سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2/ 2002ع

مضمون --

صفحو :2

حافظ حبيب سنڌي

مارئي جي حُب الوطني لطيف رحه جي نظر ۾

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي عظيم آفاقي ڪلام اندر صوفياڻي طرز تي انيڪ روحاني رازن، بيشمار اخلاقي قدرن ۽ رومانوي داستانن جي اهم ڪردارن، سورمن ۽ سورمين ۾ مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، ليلان چنيسر، عمر مارئيءَ جو تذڪرو موجود آهي.

مرشد ڀٽائيءَ جي ڪلام اندر هڪ طرف انهن رومانوي داستانن ۾ سنڌ جي مکيه لوڪ عشقيه داستانن ۾ سنڌ جي مکيه لوڪ عشقيه داستانن جي تاريخ ملي ٿي ته ٻئي طرف انهن داستانن ۾ وري صوفياڻي رنگ ۾  رڱيل راهه ربانيءَ جي حقيقت ۽ معرفت جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي.

ڀٽائيءَ رحه جي ڪلام ۾ هڪ طرف ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر آهي ته ٻئي طرف وري آخرت جي اڙانگي واٽ جو تذڪرو موجود آهي. سندس ڪلام اندر هڪ طرف مومل جي ماڻڻ جو احوال ڏنل آهي ته ٻئي پاسي راڻي جي رياضتن جو ذڪر ملي ٿو ۽ وري هڪ هنڌ نوريءَ جا نياز ۽ ان جون نئڙتون نروار آهن ته وري ٻئي طرف وري ڄام نظام جون نيزاريون نظر ۾ آهن. هڪ طرف سهڻيءَ جي سچائي ته ٻئي جاءِ تي ميهر جون محبتون موجود آهن. هڪ هنڌ سسئيءَ جا سور ته ٻئي طرف پنهونءَ جي پچار پر پکيڙيو پئي آهي. هڪ جاءِ تي ليلان جو لڇڻ ۽ لوچڻ ٿو ٻڌائي ته ٻي جڳهه تي چنيسر جا چهڪ ٿو بيان ڪري. هڪ طرف عمر جون اوکايون، ارڏايون، ڏاڍ ۽ ڏاڍايون پيو بيان ڪري، ٻئي پاسي مارئيءَ جي قيد ٿيڻ تي ان جي حب الوطني، ست ۽ سيل، پاڪبازي، راستي ۽ راسبازيءَ جو ذڪر ڪيل آهي.

وطن جي حب لاءِ اسان کي رسول الله ﷺ جن جي احاديث مبارڪ مان به ڪيترائي حوالا ملن ٿا، جن ۾ وطن سان محبت رکڻ / ڪرڻ کي ايمان جو حصو ٻڌايو ويو آهي. ان لاءِ هڪ مشهور حديث پاڪ آهي ته ”حب الوطن شطر من الايمان“ يعني ”وطن جي حب ايمان جو حصو آهي.“ ۽ ڀٽائي مرشد به عين ان حديث نبويءَ ﷺ جي مطابق هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.“

 

مرشد ڀٽائي رحه اسان کي ٻن چيزن بابت ٻڌائي ٿو ته، هڪ پنهنجو سڄڻ يعني دل گهريو ۽ ٻيو وطن، اهي ٻئي شيون ڪنهن ”اڻاسيءَ“  يعني ڪنهن بي ننگ ۽ بي لڄي ماڻهوءَ کان ئي وسري سگهن ٿيون، پر انهيءَ ماڻهوءَ کي حيف هجي، جنهن پنهنجي وطن کي وساري ڇڏيو.

ڀٽائي مرشد اسان کي پنهنجي ڪلام جي حوالي سان مارئيءَ جي زباني ان جي وطن کان بي وطن ٿيڻ ۽ عمر جي قيد و بند جو صعوبتن سهڻ ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن کي ياد ڪرڻ ۽ وطن سان حقيقي ۽ مثالي محبت جو عملي ثبوت ڏنو آهي.

مارئي کي جڏهن پهريون ڀيرو عمر جي قيد جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ته هوءَ پنهنجي وطن کي ياد ڪندي، عمر جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هن طرح وطن لاءِ واجهائي ٿي:

وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ ۾،

چانڪ پيئنديس پرينءَ سين، پائر جو پنير،

هاڃو ڪيم همير، بالله نيئي تو بند ۾.

 

هن بيت اندر ڀٽائي گهوٽ، مارئي جو بي گناهه بند ۾ وڃڻ مارئي جي زباني سڻائي ٿو ته مارئي پنهنجي وطن کي ياد ڪندي چوي پئي ته منهن جو وطن ملير آهي. هتي قضا سان ڪوٽ ۾ آئي آهيان. همير مون سان هاڃو (ظلم) ڪيو آهي، آئون ته عمر ڪوٽ جي شيرين شربتن بدران پنهنجي پائر جو پنير وڃي پيئنديس، ٻئي طرف وري عمر جون ارڏايون ۽ ان جي بنديخاني جي برهه جو حال سڻائيندي چوي ٿو ته:

 

ڇن  نه ڇڄي آهيان، ڪڇن ۾ ڪوٽن،

ايندي پيم اُبتا، پيڪڙا پيرن،

هٿڙيون هٿن، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾.

 

مارئي اورڻ اوريندي چوي ٿي ته آئون بيوس ۽ لاچار ٿي پنهنجي ماروئڙن جي ڇن کان ڇڄي ڪڇن، يعني خراب جاءِ تي پهتي آهيان. هتي منهنجو حال هيءُ آهي جو مون کي عمر جي اونداهي ڪوٽ ۾ ايندي شرط پيرن ۾ به اُبتا پيڪڙا پئجي ويا آهن، بلڪ هٿن ۾ به هٿڙيون ۽ ٻانهون توڙي ڄنگهون منهنجون ڪاٺ ۾ قيد آهن.

مارئي عمر سومري جي قيد ۾ ڪڙهندي رب العزت جي بارگاهه ۾ پڪاريندي ۽ پنهنجي وطن کي ياد ڪندي چوي ٿي:

 

الله ائينءَ مَ هوءِ ، جيئن آئون مران بند ۾،

جُسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄينم ڏينهن ڙا.

 

وطن جي حب سرير ۾ سانڍيندي چوي ٿي ته، يا الله! ائين نه ٿئي جو آئون اباڻي وطن پهچڻ کان اڳيئي بندياڻي ٿي مري وڃان ۽ منهنجو جسم زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ منهنجو روح پنهنجي ماروئڙن کي ساريندي رات توڻي ڏينهن روئي رهيو آهي.

شل! پهرين مان پنهنجي وطن وڃان پوءِ ڀلي منهنجا ڏينهن پُڄن.

مارئي پنهنجي سانگين کي ساريندي ۽ اباڻن سان ڪيل وچن ورجائيندي، پنهنجي هٿن ۾ پيل هٿ ڪڙولن جو ذڪر هيئن ڪري ٿي.

 

هٿين هٿ ڪڙول، هينئڙي پيم هن جا،

سانگي ساريم، سومرا ڍاٽي پاسي ڍول،

ٻاٻاڻن سين ٻول، ڪيم نه ڪوٽ ويهڻ جا.

 

نه صرف منهنجو پورو جسم تنهنجي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي زنجيرن سان جڪڙيل آهي، پر هي هٿڪڙوليون ته منهنجي هينئڙي ۾ به لڳل آهن. اي سومرا! آئون پنهنجا ڍول سانگي، ڍٽ جي پاسي ساريان پئي ۽ مون پنهنجي ٻاٻاڻن سان عمر جي ڪوٽ ۾ ويهڻ جا ٻول ڪونه ڪيا هئا.

ڀٽائيءَ رحه مارئي جي حب الوطني جي آسن ۽ اميدن مان ظاهر ڪندي هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

 

کوءِ آسون عمرڪوٽ جون ور جنگل ۾ جوپي.

جو اباڻن اڏيو کتن سين کوپي،

وينديس، ويڙهيچن ڏي لوهه ڀڃي لوپي،

چڀڙ آئون، چوپي، سڪم لاهينديس سومرا.

 

هن بيت ۾ مارئيءَ جي پنهنجي اباڻن جي ڪکن ۽ اڀرن اجهن ۽ جهوپڙين جي لاءِ، جيڪي انهن کُتن سان ڪاٺ کپائي، اڏيا هئا، ۽ عمر جي ست رڇين کان ٿر جو چڀڙ چوپڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي اُڪير ۽ الفت جو اظهار ڪيل آهي.

هڪ ٻي جاءِ تي مرشد ڀٽائيءَ جي آسن ۽ اميدن جو تذڪرو ڪندي فرمائي ٿو:

 

قيد المآءُ ٿيوم، هت اڙانگي گهاريان،

النار نصيب العاشقين، ههڙو حال سندوم،

قادر شال ڪندوم، آجي عمر ڪوٽ کان.

 

وري ساڳئي نموني ڀٽائيءَ رحه، مارئيءَ جو نماڻو حال بيان ڪندي فرمائي ٿو:

 

نات ڪير اچي هن ڪوٽ ۾، قسمت قيد ڪياس،

و نحن اقرب اليه من حبل الوريد وطن آئون ويندياس،

مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين...؟

 

مٿين ٻنهي بيتن ۾ مرشد ڀٽائي، پنهنجي ڪلام اندر مارئي جي اڙانگي گهارڻ ۽ مارئيءَ جي سڌ ٻڌائيندي، عمر ڪوٽ مان آجپي حاصل ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو ته قسمت قيد ڪئي آهيان نه ته هن قهري ڪوٽ ۾ ڪير اچي......؟

۽ قرآن شريف جي آيت ڪريمه به ڏني وئي آهي جنهن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي بندن کي فرمائي ٿو ته، ”۽ اسان انهي انسان کي ساهه جي رڳن کان به وڌيڪ ويجها آهيون.“ مارئي چوي پئي ته منهنجا ماروئڙا مون کي پنهنجي ساهه جي نسن کان به وڌيڪ ويجها آهن، آئون الائي ڪڏهن اهي عمر جون محل ۽ ماڙيون، ڪوٺيون ۽ ڪوٽ ڇڏي پنهنجي مارن سين ملنديس...

ڀٽائيءَ جي نظر ۾ مارئيءَ جي حب الوطني هن طرح به ظاهر ٿئي ٿي:

ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي،

 نت نهاري ڏيهه ڏي ڳوڙها پيم ڳڙهي،

نڱي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي،

ويڙهيچن وري، ڪرم لڌي ڪڏهين.

 

مرشد ڀٽائيءَ، مارئيءَ جي ڪيڏي نه دردناڪ ڪيفيت ٻڌائي آهي. مارئيءَ جي پنهنجي ماروئڙن ۽ پنهنجي وطن سان ڪيڏي نه الفت ۽ محبت آهي ۽ هن بيت اندر مرشد لطيف، مارئيءَ جي وطن وڃڻ جي ڪيفيت ٻڌائيندي فرمائي ٿو:

جهڙي آيس جينءَ، تهڙي وڃان تن ڏي،

ڦران ۽ ڦر چاريان، هنيون چئيم هينءَ،

وڃان ڪينءَ وطن ڏي، ڪاڻ نه لهنديم ڪينءَ،

مندائتي مينهن، سونهان سرتين وچ ۾.

 

مارئي پنهنجي ست ۽ سيل جي سلامتي چاهيندي چوي ٿي ته جهڙيءَ طرح آئون پاڪ، پوتر پنهنجي وطن مان آئي آهيان، تهڙي ئي وري پنهنجي وطن وڃان ۽ اُتي آزاديءَ سان، ڦري ڦرڙا چاريان ۽ مندائتي مينهن وسڻ مهل پنهنجي ساهيڙين ۽ سرتين جو ذڪر ڪندي ڀٽائيءَ فرمائي ٿو:

وينديس وطن سامهين ملير منهنجو ماک،

ڏٿ چونڊيديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساک،

ته منهنجو سنئون سڀاک جي وڃي ٿيان ورکي.

 

مارئي پنهنجي وطن کي واجهائيندي ورلاپ ڪندي چوي پئي ته آئون ضرور پنهنجي وطن وينديس ۽ ساهيڙين سان ڏٿ به وڃي چونڊيس، جي پنهنجي ور کي وڃي ملان ته ڪر اهو پنهنجو سڀاڳ سمجهنديس.

ڀٽائي مارئيءَ جي سندس ساڻيهه جي سڪ بيان ڪندي هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو:

جن ڪراين ڪچ جا، ور ساهيڙيون سي،

اُت اُڪندي آهيان، منهن ماروءَ جي،

پکن سين نه پاڙيان، هنڌ هتي جا هي،

اهل اباڻن کي، مري شال ملهائيان.

 

مارئي هتي پنهنجي وطن کي ياد ڪندي ۽ پنهنجي ساهيڙين کي ساريندي چوي ٿي ته مون کي پنهنجون اُهي ساهيڙيون ياد اچن ٿيون، جن جي ڪراين ۾ ڪچ جا چوڙا پيل آهن. هنن محل ۽ ماڙين کان مون کي پنهوارن جا پکا پيارا آهن. هنن محلن کان بهتر آهي، شل، پنهنجي وطن ۾ وڃي، مري پاڻ ملهايان. مارئي جي انهن دانهن ۽ ڪوڪن تي ڀٽائي گهوٽ ان کي آٿت ڏيندي فرمائي ٿو:

مَ ڪين رو م رڙڪين، هنجن هڏ م هار،

جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار،

پهچندينءَ پهنوار، سگهي سنگهارن کي.

 

اي مارئي! نه روءُ نه ئي رڙ ۽ نه ڪي هنجون هار. بلڪه جيڪو وقت مٿان آيون آهي اهو گذار. اميد ته تون سگهي پنهنجي سنگهارن ڏي پهچندينءَ! وري به مارئي کي دلاسا ڏيندي فرمائي ٿو:

ماندي ٿي مَ مارئي، تنهنجو الله به آهي،

سون ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،

اهڙوئي الله آهي، جو ماڳ پهچائيندئي مارئي!

 

هن بيت ۾ ڀٽائي گهوٽ مارئيءَ کي ماندو ۽ مايوس ڏسي آٿت ڏيندي چوي ٿو ته اي مارئي! تون ڇو ٿي ماندي ٿين.... تنهنجو الله نگهبان آهي ۽ اهو الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙو سٻاجهيندڙ ۽ سپاتر آهي جيڪو سون وريهين جا دک درد به هڪ لحظي ۾ ئي لاهي سگهي ٿو، ۽ توکي اهو مالڪ ئي پنهنجي ماڳ پهچائي ڇڏيندو. ڀٽائي پنهنجي مشاهداتي ڪلام اندر مارئيءَ کي وري آٿت سان گڏ سهڻي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو:

مَ ڪين رو مَ رڙڪين، مَ ڪين ڪر دانهون،

سُتي لوڪ لطيف چئي ٻئي کڻج ٻانهون،

لڌئي جت لائون، سو ماڳ پسندينءَ مارئي.

 

ڀٽائي رحه مارئيءَ کي ان روڄ راڙي ۽ وطن واجهائڻ وارو حال ڏسندي، کيس مشورو ڏيندي چوي ٿو ته اي مارئي! روڄ راڙو نه ڪر ۽ نه ئي دانهون ۽ ڪوڪون ڪر.....! مارئي! توکي صلاح ٿو ڏيان ته ماڻهن سُتي کان پوءِ الله جي حضور ۾ ٻئي ٻانهون کڻي الله کي ٻاڏائج! پوءِ جنهن مٺڙي وطن ۾، جتي تو لائون لڌيون هيون اهوئي پنهنجو مٺڙو ماڳ جلدئي پسندينءَ!

ايڏين آٿتن کان پوءِ به مارئي پنهنجي وطن واسين کي ساريندي، پنهنجي ماروئڙن جي محبت ۽ انهن سان عظيم الفت جو مثال ڏيندي ڪيڏي نه پياري ۽ انوکي انداز ۾ چوي پئي:

سنهي سُئي سبيو، مون مارن سين ساهه،

ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،

هنيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ۽ ماهه،

پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com