ٽئي طرف، جديد شاعريءَ جون شخصيتون آهن، جن تمام
سمجهتداري سان جرئت ڀريو ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن
نيٺ ايراني ماحول واريءَ شاعريءَ کان واٽ مٽائي،
سڌيءَ طرح پنهنجيءَ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن سان
تعلق قائم ڪيو آهي. ان طرح هڪ طرف هو بيت، وائيءَ
۽ ڪافيءَ جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪن ٿا ته ٻئي طرف
پنهنجي سموريءَ شاعريءَ ۾ شاهه، سچل، سامي،بيدل،
روحل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي قائم ڪيل مضمونن ۽
تلميحن کي ورجائي، انهن کي نئين معنويت ڏيئي رهيا
آهن. مومل، ماروئي، ٻيجل، ليلان، ڏياج، منصور ۽
ٻيا ڪردار جديد شاعريءَ جو پسنديده موضوع آهن. هو
زبان ۾ ايراني ترڪيبن کي ترڪ ڪري چڪا آهن، ۽ عروضي
پابندين ۾ وڌيڪ نرمي آندي اٿن. بيت جي ڇند وديا
واريءَ صنف جي زمري ۾، دوهي ۽ گيت کي رائج ڪيو
اٿن. غزل جي مقامي رنگ واري سلسلي کي اڳتي وڌائي،
ان ۾ سلاست ۽ روانيءَ جا تجربا ڪري، ڪافيءَ جي
قريب وٺي آيا آهن. غزل ۾ به ڪلاسيڪي تلميحون ۽
مقامي تاريخي واقعا ۽ ڪردار داخل ڪري رهيا آهن.
”رقيبِ و سياه“ جو تصور سنڌي شاعريءَ ۾ اصل کان
آهي ئي ڪونه، جيڪو ايراني شاعريءَ جو مرغوب ڪردار
آهي، سو جديد شاعريءَ ۾ به ڪونه ملندو. ايراني
شاعريءَ جي مذڪر محبوب بجاءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾
محبوب کي تانيث جي صيغي ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي (جنهن تان فحاشيءَ جو مسئلو پيدا ٿيو آهي.)
پنهنجي ماضيءَ جي زنده روايتن جي حفاظت سان گڏ،
هرڪا شاعري پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم
ڪندي آهي، ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل
حالتون هونديون آهن. جديد شاعريءَ جو هيئت جي
تجربن ۾ سڀ کان وڏو اضافو ”جديد نظم“ آهي، جنهن ۾
بندن جو نظم (Stanza
poem)،
سانيٽ، بنا قافئي نظم، آزاد نظم ۽ مختصر نظم شامل
آهن. مواد جي لحاظ کان، زماني جي جديد ترين فڪر ۽
بين الاقوامي
احساس کي سنڌي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني وئي آهي. بنيادي
روايتن جي حوالي سان، هيءَ ڳالهه شايد سڀ کان اهم
آهي ته جديد نظم نگاريءَ ۾ ڪٿي به
مغربي منظر نظر نه ايندا- بلڪ ”موهن جو دڙو“
(تنوير)، ”ڦليلي“ (هري دلگير، پروانو ڀٽي)، ”مڪلي“
(نياز همايوني)، ”ڪراچي“ (سراج)، ”سنڌو ڌارا“
(بردو سنڌي)، ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ (اياز)، ”درياهه
شاهه“ (حيدر بخش)، ”ملڪن جي راڻي سنڌڙي“ (نياز
همايوني)، ”او منهنجا وطن“ (کيئلداس ”فاني“)،
”عظيم سنڌ“ (سليم ڳاڙهوي)، ۽ اهڙائي ٻيا سوين نظم
ملندا، جن سان نئين شاعر جو جسم ۽ روح وارو رشتو
آهي.
مطلب ته سنڌي شاعريءَ جي بنيادي دور کان وٺي جديد
دور تائين جي سڄي سلسلي تائين نظر وجھڻ کان پوءِ،
هيٺيان مکيه نتيجا قائم ڪري سگهجن ٿا:
(1)سنڌيءَ جي ”عظيم شاعري“ (ڪلاسيڪل) عروضي پيمانن
تي نه، بلڪ هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي ٻڌل
آهي؛
(2) عروضي پابنديون سنڌي مزاج سان ٺڪندڙ نه آهن،
سنڌي شاعرن انهن تي ڪڏهين به مڪمل طرح عمل نه ڪيو
آهي؛
(3)ٺيٺ ايراني ماحول واري روايتي شاعري، شروع کان
اڄ تائين، سنڌيءَ جي ڪنهن به دور سان نٿي ٺهڪي، ۽
اها سنڌي مزاج کان مختلف آهي؛
(4) سنڌي شاعريءَ شروع کان اڄ تائين ٻاهريون صنفون
فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون. هڪڙي گروهه
انهن ۾ زبان، مواد، ماحول، ڪردارن ۽ اسلوب جي لحاظ
کان مڪمل طرح ايراني شاعريءَ جي تقليد ڪئي، تنهڪري
سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۾ ان جو ڪو به دخل ڪونهي؛
(5) جديد شاعري ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي، ۽
سنڌي مزاج سان موافق آهي.
”آزاد نظم“ جديد شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي،
جنهن کي سمجهڻ لاءِ جديد دور جي پس منظر کي الڳ
نٿو ڪري سگهجي. نون تجربن جي سلسلي ۾ هيءَ صنف به
هڪ شعوري ڪوشش آهي، جنهن جو بنياد مٿي ذڪر ڪيل
روايتن تي رکيل آهي. عروضي بحرن ۽ قافيي جي
استعمال ۾ وسعت پيدا ڪري، هڪ مغربي صنف کي جنهن
طرح پنهنجي انداز ۾ اختيار ڪيو ويو آهي، سو ”آزاد
نظم جو فن“ واري باب ۾ بيان ڪيل آهي. هتي فقط اهو
ڏيکارڻ مقصود هو ته عروضي پابنديون سنڌي شاعريءَ
مان اسان بيان جا ”سانچا“ کنيا آهن، پر انهن کي
واپرائڻ جا قاعدا قانون اسان شروع کان ئي فارسي
شاعريءَ وارا ساڳيا نه رکيا آهن. ”آزاد نظم“ جي
جواز لاءِ مٿئين تفصيل ۾ گهڻو ڪجهه آهي.
حافظ محمد احسن چنا
هڪ عظيم عورت
عورت اها هستي آهي جنهن جي هٿن ۾ بهترين نسل پيدا
ٿي سگهي ٿو ۽ هوءَ دنيا جي هر هڪ سڌاري جي ڪم ۾
حصو وٺي سگهي ٿي.
دنيا کي ترقي ۽ اوج تي پهچائڻ ۾ جيڪڏهن مرد جو وڏو
حصو آهي ته عورت جو به گهٽ حصو نه آهي، اسان مثال
طور خلفاء بني عباس جي مشهور خليفي هارون الرشيد
جي راڻي زبيده جو احوال ڏيون ٿا.
راڻي زبيده جعفر بن منصور عباسي جي ڌيءَ خليفي
هارون الرشيد جي زال هئي. هن کي عالمن، اديبن ۽
انشا پردازن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي، انڪري هر
وقت وٽس انهن جي گرم محفل لڳي پئي هوندي هئي، گهڻي
سخاوت ۽ انعام اڪرام ڏيڻ ڪري کيس ”سيده“ جي لقب
سان ياد ڪيو ويندو هو. هن بغداد جي شهر کي خوبصورت
بنائڻ ۽ رونق وٺائڻ ۾ وڏو حصو ورتو هو غريبن لاءِ
مسافر خانا تيار ڪرايائين جتي هو، اچي پناهه وٺندا
هئا، ۽ انهن کي کاڌو به ملندو هو. حمام خانه مضبوط
تيار ڪرايائين ۽ انهن ۾ هر ڪنهن عام ماڻهو کي وڃڻ
جي اجازت هوندي هئي. مسجدون گهڻيون، ۽ شاندار
عمارتون تعمير ڪرايائين. اهي ڪم نه رڳو بغداد ۾ پر
حڪومت جي ٻين ڪيترن عام شهرن ۾ به ڪرايائين. ان
کان سواءِ ويران ۽ ڊٺل مسجدن ۽ مسافر خانن جي مرمت
به ڪرائيندي هئي.
سڀ کان وڏو ۽ بهترين ڪم جو هن ڪيو سو آهي، نهر
زبيده جو، جنهن کي کوٽائي پري کان پاڻي آڻي مڪه
شريف ۾ پهچايائين جنهن سندس نالي کي هميشه لاءِ
زنده رکيو آهي. انهي نهر جي ڪري مڪه شريف جي ماڻهن
کي پاڻي تي وڏي قيمت ۽ خرچ جي چٽيءَ کان ڇڏايائين.
ڏهن ميلن جي مفاصله تان جبل کوٽارائي، پهڻ ٽڪرائي
اچي حرم ۾ پاڻي پهچارايائين ۽ نهر جي ڪناري تي باغ
تيار ڪرايائين.
خزانچي چيس ته ان رٿ موجب خرچ تمام گهڻو ايندو، ان
تي جواب ڏنائين ته ڪم کي چڱي طرح هلايو ڀل ته مون
کي پئسي ۾ تڪليف ٿئي، کيس هڪ سئو ٻانهيون هونديون
هيون جي قرآن جون حافظه هيون ۽ هر هڪ انهن مان هر
روز ڏهه ڏهه پاره دؤر ڪنديون هيون، سندس ماڙي وٽان
قرآن شريف جي تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
هارون الرشيد کي ساڻس گهڻي محبت هوندي هئي ۽ کيس
تمام وڏي عزت ۽ تعظيم ڏيندو هو. هوءَ به هارون
الرشيد کي ايتروئي گهرندي هئي ۽ هميشه کيس راضي
رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ کائنس جيترو به خرچ گهرندي
هئي ته هو ڏيندو هئس ۽ ڪڏهن به انڪار نه ڪندو هو.
ڪيتري به خيرات ڪندي هئي، يا انعام ڏيندي، ۽ بخشش
ڪندي هئي ته به نه جهليندو هوس.
زبيده صاحبه ڏاڍي نيڪ ۽ رحم واري هوندي هئي ۽
هميشه غريبن تي مهربان هوندي هئي.
نسب جي لحاظ کان به هوءَ هڪ طرف خليفي جي نياڻي
هئي ته ٻئي طرف خليفي جي زال هئي، سندس چاچو به
خليفو هو ته سندس پٽ به خليفو هو، هن وقت جي عورتن
کي بيبي زبيده جي اخلاق ۽ ڪردار مان سبق حاصل ڪرڻ
گهرجي.
محمد سومار شيخ
سورنهن سينگار
حُسن جي نکار لاءِ سورنهن سينگار ۽ ٻارنهن زيور
ضروري قرار ڏنا ويا آهن. انهيءَ ڳالهه جي ڏانهن
سنڌ جي شاعرن پڻ اشارا ڪيا آهن. مشهور سينگار جي
رڱ ۾ رڱجي ڳائيندڙ شاعر جلال شاهه چيو آهي ته:
”جب ڳوري گهڻا ڪري، اٺ ڏوڻا اغماز،
ڏهه ڏون ڏيهاڻي ڪري، ڪامڻ ساڻ ڪرار.“
راجن شاهه فرمايو آهي ته:
”جب ڳوري گهڻا ڪري، سونهن هار حسين،
دهه دوهه درس رکي، جاره دار جبين.“
هند ۽ سنڌ جي ڄاڻن سورنهن سينگارن ۾ هيٺيان اهم
ڳڻايا آهن:
(1)بدن جو ميل لاهڻ، (2) ڏندڻ ڏيڻ، (3) صاف ڪپڙا
پهرڻ، (4) ڪجل لڳائڻ، (5) لاک جي رڱ سان هٿ پير
ڳاڙها ڪرڻ، (6) وار سنوارڻ (8) ڀروئن جي وچ ۾ تلڪ
ڪڍڻ، (9) تر بنائڻ، (10) ميندي لڳائڻ، (11)
خوشبوءِ لڳائڻ، (12) پان چٻاڙڻ، (13) وارن جي
چوٽيءَ ۾ گلن جو هار پائڻ، (14) ڏندن کي ڳاڙهسرو
ڪرڻ، (15) لبن کي لاک ڪرڻ ۽ (16) زيور پائڻ.
سورنهن سينگارن ۾ ٻارنهن زيور ڳڻيا ويا آهن، انهن
جا نالا آهن:
چوٽي، ڦل. ٽڪڙو (ٽڪلو)، بولو، بينسر، ليلم ،
ڪٺمال، هار، چيلهڪي، پٽيون، ڪنگڻ، ٻانهوٽا ۽
منڊيون. جيتوڻيڪ سينگار رس وارن اِهي زيور مقرر
ڪري ڇڏيا آهن، پر سنڌ جي حالتن پٽاندر، سنڌ جي
سياڻن انهن کي لوهه تي ليڪو قرار نه ڏنو آهي، انهن
زيورن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. سينگار رس
جو شاعر ”خضر“ چوي ٿو ته:
”جب ڳوري گهڻا ڪري، تب تورا ڇيمون ڇين،
ڪامل ڪنول ڪريل ڦر، دهنون دڇن دڇين.“
”خضر“ پير جي زيورن ۾ سينگار کي وڌائيندڙ زيورن ۾
”نورا“ شامل ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح سان سنڌ جا سڀ
زيور سنڌ جي سينگار ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ڳوريءَ جي ڳهڻن
سبب هرڻ جهڙو حسين جانور ۽ سارنگ جهڙي حسين موسم
به گهور ۾ گهائجي ٿا وڃن.
جب ڳوري گهڻا ڪري، سر سنها سالور،
هرڻ، سَسو سيهه، سارنگ سڀ گهايا ۾ گهور.
بهر صورت سورنهن سينگار ۾ زيورن جي برابر جي
شموليت آهي ۽ انهن جي شامل ٿيڻ سان ڳوريءَ جي حسن
۾ چار چنڊ لڳن ٿا.
الله بخش نظاماڻي
لولي ۽ ڪوڏاڻا
لولي هڪ خاص قسم جو دهقاني دعائيه شعر، گويا
دعائيه لفظن جو مجموعو آهي، جا اڪثر ڪري ماءُ
پنهنجي ٻار کي پينگهي ۾ لوڏي، يا گوڏي تي سمهاري،
ننڊ ڪرائڻ لاءِ، مٺڙيءَ زبان ۾، ميٺاڄ سان
آلاپيندي آهي، يا ڀيڻ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي،
انهيءَ نموني سان لوڏيندي ۽ لولي ڏيندي آهي.
هنديءَ ۾ لوليءَ کي ”لوري“ چوندا آهن، ممڪن آهي ته
’لولي‘، لوري لفظ مان نڪتو هجي، جيئن سنڌي ۾ چوندا
آهن ته فلاڻي کي ته پنهنجي سڪ واري لاءِ ”لوري“
لڳل آهي.
سنڌ ۾ ڪاڇي ۽ ڪوهستان طرف پنهنجي سڪ واري انهيءَ
محبوب دوست جي ياد ۾ لولي ڳائيندا آهن، جنهن جي
هنن کي رات ڏينهن لوري ۽ جهوري لڳل هوندي آهي.
لولي، ٽه تُڪو شعر آهي، جنهن جي پٺيان وراڻي ايندي
آهي:
”لولي! لولي! لولي! توکي چوان لولي.“
لوليءَ جا هڪ ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان معلوم
ٿيندو ته هي شعر به پيار، محبت ۽ ميٺاڄ وارو آهي.
وڻن جو ٻور، مارو ٿيم ڏور،
وڌيو دل جو سور، لولي لولي لولي-
توکي چوان لولي..........!
لولي لولي لولي، مان آهيان تنهنجي گولي،
جهلي اٿم جهولي، لولي لولي لولي،
توکي چوان لولي..........!
ڪوڏاڻو:
”ڪوڏاڻو“ پڻ هڪ لوليءَ جي قسم ۾ دعائيه شعر آهي،
جو مائرون پنهنجي ننڍڙن ٻارن لاءِ ڪوڏ مان چونديون
آهن، ۽ انهن کي دعائون ڏينديون آهن، ڪوڏاڻا، سنڌي
عورتن جي ايجاد آهن. انهن جا مضمون دعائيه هوندا
آهن، جيئن هيٺ ڏنل مثال مان معلوم ٿيندو:
ابو جُڳ جيئي، شال وڌي وڏو ٿيئي،
وڳو وٺي جيجل کي ميهڙ منجهان ڏي.
چونڊ : سپنا گل
فرينڊرڪو گارشيا لورڪا جي ناٽڪن ۾، اسپين ۽ سنڌ جي
عورت ۾، هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.
مان اسپيني آهيان، مان پنهنجي فن ۾ اسپين جو اولڙو
پسايان ٿو، جنهن جو شعور منهنجي رت ۽ ست ۾ شامل
آهي. پر انهيءَ کان به اول مان هن دنيا جو رهواسي
آهيان. هي سمورو جهان منهنجو آهي. مان سڀني انسانن
جي لاءِ ڀائپي ڀريا جذبا رکان ٿو. مان سياسي سرحدن
کي نٿو مڃان.
لورڪا جي ناٽڪن ۾ اسان کي پنهنجا آواز ٻڌڻ ۾ اچن
ٿا، عورت ۽ عورت جي دنيا، سندس خاص موضوع آهن.
سندس اسپين ۾ عورت جي لڳ ڀڳ اهائي حيثيت آهي، جيڪا
اسان وٽ آهي. پنهنجي وهانءُ جون ڳالهيون ڪندي اُتي
به ڇوڪرين کي لڄ ايندي آهي ۽ وڃڻي سان پنهنجو منهن
لڪائينديون آهن. اُتي به موڪلاڻيءَ جا گيت ڳاتا
ويندا آهن ۽ ڪنوار موڪلائڻ مهل ڄڻي ڄڻي کان روئي
موڪلائيندي آهي.
اهي منظر ڏاڍا دلچسپ آهن، اسان وٽ بي اولاد عورتن
کي طعنا ڏنا ويندا آهن. اُتي پڻ عورتون اولاد خاطر
پيرن فقيرن جي درگاهن تي وينديون آهن، چلا ڪڍنديون
آهن، نذرانا ڏينديون آهن. اُتي پڻ پري سنسار ۽
ويران هنڌن تي پيرن جا آسٿان، فحاشيءَ جا اڏا
هوندا آهن، جتي بدمعاش لامارا ڏيندا رهندا آهن ۽
پيرن کي ڪرامتون ڏيکارڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اُتي پڻ
ڇوڪرين جون شاديون ماءُ، پيءُ جي ظلم ڏي وٺ ڏاج،
رسمن ۽ رواجن جي ٻنڌڻن ۾ ٿينديون آهن! دولتمند
پوڙها ننڍين نيٽين سان شاديون ڪندا آهن. شادي هڪ
مذهبي فرض، هڪ رواج ۽ هڪ واپار آهي. هونئن به ڪنهن
ڇوڪريءَ سان پرڻجڻ مٿس ٿورو ڪرڻ برابر آهي، جنهن
جا کيس طعنا تنڪا ٻڌڻا پوندا آهن. نوجوان نهن جي
سس ۽ نڙاڻون مٿس چؤڪس هونديون آهن ۽ اُتي به ڪي
ڇوڪريون خاندان جي عزت تان قربان ڪيون وينديون
آهن، ڇو جو سندن حيثيت جا ور نه ملندا آهن. برناڊا
ڏاڍي فخر سان چوندي آهي ته سندس ننڍي ڌيءَ مري
ويئي آهي، پر سندس عصمت تي حرف نه آيو. زندگيءَ جي
تقاضائن کان سماج جون تقاضائون! رسمون ۽ رواج ڏاڍا
اهم ڪيا ويا آهن. ڊي- ايڇ لارنس چيو هو: ”جڏهن ڪو
پادري ڪنهن ننڍي ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکي کيس
سدائين ڪنواري رهڻ جي دعا ڪري ٿو ته ڄڻ هو کيس گار
ڏئي ٿو. انهي غير فطري رويي سان زندگي ۾ هڪ بي رحم
ڪٽرپڻو اچي ٿو ۽ ڇوڪرين کي پنهنجي بيڊرومس ۾ به
مٿو ڍڪڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته سموري گهر ۾
ڪنهن مرد جو وجود ئي نٿو هجي.
لورڪا انهيءَ گهٽ کي پنهنجي زماني جي اسپين جو
اهڃاڻ ٺاهي ٿو. انهيءَ گهٽ جو اظهار ڏاڍ ۽ جذباتي
عدم توازن ۾ ٿيندو آهي، هي قتل ۽ غارت، فساد ۽ خون
خرابي جي دنيا آهي، جنهن ۾ هڪ پرڻيل عورت لاءِ
ڪهاڙيون اڀيون ٿينديون آهن، ڪٽنبن جا ڪٽنب تباهه
ٿي ويندا آهن، دشمنيون ٿينديون آهن، نفرتون
ٿينديون آهن ۽ بدلا پاڙبا آهن. محبت ۾ تباهه ڪندڙ
جوش ٿيندو آهي. دشمني انڌي ٿيندي آهي. اسڪينڊل
ٺهندا آهن. آڱريون کڄنديون آهن. چٿرن جا تير ڪشيا
ويندا آهن. ڳڙکين مان واٽ ويندڙن کي جهاتي پائي
ڏسبو آهي. رت ۾ ڪيڏو ولوڙ آهي، جنهن ڀؤ به ٿيندو
آهي ۽ جنهن جي خلاف بند به ٻڌائيندا آهن، پر جڏهن
اهوئي رت قرباني گهرندو آهي، ته ماءُ خود پنهنجي
پٽ کي مرڻ لاءِ تيار ڪندي آهي. هي غيرتمندن جي
دنيا آهي. خانداني روايتن جي دنيا آهي، اصل ۾ اها
عورتن جي دنيا آهي، عورتون جيڪي جذباتي زندگيءَ
جون محور ٿينديون آهن. لورڪا جي هر ناٽڪ ۾ عورت کي
مرڪزي حيثيت حاصل آهي، ۽ سندس آخري ناٽڪ جا سمورا
ڪردار عورتون آهن.
عورتن جي هن دنيا ۾ جتي زندگيءَ جا مسئلا بلڪل عام
سطح جا روزمره جا مسئلا آهن، جيئن سڀني گهرو عورتن
جا ٿيندا آهن، اُتي وهمن ۽ ٽوڻن ڦيڻن جو به زور
آهي. مهمانن کي جلدي روانو ڪرڻ لاءِ ٻهارو ابتو
رکيو ويندو آهي. گهر ۾ ڇٽي کولڻ بدسنوڻ سمجهيو
ويندو آهي. جنهن کي وظيفو پڙهي دور ڪيو ويندو آهي.
جڏهن موچيءَ جي زال ڪرسي ڦيرائڻ لڳندي آهي ته موچي
پنهنجي پنهنجي ڪرسي ابتي پاسي گهمائڻ شروع ڪندو
آهي، ننڍن ننڍن دکن ۾ گهيريل اهي وهمن ۾ ورتل
عورتون ڏاڍيون جذباتي هونديون آهن، جيڪڏهن ڪا
ڇوڪري ڪنهن سان اک اڙائي ته پوءِ من ئي من ۾ هن جي
ٿي ويندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي هن جي حوالي ڪري
ڇڏيندي آهي. سندس جواني وسامي ويندي، جيئري ئي مري
ويندي پر وفا جو دامن هٿان نه ڇڏيندي. پر جڏهن هڪ
دفعو ڪنهن سان لائون لڌائين ته مڙس سان وفا سندس
ايمان بنجي ويندو آهي، اها سماج ڏاڍي رواج پسند،
ڏاڍي مذهبي ۽ ڏاڍي جذباتي آهي جتي مردن جو عام
اصول اهو آهي ته عورتن سان سختي سان پيش اچجي ۽
جيڪڏهن سختي سان ڪم نه ٿئي ته لڪڻ کان ڪم وٺجي.
(ولي رام ولڀ جي ترجمو ڪيل ڪتاب سدا ساوا پن تان
ورتل)
احمد خان مدهوش
ٻهراڙيءَ جو ٻهڳُڻ شهيد آصِف مِصراڻي
آءٌ احمد خان آصف مصراڻيءَ کي سڄي سنڌ جو سَنوپرو
شاعر ۽ ڏات جي ڏيهه جو ڏاهو انسان ڪري مڃان ٿو. هت
ٻهراڙيءَ جو ٻهڳُڻ انهيءَ ڪري ڄاڻايو اٿم، جو هو
ٻهراڙيءَ جي ڪچهرين جو قائل هو. ريتن رسمن اُٿڻي
ويهڻي ، حلم حليمت، قُرب ڪَرم، خُلق خصلت کان
خبروار ۽ طرفدار هو.
هُو جيترو سادو سٻاجهو هو، اوترو مَنجهس ساڃاههَ
سُچيتائي سوائي هُئي. سندس مُشاهدو اَڻ مَيو هو،
وَٽس سنڌي ٻوليءَ جي لغات اڻ ڪَٿي هُئي. هڪ پاسي.
اُتاهين ادبي اهڃاڻ سان ڀرپور هو ته ٻئي پاسي وطن
جي محبت سان مخمور هو. هڪ پاسي شاعراڻي شعور سان
سرشار هو ته ٻِئي پاسي پيار جي پَرچار ۾ مشهور هو.
هن مٺي، جي ڳوٺ جي مٺي ماڻهوءَ جي ، ڪهڙي پهلوءُ
تي ڳالهائجي؟
سندس پيار جو پرچار ويهي ويچارجي، يا سندس فِڪر
ويهي ڦلهورجي، سندس تخليق تورجي يا ساڻس ٿِيل بي
واجبي چورجي؟ اهي سڀئي موضوع جدا جدا موادَ مهيا
ڪندڙ آهن.
شاعريءَ واري پاسي کي ڏسبو ته هِن سڀني صنفُن
جهڙوڪ حمد، نعت. نظم، گيت، غزل، ڪافي، وائي، ٻيلڻ
ڇلڙو، مورو کي تمام سُٺي انداز ۽ اسلوبَ سان
نباهيو اهي. نه صرف ايترو بلڪ تلفظ جو سهي
استعمال، لغات جو لحاظ ، وزن جي پختگي ۽ بندش تي
کيس وڏي دسترس هئي. اهي سڀئي ڳالهيون ٻوليءَ جي
فروغ ۽ وطن دوستيءَ جا اڻ مِٽ مثال ۽ ثبوت آهن.
مقالي هجي طوالت جي خوف کان سندس شاعريءَ جي هر
صنف مان هڪ اڌ مثال به ڪافي ٿو سمجهان؟ وطن دوستي
۽ ڳوٺاڻن جي ڳُڻن جي ڳالهه هيئن ٿو ڪري:
وسن شل ڳوٺ سنڌڙيءَ جا، رهن آباد ڳوٺاڻا،
سدا سهڻا. مٺا ماڻهو، هي ڳوٺاڻا، ڳڻن هاڻا،
سچا سُتيا، سِياڻا ۽ سنوان سڀ ڳالهه ۾ سالِم،
نه ڄاڻن ٺاههُ ٺاهي، نه ڄاڻن ڦند فقيراڻا.
۽ انهيءَ جنت نما سنڌ جي ڳوٺن لاءِ دعا جا حرف به
پڙهندا هلون:
”تنهنجون واديون وَستيون سرسبز شاداب سڀ.
ٻنيون ڄڻ ته آهن جَنتون پيارا وطن.“
هو پنهنجي وطن کي جنتون به تڏهن تسليم ٿو ڪري،
جڏهن منجهس رهندڙ حُورن کي سنڌي لباس اجرڪ اوڍيل
هوندا،
”نه حورن کي جي اجرڪ هوندا اوڍيل،
اُها جنت به ڄڻ جنت ئي ڪانهي!!“
سرزمين سنڌ سان وڌيڪ عقيدت جو اظهار هيئن ڪيو اٿس:
قربان تنهنجي نامَ تان منهنجي عجيب سنڌ!
منهنجي عجيب سنڌ، ڀلي خوشنصيب سنڌ!
تنهنجي زمين خُلدِ برين جو مثال مٽُ،
تنهنجو اناجُ آبُ، اسان جو نصيب سنڌ!“
وطن جي سڪَ ۾ وڌيڪ ٻهراڙي ۽ خاص طور ڪاڇي، لفظ
”وَسوڳُون“ کي ڪهڙي نه سهڻي رنگَ ۾ رنڱي، پيش ڪيو
اٿس:
”ٿيون وسوڳُون واههَ آصف ۽ وطن مان وئي اڻُوٺ،
مِهر مؤلا جي وسايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر.“
مٿئين بيت ۾ وطن جي خوشحالي جي منظرڪشي سان گڏ
ڪاڇي، جي تَر جي لفظ ”وَسوڳون“ جي واڌاري ويتر
وڌيڪ سُلوڻي ٻوليءَ کي سونهن سونپي ڇڏي آهي. هر
شاعر جي سوچن ۽ لفظن جي اُچار ۽ اظهار سان، لاڙي ۽
لڳاءُ جي خبر پوندي آهي. هِن پنهنجي پيار جي پرچار
۾ ڪڏهن به بنگلن، ماڙين، شيش محلن جو ذڪر نه ڪيو
آهي. مگر ٻهراڙيءَ جي مَنَهَنَ، ڇپرَن، پيهُين ۾
پيار کي پئي، پروڙيو پچاريو آهي:
پيهيءَ ۾ پيهي، سڄڻ ايندُم سرتيون،
اچي ويهندُم اوڏڙو، پرين پرڏيهِي،
دلبر سان دُک دل جا ونڊيديس ويهِي،
جيهي ۽ تيهي، آءٌ انهيءَ جي آهيان.
ادي آصف جي اڳيان ڪڏهن به پيار جون ڳالهيون
نڪرنديون هيون ته اُتي ادب ۽ احترام جي تلقين
فرمائيندو هو.
سندس هن غزل مان اندازو به لڳايو، نازڪ خيالي ۽
فڪر جي بُلندي به ڏسو.
”تنهنجو چوايان يار مناسب نٿو لڳي،
بڻجان مان دعويدار مناسب نٿو لڳي.“
جِت چندر جهڙو ڪوِي ۽ ڪلاڪار ڀَٽڪندي چوي ٿو ته:
”دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان.“
اُتي آصف مصراڻِي ادب وچان دل، محبوب کي گهر ويٺي
پهچائي اچڻ جي آڇ ڪري ٿو. ڇو ته محبوب تي ڪک بار
به نٿو سهي سگهي. اهڙو نازڪ خيالي جو مثال مون کي
ڪنهن به شاعر جي بياض مان نه ملي سگهيو آهي، ٻڌو:
”تون هل ته توکي دل، ٿو هلي تنهنجي گهر ڏيان،
توکي کڻايان بار ، مناسب نٿو لڳي!“
هن پيار جي پوڄاريءَ جي انڪساريءَ جو عالم اهو هو
جو محبوب آڏو پاڻ کي حقير سمجهي چئي ٿو ويهي، ته
منهنجا پرين!
”بلڪل خوشيءَ سان تنهنجي اڳيان دل رکان مگر،
تُحفو هي داغدار مناسب نٿو لڳي.“
مرزا اسد الله خان غالب جو هڪ شعر مون کي ڏاڍو
وڻندو هو:
”فتح ميري مقدر مين نه تهي غالب،
ليڪن مقابله تو دِل ناتوان ني خوب ڪيا.“
پر جڏهن آصف صاحب جو هيءُ شعر نظر مان گذريو ته
منهنجي عزمَ ۾ اڃا به اضافو اچي ويو.
”ڏسي منهنجون وفاداريون،
جفاڪاريون جهُڪيون هُن جون،
کٽِي بازن کان جهرڪيون ويون،
لڙيون اهڙيون جو ڇا چئجي!“
جفاڪاريون، وفادارين کان هارائي ويون ۽ ٻي ڳالهه
ته جهرڪيون بازن کان کٽن ٿيون. اِها عزم جي وڏي
اُهڃاڻ جي ڳالهه آهي. مٿس فطري حسن و جمال جي
جلوي جي جهلڪ کيس ايترو ته مرغُوب ۽ مغلُوب ڪري ٿي
ڇڏي، جو پنهنجو هوش، هئڻ، سُرت سَمَڪ سڀ هليا وڃن
ٿا، سندس هڪ ڪافيءَ جو ٿلهه هيئن آهي:
تنهنجي حسن جمال جي جلوي جهَلڪ،
نِيو هوش سندم، وئي سُرت سَمَڪَ.
پيار جي پرستار جي ادب جي حَدَ هيءَ به ڏسو- چَئي:
پرپُٺ ته هرڪو هامَ هڻِي، چئي ٿو ته چئي ڏِبُس،
سامهون اچڻ تي ڪجهه به ، ڪُڇي ڪير ٿو سگهي؟
هَٿَ هيٺ ڪر ڪهين کي هٿيڪو رکيون اچي،
هٿُ جي کڻي ته وک به وڌي ڪير ٿو سگهي؟
پنهنجو مثال پاڻ پرين، بي مثال آهِه،
هُن جي جُتيءَ ۾ پير وجهي ڪير ٿو سگهي؟
هٿيڪو رکڻ ۽ جُتيءَ ۾ پير وجهڻ، سليس سنڌيءَ جا
ٻهراڙيءَ جا عام مَهاورا آهن. سندس غزلن ۾ نعت جو
رنگ، ڪافين ۾ ڪمال جو قرب، بيتن ۽ وايُن ۾ سلاست
سهنجائي محسوس ٿئي ٿي.
موري، ڇلڙي ۽ ٻيلڻ ۾ ڳوٺائي ڳَڻ ڳوت، سڪ ۽ سچائيءَ
جو ساءُ لڀي ٿو. وَٽس لفظن جي وڏي کاڻ هئي. اهڙن
ڪِن لفظن جي نشاندهي ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. اُن
لاءِ مختصر طور، بيت، موري، ٻيلڻ جو سهارو وٺان
ٿو. جيڪي اڄ به ٻهراڙين ۾ رائج ۽ لوڪ ادب ۾ شمار
آهن، هڪ وائيءَ ۾ ورجائي ٿو.
سُڻ ته پکين ڪيئن چههَ ٻههَ لائي،
واحد جي اٿن وات ۾ وائي- لنوَن ٿا مٺي لات،
ڪر ڪا سجاڳي، سج ٿو اُڀري.
هن ۾ سجاڳي جو سبق ڏنل آهي؛ شهرن ۾ نه چهه ٻهه نه
سوير اٿڻ جي عادت، نه ڪي سج اُڀري لهِي وڃڻ جو
فلسفو ئي رهيو آهي.
هڪ ٻي وائيءَ ۾ سڪ سان سيني جي چمڪڻ جي تشبيهه
چِندُ چانديءَ سان ڏني اٿس.
”سينو سڪ ۾ صاف ٿي وِيَڙو،
چمڪي ڄڻ چِندُ چاندي.“
هن مٺي ماڻهوءَ جي مٺي ڳوٺ کان اولهه طرف ڪوهه کن
پنڌ تي بچاءُ بند پريان ڪاڇي جي حدَ آهي، پنهنجن
مورن ٻيلڻن ۾ ڪاڇي جي ڪن ڳوٺن جو فڪر ڪيو اٿس.
ٿورو مورو ملاحظه فرمايو :
هلو ته هلون ڪاڇي، جانب هوندو جاٿي،
اديون مورو ويٺي ڏيان، مورو ناهي ٿورو.
”هلو ته هلون بري بَري، جانب ايندم وري وري“
اديون مورو ويٺي ڏيان.
اهو بريءَ جو ڳوٺ جوهي تعلقي جي، سيرين جي سري ۾
آهي.
هلو ته هلون ماڏي، جانب ويو آ جاڏي،
اديون مورو ويٺي ڏيان،
ماڏو به ميهڙ تعلقي جو ڳُتيل ڳوٺ آهي. آصف صاحب کي
سرائڪيءَ تي به سٺو عبور هو، ۽ پاڻ به سرائڪي
ٻوليندڙن سان ٻولَ ٻوليندو هو، هڪ هنڌ ٻيلڻن ٿو
ٻولي:
ڪالِي ڪالِي ڪڪري، اُٺا اُٺا مينهن اي،
ويندي آن مئِن ڍڪَري، نوان لڳا نِينهن اي.
ڍڪري معنيٰ آهي: ڍڪرجي وڃڻ يا غنودگي طاري ٿيڻ.
آصف صاحب اِهو نِجُ ڳوٺاڻو لفظ ڪهڙو نه سهڻي سڪ
ڀرئي مفهوم سان ڪتب آندو آهي، هن هيٺئين ٻيلڻ ۾ ته
مزو ئي ٻيو آهي. جنهن ضلعي ۾ سندس اڄوڪي ياد
ملهائي پئي وڃي اُهو نالو کنيو اٿس.
لڏيا تئين جو گلا، وڃ لٿئين دادو،
کٽيا لڳيئي پيارا، مئين آن اٿِان قابُو.
لڏيائي جو گلا، ڇوڙ ميڏا پاڙا،
ڇِن ميَڪُون ڇوڙيئي، مِٺا ڪِيتُئي پاڙا. |