سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2/ 2002ع

مضمون --

صفحو :10

باب ٻارهون

ٽاپسي

انڪل ٽام جو ڪمرو اصطبل مٿان هڪڙي ننڍڙي ڪوٺي هو. ان ۾ هڪڙو بسترو، هڪڙي ڪرسي ۽ هڪڙي ننڍڙي ننڍڙي کهري قسم جي ميز هئي، جنهن تي ٽام جو بائيبل ۽ مداحن جو ڪتاب پيو هو. هن ايوا کي التجا ڪري هڪڙو لکڻ جي لاءِ ڪاغذ ورتو هو، جيڪا سندس ڪلهن مٿان نهاري رهي هئي. جيئن هن ٽيبل وٽ ويٺي، هڪڙي سليٽ مٿان مشق پئي ڪئي.

”اوهه، انڪل ٽام، تون ڪهڙيون عجيب شڪليون پيو ٺاهين.“ هن چيو.

”مان پنهنجي ويچاري ڪراڙي زال ڏانهن خط لکڻ جي ڪوشش پيو ڪيان، مس ايوا، ۽ پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن کي.“ ٽام پنهنجي اکين مٿان هٿ ڦيريندي چيو، ”پر مون کي ڊپ آهي مان لکي نه سگهندس.“

”مان چاهيان ٿي، مان تنهنجي مدد ڪيان، ٽام.“ ايوا چيو، ”مان گذريل سال ڪجهه لکڻ ذرو سکي هيس، پر مون کي ڊپ آهي، مان ڀلجي وئي آهيان. پر اسان ڪوشش ڪنداسين.“

تنهنڪري ايوا پنهنجو ننڍڙو مٿو هن جي ويجهو رکيو ۽ ٻنهي گڏجي خط تي ڪم شروع ڪيو. ”هائو، انڪل ٽام، هي سچ پچ سهڻو لڳڻ شروع ٿيو آهي.“ هن چيو، ”چاچي چلوئي ڪيڏي نه خوش ٿيندي. منهنجو ارادو آهي، مان بابا کي چونديس ته هو ڪنهن ڏينهن توکي واپس وڃڻ جي اجازت ڏي.“

انهيءَ گهڙي سينٽ ڪلير دروازي مان اندر آيو.

”هي ڇا آهي؟“ هن سليٽ ڏانهن ڏسندي چيو.

”هي ٽام جو خط آهي، مان هن جي مدد پئي ڪيان.“ ايوا جواب ڏنو، ”هي سٺو ناهي ڇا؟ اهو نهايت ضروري آهي ته هو خط لکي، ڇاڪاڻ ته سندس مالڪياڻي هن کي خريد ڪرڻ لاءِ رقم موڪلڻ واري آهي.“

”چڱو ٽام،“ سينٽ ڪلير چيو، ”تو لاءِ بهتر ٿيندو تون پنهنجو خط لکڻ جي مون کي اجازت ڏي. جڏهن مان سواري ڪري گهر ايندس، مان اهو ڪندس.“ ۽ انهي شام ٽام جو خط لکجي، ٽپال ۾ ويو.

هڪڙي صبح جڏهن مس اوفيليا مٿي مصروف هئي، هن سينٽ ڪلير کي سڏيندي ٻڌو، ”اچ، سوٽ مون وٽ توکي ڏيکارڻ لاءِ ڪا شيءِ آهي.“

”اهو ڇا آهي؟“ مس اوفيليا ايندي چيو، ”ڏس، مان تولاءِ هي وٺي آيو آهيان.“ هن اٽڪل اٺن سالن جي عمر جي هڪڙي ننڍڙي شيدياڻي ڇوڪري کي اڳيان ڇڪيو.

هن جو گول چمڪندڙ اکيون ڪمري جي چوڌاري تڪڙو گهمي رهيون هيون. هن جا اُوني وار ننڍڙين چوٽين ۾ وٽيل، هر طرف پکڙيل هئا. هن کي گدلا ليڙيون ٿيل لٽا پهريل هئا ۽ هن جا هٿ هن جي اڳيان ويڙهيل هئا.

”ٽاپسي،“ سينٽ ڪلير چيو، ”هي تنهنجي نئين مالڪياڻي آهي.“

”هائو، سائين،“ ٽاپسي چيو، هن جون شطاني اکيون ٽمڪڻ لڳيون، جيئن هن ڳالهايو.

”تون سٺو ٿي ڏيکاريندين؟“ سينٽ ڪلير چيو.

”پر مون کي هن جي گهرج ناهي،“ مس اوفيليا چيو.

”چڱو،“ سينٽ ڪلير چيو، ”هوءَ ٻن شرابي ماڻهن وٽ هئي، جيڪي هر وقت کيس ماريندا آهن. تنهن ڪري مون کيس خريد ڪيو. هوشيار ۽ مزي جهڙي نظر پئي اچي. ڪوشش ڪر تون هن سان ڇا ڪري سگهين ٿي.“

تنهن ڪري مس اوفيليا ڪم شروع ڪيو. سڀ کان پهريائين هن کي صاف ڪري، واجبي وڳو پارايائين ۽ هن جا وار ڪتري ننڍا ڪيائين. پوءِ هن جي سامهون ويهندي، هن چيو، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي، ٽاپسي؟“

”خبر ناهي! سانئڻ،“ ٽاپسي چيو.

”خبر ناهي!“ مس اوفيليا چيو، ”چڱو تنهنجي ماءُ ڪير هئي؟“

”ڪڏهن به ڪا ڪين هئي.“ ٻار ڏند ڪرٽيندي چيو.

”ڪڏهن به ڪا ماءُ نه هئي، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ تون ڪٿي ڄائي هئينءَ؟“ مس اوفيليا پڇيو.

”مان ڄائي نه هيس.“ ٽاپسي جواب ڏنو.

”تون مون کي اهڙي رستي جواب نه ڏيندي ڪر.“ مس اوفيليا چيو، ”اچ ، مون کي ٻڌاءِ تنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڪير هئا؟“

”ڪڏهن به ڪو پيءُ نه هو، نه ماءُ، نه ئي ٻيو ڪوئي.“ ٽاپسي چيو.

”تون ڪڏهن خدا جي باري ۾ ٻڌو آهي، ٽاپسي.“ مس اوفيليا چيو.

ٻارڙي وائڙي ٿي نظر آئي. تنهن ڪري مس اوفيليا اڳتي چيو، ”ڇا توکي خبر آهي توکي ڪنهن ٺاهيو آهي؟“

”ڪنهن به نه، جيستائين مون کي خبر آهي، مون کي شڪ آهي مان اُسري آهيان، نٿي سمجهان ڪنهن به مون کي ٺاهيو آهي.“

”تون ڇا ٿي ڪري سگهين، ٽاپسي؟“

”“پاڻي ڀري، ٿانو ڌوئي ۽ ماڻهن جي خدمت ڪري سگهان ٿي.“ هن جواب ڏنو.

”چڱو، ٽاپسي، مان توکي سيکارينديس. مان توکي پنهنجو بسترو ٺاهي ڏيکارڻ کان شروع ڪنديس.“

”هائو، سانئڻ.“ ٽاپسي چيو.

”هاڻي هيٺيون چادرون ويڙهه هيئن.“

”هائو، سانئڻ.“ ٽاپسي چيو

”۽ مٿيون چادرون هيئن.“

”هائو، سانئڻ.“ ٽاپسي چيو. جڏهن مس اوفيليا پٺي ورائي، هن جهٽ هڻي هڪڙو دستانن جو جوڙو ۽ هڪڙي ربن سينگار جي ميز تان کڻي، انهن کي پنهنجي ٻانهن ۾ لڪائي ڇڏيو.

”هاڻي تون بسترو ٺاهه، ٽاپسي.“ مس اوفيليا چيو.

ٽاپسي شروع ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان ربن جو هڪڙو ڇيڙو سندس ٻانهن مان هيٺ لهي لٽڪڻ لڳو.

”شرير ڇوري!“ مس اوفيليا ربن کي پڪڙي رڙ ڪئي. ”تو هي پئي چورايو.“

”قسم آ، نه سائنڻ، مان هن کي هن گهڙي کان اڳ ڏٺو ئي ناهي.“

”ٽاپسي، مون کي توکي چهبڪ هڻڻا پوندا جيڪڏهن اهڙي طرح ڪوڙ ڳالهائيندينءَ.“ مس اوفيليا هن کي ڌونڌاڙيندي چيو.

”قسم آ، سائنڻ، جيڪڏهن توهان مون کي سڄو ڏينهن چهبڪ هڻنديون، مس اوفيليا، مان ڪنهن ٻئي نموني نه ڳالهائينديس.“ ٽاپسي چيو.

پر لوڏن ٻانهن مان دستانن کي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو.

”هاڻي، ٽاپسي.“ هن جي مالڪياڻيءَ چيو، ”جيڪڏهن تون انهن سڀني جي باري ۾ اقرار ڪرين، مان هن ڀيري توکي چهبڪ ڪين هڻنديس.“ تنهن ڪري ٽاپسي اقرار ڪيو کيس معافي ملي.

ويچاري ٽاپسي! هوءَ شرارتن ۽ حرڪتن سان ڀريل هئي ۽ هن جو نچڻ، بولاٽيون کائڻ، مٿي چڙهڻ، گانا ڳائڻ ۽ سيٽي وڄائڻ جهنگلي ۽ حيرت انگيز هئا. ڪنهن ڪنهن مهل هو طول وهاڻي کي مس اوفيليا جي شب خوابي جو لباس پارائي هن سان چوڌاري نچندي هئي، هڪڙي ڀيري هوءَ پنهنجي مالڪياڻي جي بهترين هندستاني شال پنهنجي مٿي تي ويڙهي، آئيني جي اڳيان وڏي انداز سان نچندي لڀي.

”ٽاپسي.“ مس اوفيليا رڙ ڪئي، ”تون اهڙيون حرڪتون ڪيئن ٿي ڪرين؟“

”خبر ناهي، سائنڻ، مون کي شڪ آهي، ڇاڪاڻ ته مان تمام شيطان آهيان! قسم آ سائنڻ، توهان مون کي چهبڪ ضرور هڻو.“

”پر مان ڪين ٿي چاهيان.“ مس اوفيليا چيو.

ويچاري ٽاپسي! مون کي پنهنجي سموري زندگي ڪاوڙ ۽ دڙڪن کان سواءِ ڪجهه ڪين مليو هو. ۽ اهو گهڻي وقت کان پوءِ ممڪن ٿيو جو هن رحمدلي جي رستن کي سمجهڻ سکيو.

باب تيرهون

سينٽ ڪلير ۽ ايوا

انڪل ٽام جي خط چاچي چلوئي کي بيحد خوش ڪيو، ۽ هن پنهنجي دل ۾ کيس واپس خريد ڪرڻ لاءِ رقم حاصل ڪرڻ جو پهه ڪيو.

”ڇو، سائنڻ.“ هن چيو، ”اسان ٻڌو آهي ته توهان جي هڪڙي بسڪوٽ ٺاهڻ واري کي هڪ سٺي بورچي جي ضرورت آهي ۽ چار ڊالر هفتي ۾ ڏيندو. مون کي وڃڻ ڏيو سائنڻ، اهو رقم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.“

تنهن ڪري بيگم شيلبي راضي ٿي ۽ چلوئي جي رقم هر هفتي ٽام کي خريد ڪرڻ لاءِ پاسيري ڪري ٿي رکي ۽ نوجوان جارج ٽام کي خط لکي انهي جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو. ٽام انهي خط کي پڙهندي ڪڏهن به ڪين ٿڪجندو هو. اهڙي طرح ٻه سال لنگهي ويا.

ٽام ۽ ايوا گهرا دوست هئا. هو هميشه بهترين گلن يا ميون لاءِ واجهائيندا هو، جيڪي کيس آڻي ڏئي سگهي ۽ هوءَ بدلي ۾ سندس بائيبل مان پڙهي ٻڌائڻ جي عادي هئي.

هڪ شام ايوا پنهنجي پيءُ کي چيو، ”مان وري سچ پچ ڪڏهن به تندرست ٿي ڪين سگهنديس. هو آزاد هجن، ڪو اهڙو رستو ڪين آهي، جو سڀني غلامن کي آزاد ڪري ڇڏجي؟ مون سان واعدو ڪيو، هر حالت ۾، ته ٽام کي سندس آزادي ڏيندا، جڏهن مان گذاري وڃان.“

”اوهه ٻچڙي.“ سينٽ ڪلير چيو، ”مرڻ جي ڳالهه نه ڪر، منهنجي لاءِ دنيا ۾ تون ئي سڀ ڪجهه آهين، ۽ مان سڀ ڪجهه ڪندس، جيڪو تون چاهين. مان توکي ڪڏهن به ڪين وساريندس.“

پوءِ جيئن ته اوندهه پئي ٿي. هن کيس پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي سندس ڪمري ۾ پهچايو ۽ هتي کيس لولي ڏيندو رهيو، جيستائين هن کي گهري ننڊ اچي وئي.

باب چوڏهون

ايوا ۽ ٽاپسي

 

هڪڙي آچر جي شام سينٽ ڪلير ورانڊي ۾ پنهنجي زال ۽ ايوا سان ويٺو هو، جڏهن مس اوفيليا پنهنجي پٺيان ٽاپسي کي گهليندي ظاهر ٿي ۽ چيائين، ”مان هن ٻار کي وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگهان. ڳالهه سموري برداشت کان گذري چڪي آهي. هن هاڻي هاڻي گڏين جون صدريون ٺاهڻ لاءِ منهنجي ٽوپ جي جهالر کي ڪٽي ڇڏيو آهي.“

”هيڏانهن اچ، ٽاپسي، تون ڀولڙي!“ سينٽ ڪلير چيو. ”توکي اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لاءِ چئي ڪير ٿو؟“

”قسم آ، سائنڻ،“ ٽاپسي جواب ڏنو. ”شڪ آهي ته اها منهنجي پاپي دل آهي. اهو ڪجهه ناهي، رڳو شيدي پڻو. ڪا واٽ ناهي.“

انهي گهڙي ايوا ٽاپسي کي پنهنجي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو. هو ورانڊي جي آخر ۾ ننڍڙي شيشي جي ڪمري ۾ ويون.

”هاڻي ايوا جو ارادو ڇاهي؟ مان وڃي ڏسان ٿو.“ سينٽ ڪلير ڪجهه منٽن کان پوءِ چيو. هن شيشي جي در تان پردو کڻي اندر ليئو پاتو، پوءِ هن مس اوفيليا کي اشارو ڪيو ته هو پڻ ڏسي.

هتي ٻئي ٻار فرش تي ويٺا هئا. ٽاپسي پنهنجي روايتي بي پرواهه انداز ۾ ۽ ايوا پنهنجي اکين ۾ ڳوڙهن سان پئي چيو، ”تون سٺي ڇو نٿي بڻجين، ٽاپسي؟ ڇا توکي ڪنهن سان پيار ناهي؟“

”مون کي پيار جي باري ۾ ڪا خبر ناهي. جيڪڏهن منهنجي کل لاٿي وڃي ۽ گوري ٿي پوان ته شايد سٺي ٿي پوان. پر مان هڪڙي شيدياڻي آهيان، مان توسان پيار ڪريان ٿي ۽ چاهيان ٿي تون سٺي ٿين. ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ ته بس ٿورو وقت مس، مان توسان گڏ هونديس.“

ٽاپسي جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون ۽ هڪ هڪ ٿي ڳوڙها ايوا جي ننڍڙي هٿ تي ٽمڻ لڳا.

”ويچاري ٽاپسي.“ ايوا چيو. ”يسوع توسان پيار ڪري ٿو، هو توکي سٺو بڻجڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندو.“

”اوهه، مس ايوا.“ ٽاپسي چيو، ”مان ڪوشش ڪنديس، مون کي هن کان اڳ انهي جي باري ۾ ذري به پرواهه نه هئي.“

سينٽ ڪلير پردو ڪيرائي ڇڏيو.
باک پنهور

ڪم جون ڳالهيون

1- اکين ۾ خارش ٿيڻ يا مٽي پوڻ سان جلن ٿئي ته عرق گلاب اکين ۾ وجهو.

2- خالي پيٽ ڪيلو کائڻ سان پيٽ ۾ سور پوندو آهي.

3- آرسي يا شيشي کي اخبار سان صاف ڪجي ته داغ وغيره لهي ويندا.

4- مڇي کائڻ مهل ڪنڊو نڙيءَ ۾ ڦاسي وڃي ته مانيءَ جا ٻه ٽي وڏا گرهه کائڻ سان ڪنڊو اندر هليو ويندو.

5- ماني کائڻ مهل هميشه پهرين هٿ ڌوئو.

6- ٿوم صاف ڪرڻ مهل ٿوم کي گرم پاڻي ۾ پسائي رکو ته ٿوم جلدي صاف ٿي ويندي.

7- گوشت کي جلدي ڳارڻو آهي ته گدري جون کلون سڪائي پيهي رکو گوشت رڌڻ مهل اڌ چمچو وجهو ته گوشت جلدي ڳري ويندو.

8-چپن جي ڪاراڻ ختم ڪرڻ لاءِ کير ۽ زعفران پيهي ڪجهه ڏينهن لڳائجي ته چپ گلابي ٿي پوندا.

9- آمليٽ کي ڦيٽڻ مهل هڪ چمچو کير وجهي ڦيٽيو ته ترڻ مهل وڏو ٿي پوندو.

10- بيدا اٻارڻ مهل ان ۾ هڪ چمچو لوڻ جو وجهجي ته بيدن جون کلون جلدي لهي وينديون.

11- ميندي پسائڻ مهل، ميندي ۾ گدامڙيءَ جو پاڻي وجهي ڳوهجي ته رنگ تيز ٿي ويندو.

12- ليمي جو رس عرق گلاب ۾ وجهي منهن تي لڳائڻ سان منهن جو رنگ صاف ٿيندو.

13- نيرانو هڪ گلاس پاڻي ۾ ليمي جو رس ۽ ماکي ملائي پيئڻ سان رنگ صاف ٿيندو ۽ وزن به گهٽ ٿيندو.

14- رات جو سمهڻ مهل ٿورو زيتون جو تيل گرم ڀرؤن تي هڻڻ سان ڀرؤن ڪارا ۽ گهاٽا ٿيندا.

15- نم جو ڏندڻ ڏيڻ سان ڏندن کي ڪيڙو ڪو نه لڳندو.

16- ليمي جون کلون سڪائي پيهي، ان سان ڏند صاف ڪجن ته ڏند چمڪدار ٿي ويندا.

17- ٽٽل بيضن کي اٻارڻ مهل  پاڻي ۾ ٿورو سرڪو ملايو ته بيضا سٺي نموني اٻارجي ويندا، انهن جو اندروني مواد ٻاهر ڪونه نڪرندو.

18- زردو يا ٻئي ڪنهن شيءِ جي چاشني تيار ڪرڻ مهل کنڊ ميري هئڻ جي ڪري چاش ۾ مير اچي ويندي آهي، ان ۾ کير جا ڦڙا وڌا وڃن ته چاش تي مير ڪونه ايندي.

19- ٻوڙ ۾ لوڻ وڌيڪ پئجي وڃي ته اٽي جو ڳوڙهو ٺاهي ٻوڙ ۾ وجهجي ته لوڻ گهٽ ٿي ويندو.

20- بسڪٽ جي ڊٻي ۾ اگر شگر ڪيوب وجهي ڇڏجن ته بسڪٽ خشڪ ۽ تازا رهندا، نمي شگر ڪيوبس جذب ڪري ڇڏيندا.

21- ڪڏهن ڪڏهن ماکي رکڻ سان سڪي ويندي آهي، ان شيشي کي گرم پاڻي ۾ وجهجي ته ماکي اصلي حالت ۾ اچي ويندي آهي.

22- بلب کي هميشه صاف ڪندو رهجي ته بلبل گهڻي عرصي تائين هلندو ۽ روشني به گهڻي ڏيندو.

اختر بلوچ                                    قسط – 3

سنڌياڻي ماسڪو ۾!

 

يونيورسٽي جي وچ ۾ هڪ سائنسدان جو وڏو مجسمو هو. گائيڊ ٻڌايو ته هي يونيورسٽي 18 صدي ۾ قائم ٿي، 1953ع ۾ اسٽالن جي زماني ۾ هي موجوده بلڊنگ ٺهي. ۽ هن وقت هتي 30 هزار شاگرد پڙهن ٿا. عمارت پراڻي طرز جي انتهائي خوبصورت هئي. ٽيهن ميلن تائين پکڙيل يونيورسٽي ۾، اسان ڪيترائي فوٽا ڪڍيا. اتان پوءِ يونيورسٽي پينوراما تي آياسين، هيٺ سڄي شهر جو خوبصورت نظارو ڏسڻ ۾ پي آيو، خاص ڪري ماسڪو ندي، جيڪا شهر جي وچ مان پئي وهي. 16 صدي ۾ ٺهيل ڪانفرنس قلعي وٽ، ٻه ايراني ڇوڪريون مليون. هڪ جو نالو ”ازين“ هو، انتهائي ملوڪ هئي. لنڊن ۾ جلاوطني جا ڏينهن گذاري رهي هئي.

اتان پوءِ پريزيڊنٽ هائوس، ڪريملن، ماسڪو فيئر، لينن اسٽيڊيم، ٽالسٽائي ميوزم، پشڪن هائوس، گورڪي پارڪ، لينن لائبرري، استرو وسڪي هائوس، بالشويڪ ٿيٽر ۽ چيخوف ميوزم لاڳيتا ڏٺاسين. هتي گهٽيون چوڪ، رستا ۽ مشهور عمارتون روس جي عظيم  نالن سان منسوب آهن. اسان وانگر ڪونهي ته شهر اسان جا، نالا ڌارين جا. هي ڪيترن ئي قومي سرويچن جا مجسما پڻ چوڪن ۽ پارڪن ۾ لڳل آهن. گورڪي پارڪ اڳيان ڪاري پٿر جو تمام وڏو، ”ڪامريڊ لينن“ جو مجسمو لڳل هو، ڀرسان ئي اينجلس جو وڏو مجسمو هو، خاص طور تي يوري گيگرين (روسي خلاباز) جو تمام اوچو اڇي ڌاتوءَ جو مجسمو ٺهيل هو، مٿي ڄاڻايل پارڪ ۽ بلڊنگس اڳي رئيسن شهزادن ۽ نوابن جا محل ۽ گهر هئا. جيڪي سڀ هاڻي عوامي آفيسون، اسڪول، لائيبرريون ۽ ميوزم آهن. ٻي جنگ عظيم دوران تباهه ٿيل هي شهر، جنهن خوبصورتي سان وري هنن ٺاهيو آهي، اها ڳالهه ساراهڻ جوڳي آهي، گائيڊ اسان کي سٽي هال جي هڪ وڏي ۽ خوبصورت بلڊنگ ڏيکاري، جيڪا خبر ناهي ڪيئن پنهنجي اصلي جاءِ تان 14 ڪلوميٽر ريڙهي اڳيان آندي اٿن حيرت آهي.

بس ۾ گهمندي ٻن پهرن جا ٻه ٿي ويا. هوٽل پهچندي ئي ڊائنگ هال ۾ ماني لاءِ ڀڳاسين. ماني کان پوءِ آئيس ڪريم کارايائون. مون محسوس ڪيو ته هتي منهنجي طبيعت هلڪي ٿي لڳي ۽ پاڻ کي چست ڀي محسوس ڪيم، پوءِ اندازو لڳايم ته اهو کاڌي جي ڪري هو. مرچ، سڻڀ ۽ ماني جي نه هئڻ سبب ڳوراڻ محسوس ڪانه ٿي ٿئي. ڪمري جي صفائي هڪ وڏي عمر جي مائي پي ڪئي. اسان وٽ شهرن ۾ ماين جون ڌيون ڪم ڪار جهڙيون ٿين، يا ننهون گهرن ۾ اچن، ته پاڻ ڪم کان رٽائر ٿيو، وڃو کٽ والارين، پوءِ بلڊ پريشر، گيس ۽ سنڌن جي سور جي چوويهه ڪلاڪ شڪايت. پر ٻي پاسي اسان جي ٻهراڙي جون مايون مرڻ گهڙي تائين پورهيو ڪنديون رهنديون آهن.

شام جو تيار ٿي هيٺ لٿاسين. اسان جي وفد جي پاڪستاني سفير دعوت ڪئي هئي، پاڪستاني ڪائونسلر ۽ ان جي زال اسان کي وٺڻ لاءِ آيا هئا. بس ۾ اسان جي گائيڊ الينا به گڏ هلي. پر پوءِ اسان کي سفارتخاني جي عمارت پراڻي طرز جي ٺهيل هئي. اندر فرش تي ڏاڪڻ تي سهڻا ۽ قيمتي ايراني قالين وڇايل هئا. سفير ۽ سندس خوبصورت زال اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ٽيبل تي نمڪين کاڄا ۽ بادام وغيره رکيل هئا. ڪجهه دير ۾ ٻه ملوڪڙيون روسياڻيون شربت کڻي آيون. جن متعلق ڪائونسلر جي زال ٻڌايو ته روسي مايون ڊيوٽي جون پابند ۽ ڪم جون مڙس ماڻهو آهن. اڃا شربت پي پيتوسين ته سفير صاحب پنهنجي تقرير شروع ڪري ڏني. روس جي تاريخ، مسلمان قوميتن ۽ روسين جي نيڪيءَ کان ڳالهه شروع ڪيائين ۽ ڇيهه اچي حسب دستور ڪيائين. وفد کي هتي گهرائڻ جو مطلب ئي اهو سمجهائڻ هو، ته ڪانفرنس يا ڪميشن ۾ ڪڇون پڇون نه، ”مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.“ ڪري ويهون. سفير تقرير پئي ڪئي ۽ ماين پاڻ ۾ تبصرا پي ڪيا. جي ٻڌي وٺي ها ته ماني کارائڻ کان سواءِ، روانو ڪري ڇڏي ها. خير تقرير دنگ ڪيو ۽ ماني شروع ٿي. کاڌا پاڪستاني طرز تي رڌل هئا، سو اسين سڀ لڳي ويوسين جو ٻٽي ڏينهن ڦڪو کائڻو پيو هو. روسي ماين مهارت سان سروس پئي ڪئي. نيٺ ڏهين بجي بس آئي ۽ اسين واپس ٿياسين. ۽ ايندي شرط سمهي رهياسين. جو ٻي ڏينهن ڪانگريس جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻو هو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي فٽافٽ تيار ٿي، ستين بجي ڊائيننگ هال ۾ پهچي ويوسين. هال ۾ سمورا وفد ناشتو ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ايلينا (گائيڊ) اسان کي پوري  اٺين بجي هيٺ لائونج ۾ پهچڻ جي سخت تاڪيد ڪئي هئي. سو اسان جلدي جلدي ناشتو ڪيو. اسان کي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روسي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪارڊ مليا هئا. جنهن ۾ نالو وغيره به روسيءَ ۾ لکيل هو. روسي لپي به انگريزيءَ جهڙي آهي، پر ڳالهائڻ ۾ صفا ٻي آهي، ذرو به سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو. پوري اٺين بجي هيٺ لائونج ۾ پهچي ويون. سڀ وفد پنهنجن پنهنجن گائيڊن سان موجود هئا، هن هوٽل ۾ تقريباً ڏيڍ هزار مايون رهيل آهن. هيتري رش هوندي به هرڪو وفد آرام سان گروپن ۾ بيٺو هو. سڀني کي ڪارڊ ڳچين ۾، هڪ جهڙا ٿيلها هٿن ۾ ۽ ڪنڌ ۾ رومال ٻڌل هئا. ڏاڍو جوش ۽ خروش لڳو پيو هو ٻاهر  پنجاهه کن بسون تيار بيٺيون هيون.

فوزيه حبيب صديقي

مرگهيءَ جو مرض، ان جا ڪارڻ ۽ اپاءُ

 

ننڍپڻ ۾ ٻڌو هئم ته مرگهي هڪ لاعلاج مرض آهي ليڪن مرگهيءَ جي حالت ۾ پادر سنگهائڻ سان ماڻهو ٺيڪ ٿي ويندو آهي، مون کي اعتبار نه آيو سو بابا سائين کان پڇيم، پاڻ چيائون ته پادر سنگهائڻ سان ماڻهو ٺيڪ نٿو ٿي سگهي، ليڪن اهڙو واقعو منهنجو ڏٺل آهي. هڪڙو ماڻهو منهنجي روبرو ڳالهائيندي اوچتو هيٺ ڪري پيو ۽ تمام گهڻو ڦٿڪڻ لڳو. ٻين ماڻهن چيو ته هن کي مرگهي ٿيندي آهي، پادر سنگهائڻ سان ته ٺيڪ ٿي ويندو. پنجن، ڇهن منٽن ۾ واقعي ٺيڪ ٿي ويو. بابا سائين صلاح ڏني ته انهيءَ باري ۾ مطالعو ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com