سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2/ 2002ع

مضمون --

صفحو :8

مان خاموشيءَ جي ڪن ۾ غرق ٿيندي سوچيو ته ڇا، تو هي ٽي سال منهنجي عورت ۽ مرد جي جنس جي بنياد تي برابريءَ واري پرچار تي صرف انهيءَ ڪري تاڙيون ٿي وڄايون ته مان تنهنجي پريمڪا هيس جيڪا صرف توسان ڪنهن سٺي اسپاٽ تي چانهه پي سگهيس ٿي، توکي مخالف جنس جي ڪشش ۾ خوش ڪري سگهيس ٿي، هاڻي مون کي تنهنجي اڄ جي فيصلي جو ڪارڻ معلوم ٿيندو ٿي ويو ته ڇو تو اڄ آخري ملاقات ۽ مون سان وري نه ملڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مون چاهيو ته مان توکي اهو ٻڌايان ته انهيءَ سٺي اسپاٽ تي صرف توسان ئي چانهه پيتي آهي، منهنجي جاڳيل اکين جو سپنو صرف تون ئي آهين. مون انهن سڀني خوابن ۾ توسان ئي گڏ هلڻ جو وچن ڪيو.

عيسيٰ مون چاهيو هو ته تون منهنجي Empowerment کي هٿي ڏيندين، تون ئي مون سان گڏجي سماج جي جوڙيل انهن سڀني اڻ برابريءَ وارين روايتن کي ٽوڙيندين. اسان پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ ۾ ڪوبه فرق نه ڪنداسين. اسان جي ڌيءَ، اسان جي پٽ جيتري ئي تعليم حاصل ڪندي ۽ اسان جي ملڪيت ۾ برابر جي حصيدار هوندي. اسان پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجي پٽ وانگر مرضيءَ جي شاديءَ جو حق ڏينداسين. پر عيسيٰ تو رات جي پهرين پهر ۾ ئي منهنجو ساٿ ڇڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. تو منهنجا سمورا خواب ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ئي ائين ميساري ڇڏيا، جيئن اسڪولي ٻار جي پٽي تان ميٽ سان ميساريل اکر.

ٻاهر برسات اڃان به تکي ٿيندي ٿي وئي، ۽ رات جو پهريون پهر به گذرندو اچي آخري پل تي بيٺو هو. تون اُٿڻ جا سانباها ڪرڻ لڳين. توکي ٻاهرين برسات جي تکائي جي پريشاني هئي، پر برسات جيڪا منهنجي اکين ۾ وسي رهي هئي، تنهن کان تون بنهه ئي بي فڪر هئين ۽ مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. مون پاڻ کي آٿت ڏيندي چيو ”هر ڪنهن جي زندگي ۾ هڪ دفعو اکين مان اهڙو وسڪارو ضرور وسندو آهي، جيڪو ڪرڀ ۽ پيڙا ئي کڻي ايندو آهي، پر اُن کان پوءِ وري نون گلن ٽڙڻ جي اميد هوندي آهي، مون پنهنجو پاڻ کي همٿ ڏياريندي چيو، مان پنهنجن خوابن کي ساڀيان جا سرها گل پارائينديس. نيٺ ته رات جا سڀئي ڀيانڪ پهر گذري ويندا ۽ باک ڦٽندي ۽ صبح جي اڇاڻ ٿيندي ۽ خوابن جي سچي تعبير ٿيندي.

انهيءَ همت ۽ آس سان مون اکيون کوليون هيون ته آلين اکين ۾ گڏ ٿيل گرم گرم پاڻي ڪري پيو ۽ عيسيٰ تون وڃي چڪو هئين.

وانگ زانگ            (چيني ڪهاڻي)

طفل مگسي

سونهري گُل

جيئن ته گذريل ٽن سالن کان منهنجي ساڄيءَ اک ۾ سوڄ پئي رهي ۽ جڏهن مان تائيوان جي گاديءَ واري هنڌ تاپئي ۾ رهندو هئس ته، هڪ دفعي مون اُتان جي تاپئي جنرل اسپتال ۾ پنهنجي اک جو معائنو ڪرايو هو، ته ان وقت تائين اها اٽڪل پنهنجي روشني وڃائي ويٺي ۽ کاٻي اک ته پهرئين ئي ناڪاره ٿيل هئي، البته ڏيک ويک ۾ ثابت نظر ايندي هئي، ڊاڪٽرن منهنجي اک جي معائني کانپوءِ مون کي ٻڌايو ته مان اک جي تاري واريءَ سوڄ ۾ مبتلا آهيان، جنهن سان آخرڪار اک جو تارو ناڪاره ٿي وڃي ٿو ۽ اک نور واري روشنيءَ کان محروم ٿي پوي ٿي يعني اها هڪ بُري بيماري هئي.

ڊاڪٽر جو خيال هو ته اها بيماري مون کي ٻين جي ٽوال استعمال ڪرڻ باعث يا وري تيراڪي جي سوئيمنگ پول کان ٿي آهي. مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته مان آرمي آفيسرن جي اسڪول ۾ تيراڪي جي سوئيمنگ پول تي مقرر آهيان ۽ اُتي نوجوانن کي ترڻ جي ٽريننگ ڏيان ٿو. ڊاڪٽر چيو، ”بس اها بيماري توکي اُتان کان ئي لڳي آهي.“

ان کان پوءِ هڪ سال دوران ئي منهنجي مڪمل طور تي اکين واري روشني ختم ٿي ويئي، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اک جي تاري جي تبديليءَ سان منهنجي روشني ٻيهر بحال ٿي سگهي ٿي، تڏهن مون پنهنجي زال کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هوءَ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي محنت سان ڪمايل ٽوٽل پونجي کڻي آئي، جيڪا هڪ هزار ڊالر هئي.

زال، ”منهنجو خيال آهي ته هن رقم منجهان ڪم هلي ويندو، پر جيڪڏهن اها گهٽ ثابت ٿي ته مان  اڃا به وڌيڪ رقم جو بندوبست ڪري وٺندس، توکي آپريشن هر حالت ۾ ڪرائڻ گهرجي، ڇو ته مون جهڙي اڻپڙهيل عورت کي اها تڪليف هجي ها ته ڪا ڳالهه نه هئي، ڇاڪاڻ ته اڻپڙهيل ماڻهو ته اکين جي نور هئڻ جي باوجود به انڌو ئي هوندو آهي، ليڪن تون پڙهيل لکيل آهين، تنهنڪري تنهنجي لاءِ اکين جي روشني تمام ضروري آهي.“ سندس ان ڳالهه سان منهنجو حوصلو وڌي پيو.

اهڙي طرح مون ڊاڪٽر چوءَ جي ان لسٽ ۾ نانءُ لکرائي ڇڏيو، جيڪا اکين جي تارن جي گهرجائو ماڻهن جي هئي. هڪ مهيني کانپوءِ ڊاڪٽر چوءِ مون کي فون ڪري ٻڌايو ته هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جو خوفناڪ حادثي ۾ موت ٿيو آهي، ان پنهنجي زال کي وصيت ڪئي هئي ته سندس مرڻ کانپوءِ هن جا جيڪي عضوا وڪرو ٿي سگهن، اهي وڪڻيا وڃن ته جيئن ان رنڙ زال ۽ يتيم ٻارڙن جي لاءِ ڪجهه سهارو.......هاڻ جيڪڏهن ٿي سگهي ته مان پنج سؤ ڊالرن جو  بندوبست ڪريان، اسپتال ۽ آپريشن جا خرچ ان کان علاوه آهن، جيڪي اٽڪل ٻه سو ڊالر ٿيندا، منهنجي زال وٽ هڪ ڊالر هئا. اهو سوچي مون آپريشن لاءِ ها ڪئي ۽ ڊاڪٽر جي هدايت مطابق ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ داخل ٿيس يعني مان خوش قسمت هئس ته ايڪٽيهن ڏينهن جي اندر اندر اک جو تارو ميسر ٿي ويو هو ۽ مان پنهنجي زال جي نهايت ئي ٿورائتو هئس ته هن آپريشن جو رستو ڪڍيو هو.

آپريشن کان پوءِ جڏهن مون کي آپريشن ٿيٽر کان ٻاهر آندو پيئي ويو ته منهنجي ڌيءَ زنگ منهنجي ويجهو ٿيندي چيو .”سمورا مامرا سٺي نموني طئي ٿي ويا آهن، امان به اچڻ ٿي چاهيو، ليڪن ان ڪري نه آئي ته هوءَ ڏاڍي گهٻرايل هئي.“

”پنهنجي ماءُ کي ٻڌائي ڇڏجان ته ان کي هتي اچڻ جي ضرورت ناهي، مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان، هوءَ هرگز نه گهٻرائي، نه ڪا ڳڻتي ڪري،“ مون زنگ کي چيو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مان پنهنجي زال جو نهايت ٿورائتو هئس، ليڪن ان جي باوجود نٿي چاهيم ته هوءَ اسپتال اچي. اڃا منهنجي عمر اڻويهه سال هئي ته منهنجي والدين پنهنجي پسند ۽ مرضي جي مطابق منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي هئي، ڇو ته انهن ڏينهن تائيوان ۾ پنهنجي پسند جي شادي جي آزادي جو رواج تمام گهٽ هو، بلڪ اڪثر شاديون والدين جي پسند جي مطابق ٿينديون هيون، منهنجو والد ۽ سهرو پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا، سو به ايترا گهاٽا دوست هئا، سو به ايترا گهاٽا ته هنن هڪٻئي کي قول ڏئي ڇڏيو هو ته اهي پاڻ ۾ مِٽَ بڻبا، ان قول کي هنن بعد ۾ پاڻي به ڏنو ۽ ائين جيڪا ڇوڪري منهنجي زال بڻي ان کي مون شادي کان اڳ ڏٺو به نه هو ۽ شاديءَ کانپوءِ جڏهن ان کي سهاڳ ۾ ڏٺم ته منهنجا هوش و حواس ته ڄڻ ٻڙي ٿي ويا، ان جي چهري تي ڇانهين جا داغ هئا، بڊو نڪ هيس ۽ اکيون سڄيل سڄيل، هوءَ به اڻويهن سالن جي هئي، ليڪن ڏيک ۾ وڏي نظر ايندي هئي. مان کيس ڏسندي ئي ائين وحشت ۾ پئجي ويس ۽ ڀڄي پنهنجي ماءُ جي ڪمري ۾ هليو آيس ۽ باقي رات روئندو رهيس ۽ مان روئندو رهيس ته امان سمجهائيندي رهي ته اهائي منهنجي قسمت آهي ۽ مون کي پنهنجي قسمت جي فيصلي کي قبول ڪرڻ گهرجي، گهريتڙيون ڇوڪريون خوش بختي ساڻ آڻين ٿيون، جڏهن ته حسين و جميل ڇوڪريون ته شوخ هونديون آهن، جيڪي گهر هلائڻ جي بجاءِ ان کي برباد ڪري ڇڏينديون آهن، يعني گهر هلائڻ انهن جي وس کان ٻاهر هوندو آهي، يعني انهن جو انجام هڪ بيڪار پڇتاءُ ۽ الميي کانسواءِ ڪجهه ناهي. اهڙين ڀلين ڳالهين سان منهنجو ڏک ۽ ڪاوڙ گهٽ نه ٿيو، ان رات کانپوءِ به مان نه ته پنهنجي زال جي ڪمري ۾ ويس ۽ نه ئي ان سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪيم، يعني مون کيس ائين نظرانداز ڪري رکيو ڄڻ هوءَ ڪا هن گهر ۾ هڪ غير عورت آهي ۽ منهنجي زال ناهي. پوءِ جيئن ئي منهنجو اسڪول کليو ته مان رسو ڇنائي ڀڳس ۽ وڃي هاسٽل ۾ رهڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ موڪلن ۾ به گهر نه ويس. نيٺ منهنجي مائٽن تنگ ٿي منهنجي سؤٽ کي مون وٽ موڪليو ته اهو مون کي راضي ڪري ڪنهن نه ڪنهن طرح گهر وٺي اچي ۽ جڏهن مان گهر پهتس ته منهنجي زال رات جي ماني تيار ڪري رهي هئي، ان وڏيءَ سڪ سان مون کي ڏٺو، ليڪن مون معمول موجب کيس نظرانداز ئي ڪيو.

ماني کائڻ کانپوءِ اڪيلائيءَ ۾ منهنجي ماءُ مون کي چيو، ”پٽ تون سنگدل بڻيل آهين، تنهنجي زال جو چهرو بيشڪ حسين و جميل ناهي، ليڪن ان جي دل نهايت ئي حسين و جميل آهي.“

”ان جي دل يقينن حسين هوندي، انهيءَ ڪري ته مون سان پرڻائي وئي آهي.“ مون منهن ڀيلو ڪري چيو، مگر اهو ٻڌي امان جو چهرو لهي ويو ۽ ان نهايت ڪمزور لهجي ۾ چيو. ”هوءَ ته وڏي ڪمال جي ڇوڪري آهي ۽ سمجهدار پڻ، هر شيءِ جو خيال ڪري ٿي، هن گهر ۾ ان کي آئي ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، هوءَ ڪافي وقت رڌڻي ۾ ڪم ڪندي رهي ٿي، گهر جو سڄو ڪم سنڀالي ڇڏيو اٿائين، جڏهن ته واندڪائي جي وقت ۾ ڀرت ڀري ٿي، هڪ ڏينهن به ان ڪا شڪايت ناهي ڪئي، مون ته نه ان کي روئندي ڏٺو آهي ۽ نه ئي سندس وات مان تنهنجي خلاف ڪا ڳالهه ٻڌي آهي، منهنجو خيال آهي ته هوءَ اندرئي اندر ۾ ڪڙهندي هوندي، اڪيلائي ۾ لڪي لڪي شايد روئندي به هجي، ڇا تون چاهين ٿو ته هوءَ مڙس جي هوندي به رنڙن جهڙي زندگي گذاري، تون پنهنجو پاڻ کي ان جي جاءِ تي رکي ڪري ته سوچ.“

ماءُ جي اهڙين ڳالهين کان متاثر ٿي مون زال جي ڪمري ۾ وڃڻ ته شروع ڪيو، ليڪن منهنجا احساس نه بدليا، هوءَ سدائين مون سان وڏي نرم لهجي ۾ ڳالهه ڪندي هئي ۽ جيڪڏهن مان ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي پوندو هئس ته هوءَ ويندي هئي ۽ پوءِ عاجزاڻي انداز ۾ مشڪي پوندي هئي، جنهن باعث مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ هوءَ ڪا رانديڪو آهي، جنهن جي پنهنجي ڪا اميد ناهي، ڪي جذبا ناهن، باوجود ان جي هوءَ منهنجي لاءِ ايتري بهترين، ايتري صابر ۽ ايتري مخلص هئي ته اهڙيون ڳالهيون مون ڪنهن ٻئي عورت ۾ نه ڏٺيون هيون.

جڏهن اسان شهر ۾ نوان نوان آياسين ته فوج ۾ منهنجو منصب تمام گهٽ هيو، پگهار به ايتري نه هئي جو بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن ها، بس ان سان گهر جو ڪرايو ۽ کائڻ جا خرچ ئي مشڪل سان پورا ٿيندا هئا، پوءِ اسان هڪ ڌيءَ جا والدين به بڻجي ويا هئاسين، جيڪا اڪثر بيمار رهندي هئي، منهنجي زال ان صورتحال کي سمجهي ورتو ۽ پوءِ هن پنهنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ اُڻڻ شروع ڪيو.

جن ڏينهن منهنجي بدلي هڪ سامونڊي ڪناري واري شهر ۾ ٿي ته اُتي مڇي مارڻ وارا ڄار ٺاهڻ سکي ورتا، ڇاڪاڻ ته اتي ڄار سولائي سان وڪرو ٿي ويندا هئا، مگر ڪجهه وقت کانپوءِ منهنجي بدلي وري ملڪ جي اُترين علائقي ۾ ٿي، جيڪو ڪافي ترقي يافته هو ته  هن ٿانون تي چٽساليءَ جو هنر سکي ورتو، ڇاڪاڻ ته اُتي چٽسالين ٿانون جي وڏي گهرج هئي.

مان جيڪڏهن چاهيان ها ته رهائش جي لاءِ فوجي ڪوارٽر وٺي پئي سگهيس، ليڪن مون ان جي لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته مون نٿي چاهيون ته اسان فوجي علائقي ۾ رهون ۽ منهنجا دوست ۽ آفيسر منهنجي زال کي ڏسن، ان دوران اسان ٻن ٻارن جا والدين بڻجي ويا هئاسين، انهن ڏينهن مون کي اڪثر گهر کان ٻاهر  رهڻو پوندو هو، ليڪن مون کي گهر جي باري ۾ ٿورو به فڪر نه رهندو هو، مون کي خبر هئي ته منهنجي زال ان مامري ۾ ڏاڍي هوشيار ۽ خوداعتماد هئي، گهر ٻار هلائڻ جي لائق ۽ ڪنهن جي محتاج نه هئي.

آپريشن جي وقت منهنجي ڌي زانگ منهنجي لاءِ ٽرانزسٽر ريڊيو کڻي آئي ته جيئن منهنجي دل ريجهيل رهي، پٽيءَ کلڻ ۾ اڃا ڪافي ڏينهن هئا، انهن ڏينهن مون وٽ سوچ ويچار جي لاءِ ڳچ وقت هو ۽ بار بار مون کي زال جو خيال ايندو هو، اسان جي شادي شده زندگي جا ٽيهه سال گذري ويا، ليڪن ان وقت ۾ شايد ئي مون ان کي مشڪي ڏٺو هجي ۽ شايد ئي کيس پاڻ سان گڏ ڪٿي ٻاهر وٺي ويو هجان. پندرنهن ڏهاڙن کانپوءِ مون کي معلوم ٿيو ته هاڻ منهنجي پٽي کلڻ واري آهي، جنهن جي خوشي مون ۾ نواڻ پيدا ڪئي ۽ مون خوشي واري حالت ۾ زانگ کي چيو ته پٽي کلڻ شرط ئي سڀ کان کان پهرين ان شخص جي قبر تي ويندس، جيڪو ويندي ويندي مون کي پنهنجي اک جو تارو ڏئي ويو، ان سان گڏ ئي منهنجي ذهن ۾ ڪجهه ٻيا خيال اچي رهيا هئا، اک جي تاري جا سمورا آپريشن به ته ڪامياب ناهن ٿيندا، هاڻ مون سان ڇا ٿو ٿئي، ان ڊپ کان مان ڊنل هئس.

اهڙي طرح جڏهن منهنجي اک کان پٽي هٽائي ويئي ته ڊاڪٽر جي چوڻ ۽ همت جي باوجود ڊنل هوس ۽ اک کولي نه رهيو هوس. ”ڇا توکي روشني نظر اچي رهي آهي؟“ ڊاڪٽر پڇيو.

”جي ها.... مٿي کان روشني نظر اچي رهي آهي“ مون سُتي سُتي جواب ڏنو. ”ٺيڪ آهي اها ڇت جي روشني آهي.“ ڊاڪٽر مسرور لهجي ۾ جواب ڏنو. ان جو مطلب اهو آهي ته آپريشن ڪامياب رهيو آهي ۽ هاڻي هفتي کن کانپوءِ تون گهر وڃي سگهندين.“

ان هفتي جي دوران ڊاڪٽر روزاني منهنجي اک جو معائنو ڪندو رهيو ته جيئن هر شي صاف ۽ چٽي نظر اچڻ لڳي، جڏهن زونگ مون کي وٺڻ آئي ته هن ٻڌايو ته امان تنهنجا پسند وارا کاڌا تيار ڪري رهي آهي.

”هوءَ بيشڪ هڪ مثالي زال ۽ مثالي ماءُ آهي.“ مون پهريون دفعو ان جو اعتراف ڪيو. ٽيڪسي ۾ گهر ويندي زونگ پراسرار انداز ۾ چپ رهي، جڏهن اسان گهر ۾ داخل ٿياسين ته زال کاڌي جي پليٽ کنيون رڌڻي کان نڪري رهي هئي، هن ڪنڌ نوائي ڇڏيو ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو، ”تون اچي وئين، مبارڪ هجي، آپريشن ڪامياب رهيو.“

”مان تنهنجو ٿورائتو آهيان، مون کي روشني تنهنجي ڪري ملي آهي.“ مون اها ڳالهه زندگي ۾ پهريون دفعو چئي.

”تنهنجن انهن لفظن مون کي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي، مون کي يقين آهي ته منهنجي زندگي.... هاڻ شايد مان ڪنهن شي جي آرزو نه ڪريان.“ هوءَ شدت سان روئي رهي هئي.

ايتري ۾ زونگ به روئيندي اندر آئي ۽ پنهنجي ماءُ کي چيو:

”امان تون بابا کي اصل ڳالهه ڇو نٿي ٻڌائي ڇڏين يعني کيس ٻڌاءُ ته سندس اک جي لاءِ توئي پنهنجو تارو ڏنو هو.“

”اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جا ٻڌايان، مون اهوئي ڪجهه ڪيو ،جيڪو مون کي ڪرڻ کپندو هو.“ زونگ جي ماءُ چيو:

ان گهڙي هڪ طوفان مون کي پاڻ سان کڻي ويو، مون ان کي ڪلهن کان ورتو ۽ ان جو چهرو پاڻ ڏانهن ڪيم ته آسمان کان زمين تي نه ڪريس بلڪ زمين کان آسمان تي وڃي ڪريس.“

”او! او! منهنجا سونهري گل تو اهو ڇا ڪيو، ڇا ڪيو تو؟“

مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ان کي سندس نانءُ سان پڪاريو، ان جي نانءُ جي معنيٰ ”سونهري گل هو.“ ”مون اهوئي ڪجهه ڪيو، جيڪو مون کي ڪرڻ کپندو هو.“ سونهري گل چيو.

”ليڪن ڇو؟“ مون تڙپي چيو، ”نه ته تون روشن ڪيئن ٿي ها؟“ سونهري گل ڀنل آواز ۾ چيو، ”تڏهن ئي مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ منهنجي زال ڪا عورت نه بلڪ وفا ۽ ايثار جي هڪ اهڙي ديوي آهي، جيڪا غلطي سان زمين تي اچي ويئي آهي.

شبانا سنڌي

پوڙهي

”اڄ وري پوڙهي هنن سان وڙهي هئي ننڍڙي ڳالهه تان مڇرجي وئي هئي. ڳالهه هيءَ هئي جو ننڍڙو پپو راند ڪندي ڪندي ٻاهر نڪري ويو هو، گهر وارن کي جڏهن پپوءَ جي يادگيري آئي ته پپو گهر مان غائب هو. سڄو گهر پريشان ٿي ويو. ٻارن کي ٻاهر ڊوڙايائون. ڪجهه دير کان پوءِ خبر پين ته پپو پنهنجي پڦيءَ جي گهر ويٺو آهي.

پڦيس جو گهر سندن گهر جي بلڪل ويجهڙو هو، ٿوري دير کان پوءِ سندن پڦي ڏيڍ سال جي پپوءَ کي هنج ۾ کڻي هنن جي گهر پهچي وئي ۽ پوءِ پنهنجي عادت موجب لڳي ڀاڄائيءَ ۽ ڀائيٽن کي ڳالهائڻ ته توهان کي ٻارن جو ذرو به خيال ڪونهي. توهان پنهنجيءَ ۾ پوريون آهيو، ٻارن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه اٿو. پوءِ ته پوڙهيءَ کي به وجهه ملي ويو ۽ اها به ڌيءُ سان گڏ شروع ٿي وئي. ٻڌي ٻڌي هن جي ماءُ کان به رهيو نه ٿيو ۽ هڪ ٻه لفظ واتان نڪري ويس. بس هن جي ڪڇڻ جي دير هئي ڄڻ، پوءِ ته پوڙهي واڪا ڪري وڙهڻ لڳي. نتيجي ۾ وڏو جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي ۾ هميشه هار هنن کي ئي مڃڻي پوندي هئي ۽ هي سڀ ماٺ‏ ڪري ويهي سندس ڳالهيون ٻڌنديون هيون. پوڙهي وري هنن کي ماٺ ڏسي خوش ٿيندي هئي ته مان کٽي وئي آهيان.

ڪجهه دير ٻئي ڌريون هڪٻئي کان منهن موڙي ويهي رهنديون هيون ۽ پوءِ وري ساڳي ماني ساڳ سان. پوڙهي پنهنجي ننڍڙي پوٽيءَ کي سڏ ڪندي هئي. روپيو هٿ ۾ ڏئي چوندي هيس: ڇوڪر، اٺ آنا تنهنجي خرچي ۽ اٺ آني جي مون لاءِ ناس وٺي اچ.

وري نهن کي سڏي چوندي هئي: مائي اڄ ڇا چاڙهيو اٿئي، جلدي ڪر مون کي ته ماني آڻي ڏي. بک کان آنڊا ٿا ڪپجنم. وڏي پوٽي کي گهرائي چوندي هئي: ابا، ڪالهه کان وٺي پيو مٿو سور کان ڦاٽي، حڪيم کان ڪا دوا ته آڻي ڏينم. ائين وري سڀ هن سان ڳالهائڻ لڳندا هئا ۽ لڳندوئي نه هو ته ڪو هوءَ ساڻن وڙهي آهي.

اڄ ڪافي دير ٿي ويئي هئي، نه پوڙهي ننڍي پوٽيءَ کي سڏي ناس وٺي اچڻ لاءِ چيو نه ئي وري نُهن کان پڇا ڪيائين ته، اڄ ڇا چاڙهيون اٿئي؟ سڀ ان انتظار ۾ ويٺيون هيون ته ڪيڏي مهل ٿي هوءَ سڏي ۽ هي سڀ هڪ ڀيرو وري روز وانگيان سڀ ڪجهه وساري پنهنجن ڪمن ۾ لڳي وڃن.

جڏهن کوڙ ٽائيم گذري ويو ته ننڍي پوٽيءَ چيو: مان وڃي ڏسي ٿي اچان ، ڏاڏيءَ مون کي ڇو نه سڏيو آهي، هوءَ اٿي ته وڏيءَ ڀيڻ جهليس، نه وڃجانءِ ڇوري، متان ڏاڏي اڃان به ڪاوڙ ۾ هجي ۽ ڪو ٿانءُ هڻي مٿو نه ڦاڙي وجهئي. وڏي ڀيڻ جي ائين چوڻ تي هوءَ ماٺڙي ڪري ويهي رهي.

نهن ماني ٻوڙ تيار ڪري ورتو ته سس جي ماني کڻي سندس ڪوٺيءَ اندر وڃڻ جو سوچيائين، پر پوءِ ياد آيس ته اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ جي ته ڳالهه هئي، ان ڏينهن به پوڙهي ڪنهن کي سڏ نه ڪيو هو ۽ جڏهن چڱي دير گذري ته هوءَ پاڻ ماني کڻي اندر وئي هئي، هن جيئن ئي سندس آڏو ماني رکي هئي پوڙهي زور سان اها ماني هيٺ پٽ تي اڇلائي ۽ وري لڳي هئي واڪا ۽ دانهون ڪرڻ.

اهو سڀ ياد ايندي ئي هن ماني رکي ڇڏي ۽ سڏ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. سڀني جي ماني رکي هئي ڪنهن جي به دل نه چاهيو ته ڏاڏيءَ کان اڳواٽ پاڻ ماني کائي ڇڏين. ڪجهه دير ته هو سڀ ائين ئي ماٺ ويٺيون رهيون ۽ پوءِ پوڙهيءَ کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ خاطر هنن پاڻ ۾ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جيئن سندن آواز ٻڌي پوءِ ئي هوءَ هنن مان ڪنهن کي سڏ ڪري. پر الاهي دير ٿي ويئي، پوڙهيءَ پوءِ به سڏ ڪو نه ڪيو ته هي سڀ پريشان ٿي ويون، ائين ڪندي پوڙهيءَ جو پٽ اچي ويو ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ائين خاموش ۽ پريشان ويٺل ڏسي هو به پريشان ٿي ويو. پڇڻ تي سموري صورتحال کان واقف ٿيو ته سڌو ماءُ جي ڪوٺيءَ اندر ويو. پيءُ جي پويان ئي ماءُ سان گڏجي سڀ ڇوڪريون به اندر گهڙي آيون. ڇا ڏسن ته پوڙهي کٽ تي سنئين ٿي ستي پئي آهي.

کليل اکيون ڇت ۾ هيس ته هڪڙو هٿ کٽ کان هيٺ پئي لڙڪيس، ننڍي پوٽي کٽ هيٺان جهڪي ڪجهه ڳولڻ لڳي ۽ پوءِ رپيو هٿ ڪري هوءَ ڊوڙي ٻاهر نڪري وئي ڏاڏيءَ لاءِ ناس وٺڻ. پوڙهيءَ جون کليل اکيون ڏسي نهن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ کانئس پڇي رهي هئي ته مائي، اڄ ڇا چاڙهيو اٿئي، بک کان آنڊا ٿا ڪپجن جلدي ماني آڻي ڏينم.
 

روشن تبسم ميمڻ

 

مچ مچائي موٽي ويا

 

مان دوست جي شادي ۾ ڊنر ڪري رهيو هوس. ’اسلام عليڪم‘ جي آواز تي ڪنڌ مٿي کنيم، هڪ ڪومل پياري ڇوڪري وڏين اکين سان مون ڏي ڏسي مسڪرائي رهي هئي. چهرو ڏٺل هو ليڪن سڃاڻي نه سگهيس، چيومانس معاف ڪندا، مان توهان کي سڃاڻي نه سگهيو آهيان! ڇوڪري جي چهري تي ڏک جي ريکا اڀري آئي، درد جي پيڙا کي لڪائيندين، جواب ڏنائين ڪيترا نه بي حس انسان آهيو، جنم جنم کان تنهنجي مورتي کي هن مندر ۾ جوڙي انجي پوڄا ڪندي ديوتا جو روپ ڏئي امر ڪري ڇڏيو اٿم، ۽ توهان سڃاڻو ڪون ٿا! مان بينا آهيان، بينا، منهنجي وات مان رڙ نڪري وئي، مان سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس.

مان ۽ بينا ننڍپڻ جا ساٿي هئاسين اسان جا گهر بلڪل هڪ ٻئي جي ويجها هئا، اسان جو رسڻ پرچڻ، گڏ هوندو هو نه منهنجو ڪو دوست هو نه بينا جي ڪا سهيلي هئي. ٻين ٻارڙن کان اسان جي دنيا الڳ هئي، قدرت جي رضا سان بينا جو پيءُ گذاري ويو، بينا کي سندس ماءُ، ڀاءُ وٽ ڪوئيٽا وٺي وئي. دنيا جي گردش جاري رهي، اسين به پيار ڪندڙ معصوم فرشتا جدا ٿي وياسين مون کي بينا جي وڃڻ جي ڪري ڪيترا ڏينهن بخار بيٺو هو، پر ٻاراڻي خيال ۾ آهستي آهستي بينا جو نقش ذهن تان مٽجي ويو.

ڇا پيا سوچيو بينا جي آواز مون کي ماضيءَ مان موٽائي حال ۾ آندو. بينا کان حال احوال معلوم ڪندي خبر پئي ته شادي نه ڪئي هئائين، ٽيچنگ ڪندي آهي، هينئر ٽرانسفر ڪراچي ۾ ٿيو اٿس. بينا ماءُ سان ڪراچي ۾ رهڻ لڳي. شادي نه ڪرڻ جو سبب پڇيم ته جواب ڏنائين ته مان پاڻ کي تنهنجي نالي ارپي ڇڏيو آهي ٻئي جو خيال گناهه تصور ڪندي آهيان. گهر پهچڻ سان عجيب ڪيفيت هئي. اڌ ڪلاڪ جي ملاقات مون کي روڳي بنائي ڇڏيو، ننڊ هزارين ميل پري رُسي هلي وئي جاڳندو رهيس. لڇندي لڇندي قرار نه آيو اُٿي ڊائري لکيم. ڊائري ۾ اقرار ڪيم واقعي مان بي حس انسان آهيان جسُ هجي هن پاڪ پوتر پيار جي ديوي کي جنهن پوري عمر منهنجي پوڄا ڪندي گذاري آهي. ڪمال جي پنهنجائپ هئي، هڪ پل ۾ پنهنجو بنائي ڇڏيائين. ڪيتري نه پياري نموني پاڻ مڃائي محبت جي مٺي درد دل ۾ ڀري سورن سان سڃاڻپ ڪرائي وئي. ملاقاتون ٿينديون رهيون اسان جو پيار پاڪ هو، بينا کي ڪيترو ئي سمجهايم شادي ڪري ڇڏ پر هميشه چوندي هئي روح تنهنجو آهي جسم ٻئي جو ٿي نٿو سگهي. آخرڪار ڪنهن ڳالهه تي نه آئي ته چيومانس مون سان ئي شادي ڪر، ته جواب ڏنائين جنهن سان پيار اٿم تنهن جي لاٰءِ ڏکن جو سبب هرگز نه ٿيندس.

مان عورت آهيان ٿي سگهي ٿو شادي کان پوءِ اندر جي ڏائڻ عورت، ماٽي جي ماءُ وارو روپ وٺي. مان تنهنجي ٻچن سان انصاف نه ڪريان ۽ توکي صدمو پهچي، پوءِ تون مون سان نفرت ڪرڻ شروع ڪرين.

مان قرباني ڏئي تنهنجي نالي زندگي گذاريندس، مون کي خوشي ٿي آهي، توسان ملي. هاڻي ڪجهه به نه گهرجي. پيار جسمن ملڻ جو نالو ڪونهي روح جو ميلو گهرجي، بينا لاجواب ڪري ڇڏيو، عشق مشق لڪائڻ سان نٿا لڪن. پيار جي خبر منهنجي زال تائين پهتي روز جهيڙا ٿيڻ لڳا. بينا کي خبر پئجي وئي بينا شهر ڇڏي ٻئي پاسي هلي وئي. سندس آخري خط مون کي مليو.

منهنجا ديوتا، مان گنهگار آهيان سماج جي هٿرادو جوڙيل قانون جي. مون پيار ڪرڻ جو گناهه ڪيو آهي. سچ هميشه سوري تي لٽڪندو آهي، مان معاشري جي قدرن جي ڏوهاري آهيان مان عقل جا اصول ٽوڙي عشق ڪيو هو، مان نٿي چاهيان منهنجي گناهن جي سزا توکي ملي. خدا ڪري پنهنجي ٻچن سان خوش هجين. اسان جو ڪير آهي اسين توکان موڪلايون ٿا، صرف التجا آهي ته مون کي درد سمجهي دل ۾ جڳهه ڏئي، پيار جو ڏيئو روشن رکجو.

صرف تنهنجي داسي بينا.

مان بينا کي ڪيتروئي ڳولهيو پر خبر ناهي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. بينا پنهنجي چاهت جي چڻنگ منهنجي من ۾ دکائي مچ مچائي هلي وئي، هاڻي اڻ کٽندڙ آگ اندر کي ساڙي رهي آهي، جيئن باهه وسائڻ ٿو چاهيان ويتر مچ ٿو  ٻري!

اميد تي زندهه آهيان ڪنهن جو قول آهي پاڪ روحن جو ميلاپ قيامت ۾ ٿيندو مون کي قيامت جو انتظار آهي.

مسز مولچند ڪيري

ڇا توهان کي خبر آهي؟

رس وارين ڀاڄين جو رنگ بهتر بنائڻ لاءِ توهان وڌيڪ ڳاڙهين مرچن جو استعمال نه ڪري، ٻه ٽي سڄيون مرچون وٺي انهن جا ٻج ڪڍي ڇڏيو. هڪ پليٽ ۾ ٿورو سرڪو وجهي اهي بنا ٻج مرچ ان ۾ وجهو. ڪجهه دير بعد انهن کي مهٽي رس واري ڀاڄي ۾ وجهو. ڀاڄي رڌڻ وقت شروع ۾ کٽاڻ نه وجهڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان اها دير سان ڳرندي. اڌ رڌڻ تي کٽاڻ وجهو.

ٿڌا اٻاريل پٽاٽا ترڻ کان اڳ، انهن کي ٿورو لوڻ ۽ ڪاريون مرچون لڳايو. انهيءَ طريقي سان جلد لالائي ڏي مائل ٿين ٿا ۽ سواد به بهتر ٿي وڃي ٿو.

پٽاٽن کي جيڪڏهن ڊگهائي واري حصي کان ڪاٽيا وڃن ته اهي جلدي ڳري وڃن ٿا.

بيدي جي سفيدي دور ڪرڻ لاءِ ان کي پليٽ ۾ ڀڃو، پوءِ پيلي ٽڪيءَ کي بيدي جي خول ۾ رکي ڇڏيو. انهيءَ سان سفيدي چئني طرفن ۾ ڦهلجي ويندي.

آمليٽ ٺاهڻ کان پهريائين فراءِ پان کي سڪي لوڻ سان ملي صاف ڪري ڇڏيو، پوءِ آمليٽ ٺاهيو. انهيءَ نموني اهو وڌيڪ سٺو ٿئي ٿو.

جيڪڏهن بيدو وڌيڪ ٻاڦجي ويو هجي ته ان کي نرم ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت پاڻيءَ ۾ رکو

بيدي کي مڪس ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن ٿانو کي پاڻي ۾ پسايو وڃي ته هي ڀڄندو ڪونه. اهڙي بيدي کي پني ۾ ويڙهي به ٻاڦي سگهجي ٿو.

ٻاڦڻ وقت جيڪڏهن بيدو ڀڄي پوي ته انهيءَ وقت پاڻي ۾ ٿورو لوڻ وجهو. سفيدي ٻاهر ڪونه نڪرندي.

پکڙيل بيدي کي پورو مڪس ڪرڻ لاءِ ان ۾ ٿورو بيڪنگ پائوڊر وجهو.

تازي بيدي تي گليسرين جو ليپ ڪرڻ سان هي ڪافي ڏينهن تائين ٺيڪ حالت ۾ رهي ٿو.

بيدي کي صرف استعمال ڪرڻ وقت ڌئو. ڌوئي رکڻ سان هن جي جلدي خراب ٿي وڃڻ جو شڪ رهي ٿو.

سخت ڪچي گوشت کي نرم ڪرڻ لاءِ هن کي پهريائين ليمون جو رس لڳائي بعد ۾ ڪيلي جي پن ۾ ويڙهي رکو.

گوشت رڌڻ وقت جيڪڏهن ٿوري ادرڪ پيهي وڌي وڃي ته گوشت جلدي نرم ٿي ويندو ۽  تکائي به دور ٿي ويندي.

سڪل لوڻيل مڇي رڌڻ کان اڳ، ان کي پاڻيءَ ۾ چند ڪلاڪن لاءِ رکو، بعد ۾ چڱي طرح ڌوئي رڌيو.

ٿانو مان مڇيءَ جي بدبوءِ دور ڪرڻ لاءِ چانهه جي استعمال ڪيل پتي ڪجهه وقت وجهي رکي ڇڏيو. پوءِ صاف پاڻي سان ڌئو. بدبوءِ دور ٿي ويندي.

ڪيڪ ٺاهڻ وقت جيڪڏهن هڪ بيدي جي ڪمي محسوس ٿئي ته ان ۾ هڪ چمچو سرڪو وجهو. ڪيڪ  برابر آڀامي ايندو.

جيڪڏهن ڪٽيل ميوي جي سلائيسن ۾ ٿورو اٽو گڏي ڪيڪ ۾ وڌا وڃن، ته سلائيس هيٺ تر ۾ ڪونه وهندا.

ڪيڪ يا پڊنگ ۾ ميوو ڪٽي وجهڻ وقت ڪپ کي پاڻيءَ سان آلو ڪري ڪاٽيو.

ڊاڪٽر سليمان شيخ

ڇا، غربت اسان جو مقدر آهي؟

 

غربت، آدجڳاد کان انسان جو مسئلو رهي آهي. هر دور ۾ غريب امير موجوده رهيا آهن، پر هر ماڳ تي ان جي شبيهه ۽ تصور مختلف رهيو آهي. موجود زماني ۾ غريب ۽ امير جي وڇوٽي ويڪري ٿي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ غربت جي تصوير مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ روپ ۾ موجود آهي. هڪ اندازي مطابق، پاڪستان ۾ اٽڪل ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو غربت ۾ گذارين ٿا.

غربت ڇا کي ٿو چئجي؟

سماجي سائنسدانن غربت کي مختلف لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. مثال طور:

(1)غريب اهو آهي، جنهن کي مڪمل خوراڪ نصيب ڪانهي ۽ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2320 ڪئلريون کاڌو ميسر ڪونهي.

(2) غريب اهو آهي، جنهن جي ماهوار ڪمائي هڪ سو ڊالرن کان گهٽ آهي.

غربت کي پرکڻ جا پئمانا

رهائش، صاف پاڻي، گهر ۾ گندي پاڻيءَ جو صحيح نيڪال ، صحت جون سهولتون، تعليم، روزگار جا موقعا، بنيادي حق، هڪجهڙا سياسي حق، جيڪڏهن مٿين پيمانن کي جاچجي ٿو ۽ غربت جي بنيادي تعريف کي پرکبو ته پوءِ اسين خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي حيثيت ڏيئي سگهون ٿا، جتي جا انگ اکر ڪجهه هن ريت آهن:

تعليم (پڙهڻ- لکڻ تائين)394

صحت جون سهولتون 72000 ماڻهن لاِءِ هڪ صحت مرڪز

صاف پاڻي 62 سيڪڙو

گندگيءَ جو نيڪال 42 سيڪڙو

ان کانسواءِ بنيادي ترقيءَ جا ماپا ڪجهه هن ريت آهن:

(1) ابهمن جي موت (Infani mortality) جو تناسب: 142 هڪ هزار ۾

(2) مائرن جي موت جي شرح: 80 هڪ هزار ۾.

(3) عام ماڻهوءَ جي طبعي زندگي: 55 سال

حالتن جو وڌيڪ ڇيد ڪبو ته خبر پوندي ته هن ايڪيهين صديءَ ۾ به سنڌ جا ٻار (4 کان 7 سال) سٺ کان ستر سيڪڙو اسڪولن تائين ڪونه ٿا پهچن.

انهن سڀني انگن اکرن جو اپٽار ان ڪري ضروري آهي ته جيئن اسين غربت جي مامري کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهون ۽ اسين جنهن ڌنڌ ۾ گهيريل آهيون، ان جي گهرائيءَ جو اسان کي احساس ٿئي. مجموعي طور، اسين غربت جي هڪ ڀيانڪ صورتحال ۾ ڦاٿل آهيون.

اسين غريب ڇو آهيون؟

1- پيداواري وسيلن جي کوٽ:

(الف) سنڌ هڪ زرعي سماج آهي. جنهن ۾ هن وقت به ستر سيڪڙو ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل آهن. پر صورتحال ڪجهه هن ريت آهي ته پوک لائق زمين گهٽبي وڃي ۽ ماڻهو وڌندا وڃن. ان کانسواءِ، زمين جي سٺي سنڀال نه ڪرڻ سبب، ان جي ڪک سنڍ ٿيندي وڃي. سم ۽ ڪلر جو وڌندڙ مرض، ڪيميائي ڀاڻ جو بي ترتيب استعمال، پاڻيءَ جي اڻهوند، موسمن جي غير يقيني صورتحال ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون جيئن پوءِ تيئن پيداوار گهٽجڻ جو سبب بنيون آهن.

(ب) ترقي ڪندڙ ملڪن ۾، ڪارخانن وسيلي، زرعي پيداوار کي صنعتي پيداوار ۾ تبديل ڪرڻ سان روزگار ۾ واڌارو آيو آهي. زرعي اپت جو سٺو ملهه ميسر ٿيو آهي ۽ عام ماڻهوءَ جي حياتيءَ تي خوشگوار اثر پيو آهي. اسان سنڌ م اهڙي قسم جي تبديلي اڃا ڪانه ڏٺي آهي.

2- قدرتي وسيلن جو ڀرپور استعمال ڪرڻ ۾ ناڪامي پڻ اسان جي غربت جو هڪ وڏو سبب آهي.

(الف) پاڻي اسان جو هڪ سڀ کان سستو وسيلو آهي، جنهن جو زيان اسين اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪندا رهيا آهيون. بيراجن جي تعمير کان پوءِ ضروري هو ته زمين ۾ جذب ٿيندڙ واڌو پاڻيءَ کي روڪيو وڃي. ان لاءِ درياهه مان نڪرندڙ واهن کي پڪو ڪرڻو هو، جيڪو ڪم اسين ستر سالن ۾ ڪري نه سگهياسين، نتيجي ۾ اسان جون سون اپائيندڙ زمينون سنڍ ٿينديون پيون وڃن.

عام زندگيءَ ۾ به اسين پاڻيءَ کي بيدرديءَ سان استعمال ڪريون ٿا.

(ب) هوا هڪ ٻيو قدرت جو تحفو آهي، جنهن کي اسان گاڏين ۽ مشينن جي دونهين سان گدلو ڪري ڇڏيو آهي.

(ج) ڌرتيءَ ۾ دٻيل معدني سوکڙين کي اسان دفن رکيو آهي، ان طرف اسان جي ملڪ هلائيندڙن جو ڌيان نه ويو آهي.

(د) انسان هڪ وڏو پيداواري وسيلو آهي. ان کي اسان پوريءَ ريت پيداوار جي ڦيٿي ۾ سلهاڙيو ڪونهي.

انسان کي محڪوم رکڻ لاءِ اسان پيداواري هلچل کان پري رکيو آهي. ان محڪوميءَ جا ڪئين نمونا اسان جي سماج کي وڪوڙي ويا آهن. مثال طور:

• رسمن رواجن، ڀرمن جي غلامي، جنهن ماڻهوءَ کي قرض کڻي به رسمون پوريون ڪرڻ ۽ رواج جو مان رکڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.

• تونگرن، زوراورن، حاڪمن جون ناز برداريون، جن عام ماڻهوءَ کي محڪوميءَ جي ڄار ۾ ڦاسايو آهي. ان ڪري غريب وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي.

• تعليم جون اڻپوريون سهوليتون ۽ تعليم جي نظام ۾ رڪاوٽون. هن سبب ڪري غريب کان ترقيءَ جي چاڙهي کسي ويئي آهي.

• صحت- سنڀال جو غير موثر نظام، جنهن انسان کي بيمارين ۾ وڪوڙي روڳي ۽ غير پيداواري عنصر بنائي ڇڏيو آهي.

• روزگار جا ذريعا موجود نه هئڻ سبب، غريب جو ٻار بهتر مستقبل کان وانجهو ٿي ويو آهي.

بدامنيءَ ۽ غير سلامتيءَ وارا لاڙا ماڻهوءَ جو ويساهه کسي ويا آهن، ان ڪري به عام انسان جي پيداواري سگهه گهٽي آهي.

سبب جي ڇيد مان اها ڳالهه پڌري آهي ته غربت اسان جو مقدر ڪونهي، پر اهو نظام هٿرادو جوڙيو ويو آهي ته جيئن انسان اشرف المخلوقات واري حيثيت ماڻي نه سگهي.

هيءَ صورتحال مصنوعيءَ ۽ غير فطري آهي.

نيٺ ڇا ڪجي؟

غربت هڪ هٿرادو، غير فطري ۽ غير انساني عنصر آهي. ان مان نڪرڻ لاءِ ڪنهن معجزي جو انتظار نٿو ڪري سگهجي، نه وري حاڪمن جي چانئٺ تي مٿو رڳڙڻ سان ڪو حل نصيب ٿي سگهي ٿو. ان ئي صورتحال کي سامهون رکندي، لطيف سائينءَ چيو هو ته:

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

”ڏونگر“ ۽ ”ڪيچي“ هٿرادو ۽ غير فطري رڪاوٽون آهن، انهن کي پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سان ئي فتح ڪري سگهجي ٿو. ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي؟

1- بچت جي عادت: دنيا ۾ غريب ملڪن، خاص ڪري بنگلاديش ۾، غريبن کي بچت جو ڏانءُ سيکاريو ويو ۽ ان بچت کي انفرادي حلقي مان ڪڍي اجتماعي حلقي ۾ آندو ويو ته هڪ انوکو معجزو ٿي پيو. اها اجتماعي بچت هڪ ”ڳوٺاڻي بئنڪ“ بنجي وئي، جنهن ننڍا قرض ڏيڻ سان عام ماڻهن کي ننڍا روزگار مهيا ڪيا، اسين به ان تجربي مان فائدو وٺي سگهون ٿا.

2- وسيلن جو استعمال: قدرتي وسيلن جو صحيح استعمال ڪرڻ کانسواءِ، گند ۽ ڪچري مان به سون ڪمائي سگهجي ٿو. ردي ڪاغذ، پلاسٽڪ جون شيون، ٽين جا ڌٻا ۽ شيشي جون بوتلون ته هر ڪنهن هنڌ وڪامجندي ڏٺيون هونديون، اسين غريب ماڻهو به انهن کي گڏ ڪري وڪڻي سگهون ٿا، ان کانسواءِ رڌڻي جو گند گڏ ڪري، کڏ کوٽي، پوري ڇڏڻ سان ٽن هفتن ۾ اهو قيمتي ڀاڻ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪو به ٻهراڙين ۾ خاص طور ڪمائيءَ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو.

3- زرعي ملڪ هئڻ جي ڪري اسان وٽ زراعت سان لاڳاپيل هنر روزگار جو ذريعو ٿي سگهن ٿا. جيئن تڏ، ٽوڪريون، رسا وغيره ٺاهڻ، جيڪي واندي وقت ۾ ٺاهي سگهجن ٿا.

4- مال پالڻ، ڪڪڙيون پالڻ، ماکيءَ جون مکيون پالڻ، مڇي پالڻ، اهي سڀ اهڙا ڪم آهن، جيڪي زرعي سماج ۾ آسانيءَ سان ڪري سگهجن ٿا.

5- اجاين رسمن، طهرن، شادين غمين تي پيسا ضايع ڪرڻ بدران، انهن رسمن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪجي.

هي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم صرف تڏهن ٿي سگهندا، جڏهن غريب منظم ٿيندا ۽ پنهنجين جماعتن وسيلي گڏجي مسئلن کي منهن ڏيڻ سکندا.

غريب دنيا ۾ ٿيل هزارين تجربا اسان کي نوان دڳ ٻڌائين ٿا. اسين به غربت مان نڪري سگهون ٿا، پر اسان کي پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو، محنت ڪرڻي پوندي، ۽ سچائيءَ اختيار ڪرڻي پوندي.

منزل ايتري به پري ڪانهي، جيتري نظر اچي ٿي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سنڌ ۾ ٺهندڙ ڪپڙو

کيس: کيس ملتان طرف به ٺهندا آهن، پر سنڌي کيس جي رونق ئي نرالي آهي. سنڌي کيسن تي اهڙيون ته نفيس ڊزائينون هونديون آهن، جو ڏسي دل بهار ٿيو وڃي. سوٽي کيسن سان گڏ ريشمي کيس به ٿيندا آهن. کيس ٻن پيرن کان وڌيڪ پيرن جي سٽاءَ سان اُڄندو آهي. جيتري نفيس ۽ ڳوڙهي ڊزائين هوندي اوترا گهڻا پير هوندا. چئن پيرن کان 32 پيرن تائين کيس ٺهندا آهن. اوچا کيس ٻن پيرن ۾ اُڄندا آهن. پوءِ گهر ۾ عورتون ٻن پڙن کي ملائڻ لاءِ وچ ۾ پٽ يا سٽ جي کير يا ڪنڊٿو هڻنديون آهن. گمبٽ، ٺٽي ۽ نصرپور جا کيس مشهور آهن.

لونگي: سنڌ کان ٻاهر به لونگيون ٺهنديون آهن، پر سنڌ جون لونگيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. لونگيون گهڻو ڪري ريشم مان ٺهنديون آهن، ۽ ڪن ۾ زريءَ جا ڌاڳا به وڌا ويندا آهن. سنڌي لونگي بنا ڪلي جي پٽڪي وانگر ٻڌي ويندي آهي. اڳي سنڌي لونگيءَ جو رواج گهڻو هوندو هو، ۽ لونگي عزت ۽ مان مرتبي جي نشاني سمجهي ويندي هئي. گهوٽ کي مڱڻي تي يا شادي ۾ ڪلهن تي وڌي ويندي هئي، يا موڙن مهل ٻڌائي ويندي هئي. امير ماڻهو يا حڪمران طبقي جا ماڻهو انعام طور به ڪنهن ماڻهوءَ کي لونگي ڏيندا هئا ۽ چوڻ ۾ ايندو هو ته ” فلاڻي کي لونگي پهرائي وئي.“ فوتيءَ تي به لونگي وڌي ويندي هئي. هينئر لونگيءَ جو رواج تمام گهٽجي ويو آهي.

ماضي قريب ۾ پٽڪي جو هڪ قسم ”پيچون“ به ٺهندو هو، جيڪو سپاهي ٻڌندا هئا. اهي پيچون هر هنڌ ٺهندا هئا، پر هينئر انهن جو رواج ڪونهي.

اجرڪ: اجرڪ، سنڌ جي هڪ خاص نشاني آهي. هي هڪ قسم جي ويڙهڻ جو ڪپڙو آهي. جنهن تي ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جا نقش و نگار هوندا آهن. هن قسم جي ڪپڙي استعمال ڪرڻ جو رواج به قديم زماني کان لاڳيتو هلبو اچي. موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو ان زماني ۾ به اجرڪ اوڍيندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته ڪن مجسمن کي اهڙي چادر ويڙهيل آهي. جنهن جي ڊزائين اجرڪ جهڙي معلوم ٿئي ٿي. ڪي اجرڪ هڪ پڙا ته ڪي ٻه پڙا ٿيندا آهن. عورتون ٻن پڙن کي ملائڻ لاءِ وچ تي کير هڻنديون آهن.

اتر سنڌ ۾ عدد واحد لاءِ چون: اجرڪُ، ۽ جمع لاءِ چون: اجرڪَ، لاڙ ۾ واحد لاءِ اجرڪَ، ۽ جمع لاءِ چون: اجرڪون يعني اتر ۾ اجرڪ جنس مذڪر آهي ۽ لاڙ ۾ مؤنث.

قديم زماني ۾ اڇي جوڙي کي رنگي ۽ ڇري تيار ڪيو ويندو هو. هينئر مل جي ڪپڙي بافتي يا هرک مان اجرڪ تيار ڪيو وڃي ٿو. اجرڪ جي ڇرائي ۽ رنگائي سان ڪورين جو واسطو ڪونهي. قديم زماني ۾ اهو ڪم کٽي ڪندا هئا.

کهنبو: عورتن جي مٿي ڍڪڻ جو خاص ڪپڙو ٿيندو آهي، جنهن تي مخصوص نقش و نگار ٿيندا آهن. خاص طرح سان شاديءَ رات ڪنوار کي پارايو ويندو هو. هينئر هن قسم جي ڊزائين جا روا فيشن طور پاتا وڃن ٿا.

هن قسم جي ڪپڙي جي تيار ٿيڻ ۽ پائڻ جو رواج به تمام قديم زماني کان سنڌ ۾ هليو اچي. موهن جي دڙي جي ڪن مورتين ۽ مهرن تي اُڪريل عورتن جي تصوير جي مٿي تي اهڙي نموني جو ڪپڙو نظر اچي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته سوٽي ڪپڙي کي ڪلف ڏيئي ڪنهن ڪالب ۾ وجهي، اهو مٿي جو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. هينئر کهنبو ململ مان ڇري، رنڱي ۽ ڪلف ڏيئي ٺاهيو وڃي ٿو.

سوسي: سنڌ جو خاص ڪپڙو ”سوسي“ آهي. اڳي نه فقط عورتون، پر مرد به سوسين جون سٿڻون وڏي شوق سان پائيندا هئا. ڀانئجي ٿو ته هن ڪپڙي جي نسبت بابلي تهذيب جي شهر ”سوسا“ سان آهي. معلوم ٿئي ٿو ته ”سوسا“ طرف هي ڪپڙو تمام گهڻي انداز ۾ ويندو هو. انهيءَ ڪري مٿس نالو ئي”سوسي“ پئجي ويو. انگريزن جي دور تائين هي ڪپڙو ايران، عراق، مسقط، يمن وغيره تائين ويندو هو. هن کي سنڌ ۾ ”ڪورڪي“ به چيو ويندو آهي. هن ڪپڙي جي سڃاڻپ اها آهي، ته هي ڪپڙو اڇو يا هڪ رنگو نه ٿيندو آهي، پر ڪا نه ڪا مختلف ليڪن يا پٽن واري ڊزائين ٿيندي آهي، اها ڊزائين ڪپڙي اڻڻ وقت مختلف رنگن جي تانين ذريعي رکي ويندي آهي. پيٽو فقط هڪ رنگ جو ڳاڙهو، ڪرمچي يا ڪارو ٿيندو آهي. انهن رنگن کانسواءِ ٻي ڪنهن به رنگ جو پيٽو نه ٿيندو آهي.

قديم زماني ۾ نفيس ۽ عمدي قسم جي سوسيءَ جي تانيءَ کي آڏاڻي تي اُڻڻ کان اڳ  ۾ ان کي”پائمي“ جي ذريعي ملائم ڪيو ويندو آهي. ڇا ڪندا هئا، جو تانيءَ کي ”پائڻ“ (پٽڙي لئي) ۾ پسائي ڪانن ۽ ڪاٺين جي گهوڙين تي ڊگهو ڪري، ٻه ٽي ماڻهو مٿان بيهي، ان کي خاص قسم جي وڏن برشن سان نرم ۽ ملائم ڪندا هئا. ان کي ”پائمو“ چيو ويندو هو. انهن برشن کي ”سواري“ چيو ويندو هو. انهن جي مٿان مٺيو لڳل هوندو هو. جنهن ۾ هٿ وجهي، سواري تانيءَ تي گهمائي ويندي هئي، جنهن ۾ مٺي جي هيٺان هڪ گدي هوندي هئي، جنهن ۾ نم جون اهي سنهيون ڪاٺيون وڌل هونديون  هيون. جن ۾ نموريون نمودار ٿينديون آهن، پائمي جو رواج انگريزن جي دور تائين موجود هو، پر هينئر ختم ٿي ويو آهي.

سوسيءَ جي ٻي اهم نشاني آهي ته هن قسم جي ڪپڙي کي ”جدا رنگ جي ڪني“ به ٿيندي آهي، جنهن رنگ جو تر هوندو، ڪني ان کان مختلف رنگ جي ٿيندي آهي. ڪاري ڪَني بلڪل نه ٿيندي آهي.

سوسيءَ کي لاڙ ۾ ”گربي“ چيو ويندو آهي. هن جو بَر ڏهن گرهن کان وال تائين ٿيندو آهي. سوسي سوٽي به ٿيندي آهي، ته ريشمي به. هنر جي لحاظ کان هن جا ٻه قسم ٿين ٿا: سادي سوسي ۽ موٺڙو؛ چئو پيرو ٿيندو آهي، يعني ٺاهڻ وارا، موٺڙي تيار ڪرڻ لاءِ اُڻڻ وقت ڊزائين موجب رٿيل چار پيرا مٽيندو آهي. هينئر موٺڙي ۾ سونهري تار به وڌي وڃي ٿي، ان کي ”چمڪي موٺڙو“ يا ”تار وارو موٺڙو“ يا ”تلا“ سڏيو وڃي ٿو. سادي سوسي ۽ موٺڙي ۾ فرق هي هوندو آهي؛ جو موٺڙي ۾ ليڪو هوندو آهي، جيڪو ٻه رنگو يا ٽه رنگو ٿيندو آهي، ۽ اهي مختلف رنگن واريون تارون اهڙي نموني جڙيل هونديون آهن. سوسيءَ جو ليڪو سڌو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ سوسيءَ جي ڪن ڊزائين ۾ پٽا به ٿيندا آهن. موٺڙي ۾ سوسيءَ جا ڊزائين موجب ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن مان هي عام آهن:

1- گاتدن: هن ۾ ڳاڙهو يا واڱڻائي تر هوندو آهي، ۽ وچ ۾ اڇا ليڪا ٿيندا آهن. هن کي ڪوري ”هڪ ليڪي“ به سڏيندا آهن. ان کي ”ميرخاني“ به چيو ويندو آهي. جيڪب آباد وارا ان کي ”گيگم“ به سڏيندا آهن. هي سوسيءَ جو بهترين قسم سمجهيو ويندو هو، ۽ ان جي وڏي عزت هوندي هئي. خوشحال ۽ امير ماڻهن جون عورتون هن قسم جون سٿڻون پائينديون هيون.

شاهه عنايت چيو آهي:

”گلبدن جون گجريون، آرام اوڍيائون.“

امير ماڻهو ۽ مير صاحبان به ڪپڙي جون سٿڻون وڏي شوق سان پائيندا هئا، ڪن اميرن ۽ زميندارن ته هن ڪپڙي تي خوش ٿي، زمينون انعام ۾ ڏئي ڇڏيون. هن کي  ڪوري ”سنهه خطو“ به سڏيندا آهن.

2- دو خطي:  گلبدن ۾ هڪ ليڪو ٿيندو آهي، پر هن ۾ ٿوري ٿوري وڇوٽي تي ٻه ليڪا ٿيندا آهن.

3- ملتاني ڇڳي: هيءَ اصل ملتاني ڊزائين آهي. سنڌ ۾ رائج ٿي، ته ان کي ”ملتاني ڇڳي“ سڏيو ويو.

4- ڪنگڻي پاو: هن کي ”پنج پٽو“ به سڏيندا آهن.

5- سوسنو: هن کي ”بنوشو“ ۽ ”نيرٻڌي“ به چوندا آهن.

شگفته شاهه

امن گيت

روح جو ريلو

يڪتاري جو تان تي

گيت ڪو سريلو

ڳاءِ وري تون ڳاءِ

آزاديءَ جي ساز تي

امن- گيت سڻاءِ.

اي امن!

آءُ

هن ڏيهه ۾

جُڳن کان سڪايل

اسين ڪري ملار

مينهن جيان

جيجل ڌرتيءَ تي

وسين

واٽ ڪا اهڙي ڏسين

ڏاڍ

رهي

پوءِ  ڪينڪي.

وري ته گهرجن گهاءِ

برش سمورا ٿي ويا بي جان

قلم به ڇڏي ويو ساٿ

ڏات ديوي

رسي وئي آهي

شايد

سڪون مون کي راس نه آيو

وري ته گهرجن گهاءَ

روح کي جاڳائڻ لاءِ

ڏات ديويءَ کي

پرچائڻ لاءِ!

ٻار جي مُرڪ

منهنجي آغوش ۾ سُتل

هيءَ ننڍڙي ٻارڙي

جنهن جي عمر ڪجهه ڏينهن مس آهي

مٺڙي ننڊ ۾

رکي رکي مُرڪي ٿي

تڏهن سوچيان ٿي

اي منهنجا رب!

ايڏا پتڪڙا ٻارڙا

جيڪي فرشتن جيان پاڪيزه

۽ معصوم هوندا آهن

انهن کي اگهور ننڊ ۾

تون پنهنجي پراسرار قوتن وسيلي

ڪهڙا سپنا ڏيکارين ٿو!

اي پروردگار!

تنهنجي قدرت جي اسرار خاموشي

هنن جي ڪنن ۾ ڪهڙو سرٻاٽ ڪري ٿي؟

جو هي معصوم

هن......

ڏکن، ظلمن، ڳوڙهن، گناهن

۽ عذابن جي دنيا ۾

اچڻ کان پوءِ به....

مُرڪن ٿا.....!؟

تصويرون

اداس پهرن ۾

وقت گذارڻ ڪارڻ

ڪڍيم جي ڪاغذ تي

آڏيون ڦڏيون

لڪيرون

ڏسندي ڏسندي سي ئي

بڻجي ويون

تصويرون.

چونڊ : آصف جاويد        بيڪن جا قول

تعارف: بيڪن انگلستان جو مشهور ۽ معروف سياستدان ۽ ناول نويس ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1804ع ۾ ٿيو ۽ 1881ع ۾ انتقال ڪيائين. 1832ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر مقرر ٿيو. نيڪدليءَ سان سياسي خدمتن جي ڪري وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو، سندس مشهور تصنيف ديون گري آهي.

•  گهڻي دولت نوجوانيءَ لاءِ تباهي جو سبب بڻجي ٿي.

•  جيڪو شخص دولت خرچ ڪرڻ کان ڊڄي ٿو اهو دولت حاصل ڪرڻ جو حقدار ناهي.

•  اهو ضروري ناهي ته هر ماڻهو وڏي مرتبي وارو ۽ دولتمند هجي، يا اهو به ضروري ناهي ته ماڻهو عقلمند هجي، ليڪن اهو ضروري آهي ته ماڻهو نيڪ ۽ ايماندار هجي.

•  پيٽ جي يعني بکين ۽ فاقه ڪشين جي سازش تمام بري آهي.

•  جيڪو ماڻهو انتقام ۽ حسد جي ياد دل ۾ رکي ٿو اهو پنهنجي زخمن کي تازو رکي ٿو.

•  جو شخص ڪنهن اهڙي ملڪ جو سفر ڪري ٿو جتان جي زبان (ٻولي) هو نٿو ڄاڻي، اهو ڄڻ ته هڪ مدرسي وڃي ٿو نڪو سير لاءِ.

• جيڪا قوم علم جي هٿيار کان وانجهيل آهي اها ڪڏهن به ڪاميابيءَ جو منهن نٿي ڏسي سگهي.

• جيڪو شخص پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪري ٿو اهو ان کان بهتر آهي جيڪو ٻين کان امداد وٺي پنهنجو ڪم پورو ڪري.

• ڪاميابي صرف هڪ دفعي اچي دروازو کڙڪائي ٿي، مگر مصيبت ڏينهن رات  ڪيترائي دفعا اوهان تي حملو ڪري سگهي ٿي.

• ڪنهن شيءِ حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ ۽ ان لاءِ محنت ۽ سختي سهڻ لاءِ تيار نه رهڻ سستي ۽ ڪمزوري جي نشاني آهي.

• ڪنهن جي ڪاوڙ ۾ چيل لفظن کي ڪڏهن به نه وساريو.

• علم سان ماڻهوءَ جي دل مان وحشت ۽ ديوانگي هلي ويندي آهي.

• جيڪي ماڻهو فائدي ۾ ڪنهن کي شريڪ نٿا ڪن ته نقصان ۾ به انهن سان ڪير شريڪ نه ٿيندو آهي.

• عاقل جي لاءِ اهوئي لباس ڪافي آهي، جيڪو موسم جي لحاظ سان سندس ضرورت پوري ڪري سگهي.


 

ڊاڪٽر نزهت ڀٽي

پئرا سيٽامول  (Paracetamol)

هونئن ته 20 صديءَ جي شروعات ۾ ئي پئراسيٽامول جو استعمال ٿي چڪو هو، پر هڪ سور ختم ڪندڙ دوا طور ان جو استعمال 1950ع کان پوءِ شروع ٿيو. پئراسيٽامول هڪ غير نشيدار ۽ سور ختم ڪندڙ دوا آهي جيڪا ٻارن ۽ وڏن ۾ هڪ جيتري فائديمند ۽ اثرائتي ثابت ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو معمولي سور ۽ بخار وغيره جي حالت ۾ ٻين ڪيترين دوائن جيان اعتماد سان وٺي يا ڏئي سگهبي آهي.

پئراسيٽامول جو هڪ فائدو هي به آهي ته ان جي استعمال سان معدي ۾ گڙٻڙ يا رت هير جهڙيون شڪايتون پيدا نه ٿيون ٿين. تنهنڪري انهن ماڻهن لاءِ وڌ ۾ وڌ مناسب ۽ ڀروسي جوڳي سمجهي ويندي آهي، جن کي ائسپرين جي استعمال سان الرجي ٿي پوندي آهي يا معدي جي السر جو شڪار هوندا آهن. جڏهن ته پئراسيٽامول جو گهڻو مقدار خاص طور تي جگر ۽ گردن تي خراب اثر پيدا ڪري سگهي ٿو ته اهي جيڪي شراب جا عادي آهن، تن کي پئراسيٽامول جي متواتر استعمال کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، جو ان سبب سندن  جگر متاثر ٿي سگهي ٿو.

پئراسيٽامول جي استعمال بابت ڪجهه اهم ڳالهيون:

ڪنهن به دوا استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ ان تي لڳل ليبل/چٽڪي تي لکيل هدايتون پڙهي، پوءِ دوا استعمال ڪجي. جيڪڏهن دوا جي استعمال کان پوءِ به تڪليف ۾ گهٽتائي نه ٿئي يا حالت وڌيڪ خراب ٿي وڃي ته هڪدم ڊاڪٽر سان ملڻ گهرجي.

پئراسيٽامول ڪيئن استعمال ڪجي:

عام طور تي پئراسٽامول ٽڪين ۽ شربت جي صورت ۾ عام ميڊيڪل اسٽورن تي ملي ٿي ۽ انجيڪشن جي صورت ۾ به حاصل ڪري سگهجي ٿي.

پئراسيٽامول ڪيتري دير کان پوءِ کائڻ گهرجي:

هر 4-6 ڪلاڪن کان پوءِ پئراسيٽامول جو هڪ وزن وٺي سگهجي ٿو. جڏهن ته 24 ڪلامن دوران 4 کان وڌيڪ دفعا وٺڻ/ ڏيڻ نه گهرجي.

ڪيتري مقدار ۾ وٺڻ گهرجي:

بالغن لاءِ: انجو وزن 500 ملي گرامن (م گ) کان هڪ م گ تائين اهي. جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 4 کان وڌيڪ دفعا وٺ نه گهرجي.

ٻارن لاءِ: 3 مهينن کان 1 سال جي عمر وارن ٻارن لاءِ 60 کان 120 م گ ته 1 کان 5 سالن جي ٻارن لاءِ 120 م گ کان 250 م گ  ۽ 6 کان 12 سالن جي عمر وارن ٻارن لاءِ 250 م گ کان 500 م گ آهي.

ڪيستائين اثر ظاهر ڪري ٿي:

عام طور پئراسيٽامول 10 کان 60 منٽن اندر پنهنجو اثر ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ٿي.

ڪيستائين مؤثر رهي ٿي:

عام طور پئراسيٽامول جي هڪ وزن جڳ اثر 6 ڪلاڪن تائين هلي ٿو.

ڪهڙو کاڌو استعمال ڪرڻ گهرجي:

پئراسيٽامول جي استعمال دوران کاڌ خوراڪ لاءِ ڪي خاص هدايتون ناهن ڏنيون وينديون جڏهن ته ڪوشش ڪري هميشه اهڙو کاڌو کائڻ گهرجي، جيڪو غذايت سان ڀرپور ۽ تازو هجي.

دوا کي ڪيئن محفوظ رکجي:

پئراسيٽامول کي ڪنهن ڍڪ واري دٻي ۾ ٿڌيءَ ۽ خشڪ جاءِ تي اهڙي هنڌ رکجي، جتي گهم نه هجي ۽ اها جاءِ ٻارن جي پهچ کان پري هجي.

دوا ڪيستائين استعمال ڪرڻ گهرجي:

جيئن ئي فائدو ٿئي ۽ تڪليف گهٽجندي محسوس ٿئي ته ان جو استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏجي.

گهڻي وزن ۾ کائڻ جي حالت ۾:

پئراسيٽامول وزن کان وڌيڪ واپرائڻ سان طبيعت ۾ بيچيني، دل ڪچي ٿيڻ يا معدي ۾ سور جهڙيون شڪايتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري دوا جي استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ پيڪٽ تي لکيل هدايتون ڌيان سان پڙهجن، طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وڃي ته هڪدم ڊاڪٽر سان ملڻ گهرجي.

خاص احتياط:

پئراسيٽامول استعمال ڪرڻ کان اڳ اها به پڪ ڪجي ته توهان کي هيٺ ڄاڻايل ڪا به تڪليف يا شڪايت ناهي.

• ڪجهه وقت کان وٺي بڪين ۽ جيري جي تڪليف.

• ٻين دوائن جو به استعمال هلندڙ هجي.

جيڪڏهن انهن مان ڪا به هڪ ڳالهه توهان سان لاڳو ٿيندي هجي، تڏهن بهتر سمجهيو ويندو آهي ته پئراسيٽامول استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪجي.

ڪهڙين حالتن ۾ پئراسيٽامول ڪهڙو اثر ڏيکاري ٿي:

حمل: دوران پئراسيٽامول جو استعمال فقط ان حالت ۾ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، جڏهن اها وزن کان وڌيڪ ورتي وڃي.

ٿڃ پياريندڙ مائر: ٿڃ پياريندڙ مائر پئراسيٽامول اعتماد سان استعمال ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته لڳاتار استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ بهتر آهي.

ٻار: ٽن مهينن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڊاڪٽر جي صلاح کانسواءِ پئراسيٽامول نه ڏيڻ گهرجي. ۽ نه ئي ٻارنهن سالن جي عمر وارن ٻارن کي ان جو پورو وزن ڏيڻ گهرجي.

60 سالن کان مٿي عمر وارا:

هن عمر جا ماڻهو پئراسيٽامول جو بنا ڪنهن خطري جي استعمال ڪري سگهن ٿا.

ڊرائيونگ يا سخت ڪم دوران:

گاڏي هلائيندڙ يا ڪنهن سخت ڪم دوران پئراسيٽامول جو استعماڪ ڪري سگهجي ٿو.

الڪوهل:

شراب جا عادي ماڻهو جيڪڏهن پئراسيٽامول جو لاڳيتو استعمال ڪندا رهن ته ان سبب سندن جيري کي نقصان پهچڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

ڊگهو استعمال:

پئراسيٽامول 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين لاڳيتو استعمال ڪرڻ نه گهرجي، پر جيڪڏهن اهڙي ضرورت محسوس ٿئي ته ان لاءِ ڊاڪٽر سان صلاح ڪجي.

 

نشانيون

 

امڪان   

ڊاڪٽر سان صلاح

دوا کائڻ بند ڪجي

هڪ دم ڊاڪٽر سان ملجي

 

 

معدي ۾ گڙٻڙ

چمڙيءَ جي

الرجي جي

شڪايت

 

عام

سنگين حالت ۾

دوا کائڻ بند ڪجي

 

 

پاڪستان ۾ ملندڙ ڪجهه اهڙيون دوائون جن ۾ پئراسيٽامول ٿئي ٿي اهي آهن: ائنامول، ڪالپول، ڊسپورل، افڪول، ڪئپول، آڪسٽامول، پئنول، پئناڊول، پئراسيٽامول ڪمپائونڊ، پئراپول، ٽيمپول.

ڊاڪٽر اظهر اي-انور                             قسط- 4

ترجمو: نجمه پنهور            

ٻارن جي تربيت ۽ سنڀال

لالچي ٻار:

ٻارن جي شروعاتي تربيت صحيح معنيٰ ۾ مشڪل مرحلو آهي، اهو هرگز نه سمجهو، ته جيڪا شيءِ اوهان مسلسل تجربي مان سکي آهي، اُها ٻار هڪ ڏينهن ۾ سکي ويندا، هميشه ٻارن جي معيار مطابق ئي سلوڪ ڪيو، غلطي ڪرڻ تي مارڻ، ڪٽڻ ۽ گارگند ڪرڻ پڙهيل لکيل مائٽن کي نٿو جڳائي.

ڪنهن گهر مهمان وڃي يا گهر ۾ مهمان اچڻ کان پوءِ خاطر مدار جي دوران ٻار گهڻو ڪري کائڻ، پيئڻ جي شين تي ٽٽي پوندا آهن ۽ مائرن جا موچڙا به گهڻا کائيندا آهن، اهو ياد رکو ته وڏن جي نسبت ٻارن کي بک تمام گهڻي لڳندي آهي، توهان گهر ۾ اهو ئي شيون گهڻي انداز ۾ ٺاهي ٻارن کي کارايو. مهمانن جي اڳيان ائين ڪونه ڪندا.

آڱوٺو چوسڻ:

سياڻا چوندا آهن ته غلطيون هميشه ٻارن کان ئي ٿينديون آهن، خراب عادتون ننڍپڻ کان ئي فطرت جو جز ٿينديون آهن، آڱوٺو چوسڻ جي باري ۾ ماهرين جا ٻه نظريا آهن. نفسيات جي ماهرين جو خيال آهي ته آڱوٺو چوسڻ قدرتي عمل آهي، اها ڪا خراب عادت ڪونهي هڪ خاص وقت تائين هو پاڻهي آڱوٺو چوسڻ ڇڏي ٿو ڏئي. زبردستي اها عادت ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، نه ته فائدي ٿيڻ کان نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، ٻيو نظريو به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اهو چوندا آهن، ته ٻار جا هٿ ميرا ۽ خراب رهندا آهن، آڱر چوسڻ سان مير ۽ جراثيم پيٽ ۾ هليا ويندا آهن ۽ مختلف بيمارين جو باعث ٿيندا آهن، جديد تحقيقات جي مطابق آڱر چوسڻ وارا ٻار گهڻو ڪري ذهني الجهنن جو شڪار رهندا آهن، ۽ انهن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪونه ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com