو ايئرپورٽ ڏانهن،
۽سوچان ٿو ته جُدائي ٻنهي کي کائيندي رهندي
ٻنهي جي هڏن مکُ کي
لارا ۽ زواگو وانگر.
ڪونجن جو وڳر
اُڏاڻو
ته گاههُ
ائين غشيءَ ۾ اچي ويو،
جيئن سَر ۾ وهنجندي
ننَگيءَ نؤ ورنيءَ جي
ڪنهن تاڪُوءَ تي
اوچتو نظر پوي
۽ هوءَ وسامي وڃي.
(وڌيڪ پڙهو) |