سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2/ 2002ع

مضمون --

صفحو :9

وقت به وقت آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ ۽ وات سان ننهن ٽوڙڻ به خراب عادت آهي، ائين ٻارن جي اندروني ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي، هر وقت ڪاوڙ ڪرڻ، ڀڻ ڀڻ ڪرڻ به خراب عادت آهي ٻارن کي ذهين نشين ڪرايو ته اِهي سٺيون عادتون ڪونهن، ان سان سٺا ماڻهو نفرت ڪندا آهن، خراب عادتون جلدي ته ڪونه وينديون آهن، پر آهستي آهستي وينديون آهن ۽ سٺا نتيجا ڪجهه عرصي کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن.

ڪم نه ڪرڻ:

ڪيترائي ٻار لاپرواهه هوندا آهن، گهر ۽ اسڪول جي ڪم کان نٽائيندا آهن ۽ پري ڀڄندا آهن، انهن تي مار ۽ دڙڪي جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو آهي، بلڪه هو وڌيڪ پڪا ٿي ويندا آهن، اهڙا ٻار جسماني طور فٽ هوندا آهن، ليڪن ڪاهلي جسم کان وڌيڪ دماغي هوندي آهي. ڪن حالتن ۾ ٻار راند روند ڪرڻ کان به گهٻرائيندا آهن، ۽ راند ۾ حصو وٺڻ جي بجاءِ هو پري بيهي ڏسڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن، اسڪول ۾ پڙهائي ۾ به سڀني کان پٺيان هوندا آهن، فضول ڪمن ۽ مشغولين ۾ وڌيڪ وقت وڃائيندا آهن، گهر ۾ به سڀ انهن مان ناخوش هوندا آهن، بس ستا پيا هوندا آهن ۽ آرس پيا ڀڃندا آهن. ننڍو وڏو ڪم ڪندي ته هنن کي بخار ايندو آهي. اهڙن ٻارن کي نظرانداز ڪرڻ سان زيادتي ٿيندي. اهڙن ٻارن تي ڀرپور توجهه ڏجي، انهن جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. اگر خدا نه ڪري ڪو مسئلو آهي ته ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو، علاج پورو پورو ڪرايو، ٻار کي اگر ڪوئي مسئلو آهي ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ آهستي آهستي ان کي عام زندگي گذارڻ ۽ چاڪ و چوبند رهڻ تي آماده ڪريو، روڪ ٽوڪ بلڪل نه ڪريو، بلڪه هر ممڪن طريقي سان زندگي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.

رانديڪن سان دلچسپي:

رانديڪن سان دلچسپي سڀني ٻارن جي فطرت ۾ شامل هوندي آهي. ڪنهن ۾ گهڻي، گهڻو ڪري کائڻ پيئن جي شين کي ۽ رانديڪا ڏسي ٻار خوش ۽ حيران ٿيندا آهن، اگر توهان ٻار سان گڏ ڪنهن جڳهه مهمان ٿي وڃو ٿا ته ٻار ميزبانن جي ٻارن جي رانديڪن سان وندري ويندا آهن ۽ انهن کي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ته گهر کڻي وڃون، اهڙن ٻارن کي ڪاوڙ يا مار سان هن ڳالهه کان باز نٿا رکي سگهو. سزا سان انهن ٻارن جي احساس محرومي پيدا ٿيندي، ڪڏهن ته هو چوري به ڪري ويندا، اهڙن ٻارن جي رانديڪن جي باري ۾ احساس محرومي ختم ڪري سگهجي، هو ٻيهر شايد ئي توهان کي شڪايت جو موقعو ڏين.

گستاخ ٻار:

سست ۽ ڪم چور ٻارن جي نسبت هي ٻار وڌيڪ ناپسنديده هوندا آهن، اهڙا سرڪش، گستاخ ۽ گارگند ڪرڻ وارن سان ڪير به محبت ڪونه ڪندو آهي، هر ڪو نفرت ڪندو آهي، هي ٻار گهڻي مار ملڻ کان پوءِ به باز ڪونه ايندا آهن.

ياد رکو ته پيار ۽ محبت اهو هٿيا آهي، جنهن جو نشانو ڪڏهن خطا ڪونه ٿو ٿئي، صرف وقت لڳندو آهي. توهان کي اها به خبر آهي ته مارڪُٽ سان توهان جو ٻار سهي رستي تي ڪونه ايندو اسين ائين ٻارن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪريون ته ٻار چڱا ڍيٽ ٿي ويندا، ٻارن ۾ احساس ذمداري پيدا ڪيو، انهن کي پاڪيزه ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيو. انهن کي دوستن جي صحبت کان بچايو ۽ انهن جي صحبت کي تبديل ڪريو، راند روند جي طرف راغب ڪريو ۽ کين وقت وڃائڻ نه ڏيو پر کين تعميري ڪم جي طرف مائل ڪريو.

ٻارن جو ڪاوڙجڻ:

جڏهن ٻارن جي معصوم فطري خواهشن جي تڪميل نه ٿئي ته هو گهڻو ڪري ويڙهه جو طريقو اختيار ڪندا آهن، مثلاً جڏهن بکايل ٻار کي ماني نه ملي ته هو روئڻ ۽ ڪاوڙجڻ جو اظهار ڪندا آهن، يا روئيندا آهن، يا پنهنجون شيون پري اڇلائيندا آهن، اهو اظهار ڪجهه وڏا ٻار پنهنجون ننڍيون ننڍيون شيون پري اڇلائي يا ٽوڙي به ڪندا آهن، اهڙي قسم جو مسلسل رويو ٻارن جي آئينده نفسيات ۽ انهن کي تربيت جي لاءِ هرگز صحيح نه آهي.

جڏهن وڏن ٻارن کي انهن جي پسنديده ڪم کان روڪيو وڃي ته هو عارضي طرح رڙيون ڪري پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن، ناراضگي جو جواب ڪڏهن به ناراضگي سان نه ڏيندا ڪريو. پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ سڀ کان مفيد علاج آهي، منجهيل خانداني مسئلا ۽ مائٽن جا جهڳڙا به ٻارن جي روين کي تبديل ڪندا آهن، گهر ۾ نئين ٻار جي آمد يا پنهنجين خواهشن جو پورو نه هئڻ، اڪيلو ڇڏڻ يا خراب نيپڪين تبديل نه ڪرڻ، يا کير ڏيڻ مهل گهڻو انتظار يا پيشاب، وغيره ڪرائڻ جڏهن هو تيار نه هجي، اهڙي ڪيفيت جو باعث ٿي سگهي ٿو. سمجهدار ٻارن کي پيار سان وضاحت ڪري همدرداڻي نموني گپ شپ واري رويي سان انهن ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي ۽ منفي روين کي مثبت روين ۾ بدلائي سگهجي ٿو.

صاف سٿرا ٻار:

صاف سٿرن ٻارن سان پيار ڪرڻ تي دل چوندي آهي، اهڙي عادت سان ٻار نه خود سٺو رهڻ ۽ ٻين جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر صفائي سٿرائي انهن جي آئينده زندگي تي به مثبت نتيجا ڇڏيندي آهي. مائٽن کي ڪوشش ڪرڻ کپي ته پنهنجي مصروفيتن کانپوءِ به ٻارن جي جسماني صفائي کان غافل به رهن. ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا منهن ڌوئرائڻ کان وٺي گرمين ۾ هڪ يا ٻه دفعا وهنجڻ جي تربيت ڏيڻ ۽ تمام ننڍڙن ٻارن جي ذميواري پاڻ کڻن.

اهڙي طريقي سان پيشاب يا وهنجارڻ يا پاٽي استعمال ڪرڻ سيکارجي، پيشاب وغيره وارا ڪپڙا فوراً تبديل ڪرايو، ۽ ٻارن کي پنهنجي جسم جي پاڻ صفائي ڪرڻ سيکاريو ته جيئن توهان کي هر هر پاڻ نه ڪرڻو پوي.

ٻارن کي سادا پر صاف ڪپڙا پارايو، ضروري نه آهي ته توهان امير هجو ۽ هي شوق پورا ڪريو پر پنهنجي وسيلن آهر ٻارن کي معزز شهري ٺاهيو.

گهڻو ڪري اهو به ڏٺو ويو آهي ته ٻار صاف سٿرا هوندا آهن پر مائٽ ٻارن جي منهن ۽ نڪ جي صفائي تي توجهه نه ڏيندا آهن. ٻارن جو نڪ يا ته وهندو پيو آهي يا وري مير سان ڀريل هوندو آهي. ننڍن ٻارن جو نڪ هڪ دفعو گهٽ ۾ گهٽ نيم گرم پاڻي سان نرم ڪپڙي جي مدد سان ضرور صاف ڪيو ۽ وڏن ٻارن ۾ نڪ ۾ پاڻي وجهي صفائي ڪرڻ سيکاريو.

اهڙي طرح نڪ ۾ هر هر آڱريون وجهڻ به سٺو فعل نه آهي، ٻارن کي سختي سان منع ڪجي. منهن جي صفائي گهڻي اهم آهي، گرڙي ڪرڻ، مساڳ ڏيڻ ۽ برش استعمال ڪرڻ ٻارن کي سيکاريو، ننڍڙن ٻارن جي ڏندن کي نرم ڪپڙي سان پاڻ روز صاف ڪريو.

انٽرويو وٺندڙ:

شمس الدين سومرو

تعليم عام ٿيڻ سان سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

سنڌي، اردو، پنجابيءَ زبانن جي شاعره روبينه راجپوت جي چهري تي سدائين مسڪراهٽ ئي مسڪراهٽ هوندي آهي. روبينه راجپوت کي شاعري جو شوق 1986ع کان ٿيو. ٽيليويزن جي قومي مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين، سندس شاعري جو مجموعو ”آدهي بهار“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سرتيون جي پڙهندڙن لاءِ ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.

شمس: اوهان جي تعليم؟

روبينه:ايم- اي سوشيالاجي (ايم فل سوشيالاجي).

شمس: توهان شاعري ڪرڻ کان اڳ ڪنهن شاعر کي پڙهيو ۽ متاثر ٿيا؟

روبينه: ها، مون سڀ کان پهرين اسڪول جي زماني ۾ شاهه لطيف کي پڙهيو. ان بعد شيخ اياز، بابا بلي شاهه، وارث شاهه، اقبال، فيض احمد فيض ۽ غالب کي پڙهيو ۽ انهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.

شمس: ڪڏهن کان لکـڻ شروع ڪيو اٿو؟

روبينه: مون لکڻ جي باقاعده شروعات 1986ع کان ڪئي آهي ۽ اڃا تائين لکان پئي.

شمس: شاعري ۾ ڇا ڇا لکيو؟

روبينه: نظم، غزل، هائيڪو، نعت.

شمس: نثر به لکيو اٿو؟

روبينه: ها، نثر ٻارن لاءِ ڪهاڻيون، فيچر، افسانا، مختلف اخبارن لاءِ سياسي ۽ طنز و مزاح جا ڪالم لکيا اٿم.

شمس: ريڊيو لاءِ ڪجهه؟

روبينه: مون ريڊيو لاءِ به ڊراما لکيا آهن.

شمس: ريڊيو سان ڪا وابستگي؟

روبينه: جي ها، ريڊيو سان بلڪل وابستگي آهي، ريڊيو تي مختلف موضوعن تي تقريرون، شاعري، فيچر ۽ ڊرامن ۾ ڪم، ڪمپيئرنگ.

شمس: ريڊيو سان ڪڏهن کان منسلڪ آهيو؟

روبينه: تقريبن ڏهن سالن کان وابسته آهيان.

شمس: توهان ڪهڙين ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي؟

روبينه: سنڌي ۽ اردو ۾ ته مون تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي، پر مون پنجابي زبان ۾ شاعري به ڪئي آهي ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.

شمس: پنهنجن ڪهاڻين ۽ شاعري کي ڪتابي شڪل ۾ آندو اٿو؟

روبينه: اردو شاعريءَ جو مجموعو ”آدهي بهار“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي. سنڌي ۽ پنجابي شاعري جي مجموعن جي تياري لڳي پئي آهي. ان کان علاوه اردو افسانن جو مجموعو ”پهلا سانس“ شايع ٿيڻ وارو آهي.

شمس: شاعري کان سواءِ ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون آهن؟

روبينه: مون کي ننڍپڻ کان وٺي مطالعي جو جنون جي حد تائين شوق رهيو آهي. ننڍي هوندي جيترا به رسالا نڪرندا هئا، اهي سڀ مون کي پڙهڻ لاءِ ملندا هئا ۽ آئون پڙهندي هيس، جيئن جيئن شعور جون منزلون طئه ڪندي ويس، اها عات وڌيڪ پختي ٿيندي ويئي ۽ اهڙي طرح مطالعي جو مشغلو اڃا تائين جاري آهي.

شمس: شاعرائن ۾ ڪا شاعره پسند؟

روبينه: پروين شاڪر ۽ شبنم شڪيل.

شمس: نثر ۾ ڪنهن کان متاثر آهيو؟

روبينه: مون تقريباً پاڪستان جي سڀني اديبن ۽ شاعرن کي پڙهيو آهي. پر، امر جليل، امرتا پريتم ۽ نوراهديٰ شاهه کان گهڻو متاثر آهيان.

شمس: پسنديده رنگ؟

روبينه: ڪارو ۽ اڇو.

شمس: پسنديده موسم؟

روبينه: هر اُها موسم، جنهن ۾ دل کي سڪون ملي.

شمس: ڪا خواهش؟

روبينه: اسان جي ملڪ ۾ ”تعليم جي شرح 100 سيڪڙو ٿي وڃي ۽ جهالت جي اونداهي ختم ٿي وڃي ته مان سمجهان ٿي ته اسان جا سڀ مسئلا ازخود حل ٿي ويندا. اهائي منهنجي خواهش آهي.

شمس: عورتن لاءِ ڪو پيغام؟

روبينه: اهي هر ڪم سان گڏ شاعري ضرور پڙهن ۽ شاعري ڪن.

ٻه شاعر

 

 

توکان هڪ سوال

توکان هڪ سوال

ذهن جي

طاقن تي سجيل

يادن جي

دز اڏامي پئي

جن کي رکي وساري

ويٺين.

چوندو هئين جن لاءِ ته:

”منهنجو جيون هن“

۽ سا لاحاصل محبت

جنهن کي چند حوالا ڏيئي

نالا ڏيئي سُندر سندر

دل تان لاهي ڦٽو ڪيئي

سوچيو ٿئي:

مرڻ وارن کي

تمغا ڏيئي

ڇا انصاف پورو ٿي

سگهي ٿو؟

اعتراف

مان آهيان

تنهنجي منزل ڏانهن

ويندڙ

هڪ ڌوڙ اُڏائيندڙ

ڀڳل ٽٽ رستو ڪوئي

منزل نه!

خوابن جا عذاب

جنهن سان گڏجي

مون ڏٺا ها

 گهر- اڱڻ ۾

گل ٽڙڻ کان اڳ ۾ ئي

 منهنجي تن- اڱڻ ۾ ڀري ڇڏيا آهن

درد- ڪنڊن جا خواب.

(Tension)

برف ٿي ويل

پن- ڇڻ ۾ ڇڻيل پنن جيان

چهرا!

اڻ کُٽ ڇڪتاڻ

تنهنجي منهنجي اندر ۾

پيار جا اڏري ويا رنگ سارا

ڪنهن ڪوري ڪاڳر تي

لکان ٿي ملهه پيار جو

ٽينشن (Tension) ۽ ڳوڙها!

 ٻه جيون ساٿي

 

   غزل  

خواب نه عڪس، نه پيار گهرن ٿا،

نيڻ رڳو ديدار گهرن ٿا.

 

توکي سارو جيون اَرپي،

ٿورا ڪي اَختيار گهرن ٿا.

 

ساري جڳ کان جيتي ڀي هو،

توکان هر هر هار گهرن ٿا.

                     اياز گل

لفظ چيا جي ناهن چپڙن،

شايد ڪي اقرار گهرن ٿا.

 

جيئڻ ڪاڻ اُجهائل لمحا،

تنهنجي سندر سار گهرن ٿا.

 

تو تائين پهچڻ لئه سپنا،

نيڻن کان سهڪار گهرن ٿا.

 

روز ئي گڏجن ٿا هڪ ٻئي سان،

روز ئي قول قرار گهرن ٿا.

 

اَهنجن کان آجو آئيندو،

او انسان! هي ٻار گهرن ٿا.

 

پيار، امن جو اوچو جهنڊو،

ٻيو ڇا هي فنڪار گهرن ٿا؟

 

ڌرتيءَ کي دوزخ ٺاهيندا،

هُو جيڪي هٿيار گهرن ٿا.

غزل

بسنت رُت ۾ به پيلاڻ ٿي ويو آهي،

هو شخص عشق جو اهڃاڻ ٿي ويو آهي.

 

جڏهن به توسان مليو آهيان، ائين لڳو آهي،

سڄو وجود ئي سُرهاڻ ٿي ويو آهي.

 

بدن جا عيب سمورا انهيءَ ۾ ڍَڪجي ويا،

هي پيار اهڙو ته پهراڻ ٿي ويو آهي.

 

سمورو ڳوٺ ٿو پنهنجيءَ ته سونهن سان ٻوڙي،

هو ڄڻ اگسٽ ۾ مهراڻ ٿي ويو آهي.

 

اکيون رُڳو نه، هو وڇڙيو ته پنهنجي شعرن جو،

اکر اکر ئي ته آلاڻ ٿي ويو آهي.

 

ملڻ مان، لهجي مان، ڪيڏو لڳي پرائو ٿو،

ائين ته ڪونه هو، جيئن هاڻ ٿي ويو آهي!

رابيل رسول ڏنو

غزل

روئي ڪندين ياد اسين ڇا هئاسين،

هجين خوش شاد اسين ڇا هئاسين.

 

پيو مزا ماڻ پنهنجي نئين پيار سان،

زمانو جلاد اسين ڇا هئاسين.

 

بيگانن وانگي گهمندو تون وتندين،

ڪونه ٿينديئي داد اسين ڇا هئاسين.

 

اڄڪلهه تنهنجو زمانو تنهنجي ئي حڪومت،

ڀلي گهم آزاد اسين ڇا هئاسين.

 

ڪنهن به جيون ۾ ڏک نه اچن ئي رابيل،

سدائين هجين آباد اسين ڇا هئاسين.

وائي

ماري ويو مون کي،

قاتل ادائن سان،

هڪ سهڻو ماڻهو.

جڏهن ٿياسين پئي جدا،

الوداع ڪيائين نيڻن سان،

هڪ سهڻو ماڻهو.

ٿيو ڏاڍو اداس هو،

پئي رنو اڌمن سان،

هڪ سهڻو ماڻهو.

وڃي موٽ ڏنائين رابيل،

پيارن خطن پٽن سان،

هڪ سهڻو ماڻهو.

گل ٽکڙائي

چؤسٽا

سهون ٿا پٿر جي هميشه پنهنجي سيني تي

اسان جو درد سان اهڙي طرح ٿيو واسطو آهي

ڦٽي ڦاٽي پيا آهن زخم اي جان من منهنجا

انهيءَ هوندي به يادن سان نه ٽوڙيو رابطو آهي.

 

اوهان جي راهه ۾ ڪيڏا ستارا ٿا رهن روشن

اسان جي لاءِ اي جانان رڳو آهن انڌيرا ٿيا

اسين ماتم زني ڪريون اوهين هر پل خوشي ڪريو

رهون رسوا زماني ۾ اوهان لاءِ سويرا ٿيا.

 

جتي پاڻ ٻئي ڄاواسين ڪيوسين رانديون پيارا

اتي رابيل رستن تي پيا ڪن رقص اي جانان

انهن خوشبو ڏني آهي سدائين پيار وارن کي

ڏسو تن جو اچي جيڪر اوهين ڪو عڪس اي جانان.

 

اوهان جي مرڪ کي پيارا پيو پنهنجو نظم سمجهان

ڏيو ٿا ٽهڪ جيڪڏهن اهو پنهنجو غزل سمجهان

اسان ڏي نيڻ نازن سان کڻي جيڪر نهاريو ٿا

پيا سهڻا ٽڙي آهن انهن کي ٿو ڪنول سمجهان.

 

 

ويو ٿي پيار اڄ توسان اسان جو مامرو آهي

سمورو لوڪ دشمن ۽ ويو ٿي برخلاف آهي

ڇنل ڦاٽل اٿئون ڪپڙا مٽي وارن اندر آهي

اوهان جي جسم تي ريشم ۽ ڪعبي جو غلاف آهي.

 

ستار سُندر

غزل

مون ته سوچيو هو تون لکندين پيار ڪاڳر تي،

تو لکيو آهي مگر انتظار ڪاڳر تي.

 

عڪس هر لفظ ۾ آهي نمايان تنهنجو،

تون به شاعر جيان غور سان نهار ڪاڳر تي.

 

لفظ ڪونجن جيان قطارون ڪري اُڏن پيا،

ائين اُتاري آ مون تنهنجي سار ڪاڳر تي.

 

هو پوپٽن جي بجاءِ بندوق ٺاهي پيو،

اڄوڪي دور جو ڇا لاءِ ٻار ڪاڳر تي.

 

ازل کان لفظ ڪويءَ جا رهيا سُندر ساٿي،

تڏهن اتاري پيو اندر جو بار ڪاڳر تي.

غزل

رات پئي ٿي ماڪ هاري گل مٿان،

روز ائين ٿي نيڻ ٺاري گل مٿان.

 

جا چُمي پوپٽ اُڏاريندي هئي،

اڄ اُها پوپٽ پئي ماري گل مٿان.

 

ڄڻ منهنجو چهرو تلاشيندي هجي،

اهڙي طرح پيئي نهاري گل مٿان.

 

پنهنجي چپڙن پنکڙن سان لکي،

نانءُ ٿي منهنجو سنواري گل مٿان.

 

زندگي توکي ڏسي ائين گهاريان،

جيئن زندگي ڀؤنر گهاري گل مٿان.

 

هوءَ بڻجي آئينو اڄ خود سندر،

پنهنجو چهرو ٿي ڏيکاري گل مٿان.

ذوالفقار زخمي شاهاڻي

غزل

توکي مرڪڻ جي هير پئجي وئي،

مون کي روئڻ جي هير پئجي وئي.

 

زندگي راند ٿي وئي شطرنج جي،

مون کي کيڏڻ جي هير پئجي وئي.

 

ڪاٿي اکڙيون ستيون اڃا آهن،

هاڻ جاڳڻ جي هير پئجي وئي.

 

زندگيءَ کان خفا گهڻو آهيان،

پوءِ به جيئڻ جي هير پئجي وئي.

 

تون ڪندو آهين دل جا ٽڪرا،

مونکي ميڙڻ جي هير پئجي وئي.

 

پاڻ پنهنجو وڃائي زخميءَ کي،

پاڻ ڳولهڻ جي هير پئجي وئي.

غزل

رشتن جو فرق ٿي پيو،

طبقن جو فرق ٿي پيو.

 

هن ڀي ڏنا ۽ مون ڀي،

ٽهڪن جو فرق ٿي پيو.

 

منزل ٻنهي جي هڪڙي،

رستن جو فرق ٿي پيو.

 

ماڻهو ته مڙئي ماڻهو،

چهرن جو فرق ٿي پيو.

 

محبت ڪئي ٻنهي پر،

جذبن جو فرق ٿي پيو.

 

هر ڪنهن کي پنهنجا زخمي،

دردن جو فرق ٿي پيو.


 

ڪومل نسرين

غزل

هڪ پل جدائي جو گذارڻ ڏکيو آ،

هڪ ويران دل کي سنوارڻ ڏکيو آ.

 

بي خبري ۾ وعدا ڪيئي ڏاڍا،

هاڻ انهي کي نڀائڻ ڏکيو آ.

 

تنهنجي يادن ۾ رهان ٿو هر وقت،

هاڻ انهي سورن کي وسارڻ ڏکيو آ.

 

جيڪا ڇڏي وئي رڻ ۾ اڪيلو،

هاڻ انهن کي گهرائڻ ڏکيو آ.

 

رسي وئي آ قسمت مون کان ڏور،

هاڻ انهيءَ کي پرچائڻ ڏکيو آ.

 

خوابن ۾ ٿو رهان هن سان،

هاڻ انهي کي حقيقت ۾ سڏائڻ ڏکيو آ.

ساجده جبين

نثري نظم

”دل به گل مثل اٿئي“

تون،

منهنجي دل

ڪڏهن به نه ٽوڙجانءِ

ڇو ته

منهنجا پرين

دل به گل مثل اٿئي

جيئن

ٽُٽل گل ٻيهر ٽارئين

لڳي نه سگهندو آهي

تيئن ئي،

ٽٽل دل به وري

جُڙي ناهي سگهندي.

هيريٽ بيچر اسٽؤ                               قسط - 3

قربان علي جعفري

UNCLE TOM’S CABIN

انڪل ٽام جي جهوپڙي

باب نائون

ڪوئڪر دوست

هڪ وڏي، صاف بورچيخاني ۾ ننڍڙو هيري خوش کيڏي رهيو هو. ايليزا ويٺي سبيو ۽ واري سان هن کي پئي جاچيو، رشيل هاليڊي، هڪ وچين عمر جي ڪوئڪر عورت هنجي پاسي ۾ ويٺي هئي.

”سو تون ڪيناڊا وڃڻ جو سوچي رهيو آهين، ايليزا؟“ هن چيو.

”هائو“، ايليزا جواب ڏنو، ”مان هتي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪنديس.“

”۽ تون هتي ڇا ڪندينءِ؟“

”جيڪي مون کي ملندو“ ، ايليزا چيو، جيئن هن ڳالهايو پئي ڳوڙها هنجي ڪم مٿان پئي ڪريا. ”مون کي اميد آهي ته مان ڪجهه نه ڪجهه ڳولهي وٺندس.“

ايتري ۾ سائمن هاليڊي، هڪڙو ڊگهو شخص، ويڪري ڪوٽ ۽ ڪشادي ڪناري واري ٽوپ سان اندر گهڙيو.

”ڪا خبر، ميان؟“ هن جي زال رشيل پڇيو.

”هائو“ ، سائمن ايليزا ڏانهن ڦرندي چيو. ”تو چيو هو، تنهنجو نالو هيرس آهي؟“

”هائو“ ، ايليزا جواب ڏنو.

”ٺيڪ، مون وٽ سٺي خبر آهي، تنهنجو مڙس ڀڄي نڪتو آهي ۽ دوستن منجهه آهي، جيڪي هن کي رات هتي وٺي ايندا.“

”اڄ رات!“ ايليزا رڙ ڪئي ”اڄ رات!“ پوءِ خوشي ۾ نه ماپندي، هو بيهوش ٿي ويئي.

جڏهن کيس هوش آيو ته هن پاڻ کي نرم ۽ گرم بستري تي ويڙهيل ڏٺو. هن جي مٿان ڪمبل پيل هو. هن پنهنجون اکيون کوليون ۽ راحت بخش آرام جو تاثر هن مٿان طاري ٿي ويو، پوءِ هوءَ سمهي پئي ڄڻ ته بيگم شيلبي جي گهر کان فرار ٿيڻ کان پوءِ کيس ننڊ ئي ڪين آئي هئي.

هن هڪڙي سهڻي ملڪ ۽ هڪ گهر جا خواب پئي ڏٺا، جتي سندس ٻار آزادي ۽ خوشيءَ سان کيڏي رهيو هو. هن پنهنجي مڙس جي قدمن جو آواز ٻڌو، هو ويجهو پئي آيو، هن جون ٻانهون سندس چوڌاري هيون، پوءِ هوءَ جاڳي پئي. اهو خواب نه هو، ڏينهن جي روشني جهڪي ٿي چڪي هئي، هن جو ٻار سڪون سان ستو پيو هو. هڪڙي ميڻ بتي هلڪي روشني سان شمعدان مٿان پئي ٻري، ۽ هن جو مڙس، هن جي بستري ڀرسان هو. هن جو خواب سچو ٿي پيو هو.

اڳيو صبح خوشي ڀريل هو ۽ جيئن جارج، ايليزا ۽ ننڍڙو هيري نيرن تي آيا هر هڪ کين وڏي ڀليڪار ڏني.

بهرحال، جارج کي احساس ٿيو ته ڪوئڪر دوستن تي ڏنڊ لڳي سگهي ٿو يا کين سندس مدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي ڳڻتي ورائي ويئي، پر مهربان سائمن چيو:

”ڊڄ نه، دوست جارج، اهو خدا ۽ انسان خاطر آهي جيڪو اسين ڪيون ٿا. تون اڄوڪو ڏينهن چپ چاپ گذار ۽ اڄ رات، ڏهين بجي، فينيس فليچر توهان کي کڻي اڳينءَ منزل تي پهچائيندو، ڇاڪاڻ ته پيڇو ڪندڙ سختي سان توهان جي پويان آهن ۽ اسان کي دير نه ڪرڻ گهرجي.“

باب ڏهون

ٽام جو نئون مالڪ

 

لهندڙ سج جي، نمندڙ ڪرڻن ميسپي دريا جي ويڪري پاڻي کي روشن ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ هڪڙو ڀريل آگبوٽ اڳتي پئي وڌيو، ان ۾ گهڻين ٻنين جون ڪپهه جون ڳٺڙيون مٿي تائين سٿيل هيون.

مٿئين عرشي تي ڳٺڙين جي وٿي اندر انڪل ٽام ويهي پنهنجو بائيبل پڙهي رهيو هو. هن جون صابر آڱريون هر لفظ تي پئي رڪيون. ”پنهنجي- دل- ۾- ڳڻتي- نه – ڪر- منهنجي- پيءُ- جي- گهر - ۾ گهڻيون- جايون- آهن- مان- وڃي- تنهنجي- لاءِ – هڪڙي- جاءِ تيار ٿو- ڪيان.“

مسافرن ۾ هڪڙو امير معزز ماڻهو، آگسٽائين سينٽ ڪلير نالي، هنجي ڌيءَ انجلائين، ۽ هن جي سوٽ، مس اوفيليا سينٽ ڪلير شامل هئا، ڇاڪاڻ ته ايوا تمام نازڪ هئي، سينٽ ڪلير هن کي وٺي ڊگهي موڪل تي نڪتو هو، ۽ مس اوفيليا کي راضي ڪيو هئائين ته هوءَ ساڻس گڏجي واپس هلي. ننڍڙي ايوا جي پرگهور ڪري ڇاڪاڻ ته بيگم سينٽ ڪلير معذور هئي.

ايوا سج جي ڪرڻي جيان هئي ۽ آگبوٽ جي هر حصي ۾ پنهنجو رستو ڳولهي وٺندي هئي. ٽام هن کي پيار سان نهاريندو هو، هو ڪڏهن ڪڏهن غلامن لاءِ کٽمٺڙا ۽ نارنگيون کڻي ايندي هئي، هڪڙي ڏينهن هن ٽام کان سندس نالو پڇيو.

”مان ٽام آهيان،“ هن جواب ڏنو، ”هتي پوئين پاسي ڪينٽڪي ۾ ننڍڙا ٻار مون کي انڪل ٽام سڏيندا آهن.“

”مان پڻ توهان کي انڪل ٽام سڏينديس“ ، ايوا چيو، ”تون ڪيڏهن پيو وڃين؟“

”مون کي خبر ناهي، مس ايوا،“ ٽام چيو، ”مان وڪري لاءِ پيو وڃان.“

”منهنجو بابا توکي خريد ڪري سگهي ٿو،“ ايوا جلدي جواب ڏنو، ”مان اڄ ئي هن کان پڇنديس.“

”تنهنجي مهرباني، منهنجي ننڍڙي خاتون“ ٽام چيو.

آگبوٽ هڪڙي ننڍڙي پتڻ تي ڪاٺ کڻڻ لاءِ رڪيو ۽ ٽام جلد ئي بار کڻڻ ۾ مدد لاءِ مشغول ٿي ويو. جڏهن ته ايوا ٺينگ ٽپا ڏيندي پنهنجي پيءُ ڏانهن وڌي هئي، هو گڏجي ڪٽهڙي وٽ بيٺا هئا، اوچتو ايوا پنهنجو توازن وڃائي، هيٺ پاڻي ۾ وڃي ڪري.

ٽام کيس پاڻي ۾ ڦهڪو ڪندي ۽ ٻڏندي ڏٺو ۽ جهٽ پلڪ ۾ هن جي پٺيان پاڻي ۾ ٽپو ڏنو. جيئن ئي هو مٿي ٿي، هن کيس پڪڙي ورتو ۽ ترندي آگبوٽ وٽ پهچي، هن کيس مٿي کڻي عرشي تي محفوظ ڪيو، جتي شفقت ڀريل هٿ سندس سنڀال لاءِ موجود هئا.

ٻئي ڏينهن هو نيو اورينس پهتا ۽ هيلي سينٽ ڪلير سان انڪل ٽام جي قيمت ٿي، جيڪا هن گهري پئي، ايوا کي پڻس سودو ڪندي نظر آيو.

”هن هتي موجود شخص لاءِ تيرهن سو ڊالر“ ، هن چيو.

”اوهه بابا“ ، ايوا حجت ڪئي، هاڻي هن جي تازي جوکي کان وڌيڪ ڪا ڳالهه خراب ته نه هئي ”هن کي خريد ڪيو، مان هن کي خوش ڪرڻ چاهيان ٿي.“

”چڱو، هيلي“ ، سينٽ ڪلير چيو، ”هي تنهنجي رقم ۽ هاڻي ٽام مٿي نهار ۽ پنهنجي نئين مالڪ کي ڏس.“

”رب توهان تي رحمت ڪري، سائين،“ ٽام پنهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو.

هڪڙي گاڏي سينٽ ڪلير، ايوا ۽ مس اوفيليا جي انتظار ۾ بيٺي هئي ۽ ٽام ٻاهران ٿي ويٺو، ٿوري دير کان پوءِ گاڏي  هڪڙي سهڻي پراڻي حويلي جي اڳيان اچي بيٺي.

ايوا خوشي ۾ پاڳل هئي. ”اوهه، هي ڪيڏو نه سهڻو آهي.“ هن رڙ ڪئي، ”منهنجو پنهنجو پيارو گهر!“ هر عمر جي ماڻهن جو هڪ انبوهه، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار هئا، مالڪ کي گهر اچڻ تي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڊوڙندو آيو.

”اوهه، امان،“ ايوا ماءُ کي چمندي بار بار ورجايو، پر بيگم سينٽ ڪلير ڪنهن وڏي خوشي جو اظهار نه ڪيو. هوءَ پنهنجي باري ۾ سوچڻ جي ايتري عادي ٿي چڪي هئي، جو ٻين جي خوشي ونڊي نٿي سگهي. ”بس، گهڻو ٿيو.“ هن بيزار ٿيندي چيو، ”ڌيان ڪر، ٻچا، تو منهنجي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو.“

ٻيا نوڪر هاڻي دروازي تي اچي ڪٺا ٿيا هئا. ايوا اڏامندي هڪ کان ٻئي تائين هٿ ملائيندي ۽ انهن کي چمندي وئي، هو سڀ هن ٻار سان پيار ڪندا هئا ۽ کيس ٻيهر گهر ۾ ڏسي خوش ٿيا هئا، خاص طرح ميمي، ايوا جي جهوني نرس.

انهيءَ وقت کان ٽام جي زندگي ايوا سان ڳنڍجي وئي. جڏهن به کيس ڪنهن نوڪر جي گهرج هوندي هئي، ٽام کي چونڊيو ويندو هو ته سندس خدمت ڪري. ايوا کي به هن سان کيڏڻ ۽ ڳالهائڻ وڻندو هو. هڪڙي ڀيري سينٽ ڪلير کيس ننڍڙي گاهه واري سيٽ تي ورانڊي ۾ ويٺل ڏٺو، سندس ڪوٽ جو هر ڪاج رابيل جي گلن سان سينگاريل هو ۽ ايوا خوشي ۾ ٽهڪ ڏيندي هن جي ڳچيءَ جي چوڌاري گلابن جو هار لٽڪائي رهي هئي.

”اوهه، ٽام، تون ته مسخرو ٿو نظر اچين!“ هن رڙ ڪئي ۽ ٽام پنهنجي مخصوص خاموشي سان مزو وٺندي نظر ٿي آيو، جيترو سندس ننڍڙي مالڪڻ کي ٿي آيو. هن جا گيت، هن جون ڪهاڻيون، ۽ مداحون ايوا کي ڏاڍيون حيرت انگيز لڳنديون هيون. يقيناً سندس خيال ۾ هو هڪڙو بيحد حيرت انگيز ٽام هو، جنهن جي رڳو چمڙي ڪاري هئي.

باب يارهون

هڪ خوفناڪ سفر

ڪوئڪر گهر ۾ جارج ۽ ايليزا جي سفر جي تياري لاءِ سانتيڪي تڪڙ هئي. رات تائين سڀڪجهه تيار هو، ۽ سائمن هاليڊي ۽ فينيس فليچر در تي پهچي ويا.

”ٻڌو، مون وٽ اهم خبرون آهن.“ فينيس چيو، ”گذريل رات مان هڪڙي ويران مسافرخاني ۾ ترسيو هئس. مان ٿڪل هئس ۽ ماني کان پوءِ سمهي پيس. جڏهن جاڳيس، مون هيلي جي ٽولي جي گهڻن ماڻهن کي شراب پيئندي ۽ ڳالهائيندي ٻڌو.“ سو، هڪڙي چيو، ”هو پڪ هتي ڪوئڪر بستيءَ ۾ آهن. هو رات ٻيهر روانا ٿيندا ۽ اسان کي خبر آهي ته هو ڪهڙو رستو وٺندا.“

”اسان ڇا ڪيون، جارج؟“ ايليزا ڊپ کان رڙ ڪئي.

مانيءَ کان ٿورو پوءِ هڪ وڏي ڍڪيل گاڏي دروازي جي اڳيان اچي بيٺي. ايليزا هيري سان پوئين حصي ۾ رڙهي ويٺي ۽ فينيس ۽ جارج اڳيان هئا.

”الوداع، منهنجا دوستو.“ سائمن چيو.

”رب توهان تي رحمت ڪري.“ جارج ۽ ايليزا جواب ڏنو، ۽ گاڏي رستي تان ٿڙندي ٿاٻڙجندي رواني ٿي.

اڳتي ئي اڳتي، ڪلاڪن پٺيان ڪلاڪ، هنن جهاڪا پئي کاڌا. هيري هڪدم سمهي پيو ۽ ايليزا پڻ آرام ڪرڻ جهڙي هئي. اٽڪل ٽين بجي، بهرحال، هڪڙو ماڻهو تڙ تڪڙ ۾ سندن پٺيان گهوڙو ڊوڙائيندو آيو. ”هو اچن پيا!“ هن رڙ ڪئي، ”هو اٺ يا ڏهه ڄڻا آهن. ڀڄو!“

فينيس گهوڙن کي ڊوڙائڻ لاءِ چهبڪ هنيا، جيستائين هو هڪڙي اُڀي ڇپ وٽ پهتا. ”هاڻي هن مٿان.“ هن رڙ ڪئي، ”توهان ٻاهر نڪرو، مون سان گڏجي هنن پٿرن مٿان چڙهو.“

فينيس پهريائين ويو. هيريءَ کي ٻانهن ۾ کڻي، هو ڇپن مٿان ٽپا ڏيندو پئي ويو. جارج ۽ ايليزا ڪڍ هئس، هو هڪڙي اوڙاهه مٿان ٽپي، هڪڙي لسي پٿريلي چبوتري مٿان پهتا.

”چڱو.“ فينيس چيو، ”اسان هتي آهيون. ڇا تنهنجا پستول تيار آهن، جارج؟“

فجر جي روشني ۾ هيلي جا ماڻهو چٽا نظر پئي آيا، ٽام لاڪر ۽ مارڪس اڳواڻي پئي ڪئي.

انهيءَ گهڙي جارج پٿرن جي ڪناري پٺيان ظاهر ٿيو ۽ چيائين، ”محترم، توهان ڪير آهيو ۽ توهان کي ڇا گهرجي؟“

”اسان کي ڀڳل شيدين جي هڪڙي ٽولي گهرجي.“ ٽام لاڪر هڪڙي رڙ ڪئي، ۽ اسان هنن کي حاصل پڻ ڪري وٺنداسين. تون ٻڌين پيو؟ تون جارج هيرس ناهين ڇا؟

”مان آهيان.“ جارج بيڊپو وراڻيو، ”پر هاڻي مان آزاد ماڻهو آهيان، جيڪڏهن توهان مان ڪوئي مٿي چڙهي هتي آيو ته اسان گوليون هلائينداسين.“

”مان هڪڙو ئي سڌو مٿي ٿو وڃان.“ لاڪر چيو،”مان شيدين کان ڪڏهن ڪين ڊنو آهيان.“  ۽ هڪڙي گهڙي ۾ ٽام لاڪر جو متارو ڊول ڇپ مٿان ظاهر ٿيو. جارج گولي هلائي ۽ هن کي زخمي ڪيو، پر هو وڌندو آيو.

”دوست.“ جيئن ٽام لاڪر اڳيان ٽپ ڏنو، فينيس هن کي ڌڪيندي چيو، ”تون هتي گهربل ناهين.“

لاڪر هيٺ اوڙاهه منجهه وڃي ڪريو ۽ ٽيهه فوٽ هيٺ رهڙجي ۽ ڪنجهي رهيو هو. جارج پاسي کان مٿان نهاريو ۽ مارڪس ۽ بين لاڪر کي گهوڙي مٿان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو، پر هر ڀيري پٽ تي ڦهڪو ڪري ڪِري ٿي پيو. پوءِ جارج هنن کي هيبت ۾ پنهنجي گهوڙن تي سوار ٿيندي ۽ ڀڄندي ڏٺو، هو پنهنجي اڳواڻ کي مرڻ لاءِ ڇڏي پئي ويا.

”چڱو.“ فينيس چيو، ”اسان کي پنهنجي گاڏي ڏانهن تڪڙو هلڻ گهرجي.“

”اوهه، ترس، ۽ ويچاري لاڪر لاءِ ڪجهه ڪر.“ ايليزا ايلاز ڪيا.

”هائو،“ جارج چيو، ”پنهنجي دشمن جي مدد ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عيسائيت ٿيندي.“

تنهن ڪري گاڏي مان سيٽون ٻاهر ڪڍي ۽ ٽام لاڪر کي کڻي اندر رکيائين ۽ سموري ٽولي اڳتي رواني ٿي. هڪ ڪلاڪ جي مسافري کين هڪڙي صاف موچاري فارم واري گهر تائين پهچايو، جتي ٿڪل مسافرن کي سٺي نيرن ملندي هئي. هتي لاڪر جي زخم جي پڻ ملم پٽي ٿي ۽ هن کي صاف نرم بستري تي ليٽايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com