گلو اُٺن جي قطار کي چيو ويندو آ، ۽ گلي ۾ قطاريل
اُٺ کي سُڪيءَ جو ٻيڙو به سڏيو ويندو آهي. جهڙِي
طرح سُر سامونڊيءَ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ٻَيڙن
جهازن تي ويندڙ وڻجارن ۽ وَنيُن کان عارضي طور
وڇڙڻ جو، واپس ورڻ جو ذڪر ڪيو آهي، اهڙي نموني آصف
صاحب، سُڪيءَ جي ٻيڙي جو، لڏپلاڻ جو ذڪر، ٻهراڙيءَ
جي ونين جي وَرلاپ، وڇوڙي، اوسيئڙي ۽ ڏوراپن جي
ڏانءُ سان ڪيو آهي، اِها صَنف هاڻي کُٽجندي پئي
وڃي. هڪ هنڌ ٻهراڙيءَ جا اصطلاح هيئن لکيا اٿس.
عورت اوجهڙ پاڻ نه پوندي،
مَڙدن پاتيون ڇايُون آهن.
اوجهڙ پوڻ يا ڇائي پائڻ، وارا اصطلاح روڊن وارن
پَڪن شهرن ۾ ڪونه ٿا ورجائجن. پر ٻهراڙيءَ ۾ اڃا
اُچارجن پيا.
هن ٻهڳڻ ۾ پيارن ماڻهن سان پيار پرچڻ جو وڏو ڳڻ
هوس.
سدان پرچار پرچڻ جو ڪريان پيو،
رُسڻ جي پاڻ کي عادت ئي ڪانهي.
ڇا؟ اِها ارادي جي عظمت ۽ محبت جو نَباههَ جي
ڳالهه گهٽ آهي؟
محبت ڪڏهن ڀي پراڻي نه ٿيندي،
پرين پيار جي ڪا پڄاڻي نه ٿيندي.
قاصد کي مددگار سمجهي وٽ وراڻ ڪرڻ لاءِ هيئن عرض
ڪري ٿو:
ڪانگل ڪهج قريب کي، حال وڃي تون هاڻ،
ويهي ان کي ويجهڙو، ڪر ڪا وٽ وَراڻ.
ساجن آڻج ساڻ، ته آصف لئه ڪا عيد ٿئي.
آصف لاءِ عيد اها ٿي جو هو شهيد ٿي ويو، بقول آصف
شهيد:
عشق ۾ آصف شهادت جو ويو درجو ملي،
ڪنڌ قربن ۾ ڪپائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
ٻَنُ ٻيائيءَ کي وجهي، ٻارڻ ڪري ٻاري ڇڏيم،
مچُ محبت جو مچائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
هيءُ پيار جو پُوڄاري، محبت ۾ پاڻ کي ماري، شوق ۾
اڳيئي شهيد ٿي چڪو هو. مگر درنده صفت ڌاڙيلن کيس
ڪُجهه ٻين ڀاتين سميت شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪلاشن ڪوف کان بي خوف هو،
ور چڙهي گولين جي ويو آصف اِهو.
چونڊ : صوبيا سرور ڪنڌر
پئبلو نرودا جي شاعري
هاڻي هو مون کي امن ۽ سڪون جي حوالي ڪري چڪا آهن.
۽ منهنجي غير حاضري کين محسوس نٿي ٿئي
مان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو ڇڏيان.
مون کي فقط پنج شيون گهرجن
پنج چونڊ شيون
پهرين: بي انت ۽ اٿاهه محبت
ٻين: پن ڇڻ جو منظر
جو مان زرد پيلن پنن کي وڻن کان جدا ٿيندو ۽ زمين
تي ڪرڻ جو منظر
ڏسڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهان.
ٽين: سياري جي گنڀير مند
۽ انهي مند جو وڻندڙ وسڪارو
۽ سخت ٿڌ ۾ باهه جا شعلا ڏاڍا مهربان لڳندا اٿم
چوٿين: گرميءَ جي موسم اهڙي ڳؤري جهڙو هنداڻو.
پنجين: تنهنجون – منهنجي پياري مئٿالڊ اکيون آهن
مان تنهنجي اکڙين کانسواءِ نٿو جي سگهان
مان تنهنجي اکڙين جي ڇانو هيٺ زندهه رهي سگهان ٿو
مان بسنت رُت کي پنهنجي لاءِ اهڙي طرح موزون
بنائيندس جو اها تنهنجي نيڻن جي نهار سان گڏ
منهنجي پويان پويان ايندي
اهي آهن اُهي شيون‑ منهنجا دوستو!
جن جو مان طالب آهيان
انهن کان اڳتي ڪجهه به ڪونهي
۽ اهي، هر شيءِ جي ويجهو آهن
هاڻي جيڪڏهن اهي وڃڻ چاهين ته وڃي سگهن ٿيون
مون ايڏي زندگي گهاري ڇڏي آهي
هاڻي اهي مون کي مشڪل سان وساري سگهنديون ۽ ڏکيو
پنهنجي ذهن جي پٽيءَ تان ميساري سگهنديون
منهنجي دل جي چرپر ڪڏهن بند نه ٿي هئي
ها، جيئن ته مان امن ۽ سڪون جو طالب آهيان
انهيءَ مان ائين نه سمجهو ته مان ڪو مري سگهان ٿو
سچ انهيءَ جي ابتڙ آهي
اصل ۾ مان زندهه رهڻ چاهيان ٿو
زندهه رهڻ ۽ هميشه زندهه رهڻ لاءِ-
هونئن برابر آهي
ته مان زندهه رهي نه سگهندس
جيڪڏهن منهنجي اندر محبت ۽ سوچ جا سلا ڦٽڻ بند ٿي
وڃن
پر پهريائين انهيءَ فصل جي سلن جا گؤنچ نڪرندا آهن
پوءِ اهي زمين جو سينو ڦاڙي
روشني سان همڪنار ٿي ويندا آهن.
چونڊ : سپنا گل
محمود درويش جي شاعري
اي دوست!
تون جڏهن ۽ جيئن چاهين چمڪندڙ سج جي هيٺيان کيڏي
سگهن ٿو
تون چاهين ته پنهنجي لاءِ رانديڪا به حاصل ڪري
سگهين ٿو
پر مان انهن مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان
مون وٽ اهو ڪجهه ناهي جو تو وٽ آهي
تو وٽ پنهنجو گهر آهي
منهنجو ڪو گهر ناهي
مان هڪ بي گهر آهيان.
عيدون ۽ خوشيون سڀ تنهنجي لاءِ آهن
مون لاءِ انهن مان ڪجهه به ناهي
۽ انهيءَ جو ڪارڻ نيٺ ڪهڙو آهي
جو اسان گڏجي کيڏي نٿا سگهون؟
چونڊ : سمن گل
فريڊرڪو گارسيا لورڪا جي شاعري
رقمن جي هيٺان- لطيف رت جو دريا
هر روز نيو يارڪ ۾ ذبح ڪيون وڃن ٿيون
چاليهه لک بدڪون
پنجاهه لک سوئر
ٻه هزار سرڻيون- هڪ مرڻينگ انسان جي خوشي خاطر
هي دوزخ ناهي- هڪ ڳلي آهي
موت ناهي- رڳو گلن جو کوکو
مان جيتن جو گيت ٻڌان ٿو
ٻارن جي دلين جي تهن ۾.
•
مان پاڻ کي جانورن ۽ انبوهه جي خوراڪ بنجڻ لاءِ
پيش ڪريان ٿو
جن جي دانهن سان ماٿري گونجي ويئي آهي
جتي هڊسن وهي رهيو آهي- جنهن جو پيٽ تيل سان ڀريل
آهي.
•
جيڪڏهن مان مري وڃان
ورانڊو کليو ڇڏي ڏجو
ننڍڙو نينگر سنگتڙا پيو کائي
پنهنجي ورانڊي مان کيس ڏسي سگهان
هاري سنگ پيو لڻي
پنهنجي ورانڊي مان سندس آواز ٻڌي سگهان
جيڪڏهن مان مري وڃان
منهنجي ورانڊي کي کليو ڇڏي ڏجو.
]سدا
ساوا پن تان ورتل[
مس نورجهان ”نور“
علم جو واڌارو، عام مطالعي بنا ناممڪن!
دنيا ۾ جنهن به شيءِ وجود حاصل ڪيو آهي، تنهن تي
ڪونه ڪو ڪم رکيو ويو. اهڙي طرح ڪک پن، جيو ۽
جانور، آدم ۽ حيوان ڪنهن نه ڪنهن مطلب ۽ مفهوم
لاءِ وجود ۾ آيا آهن ۽ جي ائين حقيقت مڃون ته
انسان اعليٰ مخلوق جي حيثيت ۾ وڏو ڪم ڪرڻ وارو آهي
۽ وري جي انسانن ۾ علم ۽ عقل وارا آهن، انهن تي
خاص ڪم آهن. سوچيندي سوچيندي ان ڪڙي تي پهتس ته
هنر وارو هنر جي نمائش نه ڪندو ته بک مرندو. ائين
علم وارو علم جي سخا نه ڪندو ته هن جي قدر شناسي
نه ٿيندي. ان ڳالهه تي سوچيندي سوچيندي، رسمي ڪوٽ
قلعا ڀڃي پنهنجي علم و عقل جي لذت مان ٻين کي به
لطف اندوز ڪرڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ پنهنجو فرض
سمجهين ۽ هن جذبي تحت قلم کي پهريون دفعو امتحاني
مضمون نه، مگر اصلاحي ٽڪر لکڻ شروع ٿي ڪريان. اميد
ته هن مشق مان دنيا ۽ پڙهندڙن سان گڏ آءٌ پڻ مسفيض
ٿيندي رهنديس.
سو، اي علم وارو! اڄ اهائي محفل ڪافي آهي ته پڙهيل
لکيل ماڻهو کي روزانو ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ ۽ ڪجهه نه
ڪجهه لکڻ گهرجي. هونئن ته ڏٺو ويو آهي ته پڙهيل
ماڻهو پڙهڻ کي بلڪل پٺي ڏيئي ويا آهن. اسڪولي،
ڪاليجي شاگردن ۾ مطالعي جو شوق نه بچيو آهي، ته نه
وري يونيورسٽي جي شاگردن ۾ علم جي جستجو ٿي ڏسجي.
هي ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي؟ نه ته دنيا جا
وڏا وڏا مفڪر ۽ عالم صرف علم لدني جي زور تي نه،
مگر ”المجاز قنطره الحقيقت“ مانند ظاهري علم جي
حصول سان ئي علم لدني جا گهوارا وڃي بنيا. اسان کي
هن لاءِ عبدالرحيم گرهوڙي، جن جي سوانح حيات مشعل
راه بنجي سگهي ٿي، جن ماڻهو جي حيثيت سان جنم
ورتو، ليڪن سندن شوق مطالعي کين قاضي القضا وڃي
بنايو. افسوس ته اهو آهي ته چند ملڪي اخبارون ۽
رسالا به پڙهيل ڪين ٿا پڙهن جو کڻي دنيا جي ضروري
معلومات کان واقف ٿي سگهن. ٻئي طرف اسان جا امير،
پير ۽ زميندار عجيب و غريب لائبرريون (ڪتب خانه)
محفوظ رکي هزارن ورهين جو علم ۽ عقل اسان خوش
نصيبن لاءِ محفوظ ڪيون، جنهن مان ڪيترا شوق رکندڙ
علم پرائي دنيا کي ان جي روشني مان پرنور بنائي
رهيا آهن؛ مگر هن قسم جي قرباني اسان جي سنڌي ڄاڻو
طبقي ۾ نه جي برابر آهي. نه ته اهل علم هر هڪ شمس
العلماءُ، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شمس
العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي،
علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ صاحب جن جي نقش قدم تي هلن ته هوند علم جي
درياءَ جون ڇوليون ڪا دڙي دڪي سڪل نه ڇڏين ها.
بهرحال مطالعي جو يا لکڻ جو هڪ ٻئي سان واسطو آهي،
ان پٽاندڙ ٻئي هڪ ٻئي سان وابسته آهن، جي علم جو
خزانو ڀرپور هوندو ته سخا ڪرڻ تي به ڏهه دليون
اينديون، پر ڪنگال يا غريب ماڻهو ڪنهن به قسم جي
سخا ڀلا ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ تنهنڪري مطالعو انسان
کي شاهوڪار ٿو بنائي ۽ لکڻ وري سخا برابر آهي،
جنهن مان غريب علم وارا شاهوڪار بنايا ويندا آهن ۽
زندگي کي پاڻي جي ڦوٽي حيثيت مان ڪڍي حيات جاويد ۽
دائمي زندگي جا مالڪ بنجي ويندا آهن.
تنهنڪري آءٌ علم ۽ ادب جي گهڻگهرن کي علم جو واسطو
ڏيئي عرض ڪنديس ته علم ۽ ادب سان اهو ورتاءُ ڪيو
ويو ته رهيو کهيو ادب ۽ اخلاق، محبت ۽ اخوت، رحم ۽
وفا به ڪافور ٿي ويندا، نه ته پنهنجي ڪتابن ۽ قلمن
سان اهڙو پيار ڪريو، جهڙو قرآني اشارو آهي، جنهن ۾
”ن والقلم“ جي لفظن ۾ قلم جو قسم الله پاڪ جو کڻي
قلم ۽ ن جي ڪردار جي اهميت کي ظاهر ٿو ڪري ۽ ٻئي
جاءِ تي قلم سان علم جي اپٽار ڪرڻ جو اشارو آيل
آهي. جڏهن مون ادبي ٻارن کي ڇرڪ ڏيئي قلم کڻايو ۽
مجبور ڪيو ته قلم جي نوڪ کي اهڙي طرز عمل تي رجوع
ڪجي، جنهن مان حقيقي علم جي پرچار ٿئي ۽ الله پاڪ
۽ ان جو رسول به راضي ته ترقي ۽ واڌارو به لاحق.
آخر ۾ ننڍڙي مگر عظيم قلم جي هي محفل شاهه سائين
جي اشاري سان برخواست ٿي ڪيان.
ويا جي عميق ڏي منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتارا پيهي،
پسندا سيئي امل اکڙين سين.
روبينا راجپوت
گلبدن جاويد
نئين سال جي اچڻ تي
نئين سال جي اچڻ تي
هڪ دفعو وري اسان
اهي ڏيئا ٻاريا آهن
جيڪي گذريل سال
وقت جي آنڌين
گُل ڪري ڇڏيا هئا
انهي اميد تي
ته هن سال
هي سڀ ڏيئا
انڌيرن کي مٽائي ڇڏيندا
۽ منهنجي ڌرتي
رنگ ۽ نور ۾ وهنجي
ڪنوار بنجي ويندي
نئين سال جي اچڻ تي
بيشمار دعائن جا
ٻج ڇٽيا آهن
انهي اميد تي
ته هن سال
منهنجي ڌرتي تي
تمنائن جا گلاب
ٽڙي پوندا
نئين سال جي اچڻ تي
مستقبل جي
معمارن جي لاءِ
مون ڪجهه خواب
اُڻيا آهن
انهن خوابن جي
تعبيرن سان
هن جي خالي هٿن
۾
ڪتابن سان ڀريل
ٿيلها
جهولڻ لڳندا
۽ هن جي ذهن ۾
علم جا ڏيئا روشن هوندا
انهن ڏيئن سان
ايندڙ زمانن جون راهون
روشن ٿي وينديون
نئين سال جي اچڻ تي
مون پنهنجي چؤطرف
اڻ ڳڻين صدين کان ٺهيل
جبر ۽ خوف جي ديوار ڪيرائڻي آهي
ته هاڻي
ڪا به انارڪلي
ان ۾ پورائي نه ويندي.
عذرا عباس
گلبدن جاويد
مان لڪيرون ڪڍان ٿي
مان لڪيرون ڪڍان ٿي
پهرين ساڄي کان کاٻي
هڪ- ٻه- ٽي- ڪيتريون ئي
خبر ناهي ڪيتريون
وري انهن کي ڪاٽيندي وڃان ٿي
مٿان کان هيٺ
هڪ ڄار ٺاهيان ٿي
جيئن پري کان نظر اچي رهيو آهي
انهن لوهي شيخن وانگر
جن جي پٺيان ڪنهن کي قيد ڪيو ويو هجي
يا وڌو ويو هجي
سمنڊ ۾ ۽ ڦاسايو وڃي
ڪيترين ئي مڇين کي
روز ائين ئي ڪيان ٿي
لکڻ ويهان ٿي هڪ نظم
اهو سوچي ته
هاڻي لکندس هڪ نظم
اهو ڏسڻ لاءِ ته
ڇا آءٌ
هڪ ايڊيٽ گهريلو عورت رهجي وئي آهيان
يا هڪ ٿڪل ورڪنگ وومن
ليڪن مان ته هر وقت
سوچيندي رهان ٿي
هر وقت
کاڌو پچائيندي
بسن ۾ ڌڪا کائيندي
آفيشل ميٽنگز جي وچ ۾
بلڪ اتي به جتي
مون کي سوچڻ نه گهرجي
بلڪل ان وقت
جڏهن منهنجي مڙس جون
سڀئي قوتون
منهنجي جسم اندر
خرچ ٿي رهيون هونديون
آهن
مان سوچان ٿي
ڪيترائي مرداڻا بکيڙا
نڀائيندي به
ان وقت به
جڏهن تنهنجو هٿ منهنجي گلي جا بٽڻ
کولي رهيو هوندو آهي
۽ تڪي رهيون هونديون آهن
تنهنجون اکيون
منهنجي شفاف سيني جي چمڙي
۽ ننڍن ننڍن گولن کي
ليڪن هر وقت سوچيندي
جڏهن مان نظم لکڻ ويهندي آهيان
ته صرف لڪيرون ڪڍڻ لڳندي آهيان
سڌيون سڌيون سڌيون
۽ انهن کي ڪاٽي ڪاٽي
ڄار ٺاهيندي آهيان
۽ وري پاڻ ئي پهري ويهي رهندي آهيان
اهو ڄار
هيسيل جهرڪيءَ وانگر.
وسينتي بلاسڪو ابانيز
مراد علي مرزا
سربيا جي هڪ رات
وسينتي بلاسڪو ابانيز، آراگون شهر ۾ ڄائو هو، هن
پهرين وڪيل ٿيڻ چاهيو ٿي. پر اديب ۽ سياست ۾
دلچسپي وٺڻ سبب وڪالت کي ڇڏڻو پيس. سندس نون نون
خيالن ۽ راين جي ڪري کيس ڏاڍيون تڪليفون سهڻيون
پيون ۽ ڪيترائي ڀيرا قيدخاني جو منهن به ڏسڻو پيس.
ابانيز جي شهرت ۽ ناموريءَ جو سبب سندس لکيل ٻه
ڪتاب
“Four Horsemen of Bloodand send”
۽ “The Apocalypre”
آهن، جن تي روڊلف والينيتو ٻه فلمون تيار ڪيون،
جنهن ڪري مصنف سان گڏ ڪتابن کي به جاودان زندگي
ملي ويئي.
رات جا يارنهن ٿيا هئا. انهيءَ وقت پيرس جي ٿئيٽرن
جا دروازا بند ٿي ويندا آهن. اَڌ ڪلاڪ کن اڳ شهر
جي سمورن هوٽلن پنهنجي مهربانن ۽ گراهڪن کي الوداع
چئي، پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو هو.
اسان جو ٽولو، هڪ ڪشادي رستي جي ڪناري تي منجهيو
بيٺو هو. تفريگاهن مان ماڻهن جا انبوهه نڪري، اسان
جي ڀرسان لنگهندا، پاڇولن ۾ گم ٿيندا پئي ويا.
گهٽيءَ ۾ هتي هُتي ڍڪيل بلبن مان ڀوائتي روشني
نڪرندي، جلدي جلدي اونداهيءَ ۾ گم ٿيندي پئي ويئي.
ڪاري آسمان ۾، ٽمندڙ آسمان ۾، ٽمڪندڙ تارن جي
روشني کي ڏسڻ سان خوف پئي ٿيو. ڪنهن زماني ۾ آسمان
تي رڳو تارا هوندا هئا، پر هاڻي سرچ لائيٽ جي
اوچتي وڌندڙ روشنيءَ تي، زيپيلن جي هئڊي سگار هجڻ
جو گمان ٿي سگهيو ٿي.
اسان جي اهائي خواهش هئي ته ساري رات جاڳندا رهون.
اسين ڪل چار ڄڻا هئاسون:
هڪ فرينچ اديب، ٻه سربيا جا ڪپتان ۽ آءٌ. اسين هن
اداس پيرس جي شهر ۾ ڪيڏانهن وڃون؟ هتي ته سڀ
دروازا بند ٿي چڪا آهن. اسان جي هڪ سربيائي دوست،
هڪ فئشني هوٽل جو ذڪر ڪيو. اهو هوٽل ساري رات
پنهنجي مهمانن لاءِ کليل هوندو هو. جيڪي آفيسر
پيرس ۾ رهڻ گهرندا هئا، اُهي انهيءَ هوٽل کي
پنهنجو گهر ڪري سمجهندا هئا، مختلف قومن جا فوجي
ڀائر، جڏهن پيرس ۾ ڪي ڏينهن رهڻ لاءِ ايندا هئا،
تڏهن هڪٻئي کي انهيءَ شاندار ۽ روشن هوٽل ۾
خبرداريِءَ سان داخل ٿياسون. اونداهين گهٽين مان
اچڻ کان پوءِ، اوچتو ۽ گهڻي روشنيءَ ۾ پهچڻ سبب
اسان جي اکين اڳيان ترورا ڦري ويا. هوٽل جو اهو
ڪمرو ”لائيٽ هائوس“ جي انهيءَ ڪشادي ڪمري وانگر
پئي لڳو، جتي چوڌاري لڳل بيشمار آئينن مان بلبن جي
تيز روشني نڪري پکڙجي ويندي آهي. اسان کي ائين پئي
لڳو ڄڻ ته اسين اڳ واري پيرس ۾ پهچي ويل هئاسون.
فئشني ۽ هار سينگار ڪندڙ عورتون شئمپين، وائلن تي
حبشي ناچ جون ڏکائتيون ڌنون ۽ جذباتي ۽ دل ڏاريندڙ
گيت- اهو سارو نظارو جنگ کان اڳ وارن ڏينهن جو پئي
معلوم ٿيو. پر اتي جيڪي مرد ويٺل هئا، تن مان ڪنهن
هڪ کي به شام جو لباس پهريل نه هو! فرينچ ماڻهو.
بيلجم جا رهاڪو، انگريز، روسي ۽ سربين، مطلب ته
سڀئي فوجي وردين ۾ هئا، جيڪي ڦاٽل، ٽٽل ۽ پراڻيون
هيون. ڪن انگريز سپاهين وائلن پئي وڄائي ۽ ٻڌندڙن
جي داد جو جواب سنگمرمر جهڙيءَ ٿڌيءَ مرڪ سان پئي
ڏنو. انهن انگريزن ڳاڙهي صدري پهريندڙ خانه بدوش
جي جاءِ اچي والاري هئي. ويٺل عورتن، انهن انگريزن
مان هڪ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ جهيڻي آواز ۾ هن جي پيءُ
جو نالو ورتو، لارڊ- جيڪو پنهنجي حسب نسب ۽ دولت
کان مشهور هو. ”خوشيون ملهايو دوستو، سڀاڻي اسان
کي مرڻوآهي.“
اهي سڀئي ماڻهو، جن پنهنجي زندگي جنگ جي ظالم
ديويءَ جي قربانگاهه تي اچي ڀيٽا رکي هئي، هو
هڪٻئي جي زندگيءَ جا جامن مٿان جام پيئندا ٿي ويا،
هو کلندا ٿي رهيا، ڳائيندا ٿي رهيا ۽ پيار ڪندا ٿي
رهيا- هڪ اهڙي ملاح جي انڌي جوش سان جنهن کي سڄي
رات سمنڊ جي ڪناري تي رهي صبح جو سوير طوفانن جو
مقابلو ڪرڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن وڃڻو هجي.
اسان جا ٻه سربين دوست بلڪل جوان هئا. اهي ٻئي
بلڪل خوش پئي نظر آيا ته سندن ملڪ جون نعمتون کين
پيرس ۾ وٺي آيون هيون؛ اهو خوابن جو شهر، جنهن جي
خيال سندن فوجي شهر جي هڪجهڙيءَ خوفناڪ زندگيءَ ۾
رونق آندي هجي.
اُهي ٻئي ڄاڻندا هئا ته ڪهاڻي ڪيئن ٻڌائجي ۽
انهيءَ سرزمين جي اها معمولي ڏات هئي؛ ڇاڪاڻ ته
گهڻو ڪري سڀئي ماڻهو شاعراڻي طبيعت جا هوندا آهن.
مني صدي هتي جڏهن لامرتن سربيا جي ترڪي صوبي مان
لنگهيو، تڏهن ڌنارن ۽ بهادرن جي انهيءَ ملڪ ۾
شاعريءَ جي اهميت جو ٻڌي دنگ رهجي ويو هو. انهيءَ
ملڪ ۾ جتي فقط ٻه – ٽي ماڻهو پڙهي لکي ٿي سگهيا،
اتي خيال ۽ يادگيريون رڳو بيتن جي وسيلي پهچايون
وينديون هيون. شاعرن کي قومي تاريخ نويسن جو درجو
حاصل هو ۽ اهي سڀيئي بروقت نوان نوان گيت لکي
سربين اليڊ جي عمر ۾ اضافو ڪندا هئا.
شئمپين پيئڻ وقت هنن کي اُهي مصيبتون ياد آيون،
جيڪي ڪيترائي مهينا اڳ جنگ ۾ ڀاڄ کائڻ سبب مٿن
نازل ٿيون هيون؛ ۽ سيءَ سان ڇڪتاڻ، برفباريءَ ۾
جنگ؛ ڏهن سپاهين جي مقابلي ۾ هڪ سپاهي؛ بيشمار
انسانن ۽ اڪيچار جانورن جي ڀاڄ وقت ڀوائتي ڪشمڪش،
پريان قطارن ۾ بيٺل دشمن جي مشين گنن ۽ رائفلن مان
گولين جي مينهن جو وسڪارو، باهه جي اُلن ۾ ٻرندڙ ۽
سڙندڙ ڳوٺ، ۽ گهاءَ مٿان گهاءُ کاڌل زخمين جا واڪا
۽ دانهون، وڍيل ۽ ڪپيل عضون سان لاشا ۽ انهن مٿان
لامارا ڏيندڙ ڪانو، سنڌن جي سور جي مريض پوڙهي
پيٽر بادشاهه جي ڀاڄ، جنهن جو سواءِ هڪ ورن وڪڙن
واري لڪڻ جي ٻيو ڪو به سهارو نه هو ۽ هن جو پنهنجي
نگهبان رسالي سان، برف وارين پهاڙين تان چپ چاپ
ڪنڌ جهڪائي شيڪسپيئر جي ڪنهن فرضي بادشاهه وانگر
راضي برضا ڀڄندو وڃڻ.
منهنجي انهن ٻنهي سربين دوستن جڏهن ڳالهايو پئي ته
مون کين چتائي ڏٺو. هو ٻيئي جانٺا، مضبوط پر سنها
هئا ۽ سندن نڪ، طوطي جي چهنب وانگر وريل هئا. سندن
مڇون سخت ۽ نوڪدار هيون ۽ سندن مٿي ۾ پيل سلامي
واري ٽوپين مان ڪنن وٽان وارن جا ڇڳا پئي ظاهر
ٿيا. هو اهڙن فنڪارن جهڙا پئي لڳا، جن لاءِ چاليهه
سال اڳ، جذباتي نوجوان عورتون واجهائينديون هيون.
پر هنن کي خاڪي ورديون پيون هيون. ۽ سندن چهري جي
مرداڻي سونهن ٻڌايو پئي ته هو ڪيترائي ڀيرا موت
سان مقابلو ڪري چڪا آهن.
هو ڳالهائيندا رهيا. هنن انهن ڳالهين بابت به
ذڪر ڪيو، جيڪي ٻه-ٽي مهينا اڳ ٿيون هيون، ائين ٿي
معلوم ٿيو ته هنن سربيا جي هڪ مشهور سردار، مارڪو
ڪريلووچ جي ڪارنامن جو ذڪر پئي ڪيو، جيڪو ڀالي جي
بدران نانگ کنيو پيو هلندو هو ۽ جهنگ جي خوفناڪ
آزدها سان جنگ جوٽي هئي. اهي ماڻهو جن پيرس جي هن
هوٽل ۾ هينئر پنهنجي تجربن جون ڳالهيون پئي ڪيون،
زندگيءَ جون شديد بيرحم گهڙيون گذاري آيا هئا.
اسان جو فرينچ دوست موڪلائي هليو ويو. ٻن سربيائي
دوستن ڳالهيون پئي ڪيون، پر انهن مان هڪ ڪپتان
پنهنجي ڳالهه وچ ۾ روڪي، هر هر ويجهيءَ ميز ڏانهن
پئي نهاريو. ٻه ڍڪيل ڪاريون اکيون، جن جي مٿان
ڪنارن سان ۽ ريشمي پر لڳل ٿلهو ٽوپلو پيل هو، هن ۾
کتيون پيون هيون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونه هو ته انهن
اکين هن جي ڌيان کي پاڻ ڏانهن سوگهو ڪري ڇڏيو هو.
آخرڪار هو ڪنهن اندروني خواهش کان لاچار ٿي، اسان
جي ميز وٽ وڃي بيٺو، ٿوريءَ دير کان پوءِ هو غائب
ٿي ويو ۽ هن سان گڏ اهي اکيون به گم ٿي ويون.
مئٿالڊ،
پئبلونرودا جي زال.
|