نورالنساء ميمڻ
قرض
برانيزا جو مشهور ۽ مقدس تالمودي، جيڪو پنهنجي فهم
۽ ادراڪ، زهد ۽ تقدس ۽ خوف خدا کان وڌيڪ پنهنجي
زال جي ڪري مشهور هو، جنهن کي حسن ۽ خوبصورتيءَ جي
ڪري زهره سڏيو ويندو هو. هن کي پاڻ به اهو نالو
پسند هو. تالمودي پنهنجي مذهبي ڪتاب توريت عجيب
انداز سان پڙهندو هو. سمورن انسانن جون شاديون ٻي
دنيا ۾ ٿي وينديون آهن، يعني جڏهن ڪو ڇوڪرو ڄمندو
آهي ته غيبي آواز ان جي ٿيندڙ زال جو نالو وٺي
پڪاريندو آهي. خدا، تالمودي فلسفين کي اهڙيون
عورتون عطا ڪندو آهي، جن کي ٻيا ماڻهو قبول ڪرڻ
کان هٻڪندا آهن. ڇا به هجي، هن يهوديءَ کي خدا
پنهنجي قانون ۾ لچڪ پيدا ڪري، زهره جهڙي سهڻي زال
عطا ڪئي هئي، انهيءَ لائق هئي، جو ڪنهن بادشاهه جي
تخت کي زينت بخشي. سروقد ۽ جذبات ۾ ٿرٿلو وجهندڙ
زهره پنهنجي مغرور مٿي ۽ ڪلهن تي هميشه ڪاري شال
پائيندي هئي. سندس ڊگهين پنبڻين ۾ گهيريل اداسي
هوندي هئي. سندس نرم ۽ نازڪ هٿ اهڙا هوندا هئا،
جهڙا آج مان ٺهيل هجن. انهيءَ حسين عورت کي قدرت
ان ڪري خلقيو هو، ته هوءَ عالم تي حڪومت ڪري. سندس
پرستار سندس قدمن ۾ ڪنڌ جهڪائين.
سندس لازوال حسن ڪنهن مصور جي برش کي جنبش ڏئي يا
ڪنهن بت تراش جي اوزارن کي حرڪت ۾ آڻي يا ڪنهن
شاعر جي قلم کي بي تاب ۽ بيقرار ڪري ڇڏي، پر افسوس
قدرت جي انهيءَ اصول جي خلاف هي حسين گل هڪ گهر ۾
اڪيلو بند ڪيو ويو هو. هوءَ دري مان رستي تي حسين
خواب ڏسندي هئي.
کيس ڪوبه ٻار نه هو. سندس فلسفي مڙس رات جو دير
تائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پنهنجي حسين زال
سان کيس ڪو واسطو نه هو. سندس نظر ۾ ته اهو لڪل
حسن هو، جنهن کي هو باطني تعليم چوندو هو. هن حسين
عورت کي به گهر سان ڪو تعلق نه هو. هو ڪافي مالدار
هو، جنهن ڪري سندس گهر جو ڪاروبار ڄڻ پاڻيهي پيو
هلندو هو. نه ڪو ساڻس ملڻ ايندو هو ۽ نه وري هوءَ
ڪنهن سان ملڻ ويندي هئي. سڄو ڏينهن ڪنهن رنگين
خيال ۾ مست، فڪرمند انداز ۾ ويٺي هوندي هئي.
هڪ ڏينهن جڏهن گجگوڙ سان وسڪارا پئجي رهيا هئا.
دريون ۽ در پاڻمرادو کلي حضرت مسيح جي اچڻ جو
استقبال ڪري رهيا هئا، حسين زهره پنهنجي آرام
ڪرسيءَ تي ڪنهن خيال ۾ گم ڏڪي رهي هئي. اوچتو هن
بيخود ڪندڙ نظرون پنهنجي مڙس تي وڌيون جيڪو توريت
جو مطالعو ڪري رهيو هو. اوچتو هن سوال ڪيو.
”چڱو ٻڌاءِ، ابن دائود هن دنيا ۾ ڪڏهن ايندو؟“
فلسفي وراڻيو: ”مقدس توريت ۾ لکيل آهي ته جيستائين
سڀ يهودي نيڪ ۽ ايماندار نه ٿيندا يا سمورا
بدڪردار ۽ گنهگار نه ٿيندا، ان وقت تائين حضرت
مسيح جو ظهور نه ٿيندو.“
حسين زهره پڇيو: ”ڇا توکي خاطري آهي ته سڀ يهودي
نيڪ ۽ ايماندار ٿي ويندا؟“
”آئون ڪيئن ٿو چئي سگهان؟“
”ان جو مطلب اهو ٿيو، ته جڏهن سڀ يهودي بدڪردار ۽
آواره ٿيندا، تڏهن حضرت مسيح ايندو؟“
فلسفي ان جو ڪو جواب نه ڏيئي سگهيو ۽ توريت پڙهڻ
کي لڳي ويو. حسين زهره وري دريءَ مان ٻاهر تکي
برسات ۾ ڪو مست ڪندڙ خواب ڏسڻ لڳي ۽ غير ارادي طور
تي سندس نرم ۽ نازڪ آڱريون قيمتي شال سان هٿ چراند
ڪرڻ لڳيون.
اتفاق سان ويجهي هڪ ڳوٺ ۾ مذهبي رسمن تان جهيڙو ٿي
پيو ۽ فلسفيءَ کي اوڏانهن وڃڻو پيو ۽ هن پنهنجي
قابليت سبب جهڳڙو طئي ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي ڏينهن گهر
موٽڻ بجاءَ، شام جو ئي پنهنجي دوست سان گڏ موٽي
آيو. هو گاڏي مان لٿو ۽ پنهنجي گهر تائين پنڌ آيو.
جڏهن هو گهر پهتو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو، ته گهر
جون سموريون دريون روشنيءَ سان چمڪي رهيون آهن ۽
ڪنهن آفيسرن جو هڪ نوڪر ٻاهر ويٺي بيفڪريءَ سان
پائيپ پي رهيو آهي.
فلسفيءَ حيرت ۽ دوستاڻي لهجي ۾ ان کان پڇيو:
”هتي ويٺو ڇا پيو ڪرين؟“
”آءٌ هتي ويٺي نگراني ڪري رهيو آهيان، ته حسين ۽
خوبصورت زهره جو مڙس متان جلدي موٽي نه اچي!“
”چڱو ڌيان سان نگراني ڪجانءِ“ ائين چئي، فلسفي
هليو ويو ۽ گهر جي پوئين در کان پهرين ڪمري ۾ داخل
ٿيو هن ڏٺو، ته هڪ ميز تي ٻن ماڻهن جو کاڌو رکيو
آهي، ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ هينئر ئي اٿيا آهن. ٻئي
ڪمري ۾ سندس زال شال ويڙهي ويٺي هئي سندس ڳل ڳاڙها
ٿي رهيا هئا.
سندس مايوس اکين ۾ خوشيءَ جي جهلڪ هئي. هن اهڙين
نظرن سان پنهنجي فلسفي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪي ان تان
ٺٺول ڪري رهيون هيون. اوچتو فلسفي ڪنهن شئي سان
ٿاٻو کاڌو ۽ پاڻ سنڀاليندي پڇيائين:
”هتي ڪير آيو هو؟“
حسين زهره پنهنجي ڪلهن کي مٿي کڻي، بي خبريءَ جو
اظهار ڪيو ۽ ڪوبه جواب نه ڏنائين.
”ڇا، آءٌ سمجهان، ته ڪنهن هٿياربند لشڪر جو ڪپتان
هتي توسان گڏ هو؟“ هن چيو:
”ها، اهوئي هتي آيو هو، پر ڇو نه اچي؟“
”ڇا، تون پنهنجا حواس وڃائي ويٺي آهين؟“ فلسفيءَ
سوال ڪيو.
زهره جواب ڏنو: ”آءٌ ته پوري طرح هوش ۾ آهيان“ وري
جذبات ۾ هيجان پيدا ڪرندڙ انداز سان مسڪرائڻ لڳي-
”توئي ته چيو هو ته جڏهن سڀ يهودي بدڪردار ٿيندا،
تڏهن حضرت مسيح ايندو ته پوءِ ڇا، ان کي سڏائڻ
لاءِ ته هو اچي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏياري
آءٌ، پنهنجو فرض ادا نه ڪريان ها!!!“
قاضي آصف
صدين جو پلئه
اوطاق ۾ ويٺل سڀئي ماڻهن تي سڪتو تاري ٿيل سڀني جا
وات ڦاٽل- ڪنهن جي چُون چران ئي نه، ايتري ۾ وڏيري
جو آواز آيو.
”تو پنهنجو مڙس ماريو آ؟“
بچيءَ جو سنهو ۽ مضبوط آواز اڀريو ”هائو مون
پنهنجو مڙس ماريو آ؟“
”ڇو؟“ وڏيري خداداد خان جا تارا ڦوٽارجي ويا.
”مڙد، زائفن کي ڇو ماريندا آهن؟“ بچيءَ اهڙوئي
مضبوط جواب ڏنو.
خداداد خان سان گڏ اوطاق ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو پريشان
۽ بي وس، ڄڻ ڪو جبل ڦاٽو هجي، سج اوڀر بجاءِ اولهه
کان اڀريو هجي، يا ڪنهن مرد ٻار ڄڻيو هجي.
هي ڇا؟ هي ڪو نئون رنگ لڳو آ دنيا کي؟ ڪنهن هن
سماج جي رواجن کي ڀوريو آ؟ ڪنهن ڪئي ايڏي جرئت، هن
عام رستي جو رخ موڙڻ جي؟ ڄڻ دهل تي ڪو ڏئونڪو هڻي
چئي رهيو هجي- ”بچل.... بچل....!“
ڪٿان آواز آيو، ”بچل تون به نه بچئين!“
”مائي پيرائتي ڳالهه ڪر!“ خداداد خان ڪجهه هوش ۾
اچي بچل کي چيو.
”مون کي ٿاڻي تي وٺي هلو، بيان اُتي ڏيندس.“ بچل
وراڻيو خداداد خان ڊرائيور کي جيپ تيار ڪرڻ لاءِ
چيو. اوطاق ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جون نظرون بچل تي
کتل، سڀني جي ذهنن ۾ مانڌاڻ متل- جيڪو ڪجهه بچل
ڪري آئي هئي. اهو هنن ستني پيڙهين نه ٻڌو هوندو نه
ڏٺو هوندو.
ڊرائيور جيپ تيار ڪئي، بچل جيپ جي پوئين سيٽ تي
ويٺي ۽ وڏيري سميت سندس هٿياربند ڇاڙتا به چڙهيا.
جيپ گرڙاٽ ڪري اڍائي ميل پري ٿاڻي ڏانهن راهي ٿي.
اها خبر سڄي تر ۾ ٻوڙن جي باهه جيان پکڙجي وئي،
جيترا وات اوتريون ڳالهيون، هر ڪنهن پئي پنهجي
دلئون انومن ڪڍيا.
ڪيترن ائين چيو: ”ها- رن وڏي رهزن هئي، ڪو چگهه اڳ
۾ ئي هئس، ٺهيل هئي رن ڪنهن سان، ڀلا اڄ تائين
ائين ڪنهن بندوق سان مڙس کي ماريو؟ اسان جا مٿا
اڇا ٿيا. ائين ڪڏهن نه ٻڌو نه ڪنهن رن پنهنجو مڙس
ماريو هجي، ڪارو منهن ٿيل هو رن جو.“
بچل جواب جماڻ عمر ويهه سالن کان مٿي ڪان هئس،
جُڙئي سان شادي کي پنج سال گذري ويا هئس، هن
پنهنجي مڙس کي صبح جو ساجهر گهر ۾ بندوق جا ٻه
ساندهه فائر ڪري چچري ڇڏيو. مڙس ماريو آ، جيپ کي
ڊرائيور ٿاڻي تي اچي بريڪ هڻي بيهاريو.
خداداد خان کي وٺي صوبيدار وٽ آيو ۽ کيس چيائين
”صوبيدار صاحب، هن بندوق سان پنهنجو مڙس ماريو آ،
بيان وٺوس.“
صوبيدار عجب ۾ پئجي ويو، ڀرسان ويٺل وڏي منشي کي
چيائين ته ”مائي جو بيان لک.“
وڏي منشي پنن وچ ۾ ڪاربان وجهي پينسل سنڀالي مائي
کي چيو ”ها مائي بيان ڪر.“
”صاحب، نالو بچل اٿم، جڙئي سان شادي ابي ڪرائي
ڳالهه هيءَ آهي ته سومهڻيءَ جو هڪ جوان جماڻ مائي
جڙيو گهر وٺي آيو، مان پنهنجي گهر جي ڪم ڪار ۾
رڌل، مائي کي هٿ ڏئي چيم ته اندر هلي ويهه ته مان
ڪم مان واندي ٿي اچان، مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته
هيءَ ڪير هئي، سڃاڻندي ته ڪانه هئي مانس، سو مان
ته وري به پنهنجي ڪم سان لڳي ويس، جڙيو به اڱڻ تي
بيٺو هو. نه ڄاڻ ڪهڙي گهڙي هو، اندر هليو ويو، کيس
اندر ويندي مون نه ڏٺو.“ هن ٿورو کنگهي نڙي ٺاهي
وري چيو: ”مان مينهن ڏهي اندر ويس لوئي کڻڻ، سيءَ
سرءُ به ڏاڍو هو، جان کڻي ڏسان ته.... ته“ بچل جي
نڙي سڪي وئي اکيون آليون ٿي ويس، ڳيت ڏئي اڳتي
ڳالهه ڪيائين: ”جڙيو رن کي ٻکيو پيو، مان ڀڙڪو ڏئي
پوئتي موٽيس، هنن مون کي ڪونه ڏٺو، ڄنگهون ڏڪيم
پئي، اکين آڏو اونداهه اچي وئي، هنيانءُ ۾ وڍ پئجي
ويا، ٻاهر اچي ٿوڻي کي ٽيڪ ڏئي هيٺ ويهي رهيس،
لوري پئي لڳي، پر مون کي ڪا سُڌ ڪانه هئي ته ڪٿي
آهيان، ڪيئن آهيان، اکين مان ڳوڙها وهي پيا هئم“
هينئر به بچل ڳوڙها پئي اگهيا، نڪ سڻڪي وري چيائين
”مان ته جڙئي کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهندي هئس، مڙس
سان مون کي ڏاڍي دل هئي، ڀلا مڙس کان وڌيڪ ڪنهن
سان دل ٿيندي؟ مون کي ڪهڙي سڌ ته جڙيو رڳو منهنجي
منهن تي منهنجو هو، سائين ڪڏهن ائين به ٿيو ته ڪو
مڙس زال هوندي بازار جي مائي وٺي اچي، مان ڪهڙو
جڙئي سان مدي هلي هئس ڏکئي سکئي وقت ۾ ٻٽ هوندي
هئي مانس، جيڪو ڏئي اهوئي مون لاءِ کوڙ، ڪڏهن انگل
به نه ڪيو هو مانس انڪري جو، مون کي سڌ هئي ته،
اسان کي ايڏي وسيت ڪانهي اسان غريب آهيون بچل هٿ
جي تري کي ڏسندي چيو: ”پوءِ به جڙئي مون سان فريب
ڪيو، هروڀرو اها مرضي هئس، ته ڪنهن ٻئي هنڌ جهر
جهنگ وٺي وڃيس هان. هيئن دينا داستي، اکين آڏو
ساڙڻ لاءِ ڇو پئي آندائين، ٻڌاءِ صاحب ڪو پنهنجي
پيار کي اکين آڏو ڪسندو ڏسي سگهندو؟ هان صاحب
ٻڌاءِ بچل ڍنڍڪرن ۾ پئجي وئي، سڀئي ويٺل ماڻهو پٿر
بڻجي ويا، بچل سڀني کي روئڻ جهڙو ڪري ڇڏيو پر چهرا
سڀني جي ساڳيا ڪٺور هئا.“
ها مائي، اڳتي بيان ڪر، وڏي منشي ڀڻڪيو. وري بچل
ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”مان سڄي رات ٻاهر ويٺي روئندي
رهيس، سڀ گهر جا ڪم وسري ويا، ٻلي کير جي چونري
هاري وئي، ڪتو ڀت جي ڪُني وڃائي ويو، مان نه
اُٿيس، مون کي ڪجهه نظر ئي نه پئي آيو جڙئي کي اهو
حياءُ به نه پيو ته ٻاهر زال ويٺي آ، ڏک سک جي
همراهه، جڙيو سڄي رات رن سان سُتو رهيو، حياءُ شرم
جو دنگ ڪري ڇڏيائين، رن کي به شرم نه پيو، پر ان
ڏي ڪهڙو ڏوهه جڏهن مڙس ئي ڦريل هو،“ بچل رئو
ٺاهيندي اڳتي چيو:
”ملان لله اڪبر ڪئي ته رن رئو مٿي تي رکي گهران
نڪري وئي، رن به ڪا ڇڙواڳ هئي.
مان پوءِ به ويٺي رهيس، سج ڪُني ڪڍي ته مان ڪجهه
ڪنجهي ڪشڪي اٿيس. سڄو جسم اڃان به ٿڙڪيو پئي، رڙهي
اندر ليئو پاتم ته جڙيو پاسيرو ڀت ڏانهن منهن ڪيو
سُتو پيو هو،“ کن رکي وري چيائين، ”جڙئي کي ڏٺم،
مون کي الاءِ ڇا ٿي ويو، هنيانءُ ڦاٽڻ لڳو. جيئن
جڙئي کي ڏٺم پئي تيئن اکين ۾ ٻاٻوري ڪنڊا پئي
ڇپيا، پير، پير ڏئي ڪوٺي ڏانهن ويس هڪ نالي بندوق
۽ ٻه ڪارتوس کڻي بندوق ۾ ڪارتوس وجهي گهوڙو چاڙهي
وري به پير پير ۾ ڏئي جُڙئي جي ڀرسان آيس، ڀانئيم
پئي ته جڙئي جي اک لڳي وئي هئي، ڀلا سڄي رات جو رن
سان جاڳيو هو.“ بچي جون اکيون ڳاڙهيون ٿينديون
ويون ”بندوق لؤندڙي جي ڀرسان جهلي ٺڪاءُ ڪرائي
مانس ته مٿو ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويس، بندوق مان خالي
ڪارتوس ڪڍي، ڀريل ڪارتوس وجهي گهوڙو چاڙهي سيني تي
ٺڪاءُ ڪرايومانس ته سينو پُرڻ ٿي ويس.“ بچي پنهنجي
نرڙ تي آيل پگهر اگهندي چيو: ”ائين صاحب مون غيرت
۾ اچي پنهنجو مڙس ماريو.“
”تون، زال پنهنجي مڙس کي، ماريو؟“ صوبيدار هر لفظ
چٿي چٻاڙي ڳالهائيندي چيو.
”صاحب مون پنهنجو بيان ڏنو.“ بچل وراڻيو ”باقي مڙس
زالن کي ڇو ماريندا آهن، مڙس زالن کي مارن ٿورڙين
ڳالهين تي، منهنجي ماسي کي پنهنجي مڙس رڳو شڪ ۾
ماريو، اها ٿي مرد لاءِ غيرت، مرد رڳو زالن،
مائرن، ڀينرن سان پيار ڪندا آهن ٻئي سان سهي ناهن
سگهندا، ۽ ماري ڇڏيندا آهن ان سان هنن جي عزت تي
حرف اچي عزت رڳو اسان زالن ذات لاءِ آهي، ڇا اسان
پنهنجي مڙسن سان پيار نٿيون ڪريون. هنن کي ٻين سان
ڏسي اسان جي دل ڳڀا نه ٿي ٿئي؟ منهنجي ڳوٺ جون
ڪيتريون سدا ملوڪ موملون ائين ري گناهه مري ويون.
“بچل تپندي وئي، شايد صوبيدار جي ٽوڪ سهي نه
سگهي.” پنهنجن ڀائرن، پنهنجن ڀينرن کي ڪهاڙين سان
ڪٺو، هو ته ويچاريون گگدام واهر لاءِ ڪنهن کي سڏي
به نه سگهيون، منهنجي ننڍي ڀيڻ، منهنجي پيءُ، سڀني
گهر ڀاتين جي آڏو ڪهاڙي سان ڪُٺي، ويچاري ڏاڍو ڀڳي
هئي، سِر بچاءُ لاءِ اسان هنيانءُ ڦاڙي رانڀاٽ
ڪياسين ابي کي قرآن لاهي وڌوسين، ته به نه مڙيو،
اهائي ٿي توهان لاءِ غيرت ۽ ڪورٽ سڳوري به هن ڪوس
کي، غيرت بهانو ڏئي ڏوهاريءَ کي سزا به نه ٿي ڏي،
سڀ وائڙا، سڀ سوچ ۾ گم، ته تون، بچل..... جهنگ جي
جهانگياڻي هي ايڏو ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهين، ايترو
عقل ڪٿان آيو توکي!؟“
۽ پوءِ صوبيدار وڏيري کي چيو، ”سائين اسين جاءِ
واردات ڏسنداسين، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلبو.“
صوبيدار سپاهي ڏانهن منهن ڪندي چيو ”هن مائي کي
لاڪپ ڪر.“
صوبيدار، وڏيري سان اٿي جاءِ واردات ڏسڻ ويو، ۽
سپاهي بچل کي وٺي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو، بچل ڪوٺي ۾
وڇايل تڏي تي، اچي ليٽي، ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڇت کي
گهورڻ لڳي، ٻاهر ڳوٺ ۽ تر ۾ ان ڳالهه جو چئو ٻولهه
۽ هي اندر ڪوٺي ۾ بند هن جي اندر ۾ ماٺار هئي. سوچ
جون سڀ ڳڙکيون بند، ڪڏهن ڪڏهن خبر نه، ڇا سوچي
سندس اکيون ڀرجي پئي آيون، پر، هن ڳوڙها پي پئي
ڇڏيا، ڀلا هاڻ ڇا ٿيڻو هو، هن جي ذهن ۾ اوچتو هڪ
خيال آيو ”مون گناهه ڪيو آ؟“
۽ ان ئي گهڙي هيءَ ڇرڪ ڀري اٿي، ويٺي، ۽ هن من ئي
من ۾، وڏي رڙ ڪري چيو ”ها، ها مون گناهه ڪيو آ،
مان گهنگار آهيان پر اهو گناهه اهو پاپ ته روزانو
ڪٿي نه ڪٿي مرد ڪن ٿا، جيڪڏهن اُهي، بي گناهه ۽
غيرتي آهن ته مان رڳو قاتل ڇو؟ ڇا مون پنهنجي مڙس
سان پيار نه ڪيو هو. هن کي ٻئي سان ڏسي منهنجو
اندر نه سڙيو هو، ها پر مون صدين جا پلئه چڪايا
آهن غلط رواجن جو جواب ڏنو آ مون، مان انهن سڀني
گگدام عورتن جو آواز آهيان. جيڪي ري گناهه قتل
ڪيون ويون. ها مان عورتن جو آواز آهيان“ ۽ پوءِ
بچل جي ذهن تي بي سرتي ڇائنبي پئي وئي ۽ هوءَ وري
تڏي تي ليٽي پئي.
نورالنساء ميمڻ
ڄار
چارلي ۽ ميڪس جيڪو گڏجي واپار ڪيو هو. تنهن ۾ کين
پهرئين سال تي وڏو گهاٽو پيو. جا رقم انهن سيڙائي
هئي ان جو ڳپل حصو ضايع ٿي ويو هو. ڪاروبار هلڻ جي
ڪا صورت نظر نٿي آئي. پر پوءِ اوچتو هڪ حسين دلڪش
ڇوڪريءَ جو تعاون حاصل ٿيڻ سان ڪاروبار هلڻ ته ڇا
پر بنهه چمڪي ويو.
ڊيلي معمولي هوٽل ۾ ملازمه هئي، هڪ شام جو هن جي
ملاقات چارلي سان ٿي ويئي، چارلي ڇوڪري کان متاثر
ٿيندي پڇيو: ”تون ايڏي حسين هوندي به هڪ ننڍڙي ۽
بيڪار هوٽل ۾ ملازمت ڇو ٿي ڪرين؟“ ڇوڪري کيس ٻڌايو
ته هو هر قسم جو رقص ڄاڻي ٿي. پر ڪوبه سندس ڳچ
عرصي لاءِ ساٿ نٿو ڏئي، جو هو ڪنهن وڏي ڪلب تائين
پهچي سگهي، کيس جيڪو به مليو سو فريب ڏئي ناتا
ٽوڙي ويو. چارلي خاصو چالاڪ هو. هن ڊيلي کي آٿت
ڏيندي سندس اکين جي گهرائي تي هڪ پيار ڀري نظر
وجهي چيو ”تون منهنجي فرم لاءِ ڪم ڪر مان توسان
شادي ڪري سگهان ٿو.“
”پر شرط اهو ته جيئن اسان چيو ڪاروبار وڌيڪ ترقي
ڪري.“
ڊيلي پڇيو: ”ڪم ڪهڙو هوندو؟“ ”معمولي ڪم آهي. توکي
گهرن ۽ دفترن ۾ وڃي مال جي تعريف ڪرڻي پوندي ۽
آرڊر وٺي اچڻو پوندو.“
جيئن ته ڊيلي مردن جي نفسيات کي خوب سمجهندي هئي.
هن هوٽل جي نوڪري ڇڏي ڏني ۽ چارلي ۽ ميڪس جي سيلز
گرل بنجي وئي. هو هفتي کن اندرئي خانگي دفترن مان
مختلف شين جا آرڊر وٺي آئي هئي. آرڊر ڏيندڙن جو
وڏو تعداد مردن جو هو. ڪن کي ڪلهه جو واعدو ڏئي
ڪنهن سان ٻه ٻول ڳالهائي ڪنهن کي پنهنجي ناز ۽
انداز سان انڌو ڪري آئي هئي. اهڙي طريقي سان چارلي
۽ ميڪس جو ڪاروبار وڌي ويو. ڊيلي سندس تقدير جو دڳ
ئي مٽائي نيون راهون کولي ڇڏيون. هڪ سال جي اندر
فرم اهڙو نالو ڪڍيو جو کين گهر ويٺي آرڊر ملڻ لڳا.
چارلي ڊيلي کي پنهنجي گهر ۾ رکيو.
ڊيلي کي هن سان نه پر هن جي ڪاروبار سان محبت هئي.
ٽن سالن بعد چارلي ۽ ميڪس جي ڪاروبار جي آمدني
ڪافي وڌي وئي، ميڪس کي چارلي تي اعتماد هو، ان ڪري
هن چارلي سان حساب ڪتاب نه رکيو. پر پوءِ چارلي
حساب ڪتاب ۾ دل کولي بي ايماني ڪندو رهيو ۽ ڊيلي
کي عيش ڪرائيندو رهيو. انهيءَ بدنيتيءَ جي رازدان
فقط ڊيلي هئي. هڪ ڏينهن ميڪس ڪاروبار وسيع ڪرڻ
لاءِ هڪ نئين ترڪيب سوچي جنهن لاءِ وڏي رقم گهربي
هئي هن چارلي کان پڇيو.
بئنڪ ۾ فرم جي نالي ڪيتري رقم جمع آهي. چارلي هن
کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن ميڪس نه مڙيو. ان
اندازي مان ميڪس کي شڪ ٿيو ته ضرور ڪا گڙ ٻڙ آهي.
هن پنهنجي حساب جي جاچ پڙتال ڪئي ته خبر پئي ته 30
هزار پائونڊ هيڏي هوڏي ٿيا آهن.
سڄو حساب ڪتاب پنهنجي قبضي ۾ ڪري هن چارلي کي 30
هزار پائونڊن جو حساب ڏيڻ لاءِ چيو. ٻي صورت ۾ کيس
دوکي ۽ غبن جو مقدمو دائر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.
هوڏانهن چارلي صاف انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تان ٻنهي ۾
جهڳڙو شروع ٿي ويو. اتفاق سان ڊيلي اچي وئي. جيئن
ڪمري ۾ داخل ٿي ته ڏٺائين ميڪس اٿي چارلي کي گلي
مان ورتو ۽ چارلي سنهو ماڻهو هو. هن جون اکيون
ٻاهر نڪري آيون، ڊيلي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ٻه ٽي
ماڻهو ڊوڙي آيا جن چارلي ميڪس کان ڇڏايو. ٻاهر وڃي
ماڻهن چارلي کي سمجهايو ته جيڪڏهن هو چاهي ته هن
کي پوليس جي حوالي ڪري سگهي ٿو.
ميڪس ڊڄي ويو. چارلي جو جسم سنهو ليڪن دماغ جو
شاهوڪار هو، هن هڪدم چيو ته هن ۽ منهنجو ذاتي
جهيڙو آهي. اسين پاڻ ۾ ملي فيصلو ڪنداسين.
ميڪس کي ڪجهه جان ۾ جان آئي هن چارلي کي چيو ”ڇا
تون واقعي صلح ۽ صفائي سان ويهي جهڳڙو ختم ڪندي.“
چارلي چيو ته ”سڀاڻي شام تائين مهلت ڏئي؟ مان تو
وٽ ايندس ۽ فيصلو ڪنداسين.“
ڊيلي چارلي کان پڇيو: ”تون سڀاڻ شام تائين ميڪس
سان فيصلو ڪيئن ڪندي؟ ڇا تون هن کي 30 هزار پائونڊ
واپس ڏيندين؟“
چارلي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين: ”جيستائين تون مون
سان گڏ آهين مون کي ڪنهن جو به ڊپ ڪونهي. مان توکي
ٻڌايان ٿو ته مان ڇا ڪرڻ وارو آهيان! مون کي
تنهنجي تعاون جي ضرورت آهي.... ٿورو سوچڻ ڏي.“
اهو چئي چارلي ٻئي ڪمري ۾ هليو ۽ گهري سوچ ۾ پئجي
ويو ۽ فقط ايتريقدر سوچي سگهيو ته هو ميڪس کي قتل
ڪندو پر پوءِ هن جي اڳيان معاملو اهو هو ته پوليس
جي ڄار کان ڪيئن بچي سگهي ٿو؟ ميڪس گهر ۾ اڪيلو
رهندو هو. رات جي وقت هن کي قتل ڪرڻ مشڪل نه هو پر
چارلي کي اهو احساس پريشان ڪري رهيو هو ته ٻن ٽن
ماڻهن هن کي تازو ميڪس کان ڇڏايو هو ۽ انهن کي علم
هو ته چارلي ۽ ميڪس جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي چڪو آهي ۽
پوليس کي ٻڌائي سگهن ٿا ته ميڪس جو قاتل چارلي ٿي
سگهي ٿو.
ان کان علاوه بئنڪ مان ثبوت ملي سگهي ٿو ته ميڪس
حساب ڏٺو آهي. ٿي سگهي ٿو ته بئنڪ وارن کي هن جي
رقم لاڙ ڦاڙ ڪرڻ جو علم هجي. ڊيلي ۾ به هن کي شڪ
هو ته پوليس هن کي ڊيڄاريو يا ڌمڪايو ته راز فاش
ڪري ڇڏيندي! نيٺ سوچيندي سوچيندي هن کي هڪ ترڪيب
سمجهه ۾ آئي ته هو اخبارن ۾ هيءَ خبر ڇپائي ته
چارلي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. خبر شايع ٿيڻ سان گڏ
پاڻ غائب ٿي ويندس ۽ رات جي وقت ميڪس کي قتل ڪري
ٻاهر نڪري ويندس. اهڙي ريت پوليس کيس تلاش نه ڪندي
ڇو ته پوليس رپورٽ موجب مون خودڪشي ڪري ڇڏي هوندي.
هن اسڪيم جي سمورن پهلوئن تي خوب غور ڪيو ۽ ڊيلي
کي رازدان بنايو، ڊيلي قتل جو نالو ٻڌي ڊڄي ويئي،
پر چارلي کيس يقين ڏياريو ته هو کيس پاڻ سان ٻاهر
وٺي ويندو. ڊگها وعدا ۽ ڊگهين ڳالهين تي ڊيلي راضي
ٿي وئي.
رات جو پهريون پهر گذري ويو. چارلي ڊيلي کي چيو ته
هو هڪ وڏو بنڊل ٺاهي جنهن ۾ لوهه ۽ ڪاٺ جا ٽڪرا
ڀري. ڊيلي بنڊل بنائڻ لڳي ۽ چارلي زندگي جو آخري
پيغام لکڻ لڳو. هن پيغام جي آخر ۾ لکيو ته: ”مان
خودڪشي ڪري رهيو آهيان.“ هيٺ پنهنجي صحيح ڪئي ۽
ڪاغذ تهه ڪري پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌا ساڳئي کيسي
۾ پنهنجي نالي وارو ملاقاتي ڪارڊ به وڌو ۽ ڪوٽ کي
ڪلهي تي رکي ڊيلي کان بنڊل ورتو. بنڊل جو وزن اٽڪل
پنجويهه سير کن هو. چارلي ڊيلي کي چيو ته خودڪشي
جي خبر شايع ٿيڻ کان پوءِ توسان ملندس. هن 35 هزار
پونڊ ڊيلي کي ڏنا جيڪي هن بئنڪ ۾ جمع نه ڪرايا
هئا. چارلي پڻ انهي رقم جي آسرو تي ميڪس کي قتل
ڪري ٻاهر وڃڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. ٻاهر نڪري بنڊل
پنهنجي ڪار ۾ رکيو ۽ رات جي اونداهي ۾ گم ٿي ويو.
چارلي شهري حدن کان لنگهندي درياءَ جي پل ويجهو
ڪار روڪي ۽ بنڊل کڻي ڪوٽ کي ڪلهي تي رکيو ۽ پيادو
هلڻ لڳو. پل تان ٻه چار ڪارون لنگهي ويون پر چارلي
ائين گهمي رهيو هو ڄڻ ته ڪنهن شخص جي تلاش هجي، هن
پل جي ڀرسان هيڏي هوڏي ڏٺو ته بتين جي ٽمٽمائيندڙ
روشني ۾ هن کي پنجاهه سٺ وال پري هڪ نوجوان مرد ۽
عورت پل جو سهارو وٺي بيٺل نظر آيا. چارلي ڪوٽ پل
تي رکيو ۽ بنڊل کي درياءَ ۾ ڦٽو ڪيو. پل چڱي خاصي
وڏي هئي ايترو مٿان کان بنڊل پاڻي ۾ ڪريو ته ان جو
آواز پري پري تائين هليو ويو. مرد ۽ عورت ڇرڪ ڀري
هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته کين چارلي جون گهٻرايل
آواز ۾ رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. ”اچو اچو هڪ ماڻهوءَ ٽپو
ڏنو آهي؟“ مرد ۽ عورت ڊوڙندا آيا چارلي هيٺ ڏٺو ۽
چوڻ لڳو ڏسو مٿي آيو آهي يا ٻڏي ويو.“
”يا رب! هڪدم ٻڏي ويو ويچارو!“
چارلي هنن کي ٻڌايو ته ”هن پنهنجو ڪوٽ پل تي رکي
ٽپو ڏنو، جيڪڏهن مون کي ٿورو به شڪ پوي ها ته مان
ڊوڙي کيس پڪڙي وٺان ها. مهرباني ڪري اوهان مان ڪو
پوليس کي اطلاع ڪري. مان هتي پرديسي آهيان، ڄاڻ
سڃاڻ نه اٿم.“ مرد ۽ عورت حامي ڀري ته واقعي انهن
به ٽپ جو آواز ٻڌو آهي. چارلي وري چيو ”ڏسو هن جو
ڪوٽ هتي پيو آهي. اوهان ڪوٽ کي هٿ نه لڳائجو.
پوليس ڄاڻي ۽ سندس ڪم.“ اهڙي ريت هو اتان کسڪي
ويو. هن پنهنجي ڪار پل وٽ ڇڏي ڏني ۽ لنڊن جي هڪ
گمنام هوٽل ۾ غلط نالو ٻڌائي ڪمرو ورتو. ٻئي صبح
جو هن ذري گهٽ سڀ اخبارون ڏٺيون پر سندس خودڪشي جي
خبر نه هئي. اهو ڏينهن هن ڏاڍو بي چينيءَ سان
گذاريو. ٻئي صبح جو هن وري چار پنج اخبارون
گهرايون ۽ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته اخبار ۾ خبر
سان گڏ هن جي تصوير به ڇپيل هئي. سڀني اخبارن سندس
آخري خط کي به شايع ڪيو هو. خبر موجب چارلي جو ڪوٽ
پل تي پيل مليو، جنهن جي کيسي مان اهو خط مليو،
پوليس جي خبر موجب، درياءُ جي ڪيفيت ٻوڏ جي آهي،
تنهڪري لاش ڪڍڻ ۾ اٺ ڏهه ڏينهن لڳندا.
چارلي جي رٿيل اها اسڪيم ڪامياب رهي. پوليس کي پڪ
ٿي ويئي هئي ته چارلي مري ويو آهي. هاڻي ميڪس کي
قتل ڪرڻ باقي هو. جنهن بابت پوليس اهو شڪ نه ڪري
سگهندي ته قاتل چارلي آهي. هن ان مقصد لاءَ هڪ وڏي
سائيز جو چاقو پاڻ وٽ رکيو هو. رات ٿي ۽ اوندهه
وڌڻ لڳي ته هن هوٽل مان ميڪس جي گهر تي فون ڪيو.
ٻي طرف ميڪس رسيور کڻندي چيو: ”هيلو ميڪس پيو
ڳالهايان.“ چارلي ”او ساري رانگ نمبر“ هن فون بند
ڪري ڇڏيو، چارلي کي پڪ ٿي ته ميڪس گهر ۾ موجود
آهي. هن چاقو سنڀاليو ۽ ٽيڪسي ۾ سوار ٿي ميڪس جي
گهر پهتو. دروازو کڙڪايائين ته دروازو ميڪس پاڻ
کوليو. چارلي جو هن کي ڪمري ۾ قتل ڪرڻ جو ارادو
هو. کيس توقع هئي ته ميڪس هن کي ڏسندي مڇرجي
ويندو. پوليس کي اطلاع ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندو، ليڪن هت
ته معاملو ئي الٽو هيو، ميڪس چارلي کي ڏسڻ لڳو
پوءِ آهستي آهستي حيرت زده ٿي چوڻ لڳو : ”او
منهنجا عزيز دوست چارلي! تو ته خودڪشي ڪئي هئي؟“
”ليڪن مان بچي ويس“ چارلي چيو: ”تو مون کي موت جي
منهن ۾ وڌو هو! پر.“
”تون پاڳل آهين چارلي!“ ميڪس ڀاڪر پائي ڏکايل آواز
۾ چيو:
”تون تصور به نه ڪري سگهندي ته توکي زنده ڏسي مون
کي ڪيڏي خوشي ٿي آهي. لعنت آهي 30 هزار پونڊن تي
مون کي تون ان حقير رقم کان وڌيڪ پيارو ۽ عزيز
آهين! مون کي خبر پئجي ويئي آهي ته تو اها رقم
وڃائي نه هئي. مون کي غلط فهمي ٿي هئي.“
”تون سچ ٿو چوين ته توکي غلطفهميءَ ٿي هئي.“ چارلي
پڇيو:
”چاهي ڇا به هجي“ ميڪس چيو” مان تو جهڙي دوست کي
هٿان نه وڃائيندس، خدا جو قسم صبح کان وٺي بي حال
آهيان اندر اچ! ڏس ڊيلي به هتي آهي اسان ٻيئي
تنهنجي موت جو ٻڌي روئيندا رهيا آهيون.“
چارلي جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ڊيلي اتي موجود
هئي. هن سوچيو ته ڊيلي هتي ڇو آئي آهي؟ ڪٿي هن
ڀانڊو ته نه ڦوڙي ڇڏيو آهي؟ ليڪن ميڪس جي اهڙي بي
لوث محبت ڏسي هن جو شڪ لهي ويو. ميڪس چيو” مان
تنهنجي زندگيءَ جي نالي تي توکي پنهنجي هٿن سان
شراب پيش ڪندس. جنهن بعد هو ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.
ان دوران چارلي ڊيلي کان ٻٽي ڳالهيون پڇيون، جنهن
مان اندازو لڳايائين ته ميڪس کي يقين ٿي ويو آهي
ته هن يقيني طور تي خودڪشي ڪئي هئي ۽ هو واقعي
بيحد افسوس ڪري رهيو هو، ايتري ۾ ميڪس ٽري کڻي آيو
جنهن ۾ ٽي گلاس ڀريل هئا. هن پهريون گلاس پنهنجي
هٿ سان چارلي کي ڏئي ٻيو ڊيلي کي ڏنو ۽ ٽيون پاڻ
کنيو. ٽنهي هڪئي وقت گلاس ختم ڪيا. چارلي کي ٻن ٽن
سيڪنڊن گذرڻ کان پوءِ محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ سڄو
ڪمرو گهمي رهيو هجي جنهن بعد هن تي غشي اچي وئي.
ڊيلي ميڪس کي چيو: ”جلدي اثر ٿي ويس.“ ميڪس چيو
”ڪيترو نه سٺو ٿيو جو ڪمبخت پاڻ ئي هليو آيو، نه
ته اسان کي ڳولڻو پوي ها. ڊيلي مان تنهنجو سڄي عمر
احسانمند رهندس تو وقت کان اڳ سڀ ڪجهه ٻڌايو.“
”ٻڌايان ڪيئن نه“ ڊيلي مسڪرائيندي چيو: ”توکي ته
اڃا تائين يقين نه آيو هوندو ته ڪو مان توسان محبت
ڪريان ٿي. جيڪي ٽيهه هزار پائونڊ هن منهنجي حوالي
ڪيا هئا ۽ مان توکي ڏئي چڪي آهيان، انهن پئسن جي
نشي ۾ هن مون کي انگلستان کان ٻاهر وٺي وڃڻ ٿي
چاهيو. بدڪردار چوندو هو ته اتي مان توسان شادي
ڪندس ائين هن مون کي نوڪر بنائي رکيو هيو.“
”مان توسان شادي ڪندس ڊيلي.“ ميڪس هن کي پيار ڀريل
نظرن سان ڏٺو ۽ بي هوش چارلي کي ڏسي چيو: ”پهرئين
هن جو ڪم تمام ڪريون.“ ڊيلي جي چوڻ تي هن شهر جي
کاٻي پاسي تي پنهنجون آڱريون رکيون ۽ هوا جون
ناليون بند ڪري چارلي جي نبض کي جهلي رکيو، چارلي
کي تڙپڻ جو هوش ڪٿي هو، چئن منٽن کان پوءِ هن ڊيلي
کي چيو: ”مري ويو!! هاڻ هن لاش کي ٺڪاڻي لڳائجي.
هي ڪو مشڪل ڪم نه آهي. ڊيلي پوليس کي خبر آهي ته
48 ڪلاڪ اڳ خودڪشي ڪري چڪو آهي. هاڻ لنڊن جا ماڻهو
ان خبر جي انتظار ۾ ويٺا آهن ته سندس لاش درياءَ
مان ملي ٿو يا نه. اخبارن جي خبرن موجب لاش اٺن
ڏينهن کانپوءِ ئي درياءَ مان نڪرندو. ميڪس اچارلي
جي لاش کي ڪلهي تي کنيو ۽ پٺئين دروازي کان ٻاهر
نڪري ويو جتي سندس ڪار بيٺي هئي. هن لاش کي ڪار ۾
وڌو ۽ درياءَ ڏانهن روانو ٿيو. ان دوران ڊيلي هن
جو پريشاني سان انتظار ڪرڻ لڳي. ڪلاڪ کن کانپوءِ
جڏهن ميڪس کي ٻيهر ڏٺو ته خوشي وچان پڇيائين”ڪيئن
ڪم ٺيڪ ٿي ويو.“ ميڪس مرڪندي چيو: ”بلڪل ٺيڪ! ڪنهن
به درياءَ ۾ لاش کي اڇلائيندي نه ڏٺو.“
ستين اٺين ڏينهن بعد پوليس پاران اخبار ۾ خبر ڇپي
ته چارلي نالي هڪ شخص جنهن فلاڻي رات درياءَ ۾ ٽپو
ڏئي خودڪشي ڪئي هئي، تنهنجو لاش درياءَ جي ڪناري
تان اڄ مليو آهي. انهيءَ خبر جي ٻن ٽن ڏينهن بعد
ميڪس ۽ ڊيلي جي شادي به ٿي ويئي.
فردوس مزناڻي
رات جي پهرين پهر جي خاموشي
جڏهن شام جو سرمئي مائل رنگ رات
جي ڪاراڻ ۾ بدلجڻ لڳو هو، تڏهن آسمان تي آيل ڪارن
ڪڪرن اُن رات کي وقت کان اڳ ئي وڌيڪ ڪارو ۽ ڀيانڪ
بنائي ڇڏيو هو. گجگوڙ جي آواز ۾ پوندڙ وڏڦڙو پلٽا
ڪري وسي رهيو هو، انهيءَ رات جي پهرين پهر تنهنجي
منهنجي آخري ملاقات هئي، مون ته گهڻوئي ٿي چاهيو
ته انهيءَ رات جو کن پل به نه گذري ڇو ته توکي رات
جي انهيءَ پهر ۾ ئي وڃڻو هو ۽ مان هيس جو رات جي
انهيءَ پهر کي بيهي رهڻ جون صدائون ڪري رهي هيس.
مان رات جي انهيءَ پهر جي هڪ هڪ سيڪنڊ کي بيهي
رهڻ جون صدائون ۽ منٿون پي ڪيون، پر رات هئي جا
وسڪاري جي وڏڦڙي جي تکائي ۾ لڙهندي ٿي ويئي. مان
خاموش هيس پر تون ڪڪرن جي گجگوڙ وانگر ئي ڳالهائي
رهيو هئين.
توئي هن ملاقات کي آخري ملاقات جو نالو ڏنو ۽ توئي
وري نه ملڻ جو فيصلو صادر ڪيو. مان تنهنجا اُهي سڀ
فيصلا اهڙي مجرم وانگر پي ٻڌا جيڪو عدالت ۾، بي
گناهه هوندي به سزا قبوليندو آهي. مان به بلڪل
انهي بي گناهه ڏوهاري وانگر پنهنجو پاڻ کي بي ڏوهي
هوندي ڏوهاري قبوليو ۽ تنهنجي سڀني ناانصافين جي
ٻڌايل سزا ڪاٽڻ لاءِ تيار ٿي ويس. مون چاهيو پي ته
توکان انهيءَ ڏاڍائي جو ڪارڻ پڇان، پر ڄڻ ته
منهنجي ڳلي کي آلو نه ڪري سگهيس، حالانڪه مان دل
ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي همٿ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي
هيس ۽ پنهنجو پاڻ تي خار به کائي رهي هيس ۽ پاڻ کي
اهو به چئي
Sensitize
ڪيم ته مان جيڪا عورتن جي حقن ۽ جنس جي بنياد تي
بيٺل فرق کي مٽائڻ واري جاکوڙ ۾ شامل آهيان. پر
پوءِ به هڪ مرد کان پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ جو
جواز پڇي نٿي سگهان. مان اندرئي اندر ۾ پنهنجو پاڻ
سان ڳالهائي رهي هيس.
عيسيٰ توئي ٿوري خاموشيءَ کان پوءِ چيو هو، تنهنجي
”8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي“ واري پروگرام ۾ ڪيل
تقرير ڪالهه واري اخبار ۾ ڇپي آهي، تو ڏٺي اُها
اخبار ۾.
مون صرف ڪنڌ سان نه ڪئي ۽ وري به خاموش رهيس. پر
تون ڳالهائيندو ئي رهين . تو چيو تنهنجي انهيءَ
تقرير ۾ جيڪا ”عورت ۽ مرد جي جنس جي بنياد تي فرق
مٽائڻ ۽ برابريءَ واري ڳالهه ڪيل آهي.“ اها بنهه
مون کي ڪونه وڻي، تو اها ساڳي ڳالهه ريڊيو تي ڏنل
انٽرويو ۾ به چئي هئي، جنهن تي مون کي ان وقت به
سخت چڙ آئي هئي ۽ خار مان مون ريڊيو آف ڪري ڇڏيو
هو.
مان توکي بنا ڪنهن تجسس جي تڪي رهي هيس ۽ تنهنجي
آواز ۾ اڃان به تکائي ۽ چڙ ايندي ٿي وئي. تو
مردانگي (اُها جيڪا عورت تي سماجي جوڙجڪ ۾ قابض
آهي) واري جوش ۾ چيو ”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته
عورت ۽ مرد هن سماج ۾ برابر ٿي هلن. ڇا اُهي گهرن
۾ عورتن سان گڏجي ٿانو ڌوئڻ ۽ ٻهاري ڪڍڻ ۽ ٻار
پالڻ“ ، تنهنجو ته لڳي ٿو مٿو ڦري ويو آهي ۽ تون
پنهنجي مٿي سان گڏ ٻين عورتن جو به مٿو
ڦيريندينءِ. تون اهو ڇو نه ٿي مڃين ته اهو قدرت جو
نظام آهي. جنهن ۾ مرد جي خدمتگار عورت آهي، اگر
خدمتگار حاڪم جي برابر ٿي وڃي ته پوءِ هي نظام
ڪيئن هلندو.
مان اڃان به خاموش هيس، مون کي لڳو منهنجو ڳلو
ائين سڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي ڄڻ ٿر جي زمين بنا برسات
جي. چاهيندي به ڳالهائڻ جي سگهه ساري نه سگهيس. پر
دل ۾ چاهيم پي ته توکي چوان ته تون ڪهڙي قدرت جي
نظام جي ڳالهه پيو ڪرين، جتي عورت کي مرد جي پٺيان
هلڻ جو حق آهي. عورت کاڌو پچائي پر کائي آخر ۾،
چاهي سندس لاءِ اڻ پورو ئي ڇو نه هجي. عورت ۽ مرد
جنس جي بنياد تي وسيلن جي انهيءَ اڻ برابريءَ واري
ورهاست کي تون قدرت جو نظام ٿو چوين. خاندان جي
ملڪيت پٽ لاءِ ته سڄي ساري پر ڌيءَ جو ڪوبه حق
ناهي. ڇا! اهو آسماني قانون آهي ته پٽ جي ڄمڻ تي
ڳيچ ڳايو ۽ مبارڪون ڏيو، پر ڌيءَ جي ڄمڻ تي ماتم
ڪيو، بددعائون ڏيو ۽ کيس منحوس ڪوٺيو.پٽ کي ته
تعليم ڏياريو پر ڌيءَ کي انهيءَ جي لائق ئي نه
سمجهو، مان دل ئي دل ۾ رڙيون ڪندي توکي ڪجهه چئي
رهي هيس. پر زبان سان توکي ڪجهه نه چئي سگهيس.
حالانڪه مون توکي اهو به چوڻ ٿي چاهيو ته تون مڃين
نه مڃين، پر هي نظام مرد جو ٺاهيل نظام آهي، جنهن
۾ عورت بلڪل هيڻي آهي، اُها مرد سان مرد جي
دشمنيءَ ۾ ”ڪاري“ ڪري ماري ٿي وڃي.
”ڪارو“ (مرد) سان ته ڪانه ڪا دشمني آهي تڏهن ڪارو
ٿي مري ٿو، پر عورت انهيءَ ڪري ٿي مري ته اُها
عورت آهي، انهيءَ جو مرڻ قاتل کي قانوني سزا کان
بچائي ٿو. مان انهيءَ قانون کي قانون نه، پر سماج
جي هٿ ٺوڪين ريتن ۽ رسمن جو نظام چوندس. پر عيسيٰ
مان انهيءَ وقت توکي ڪجهه چئي نه سگهيس ته مان
ته تنهنجي آخري ملاقات واري فيصلي ۾ ڄڻ ته همٿ
هاري ويٺي هيس. مان توکي آخري دفعو اهو به نه چئي
سگهيس ته مان توسان بيحد ۽ بي حساب پيار ڪيو آهي.
تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين، تون پنهنجو خيال
رکجانءِ، پر تون هن آخري ملاقات ۾ ائين ڳالهائي
رهيو هئين، ڄڻ ته سالن کان اهي ڳالهيون تنهنجي
اندر ۾ هجن ۽ مون کي چوڻ لاءِ تون آتو هجين.
تو هن ملاقات کي آخري ملاقات جو نالو ڏيئي اسان جي
ٽن سالن جي پريم رشتي کي ٽوڙيو ۽ منهنجي سڀني
نظرين کي رد ڪيو. حالانڪه مون ته اهو سوچيو هو ته
تنهنجي ساٿ سان مان اُهي سڀئي نظريه فتح ڪنديس.
مان اڃان به خاموش هيس ۽ تون منهنجي خاموشيءَ جو
فائدو وٺندي ڳالهائيندو رهين.
تو چيو فيري! تون پنهنجو پاڻ کي بولڊ ٿي سمجهين
نه، ۽ تون چاهين ٿي ته اسان هڪ ئي ڇت هيٺان
برابريءَ واري حيثيت ۾ رهون ۽ گڏجي زندگي گذاريون-
پر توکي خبر آهي؛ اسان مردن کي اهي بولڊ ڇوڪريون
اسٽيج تي بيٺل تقرير ڪندي ئي سٺيون لڳنديون آهن.
اسان انهن جي تقريرن تي وڏا هٿ کڻي تاڙيون
وڄائيندا آهيون ۽ گلو ڦاڙي تعريف ڪندا آهيون، پر
صرف پنڊال تائين، انهن بولڊ ڇوڪرين سان اسان ڪنهن
سٺي اسپاٽ تي چانهه پيئڻ ۽ ماني کائڻ ته پسند ڪندا
آهيون، پر پنهنجي ٻارن جي ماءُ ٺاهڻ پسند نه ڪندا
آهيون.
عيسيٰ مان تنهنجي انهن سڀني ڳالهين ٻڌڻ سان گڏ
اندرئي اندر ۾ جنهن ڪرڀ ۽ پيڙا مان گذري رهي هيس،
ان جو اندازو توکي بنهه ڪونه هو. مون کي ته لڳو
توکي اها به خبر نه ٿي پئي ته تون ڳالهائين ڇا
پيو. |