سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2/ 2002ع

مضمون --

صفحو :6

   هينئر فقط آءٌ هوس ۽ انهن ڪپتانن مان ننڍيءَ عمر وارو ڪپتان، جنهن پنهنجي ساٿيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڳالهايو هو. هن شراب جو ڍڪ پيتو ۽ ڪائونٽر جي مٿان ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن ڏٺو. هن شراب جو ٻيو ڍڪ پيتو ۽ مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان ڏسڻ لڳو، جن ۾ گنڀير اعتماد سمايل هو. مون کي يقين ٿيو ته هو مون تائين اهڙي ڏکئي قسم جي ڳالهه پهچائڻ گهري ٿو، جيڪا هن جي ذهن ۾ ڏنگ پيئي هڻي. هن وري گهڙيال ڏانهن نهاريو، ان وقت رات جو هڪ ٿيو هو.

”بس اهوئي وقت هو“ هن اوچتو ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي خود ڪلاميءَ کي لفظن جو لباس پهرائڻ لڳو- ”اڄ کان چار مهينا اڳ.“

   هن جيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته منهنجن نظرن اڳيان اونداهي رات، برف ڀريل ماٿري ۽ سفيد جبل ڦري ويا، جتي صنوبر ۽ شاهه بلوط جي بيشمار وڻن جي ٽارين تان هوا جي جهوٽن سببان ڪپهه جي پوڻين وانگر برف اڏامندي ٿي ويئي. مون هڪ ڳوٺ جا سڙيل ٻريل کنڊر ڏٺا ۽ انهن کنڊرن ۾ ائڊرياٽڪ ڏانهن ڀاڄ کائيندڙ سربيائي فوج جي هڪ ڊويزن جو باقي بچيل حصو به ڏٺو. منهنجي دوست انهيءَ لشڪر جي آخري جٿي جي اڳواڻي پئي ڪئي، جيڪو ڪنهن وقت فوج جو هڪ دستو هو، پر هينئر اتي ڇڙواڳ ماڻهن جي انبوهه کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿي آيو. اتي هارين کي ڀرتي ڪري فوج جي انهيءَ حصي کي وڌايو ويو هو، پر اهي هاري ڊپ ۽ خوف وچان پنهنجا هوش و حواس بنهه وڃائي ويٺا هئا. ۽ بيجان مورتين وانگر پئي چُريا پُريا ۽ کين اڳتي وڌائڻ لاءِ ساڻن جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو ٿي ويو. ننڍن ننڍن ٽولن ۾ زالون روئنديون رڙنديون ۽ پاڻ گهلينديون پئي ويون. ٻيون عورتون جيڪي ڪاريون، ڊگهيون ۽ سڙيل سُڪل هيون، سي ڏاڍي ڏکائتيءَ خاموشيءَ سان هلنديون رهيون ۽ رستي ۾ جيڪڏهن ڪو مئل سپاهي نظر ٿي آين ته هيٺ جهڪي، انهيءَ جي بندوق ۽ ڪارتوسن جو پٽو ڇوڙي، پاڻ سان کڻي ٿي ويون.

گولن ڦاٽڻ ڪري کنڊرن مان ڳاڙهيءَ روشنيءَ جا اُلا نڪري اونداهيءَ کي رنڱي رهيا هئا. رات جي اونهاين مان جوابي حملي جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. ڪاريءَ هوا ۾ گوليون رات جي نظر ۾ نه ايندڙ جيتن وانگر سوساٽ ڪنديون ٿي رهيون.

صبح ٿيندي ئي هڪ زبردست ۽ ڀيانڪ حملو ٿيندو، هنن کي ڪا خبر نه هئي ته سندن خلاف ڪهڙو دشمن رات جي اونداهيءَ ۾ لڪو ويٺو هو. اهي دشمن جرمن هئا، آسٽرين هئا بلگيرين هئا يا ترڪ؟..... هنن کي ڪيترن ئي دشمنن سان منهن ڏيڻو هو.

”اسان کي پٺتي هٽڻو پيو“ ، سربيائي ڪپتان ڳالهه جاري رکندي چيو، ”اسان انهن ماڻهن کي اتيئي ڇڏي ڏنو، جن اسان کي دير ٿي ڪرائي، اسان کي صبح ٿيڻ کان اڳ ئي جبل اُڪري وڃڻا هئا.“

رات وچ ۾ ئي عورتن جون ڊگهيون ۽ وڏيون قطارون، ٻار، ڪراڙا، مرد ۽ عورتون ۽ جانورن جا ڌڻن جا ڌڻ، مري، کپي ۽ فنا ٿي ويا. ماٿريءَ ۾ رڳو اهي ماڻهو بچيا هئا، جيڪي کنڊرن جي پناهگاهن مان گوليون هلائي رهيا هئا. انهن مان به هڪ حصي، پٺتي هٽڻ شروع ڪيو.

ڪپتان جي ذهن ۾ اوچتو ڪنهن ڦٿڪائيندڙ ياد پاسو ورايو.

”زخمي ۽ ڦٽيل! اسين هنن کي ڇا ڪنداسون؟“

هڪ منهن جنهن جي ڇت بم گولن لڳڻ ڪري پروڻ پروڻ ٿي وئي هئي، ان ۾ سڪل گاهه تي زخمن ۽ ڦٽن ۾ رتوڇاڻ ٿيل پنجاهي کن انساني جانيون لڇي ڦٿڪي ۽ تڙپي رهيون هيون. هيءَ اُهي ئي ماڻهو هئا، جيڪي هڪ ڏينهن اڳ جنگ ۾ زخم کائي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان پاڻ گهليندا هن جاءِ تائين پهتا هئا، هنن ۾ اهي ماڻهو به هئا؛ جيڪي تازو رات جو زخمي ٿيا هئا ۽ جن رت کي روڪڻ لاءِ پنهنجن ڦٽن تي پراڻيون سراڻيون اڳڙيون ٻڌي ڇڏيون هيون؛ هنن ۾ اُهي عورتون به هيون، جيڪي ڦاٽندڙ بم گولن جي تيز ٽڪرن جي لڳڻ ڪري، وڍجي ۽ زخمي ٿي پيون هيون.

ڪپتان انهيءَ پناهگاهه ۾ آندو ويو، جتي چؤڌاري سڙيل گوشت، سڪل رت ۽ غليظ ڪپڙن جي دماغ ڏاريندڙ بدبوءِ پکڙيل هئي. ڪپتان جي لفظن ٻڌڻ شرط اهي سڀئي ماڻهو جن ۾ اڃان ٿوري گهڻي سگهه هئي، هڪ لالٽين جي لڙاٽيل روشنيءَ ۾ بيقراريءَ ۽ بيچينيءَ سان هن ڏانهن چرڻ لڳا. دانهون ۽ ڪوڪون بند ٿي ويون ۽ چوڌاري حيرت ۽ خوف ڀريل خاموشي پکڙجي ويئي. ائين ئي لڳو ڄڻ ته اهي مرندڙ ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کان ڊنل هجن، جيڪا موت کان به وڌيڪ ڏهڪائيندڙ هئي.

هنن کي جڏهن اها خبر پئي ته کين دشمنن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي، تڏهن سڀني اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن مان ڪيترائي اُٿڻ کان اڳ ئي ڪِري پيا.

  ڪپتان ۽ سندس ساٿين سپاهين جو آواز، نااميديءَ جهڙين ميڙن منٿن ۽ مايوس التجائن جي آواز ۾ دٻجي ويو. ”ادا! اسان کي ڇڏي نه وڃو. ادا! مسيح جي صدقي!“ پوءِ هنن کي آهستي آهستي اها ڳالهه سمجهه ۾ ويٺي ته کين اُتي ڇڏي وڃڻ ڇو ضروري هو. هنن پاڻ کي مقدر جي حوالي ڪري ڇڏيو. پر دشمن جي هٿ چڙهڻ، صديون پراڻن دشمنن بلگيرين ۽ ترڪن جي رحم تي ڇڏڻ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه هئي! هو جيڪا ڳالهه پنهنجي زبان سان نٿي چئي سگهيا؛ اُها سندن اکين مان عيان هئي. جيڪڏهن ڪنهن سربيائيءَ کي گرفتار ڪيو وڃي ته انهيءَ کان وڌيڪ هن جي ڪهڙي بدقسمتي ٿي سگهي ٿي. ڪيترائي ماڻهو جن جو آخري وقت اچي ويجهو پيو هو، اُهي پنهنجي آزاديءَ تي ڌاڙو لڳندو ڏسي، ڏڪي ويا.

بلڪان جي رهاڪن جو وير، موت کان به وڌيڪ خوفناڪ هوندو آهي.

”او ادا، او ڀاءُ!“

انهن دانهن ۽ واڪن ۾ لڪل خواهشن کي محسوس ڪندي، ڪپتان پنهنجو ڪنڌ کڻي ورايو.

”اوهان گهرو ٿا ته آءٌ به؟“

 هن ڪيترائي ڀيرا پڇيو.

سڀني پنهنجا ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏيا. جيئن ته هنن سڀني کي اتي ڇڏي وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه هو، تنهنڪري هن اتان وڃڻ کان اڳ اهو نٿي گهريو ته اتي ڪو سربيائي جيئرو رهجي وڃي، جيڪڏهن هو پاڻ هنن جي جاءِ تي هجي ها، ته ڇا هو پاڻ به اها ڳالهه نه چئي ها؟

     پٺتي هٽڻ سبب گولي بارود جي جيڪا گهٽتائي ٿي هئي، ان جي ڪري سپاهي پنهنجا ڪارتوس ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان سنڀالڻ لڳا. ڪپتان پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي ٻاهر ڪئي. ڪن سپاهين ته پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هنن سنگينون استعمال ڪيون، پر هو سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ ڏاڍي بيڍنگائيءَ سان وار ڪري رهيا هئا، جنهنڪري چوڌاري نه ختم ٿيندڙ جسماني عذاب ۽ رت جا ريلا ظاهر هئا. سڀئي ڦٽيل ۽ زخمي ماڻهو پاڻ گهليندا، ڪپتان ڏانهن وڌندا ٿي ويا. ڪپتان جي عهدي جي ڪشش ۽ هن جي هٿان موت جي مزي چکڻ جي عزت ۽ هن جي تيز، وار هنن لاءِ موت جي منزل آسان ڪري ڇڏي هئي.

”ادا! پهرين مون کي، ڀاءُ! پهرين مون کي.....“

ڪپتان جي تيز ۽ نوڪدار تلوار هڪ ئي وار ۾ هنن جا ڪنڌ ڪپيندي، شهه رڳون وڍيندي ۽ کين ختم ڪندي ٿي ويئي.

”ٺڪ، ٺڪ،“ ڪپتان چيو ۽ منهنجي اکين اڳيان عذاب ۽ هيبت وارو نظارو ڦرڻ لڳو.

هو سڀئي هٿن پيرن تي رڙهندا رڙهندا ڪپتان ڏانهن وڌندا آيا ۽ هن جي ٽنگن جي چؤڌاري ماڪوڙن وانگر ميڙ ڪري بيٺا. پهرين ته ڪپتان پنهنجو منهن ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن هو اهو نه ڏسي سگهي، جيڪي هو ڪري رهيو هو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. پر انهيءَ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو هن جي وار ۾ اها تيزي ۽ سختي نه رهي، جنهنڪري هن جي ٻيهر وار ڪرڻ سبب مرندڙن جي عذاب ۾ اضافو ٿي ويو هو. ”صبر ڪر، دل ڏاڍي ڪري زور سان وار ڪر“ ! ٺڪ، ٺڪ.....

”ادا! پهرين مون کي، ڀاءُ! پهرين مون کي....“

هو پهرين واري ملڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا، انهيءَ لاءِ ته سندن انهيءَ برادرانه قرباني ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي دشمن نه اچي ڪڙڪي. هنن کي پوريءَ طرح احساس ٿي ويو هو ته بهتر صورتحال ڪهڙي آهي. هن مان هر هڪ پنهنجو پنهنجوڪنڌ طرف ڪري جهليو، جيئن ڳچي سخت ٿئي ۽ تلوار جي وار لاءِ نڙگهٽ ظاهر ٿي بيهي.

”ادا! پهرين مون کي!“ ۽ جيئن ئي رت جو ريلو ڦوهارو ڏئي ٿي ڪِري ٿي پيو، جيڪي ڳاڙهي شراب جي ساندارن وانگر آهستي آهستي خالي ٿي رهيا هئا.

هوٽل خالي ٿيڻ لڳي. عورتون پنهنجي پٺيان عطر ۽ پائوڊر جي خوشبوءِ جو انبار ڇڏينديون، وردي پهريل ٻانهن تي ٽيڪ ڏينديون، ٻاهر وڃڻ لڳيون. انگريزي وائلن هلڪڙا ٽهڪڙن جي وچ ۾ پنهنجا آخري پساهه کنيا.

منهنجو سربيائي دوست، جنهن جي هٿ ۾ زرد رنگ جو هڪ ننڍو ساغر هو، تنهن هڪ اهڙي شخص وانگر جيڪو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ۽ جيڪو ڪڏهن به وساري نه سگهندو، هڪ مشين وانگر ميز تي ڌڪ هڻندو ويو... ٺڪ! ٺڪ...!

نسيم احمد کرل

ڳڻ

جيتوڻيڪ اڄ سندس گهوڙي کي نوان زريءَ جا سنج پيل هئا ۽ سندس پشوري گاڏي تازو نڪل ٿيڻ سبب چلڪي پئي، پر تنهن هوندي به جڏهن پنهنجي پنج ڪلياڻ بور کي دڙڪي ڪاهيندو اسٽان تي پهتو ته ڪنهن به اکر ڪونه ڪڇيو. هڪوار سڀني پنهنجو ڪنڌ مٿي ضرور کنيو پر ان دم ئي سڀني پنهنجي ڪنڌن کي ائين ڍاري ڇڏيو، ڄڻ کين ديدئي ڪانه هئي. جيتوڻيڪ هڪ هفتو کن اڳ هو ڇڙي هاٽيلي دمچي وٺي آيو هو ته سڀ کيس ورائي ويا هئا.

”رئيس هي دمچي ڪٿان ٺهرائيءَ،“ امبلغ گهوڙي واري کانئس پڇيو هو.

”آهي سودو رئيس، گهڻو اُتر ڏيانءِ؟“

خميسي، جنهن جو ڌنڌو ئي سودا ڪرڻ هو، پنهنجي عادت کان مجبور ٿي کيس چيو هو.

”کلا ٿي خميسا، ههڙن بادشاهه وهٽن کي شيون پارائي ڪي کسبيون آهن.“ جيسين هو جواب ڏي، تيسين رسولي بور کي ٺپڪي هڻي خميسي کي جواب ڏنو هو.

گاڏي ٻڌڻ کان اڳ، هن پنهنجي واڙي ۾ گهوڙي کي کوکرو پئي هنيو ته نورو مڏي وارو وٽس لنگهي آيو هو، ۽ کيس ان ’ٻڌي‘ جي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي هئائين. پر هن ٽهڪ ڏيندي نوري کي چيو هو، ”نورا، جڏهن هي بور اسٽان تي پهچندو ته اهي ٽوٽل پاڻهي ڊهي پوندا.“

”خير ڏسجي،  پر گهڻو ڪري ته ڪو ڪونه ڳالهائيندءِ. اها سڄي ڳالهه شهيد جي روضي تي قسما قسمي ٿيل آهي.“

”هن خارجيءَ واري ڌر ته برابر ڪونه ڳالهائيندي، پر ٻين جي گهرن ۾ ته ادا مان به ڪونه گهڙيو آهيان.“ هن کي به ڪاوڙ اچي وئي هئي.

گاڏي بيهاري دينون ٽيڪ ۾ ٻڌي هن چؤطرف نهاريو، سڀئي موجود هئا، سواءِ زوار ۽ هن خارزيءَ دينوءَ جي. هن محسوس ڪيو ته سڀ کانئس نٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سندس اچڻ کانپوءِ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن ڪار کي لڳي ويو هو. ٻيا ته ٺهيو پر خيرو ۽ رسولو، جن عمر ۾ پنهنجي منهن تي پاڻي جو ڇنڊو نه هنيو هو، تن به پنهنجي گهوڙن جا منهن پئي ڌوتا. هو به ڏند ڀيڪوڙي گاڏي تان لهي انگوڇي سان پکن ۽ پيرن کي اگهڻ لڳو. اگهندي اگهندي اوچتو هن رڙ ڪئي، ”آهي سودو خميسا جوٽ ئي جوٽ تي، ڳالهاءِ وڃي شاهه سان.“

خميسي ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاريو پر ڪڇيائين اکر ڪونه ۽ نه وري شاهه ئي کيس ڪو جواب ڏنو. جنهن کي سودي وقت امين مقرر ڪيو ويندو هو، ۽ جو ٻنهي ڌرين سان انگوڇي هيٺان آڱرين ۾ ڳالهائي گار وجهي تاڙو هڻندو هو. هو به پنهنجي منڊم ڇاپ کي اگهڻ ۾ مصروف رهيو. خميسي ۽ شاهه جي وڏائي ڏسي هن کي باهه وٺي وئي. هن کي پڪ هئي ته خميسو ته خميسو، پر سڀ ڀڳا ايندا. هو جڏهن به ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ بور کي وڪڻڻ جو خيال ڪندو هو، تڏهن سڀ وٽس ڀڳا ايندا هئا ۽ کيس چوندا هئا : ”رئيس بور کي وڪڻڻ جو خيال دل ۾ به ڪندين ته الله ڪونه بخشيندءِ. ههڙا وهٽ دشمن تي داغ آهن.“

هن خار ۾ ٻيڙي دکائي سوٽو ئي مس هنيو ته زوار به ڀر واري بئنڪ تي اچي سواري لاٿي. پاسينگر کان ڀاڙو وٺي هن گاڏي اچي سندس ڀرسان بيهاري.

”لڳئي ڪا چڱڙي سواري زوار.“ هن زوار کان مرڪندي پڇيو. ٻين جي ڀيٽ ۾ زوار سان سندس گهاٽي سنگت هئي. هو ان ڌنڌي ۾ جهڙس ئي جهونو هو. پر زوار به پنهنجي وڏن شهپرن کي آڱوٺي ۽ هٿ جي يڪي سان مٿي ڪندي سندس سوال جو جواب ڏيڻ ضروري نه سمجهيو. هونئن اهو ساڳيو زوار، پڇڻ کانسواءِ ئي، سڄي ڏينهن جي ڪٿا کيس ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو: ”يار رئيس، پاسينگرن وٽ به چلڪڻي شيءِ جو اگهه گهڻو اٿئي، سڄو ڏينهن رڙيون ڪندي نڙي ٿي سڪي وڃي ته مس ٿي سواري لڳي، وري ڀاڙو ڏيندءِ به ڪِر ڪِر سان.“

”نه ڪيو رزق جي خدمت ته اهڙا حال ڇو نه ٿيندو! سڄو ڏينهن بوراڪن کي وهائي وهائي وڃي مڪان ۾ جمنين تي ويهو. پوءِ وهٽن جو ڪير سماءُ ڪري؟“ هو پهرين سندس لاک لاهي پوءِ وري کيس سمجهاڻيون ڏيندو، ”اڙي ڪجهه گهوڙي جي خدمت ڪر. پنهنجي هٿن سان گاهه پاڻي ڏيندس ته مهيني کن ۾ مک پئي ترڪندس.“

”ها يار، چئين سچ ٿو، پر اڄ روپيو ٻه کن ته ڏيارجان. مولا عليءَ  جو قسم، رڳو ٻه ؟ پيون آهن گيدي ۾.“ زوار ميسڻو منهن ڪري کيسي مان ٻه چانديءَ جا رپيا ڪڍي کيس ڏيکاريندو هو.

پر اڄ اهوئي زوار، پنهنجي پراڻي ٽانگي تي کپ هنيو ائين سيٽيو ويٺو هو،ڄڻ هن ديڳ دنيا جي لڌي هجي. رئيس ’آخ‘ ڪري سڀني ڏانهن نفرت سان نهاريندي، زور سان ’ٿو‘ ڪري کانگهارو سڀني جي منهن ۾ لڳو هجي، ۽ پوءِ هوديءَ ۾ سڀني جي منهن ۾ لڳو هجي، ۽ پوءِ هوديءَ ۾ لڳل گهنٽي کي پيرن سان وڄائڻ لڳو.

ٽن ٽن، ٽڻن ٽڻن، گهنٽي جي آواز ۾، هو اهو زمانو ياد ڪرڻ لڳو ، جن ڏينهن ۾ هن بگي گهوڙو وهائڻ شروع ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪل ٻه چار بگيون هيون. غريب غربو ته بگي تي پير به ڪونه رکندو هو. پوءِ جيئن شهر وڌندو ويو تيئن بگيون به وڌنديون ويون. جيڪو به گهر کان پئي رٺو تنهن پئي گاڏي گهوڙو ورتو. ان زماني ۾ ڪيترا وات ڳاڙها ڇوڪرا جن کي زينن جهلڻ جي به سيٽ ڪانه هئي، بگيون وهائڻ لڳا. جاتي گڏ ٿين تاتي کل ٺٺوليون ۽ ڪچا ڀوڳ. هن کي اهي ڳالهيون ناپسند هيون، انڪري هو سدائين کين سمجهائيندو هو. پر هڪ ڏينهن اهو سمجهائڻ سندس پنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. ان ڏينهن هو گاڏي اسٽان تي ڇڏي ڀرواري هوٽل ۾ چانهه جو ڪوپ پيئڻ ويو هو. جڏهن واپس موٽي آيو ته ڏسي، ته سندس سيٽ تي ڪو ساوا ساوا متيرا رکي، ساڻس جُٺ ڪري ويو هو. هو يڪدم گاڏي تان لهي رکڻ وارن کي ڀيڻ ماءُ تي گاريون ڏيڻ لڳو. پر اهي سڀ رهندو ڏند ڪڍي کلڻ لڳا. جيئن ته منڍ کان وٺي هنجا گهوڙا گاڏيون ۽ ٻيا ٽپڙ ٽاڙي چڱي سينري سان هوندا هئا، انڪري هن جو سڀني تي ڪنٽرول هوندو هو، ۽ ڪنهن کي اهڙي ڀوڳ ڪرڻ جي حسرت ڪانه ٿيندي هئي. اهڙي جٺ تي ماٺ ڪري ويهڻ، ڄڻ ٻين کي به هاسڪار رستو ڏيکارڻو هو، انڪري ان آڱوٺي جيترن ڇوڪرن جو هٺ مارڻ لاءِ، هن نيٽي لڪڻ کڻي ان پارٽيءَ جي مکيه دينوءَ کي چيو هو، ”دينو، اهي چرچا ڀوڳ انهن سان ڪر جيڪي تنهنجا سهن. مون کي خار آئي ته بت تي ڏنا ٺاهي ڇڏيندوسانءِ.“

”ڪهڙا چرچا چاچا؟“ دينو مرڪڻ لڳو.

”آئون، هو پنهنجا بابا جو رکييءِ منهنجي سيٽ تي.“ هن کان خار مان گڦ وهڻ لڳي.

”اهي ته متيرا آهن چاچا. توم متيري تي چڙندو آن ڇا؟“ دينوءَ کي رهندو مزو پئي آيو.

”بس ڪا لنڊا، وري اها ٽڻ ٽڻ. آئينده اهو ڀوڳ ٿيو ته سر جو خير نه گهرجانءِ.“ هو پنهنجي گاڏي ڏانهن موٽندي شاهه کي چوڻ لڳو،

”شاهه، هن کي سمجهاءِ، متان پوءِ پڇتائين.“

”مان ڇا کين سمجهايان. تون به جيترو چڙندين اوترو چيڙائيندءِ.“ شاهه به مرڪڻ لڳو.

”نه نه مون سان ڪو کيچل نه ڪري، منهنجو رت ڦرندي دير ڪانه ٿيندي.“ هن خار مان ڪنڌ لوڏيندي چيو.

پر پوءِ ته رهندو سندن ٻيگهي مچي وئي. نه مهل نه موقعو، جاتي ملن تاتي چيڙ. اسٽيشن کان ايندي يا ويندي، جڏهن بگين جون قطارون پاسينگرن سان ڀريون هڪ ٻئي جي ڪڍ اينديون هيون، تڏهن لنگهندي هرڪو کيس چيڙائيندو هو. اها ڳالهه کيس خراب لڳندي هئي، ان جو اثر خراب پوڻ لڳو هو. هن محسوس ڪيو هو ته ڪيترا معتبر پاسينگر جي اڳ سندس بگي تي ئي چڙهندا هئا. کانئس پاسو ڪرڻ لڳا هئا. ڪيترا رونشي ڪوڏيا پاسينگر وري ٻڌ سڌ تي ٻين بگي وارن وانگر، کيس چيڙائڻ به لڳا هئا. ان ڏهاڙي هو هڪ ڏسڻي وائسڻي معتبر کي کنيو شهر پئي آيو. رستي کي ڪشادو ۽ خالي ڏسي هن به ’برو‘ کي ڍر ڏني هئي اکين مان؟ پاڻي پئي وهيو ته اوچتو اهو پاسينگر کانئس پڇي ويٺو، ”رئيس تون متيري تي ڇو چڙندو آهين؟“

رئيس کي ڄڻ چوچڙي اچي وئي. هن خار ۾ ڏانهس ائين گهوريو ڄڻ کيس ڪچو کائي ڇڏيندو. سندس دل گهريو ته جيڪر هن کي به اهي ٽسريون، زيرن زبرن سان ٻڌائي، پر ڪو خيال ڪري هن يشي ڏئي کيس جواب ڏنو.

”ارمان آ صاحب، تون به لوٺين وارا سوال ٿو پڇين.“

هن ٻٽي ڀيرا دينو ۽ سندس سگ کي ٿڌي سيني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر حرام جي هو مڙيا، جيئن پوءِ تيئن ٻيا به کين پاسو وٺائڻ لڳا هئا. پوءِ تنهن ڏينهن سندس وس کان ڳالهه نڪري وئي  ۽ هو ڌو فوجداري ۾ هليو ويو. ان ڏينهن صبوح کان سندس مٿو ڦريل هو. هو روز صبوح جو گهوڙي کي کوکرو هڻي تيار ڪرڻ بعد نيرن پاڻي ڪري پوءِ گاڏي ٻڌندو هو. ان ڏينهن گهوڙي کي جوٽڻ لاءِ تيار ڪري، گهر آيو ته جوڻس اڃا ان وقت اٽو پئي ڳوهيو. خار ۾ ويچاري کي ٻٽي چنبا هڻي لنگهڻ تي گاڏي ٻڌي ٻاهر نڪتو، ته کيس سواري ملي وئي، ڀريا ٻه ڪلاڪ پاسينگر کي هيڏي هوڏي گهمائڻ بعد جو کيس ڇڙو هڪ روپيو مليو ته مٿي کان پيرن تائين سڙي ويو. باهه ۾ پئسا روڊ تي اڇلي هو آستان تي آيو ۽ اڃا پگهر به نه سڪايو هئائين، ته هن پارٽي پنهنجا ڀوڳ وري شروع ڪري ڏنا هئا.

”يار دينو، منهنجو ته بک ۾ ساهه ٿو نڪري، هل ته ٻٽي گرهه کائي اچون.“ امين مشڪندي دينو کي چيو.

”تون ير ڀلي کائي آءُ. مان ته جهٽ کن ئي متيرن جي ڀاڄي سان ڍؤ ڪري آيو آهيان.“ دينو رئيس ڏانهن نهاريندي کلندي جواب ڏنو.

سڄي سنگت ۾ ڪوڪرو مچي ويو. رئيس کي باهه وٺي وئي ۽ هن رڙ ڪري چيو، ”ڪتا، بڪ بند ڪر.“

”چاچا مان توسان ڪو ڳالهايان ٿو.“ دينو ائين کلندي جواب ڏنو.

”تنهنجي اڄوڪي سج ۾ لاک نه لهرايم ته مان ٻروچ مئون ناهيان پر تنهنجو تخم آهيان.“ ائين چئي رئيس گهوڙي کي چابڪ هڻي گاڏي کي اسٽان مان ڪڍي فوجداري ڏانهن هليو ويو.“ من در وٽ پهچندي ئي مٿي تان انگوڇو لاهي فوجدار جي پيرن ۾ اڇليو هو.

”فوجدار، تون به ٻروچ ڪو آهين ۽ مان به ٻروچ آهيان. من گهگهي تي نظر ڪري منهنجو ڪو داد ڪرين. دينو ڪهڙي رن جو پٽ آهي جو هڪ ٻروچ کي ’نناون‘ جو نالو کڻي چيڙائي.“ هن روئڻهارڪو ٿي چيو هو ۽ فوجدار هڪدم دينو کي گهرائي کيس گڏهه وانگر ڪٽي بيگر ۾ سندس بگي ماري جاچ ۾ هليو ويو. پوءِ جڏهن شام جو دير سان دينو موٽي آيو هو، ۽ سڀني کي پاڻ سان ٿيل واردات جو ٻڌايو هئائين، تڏهن سڀني شهيد جي روضي ۾ قسما قسمي تي اها ٻڌي ڪئي هئي، ٻيا ته ٺهيو پر زوار به وٺڻ جو نه هو. چي:

”رئيس دينوءَ کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندو هو ته به اسان ڪجهه ڪونه ڪڇيو. هينئر رئيس ايڏي ’مگر‘ وارو ٿي ويو جو پنهنجي ڪرت واري کي فوجداري ۾ مارائي ۽ بيگر وهائي!“

رئيس انهن پورن ۾ هو ۽ پئي پراڻيون ڳالهيون ياد ڪيائين جو هڪ پاسينگر سندس خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. هو کانئس پڇڻ لڳو، ”رئيس لقمان هلبو؟“

”ها بابل ڇو نه هلبو.“ رئيس سڀني ڏانهن نفرت سان نهاريندي بگي اسٽان مان ڪڍي ۽ پاسينگر کي ويهاري زينن کي ساهه ڏني ته گهوڙو ڪنن وٽان ڏوڙ ورائڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن به ٽانگو وهائيندي صبح کان شام تائين کيس ڪونه ڪو بگيءَ وارو مليو، پر نه ڪنهن هن سان ڳالهايو ۽ نه ڪنهن ڪو گٿو لفظ ڪڍيو. ٻيا ته ٺهيو خود دينو سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا دوبدو ٿيو هو پر کيس ڏسندي ئي پري کان بگي روڊ تان لاهي پي ڇڏيائين. هن کان اڳ هو عام طور ان جاءِ تي بيهڻ کان لهرائيندو هو جتي دينو يا سندس سنگت بيٺل هوندي هئي، پر ٻئي ڏينهن هو هاسيڪار ٻٽي ڀيرا سندن وچ ۾ بيٺو هو. هن موقعو پئي تاڙيو ته ڀلي ڪو ساڻس ڀوڳ ڪري پر کيس اهڙو ڪو وجهه ڪونه مليو. سڀني جا وات سڪي ويا هئا. شام جو گهوڙي کولڻ وقت نورو وٽس آيو ته هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي نوري کي چيو: ”نورا سگهڙن سچ چيو اٿئي ته سنڌ کلي سان ٻڌل آهي. ڏس ڪيئن نه ٻن موچڙن ۾ گز ڪري ڇڏيا اٿم.“

”اها ڳالهه ته برابر آ، پر رئيس توکي سڄو ڏينهن ڪنهن سان ڳالهائڻ کانسواءِ مزو اچي ٿو؟“

”مزو، ڇا جو مزو؟“ ان کان وڌيڪ هو الاجي ڇو ڪجهه نه ڪڇي سگهيو.

البت ٽئين ڏينهن جي شام جو جڏهن ’ايڪسپريس‘ جون سواريون لاهي سڀ اسٽان تي بيٺا هئا ۽ ائين چپ چاپ لڳي پئي هئي، تڏهن رئيس جي ڪنن تي، صاحبزادي ٽريفڪ جي سپاهين جو آواز پيو. هو دينوءَ کي چئي رهيو هو، ”هل دينو، توکي فوجدار صاحب گهرايو آهي.“

رئيس ٽيڏي اک سان دينوءَ ڏانهن نهاريو جو ميسڻون منهن ڪري بگي، اسٽان مان ڪڍي رهيو هو. سڀ چپ چاپ هئا. هر ڪنهن کي خبر هئي ته هن وقت دينوءَ کي بيگر کانسواءِ ٻيو ڇا جو سڏ هو.

اوچتو رئيس پنهنجي ڏور کي زور سان سٽڪو ڏنو ۽ رڙ ڪري سپاهيءَ کي چيو، ”صاحب زادا، وڃي پنهنجي بابي فوجدار کي چئو ته دين محمد ڪونه ايندو، کيس اهو به سمجهائي ڇڏ ته اسان بگي وارا پاڻ ۾ وڙهون يا پرچون، تنهن ۾ هن جي ربيع يا خريف؟“

صاحبزادو، ٽريفڪ جو سپاهي، عجب ۽ خار مان ڏانهس گهوريندي پوئتي وريو ۽ رئيس سڀني ڏانهن پيار سان نهاريندي هودي ۾ لڳل گهنٽي وڄائڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com