سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2-1/ 1999ع

مضمون --

صفحو :9

”سليم“ هالائي

کير، مکڻ ۽ گيهه

جهڙي طرح ٿلهي ليکي ڪاٺ مڙيئي ڪاٺ آهي، پوءِ جي ٽيبل جي صورت ۾ آهي ته ڇا، جي ڪٻٽ جي صورت ۾ آهي ته ڇا، تهڙيءَ طرح کير، مکڻ ۽ گيهه هڪڙيءَ شي جا جدا جدا نالا آهن ۽ هڪٻئي سان ايترو ڳنڍيل آهن جو هڪڙي جي بيان ڪرڻ سان ٻئي جو داستان پاڻيهي زبان تي اچي وڃي ٿو. ٽيئي هزارن ورهين کان اسان جي دنيا ۾ انساني خوراڪ جي اعليٰ عنصرن سان موجود ۽ معروف آهن. کير مان مکڻ پيدا ٿئي ٿو، ۽ مکڻ مان گيهه.

جهڙيءَ طرح مختلف جانورن جا مختلف نالا آهن، تهڙيءَ طرح انهن جي مؤنث جنسن، يعني مادين جا به جدا جدا نالا آهن. سان جي ماديءَ کي مينهن سڏجي، ڍڳي جي ماديءَ کي ڳئون، وغيره. جانور به، هر هڪ دين ڌرم جي شرع پٽاندر، ڪي حلال آهن ۽ ڪي حرام. پوءِ حلال جانورن جو کير به حلال ٿو ٿئي ۽ استعمال ۾ اچي ٿو ۽ حرام جانورن جو کير به حرام ٿو ٿئي، جو استعمال ۾ نٿو اچي- لاچار ڪنهن دوا درمل ۾ ڪتب آڻجي ته ٻي ڳالهه آهي.  رڍ، ٻڪري، ڳئون، مينهن ۽ ڏاچيءَ جو کير حلال آهي ۽ استعمال ٿئي ٿو. رڍ جو کير مَلو ٿئي ٿو، تنهنجي گهڻو استعمال نٿو ٿئي. ٻڪريءَ جو کير هلڪو ٿئي ٿو. مگر گهڻي استعمال سان جلاب جو ڪم ٿو ڏئي، تنهن جو پورو پنو  استعمال ٿئي ٿو. ڳئون جو کير ڇالو ۽ جلد هضم ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو. هندو ته ڳئون جي کير جي خاصيتن کان ايتريقدر متاثر آهن، ۽ سندن ڌرم ۾ ”گئو ڪوس“ حرام آهي. مينهن جو کير نسورو جلاب ٿئي ٿو. مطلب ته نهايت طاقتور ٿئي ٿو. مطلب ته ضرورت آهر، ٿورو گهڻو سڀ ڪتب اچن ٿا. هر ڪنهن جانور جي کير جون پنهنجون پنهنجون خاصيتون آهن، ته به کير ئي آهي، جنهن مان مکڻ پيدا ٿو ٿئي. ڪيئن پيدا ٿو ٿئي. اها ڳالهه اڃا پري پيئي آهي.

کير نه رڳو پيئڻ جي ڪم ٿو اچي، پر ڪيترين ئي کائڻ جي شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو- جهڙو مائو، کيرڻي، سيون، ڪيڪ، وغيره. کير ۽  کنڊ جو ته اهڙو ٺاهه آهي پاڻ ۾ گڏجن ٿا ته هڪٻئي ۾ محو ٿي وڃن ٿا. ”کيرکنڊ ٿيڻ“ جو اصطلاح مشهور آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ويڇا وساري، ٺهي ۽ رلي ملي وڃڻ.“ ٻيا به ڪيترا ئي اصطلاح ۽ پهاڪا آهن کير متعلق. جهڙوڪ ”کير جو کاڻل جهَڻ  ڦُوڪي پيئي“، ”جيڪي ڪري کير، نه ڪري پئسو نه ڪري پير“ وغيره. ڪنهن شئي جي سفيدي ڏيکارڻ لاءِ کير جو ئي مثال ورتو ويندو آهي. چي، ”اڇو  اڇو، جهڙو کير.“ سنڌي ٻوليءَ جي ڀيڻ سرائڪيءَ ۾ ته کير متعلق هڪ بهترين نظم چيل آهي.

جنهن جي وراڻي آهي: ”جودم جيوين، کير ولوڙ. انهيءَ ۾ ”کير ولوڙ“ اصطلاح طور ڪم آيل آهي، جنهن جو مطلب آهي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪر، يا سچائيءَ جو وڻج وهاءِ،  يا کير جهڙو اڇو اُجرو ۽ پاڪ ٿي گذار.

کير انسان جي اوائلي خوراڪ آهي. روايتي مالدار ماڻهو، مرندي مري ويندا مگر کير جو قسم نه کڻندا. انهيءَ نعمت عزيزه سان اهڙا سچا رهندا، جهڙي اها پاڻ سچي آهي. بدن جي پليتيءَ سان کير جي ٿانوَ کي به نه ڇهندا. ليڪن اڄڪلهه جي ڪُور چشم ۽ پوڍائي انسان انهيءَ سچيءَ نعمت ۾ به پنهنجي منهن جو مير ملائي ڇڏيو آهي. سچو کير ملڻ ئي مشڪل ٿي پيو آهي.پر انهيءَ ۾ ڏوهه پنهنجو آهي. همت ڪريون ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي بيت- ”ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي سڀ مرن“ جو نعرو هڻي، انهن پيٽ پرستن کي  پَٽيون پڙهائي سگهون ٿا، جيڪي کير فروشيءَ بدران ”زهر فروشي“ ڪن ٿا- بشرطي همت ڪريون، ڪَچائيءَ  جي ڪنڌ ڀڃڻ ۽ سچائيءَ جي سر اوچي ڪرڻ لاءِ جهاد ڪريون. پر جي پاڻ ئي ڪَچ ۽ ڪوڙ ڪمائڻ تي هري ويا آهيون ته پوءِ اِنا الله و انا اليه راجعون. ويا ويچارا، جي سچو کير واپرائيندا هئا ۽ صحت سان گذاريندا هئا. ڀُلجي به وٽن ويڄ نه ويندو هو؛ ڇو ته ”جو کير پئي، سو وير ٿئي.“ اسين ته نه کير ٿا پيون، نه وِير ٿا ٿيون. اسين ته کير جي نالي ۾ زهر ٿا استعمال ڪريون. اهڙو زهر، جيڪو اسان جي حياتيءَ جو ميدان تنگ ڪري، اسان جي نسلن کي به ڪمزور، نٻل ۽ دائم المريض بنائڻ وارو آهي. شل الله پاڪ اسان جي حال تي رحم ڪري، ۽ اسان کي سچ واپرائڻ جي توفيق عنايت ڪرڻ فرمائي.

انهيءَ بحث کي رکي، هينئر مکڻ ڏانهن منهن ڦيريون ٿا، جنهن سان به ڏيهه جي ڏڪاريل موذين اهڙو ظلم ڪيو آهي، جهڙو کير سان.

مکڻ کير جي پيدائش آهي.کير کي ڄمائي، ولوڙي، مکڻ ڪڍيو ويندو آهي. مکڻ آهي کير جو سَت. مکڻ کير کان زياده طاقتور غذا آهي، ڇو ته انهيءَ ۾ کير جي طاقت جا منتشرا جز ڪيميائي طور گڏيل ٿين ٿا. کير وانگر، مکڻ متعلق به ڪيترائي اصطلاح زبان زد عام آهن. مثلاً، ”مکڻ مان وار ڪڍڻ“ معنيٰ کوٽي کوٽي حقيقت معلوم ڪرڻ، ”مکڻ جا مهل اڏائڻ“ معنيٰ بي بنياد رٿون رٿڻ، ۽ ”دُڪي (مکڻ) جي ننڊ ڪرڻ“ معنيٰ گهري ننڊ ڪرڻ، وغيره.

جهڙيءَ طرح کير ۽ کنڊ جو ميلاپ لذيذ ٿو ٿئي، تهڙيءَ طرح مکڻ ۽ ماکيءَ جو. انب جي ڪور سان مکڻ ملائي کائڻ به واه جو مزو ٿو ڏئي. مکڻ به، کير وانگر، پنهنجيءَ نج ۽ خالص حالت ۾ هاڻ نٿو ملي. اڄڪلهه جي مهانگائيءَ کيس ناپيد ڪري ڇڏيو آهي” ٻهراڙيءَ ۾ به خالص مکڻ انهن گهرن مان ملي سگهي ٿو، جيڪي ڏڌ ۽ مکڻ جي قديمي ۽ روايتي تقدس کي قائم رڪيو اچن. اهڙن گهراڻن ۾ نه رڳو کير ۾ ملاوت کي برو سمجهيو وڃي ٿو. بلڪ ان جو وڪڻن به اڃا سوڌو منحوس خيال ڪيو وڃي ٿو.

اهڙن گهرن ۾ گهر ڌياڻيون صبح جو ساجهر اٿن ٿيون. اُٿي ڳئون يا مينهن کي گاهه وغيره وجهن ٿيون. انهيءَ ڪم ۾ ڪڏهن به ويسارو نٿيون ڪن؛ ڇو جو ڄاڻن ٿيون ته مال جي جيتري خدمت ٿئي ٿي، اوترو کير ڏئي ٿو. کير گهڻي ڏيڻ جي لحاظ کان مينهن ڳئون کان زور آهي، تنهن ڪري ان کي ئي ڪري ٿا مثال طور وٺون. مينهن بيٺي چارو چَرندي، ته مائي ويٺي کير ولوڙيندي. مينهن به چارو چري، ’چوٻو‘ شروع ڪندي، ته مائي به کير ولوڙڻ کان واندي ٿي، واڙي مان ڍڪندڙ وڇيءَ يا وڇ کي ڇوڙي ڇڏيندي. وڇ مينهن جي ’اوهه‘ ۾ هڪ- ٻه ڀيرا ٻوٿ هڻندي، ته  مينهن کير لاهي بيهندي. وڇ هڪ- ٻه چُوٻا ٿڻن کي ڏيندي ته مائي وڇ ٻڌي بيهاريندي، ۽ پاڻ کير جو مٽڪو کڻي، بسم الله ڪري، ويهندي ڏهڻ. جيڪڏهن کير ڏيندڙ جانورن جا ٿڻ سخت هوندا آهن ته مرد ڏهندا آهن، نه ته عام طرح عورتون ڏهنديون آهن.

ڊيرين ۾ تازي ڏڌل کير مان ئي مکڻ ڪڍيو ويندو آهي. انهيءَ مکڻ کي ”مَسڪو“ ۽ ”ڪِريم“ ڪري سڏبو آهي. مَسڪو يا ڪِريم، ٿي ته مکڻ ٿو، پر اهڙو نه؛ ڇو ته کير جي جزن کي ڪيميائي طور ڄمي ملڻ جو اهڙو موقعو نٿو ملي جهڙو ماٽيءَ جي ولوڙ ۾. ٻئي پاسي، مکڻ جي ڪن خاص جزن جي نڪري وڃڻ ڪري، کير به ناقص ٿي ٿو وڃي. اڄڪلهه ته اهو ڊيريءَ وارو ناقص کير ۽ مکڻ به ملاوت سان ملي ٿو.

خير، ڳالهه پئي ڪئيسون ته مائي بسم الله ڪري ويهندي کير ڏهڻ. کير ڏهڻ به وڏو فن آهي، هر ڪو ماڻهو کير نٿو ڏهي سگهي. نمبروار هٿ ٿڻن ڏانهن پيا وڌندا، ۽ شؤ شؤ جو آواز ڪري پيو دکيءَ يا چؤنريءَ ۾ پوندو.ٿڻ کي سوٽي، انهيءَ مان اٽڪل سان کير ڪڍڻ کي چئبو آهي. ’گُوهو‘. گُوهي پيئڻ سان ڏاڍي طاقت ٿيندي آهي. تازي کير جا 4-5 گوها، رکيل سير کير جي طاقت بخشين ٿا. چوندا آهن ته عزت بيگ جڏهن سهڻيءَ جي سڪ ۾ سهڻيءَ جي پيءُ  تلي ڪنڀار وٽ نوڪر بيٺو هو، تڏهن تلي جون مينهون ڏهندو هو ۽ پنهنجي روح جي راني سهڻي کي مينهن جا گوها پياريندو هو. ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي، البت وڻندڙ ضرور آهي. ساڳي روايت هير ۽ رانجهي جي پيار سان به وابسته ڪئي وڃي ٿي. بهرحال، اها عاشقن جي ريت رهي آهي.

اڃا اوهه ۾ ٿورو کير رهي ٿو ته مائي اٿي ٿي، ۽ کير رکي، وڇ کي کير ڌائڻ لاءِ ڇڏي ڏئي ٿي. کير ڪاڙهڻ لاءِ ڇيڻا دکائي، پاٽڙي تي رکي، انهيءَ مٿان کير ڪڙهڻ لاءِ هنڊيءَ ۾ اوتي رکي ٿي. ان ۾ اڳئين کير جو ڪانگهارو به ٿورو وجهي ڇڏي ٿي، جيئن کير جا آبي جزا ٿوري ۾ ٿورو خشڪ ٿين. پوءِ پنهنجي ٻئي ڪم ڪار کي لڳي وڃي ٿي.

صبح جو ڏڌل کير کي عام طرح ڪاڙهيو ويندو آهي. ڪي مايون ڏڌ ڪاڙهڻ لاءِ پاٽڙين بدران اَهوريون  يا ڪوناريون ٺاهي ڪم آڻينديون آهن. ڪفايت شعار مايون ڏڌ ڪاڙهيندڙ بُهرين اڳيان حفاظت لاءِ ڄاريدار جهنگلي جي دري لڳرائي ڇڏينديون آهن. پر معصوم شرارتي ٻار جَونَ جي سائي تيلي يا وري ڪڻڪ جي ڪُل پوريءَ تيليءَ سان جهنگلي مان به کير پي ويندا آهن! پوءِ ته گهر ۾ جا ڪفايت ۽ محبت جي پياري ڪشمڪش ٿيندي آهي، سا کير  کان زياده پر لطف هوندي آهي.

ٽپهريءَ تائين ڪڙهندڙ کير تي ملائيءَ جو موٽو تهه چڙهي وڃي ٿو. کير جو رنگ هلڪو گلابي ٿي وڃي ٿو. شام جو ملائي لاهي کائڻ لاءِ رکي وڃي ٿي، ۽ وري کير ڏڌو وڃي ٿو. شام جي ڏڌل کير کي هڪ اڌ ڀارو اوڀارو ڏيئي، يا ڪَچو ئي ڪَچو، صبح واري ڪڙهيل کير سان ملايو وڃي ٿو؛ پر پهريائين انهيءَ تازي کير مان گهر- ڀاتين ۽ ٻارن لاءِ ضرور ڪجهه ڪڍي الڳ رکيو وڃي ٿو. پوءِ انهيءَ صبح ۽ شام واري گڏيل کير کي لسيءَ جو سَبائڻ ڏيئي، سڄي رات ڄمڻ لاءِ کاري هيٺان يا بُهري وغيره ۾ رکيو وڃي ٿو. لسيءَ جي سبائڻ نه هئڻ جي حالت ۾، لاچار، ليمي جي رس ۽ اهڙين ٻين شين کان ڪم ورتو وڃي ٿو، ڇو ته مقصد صرف کير کي ڄمائڻ جو آهي.

سڄي رات کير پيو ڄمندو. اسر جو اٿي ڏسبو ته ڦِٽ- ڦٽ ٿيو، ڄميو پيو هوندو. انهيءَ ڦٽل ۽ ڄميل کير جو نالو آهي”ڏَهي،، جنهن کي ولوڙي، لسي ڌار ۽ مکڻ ڌار ڪبو آهي.

ڏڌ ولوڙڻ هڪ باقاعدي فن آهي. انهيءَ لاءِ چڱي چوکي مهارت گهرجي ٿي. چاڏيءَ ۾ گنجائش جو خيال رکڻو پوي ٿو. مانڌاڻي، مانڌاڻيءَ جي رسين يا نيٽي جي توازن ۽ مانڌاڻيءَ جي ڦل (ڦريءَ) کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو. موسم جو لحاظ رکيو وڃي ٿو. سردين ۾ گرم، ۽ گرمين ۾ سرد پاڻيءَ جي تريڙيءَ (اکير ولوڙڻ واري مٽڪي هيٺان رکيل پاٽڙي) کان سواءِ مکڻ پوريءَ طرح نٿو نڪري.

کير ولوڙيندڙ مائي، مٽڪي ۾ مانڌاڻي وجهي مانڌاڻيءَ جي سَرڳين جو توازن رکي، مَنجيءَ يا پَٽ تي ويهي، مانڌاڻيءَ کي ڦيريندڙ رسيءَ جي ٻن پڇڙين کي پڪڙيءَ، نهايت سڪ ۽ محنت سان، بسم الله ڪري، رسيءَ جي پُڇڙين کي، مانڌاڻي هلائڻ لاءِ، نمبر وار، هٿن سان اڳتي- پٺتي ڪري، ڏڌ ولوڙڻ شروع ڪري ٿي.

مانڌاڻي پيئي ڦرندي، مائي ويٺي رسين ڇڪڻ سان ڪا قرآن پاڪ جي آيت قرت سان، يا ڪا دعا ترنم سان پڙهندي. مٽڪي مان ”جهڳ- جهڳ“ جو مٺڙو آواز باقاعدي پيو نڪرندو. مائيءَ جي مٺڙي جهونگار ۽ جهڳ- جهڳ جو شِيرين ترنم، هڪٻئي سان ملي، هم آهنگ ٿي، فضا کي پيا مست ڪندا. ايتري ۾ ٻيا گهرڀاتي اٿي، هٿ- منهن ڌوئڻ، وضو ساري نماز پڙهڻ يا صبح جو ٻين ڪمن ۾ مشغول ٿي ويندا، ۽ جي گهر ۾ ٻار به هوندا ته اٿي، اکيون مليندا، اچي ڏڌ ولوڙيندڙ مائيءَ جي ڀرسان اوڪڙو يا پاسو کوڙي ويهندا. دعا يا آيت به ويٺا ٻڌندا. ته جهڳ- جهڳ جي لَي سان به ويٺا جهومندا.

ٻارڙن کي ڏڌ ولوڙڻ ايترو وڻندو آهي جو سرائڪي ڳالهائيندڙ ٻارن جي ته راند آهي. ٻه ٻار گڏبا ته هڪٻئي جي ننڍڙن ننڍڙن هٿن کان پڪڙي، ٻانهن کي رسين وانگر نمبر وار اڳتي- پٺتي ڪري پيا چوندا.

.جهڳ- جهڳ مَٽي، اي، لسي تيڏي کَٽِي اي،

سوني دا نهيلا، ڳاڙها ڳاڙها پيلا،

رُپي دي منڌاڻي، جيوي ميڏي ناني.“

۽ ائين چئي، کليو کليو کيرا پيا ٿيندا.

ايتري ۾ مکڻ جا جزا، ملي، ڪي مٿي ٿا پيهن ۽ ڪي مانڌاڻيءَ جي گُل کي چنبڙي ٿا پون. مائي پنهنجو هٿ پاڻيءَ سان تَر ڪري، گُل تان مکڻ لاهي، ڀر سان رکيل پاڻيءَ جي وٽي ۾ ملائي وجهي ٿي، ڇو ته ٿوريءَ ئي گرميءَ تي مکن ۾ موم جو پگهرجي وڃڻ ضرب المثل آهي. پوءِ وري اندر ٽڪي ۾ وجهي، ڏڌ کي ڇلڪائي، مٿي تريل مکڻ کي گڏائي، ڪڍي، وٽي ۾ رکي ٿي، ۽ ڀرسان ويٺل ٻارن کي به ٿورو گهڻو کارائي خوش ڪري ٿي.

مکن نئين ڄاول ٻار لاءِ، ٿڃ کان علاوه، خاص خوراڪ آهي.

مکڻ جي ملائمت ۽ نرمائيءَ، لطافت ۽ شيرنيءَ کي پنهنجي محبوب جي ملائم چمڙيءِ، نفيس طبع ۽ شيرين گفتگار سان نسبت ڏيئي، هڪ سنڌي سٻاجهڙي ان کي پنهنجي دوست جي مهمانيءَ لاءِ منتخب ڪري، ڪيڏو نه خوبصورت ڪلام چيو آهي:

”کاءُ مکڻ ۽ ماني، منهنجا جاني!“

سچ پچ، هڪ نفيس تن، ملائم بدن محبوب سان بي انصافي ٿيندي، جيڪڏهن هن کي اهڙيءَ نرم، پاڪيزه ۽ لطيف غذا جي بدران سقيل ۽ سخت کاڌي جي مهماني ڏجي. خير، جهڙا روح تهڙا ختما.

هينئر مکڻ کي باهه تي رکي، ٽِچايو وڃي ٿو ته پگهرجي پاڻي ٿي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ جي مٿان لسيَ وارو ميل، ناسي ڀوري رنگ سان ٿري ٻڌي بيهي ٿو. انهيءَ ناسي ڀوري رنگ جي ٿريءَکي چئبو آهي. ”اکر.“ يا ”وِسناڻ“ آکر ڪجهه کٽڙي ٿيندي آهي ۽ مٺائي ملائي کائڻ سان ڏاڍو مزو ڏيندي آهي. انهيءَ آکر کي ڇاڻيءَ سان لاهي جدا ٿانوَ ۾ رکبو آهي. ته باقي وڃي بچندو آهي پگهريل مکڻ، يعني ”گيهه“، جنهن لاءِ حڪمين جو چوڻ آهي ته ”جيڪي ڪري گيهه، نه ڪري ماءُ نه ڪري پيءُ.“

سچي کير، مکڻ ۽ گيهه جو استعمال ڪيتري قدر ۽ ڇو ضروري آهي. تنهن جي خبر هر ڪنهن کي آهي. انهيءَ تي روشني وجهڻ بيسود آهي. البت اوٽ ۾ اها ڳالهه ڪري ڇڏڻ مناسب آهي ته اسان جا وڏا انهي ٽنهي شين کي بيحد عزيز رکندا هئا. انهن کي پنهنجي صحت ۽ زندگيءَ جو امن ڪري ڀانئيندا هئا. ڏڌ ۽ پُٽ وارو ئي بختاور ۽ ڀاڳوان ليکيو ويندو هو. ڏڌ-پُٽ واري جي ئي ساک پَت هلندي هئي. مڙسن جي مڙسيءَ ۽ طاقت جو اندازو انهن شين جي پَچائي وڃڻ مان لڳايو ويندو هو. نوجوان اڌ- اڌ سير گيهه هڪڙيءَ گيت سان پي ويندا  هئا، ۽ ٻار سير- سير کير اوڳرائي ڏيڻ کانسواءِ ڏوڪي ويندا هئا. مردن ۾ ڀيٽون ٿينديون هيون. گهڻي ۾ گهڻي کير ۽ گيهه پيئن جون. اڄ ته اسين ڏڌ. مکڻ جي سچي نالي لاءِ به پيا سڪون، ۽ ڊيريءَ جي ناقص کير ۽ بناسپتي گيهه اسان جي معدن کي اهڙو ناقص ڪري ڇڏيو آهي جو ڪو خالص کير جو سير کن هضم ڪرڻ وارو به نظر نٿو اچي. سير کن گيهه ته پري رهيو، پر جي ڪو بناسپتي ڦيڦو نوجوان، هوڏ ٻڌي، پاءُ کن گيهه به پيئندو ته منهنجي هڪڙي دوست  وانگر، هفتو کن پيو ٻارن وانگر رليون پاڪ ڪندو.

سچ ته بناسپتي گيهه اسان کي به بناسپتي بنائي ڇڏيو آهي. اسان جي اولاد ته پڪ ئي پڪ بناسپتيءَ جهڙو نازڪ مزاج ٿي ويندو، ۽ پاڻي به هضم ڪري نه سگهندو.

ڊاڪٽر اظهر اي انور                              قسط-1

  ترجمو: نجمه پنهور

 

ٻارن جي تربيت ۽ سنڀال

 

عمر سان گڏ تبديل ٿيندڙ عادتون

3 مهينن جا ٻار:

مائٽ ٽن مهينن جي ٻار جي عادتن  ۽ چرپر کي سمجهڻ لڳندا آهن ۽ انهن جي ضرورتن کي سمجهي ويندا آهن. ٻار بک لڳڻ وقت يا اڪيلائي محسوس ڪرڻ وقت زور زور سان روئيندا آهن ۽ پنهنجي ماءُ يا کير جو گلاس ڏسي هونگرون به ڏيندا آهن.

هن عمر ۾ ٻار هٿن سان کيڏڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه محفوظ ڪرڻ سکي ويندو آهي. پنهنجون ٻانهون ۽ ٽنگون هلائڻ به سکي ويندو آهي. پنهنجا هٿ کولي ۽ بند ڪري خوش ٿيندو آهي. ستي ستي انهن کي چوريندو پوريندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻانهن ۽ ٽنگن کي هلائڻ ۾ عبور حاصل ڪري وٺندو آهي.

هن عمر ۾ جيڪڏهن ٻار کي اونڌو ليٽائي ڇڏجي ته هو پنهنجي ٻانهن جي زور سان سڌو ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڪنڌ کي جهلي به سگهندو آهي. ٻار کي ويهارڻ، اٿارڻ يا ليٽائڻ جي ماءُ کي سهارو ڏيڻ کپي. ٻار پنهنجي آس  پاس واري ماحول ۽ پنهنجي چوڌاري ويٺل ماڻهن کي غور سان ڏسندو رهندو آهي ۽ خوشي محسوس ڪندو آهي، جنهن پاسي کان آواز محسوس ڪندو آهي، ان پاسي ڏسڻ لڳندو آهي.

ٻار کي جڏهن پنهنجي ماءُ کڻي پيار ڪري ٿي ته هو بيحد خوشي محسوس ڪندو . پر ڪو به فرد، جيڪو کيس کڻي ٿو ۽ راند ڪرائي ٿو، ته هو ان کي خوشيءَ جو تاثر ڏئي ٿو.هن عمر ۾ ٻار اجنبي يا ڌاريائي ماڻهوءَ کان پريشان ڪو نه ٿيندو آهي. ڇو ته اڃا کيس ايترو شعور ڪونهي. جيڪڏهن ڪير کڻي پيار ڪري ته هو ڊڄندو ناهي، باقي انهيءَ وقت کيس بک لڳي هجي يا ڪو ٻيو مسئلو هجي ته اُها ٻي ڳالهه آهي ۽ انهيءَ وقت ٻار پنهنجي ماءُ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهي. ڇو ته هن کي خبر هوندو آهي ته هوءَ ئي اهڙي هستي آهي جيڪا کيس آرام ڏيئي سگهي ٿي ۽ پنهنجو کير پياري سگهي ٿي. پر جي ٻار بوتل جي کير تي هريل آهي ته پوءِ ٻئي ڪنهن کان کير جي بوتل وٺي پي سگهي ٿو. هن عمر ۾ ٻار کير پيئڻ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آهي، پوءِ اهو ماءُ جوکير هجي يا بوتل جو. جڏهن به کين ماءُ ميسر هجي يا بوتل جو کير هجي ٻنهي صورتن ۾ هن جي چهري مان اطمينان ۽ خوشي پئي محسوس ٿيندي آهي.کير پيئڻ وقت هو پنهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون هلائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.

هن عمر ۾ ٻار ماءُ جي آڱر مٺ ۾ پڪڙڻ  جي ڪوشش ڪندو آهي، پر هو ان کي گهڻي دير جهلي نه سگهندو آهي. پنهنجي اڳيان رکيل هر شيءِ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر کڻي نه سگهندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻار پنهنجي ويجهو ماڻهن کي گهمندي ۽ ٻين شين کي به غور سان ڏسندو آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻار پنهنجي مرضيءَ سان شين کي پڪڙي سگهندو آهي، مطلب ته ٽن مهينن کان پوءِ هن کي پنهنجي هٿن تي ايترو عبور حاصل ٿي وڃي ٿو. جو هو پنهنجي اڳيان رکيل شين کي پنهنجي مرضيءَ سان کڻي سگهي ٿو.

انهيءَ مرحلي ۾ ٻار خوشي مان هونگريون به ڏيندو آهي. جڏهن هن جي ماءُ هن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندي آهي ته هو به موٽ ۾ هونگريون ڏئي خوشي جو اظهار ڪندو آهي. ٻئي ڪنهن جي کلڻ ۽ مسڪرائڻ  تي پاڻ به مسڪرائيندو آهي. مائٽن جي پيار ۽ توجهه سان هن جي حوصلي  افزائي ٿئي ٿي ۽ ٻار کليءَ طرح پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ٿو. مائرن کي گهرجي ته ٻار کي ٻانهن جي سهاري سان اٿڻ ۽ ويهڻ سيکارين. ماءُ کي ٻار اڳيان چڙ يا بيزاريءَ جو مظاهرو ڪرڻ نه کپي. نه ئي ٻار کي دڙڪا ڏيڻ گهرجن.

ڇهن مهينن جا ٻار:

هن عمر جا ٻار وڌيڪ ڳالهيون سکيل آهن. اهي سهاري کانسواءِ ڪجهه دير ويهي سگهندا آهن. ٻيو ته اهو خيال رکيو وڃي ته ٻار جي چيلهه سڌي جهليل هجي ۽ جيڪڏهن سندس مٿي کي ٽيڪ ڏيئي، هٿ پڪڙبو ته هو پنهنجو زور لڳائي اُٿڻ جي ڪوشش ڪندو. ليٽيل ٻار بستري تان مٿو کڻي سگهندو آهي، هو پنهنجي ٽنگن کي بلند ڪري پنهنجي هٿن سان ٿيندو آهي. پٽ تي سمهارڻ سان پنهنجي ٻانهن جي مدد سان رڙهڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي. ”بي بي واڪر“ ۾ ويهي هلڻ جي ڪوشش ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿي ويو ته هو تمام گهڻو خوش  ٿيندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com