ڪرڙ جو ٻج يا تخم، ڏيلهي يا پڪي اندر ڳر ۾ هوندو
آهي، جڏهن سائو ڏونرو پڇي ڳاڙهي گلابي رنگدار
ٿيندو آهي ته اهو مِٺو ٿي پوندو آهي. انهي ۾ اندر
ڳر مِٺي هوندي آهي ۽ انهيءَ ڳر منجهه ڪرِڙ جا
ڪيترائي ٻج ڳتيل هوندا آهن. ان پڪل ڏيلهي کي
جهرڪيون، بربلون، ٿاريلون، ملهالا، چيها، وهيا ۽
پکي ٺونگي ٺونگي مِٺي ڳر ڳڙڪائيندا ويندا آهن، ان
ڳر سان گڏ ٻج به سندن گجين ۾ هليو ويندو آهي، پر
اهو هنن جي ڳچين ۾ هضم نه ٿيندو آهي ۽ وٺين لاهڻ
سان سڄو سارو وڃي پٽ تي ڪِرندو آهي. ان ٻج جي سُڪي
وڃڻ تي جڏهن به واءَ، واچوڙا ۽ جهڪون لڳنديون آهن
ته اهڙن ٻجن کي اُڏائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي ڦٽو ڪنديون
آهن، وري مٿان جڏهن مينهن ۽ برساتن جا وسڪارا
ٿيندا آهن ته ٻجن مان اول ڪرِڙيون پوءِ رفته رفته
وڌي وڏا وڻ ٿين ٿا. وڏي ۾ وڏي ڪرڙ جي وڻ جي ڊيگهه
اٽڪل ڏهاڪو کن فوٽ ٿئي ٿي؛ پر ٿُڙ جي ٿلهائي يا
موڪرائي جو گهيرو وٺڻ ڪاڻ ٻنهي هٿن جي پنجن کي ان
جي گرد ڦيرائبو ته پاڻ ۾ ملڻ کان انهن جي ڀڪوڙڻ جي
وچ کان زياده هوندو آهي، وڇوٽيءَ ۾ مهمائڻ ۽
سمائجڻ کان وڌيڪ هوندو آهي.
ڪنڊيدار وڻ هئڻ ڪري ٻهراڙين جا ماڻهو پنهنجن گهرن،
واڙن، وٿاڻن، کيتن ۽ پوکن کي ڪرڙن جي ڊينگرن جا
ٻيانن تي پور کڻي انهن جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ
چوڌاري لوڙها ڏيئي ڇڏيندا آهن.
گهرن ڪاڻ، ڪرڙ وڻ جا ڏار، ٽار وڍي ڪپي سرڪار انهن
جي هيٺئين ۽ مٿئين پاسن جي ڇل وٺي جاءِ جي کڻن
جيتري ماپ وٺي ٺاهين، انهن کي چون ’ڪايا‘ جاءِ جي
ڀتين مٿان رکن ’داسا‘ انهن داسن مٿان ڇڊا ڇڊا رکن
ڪا يا وري ڪرڙ جون سنهڙيون لامون، ٽاريون ۽ ڇانيون
اڌوريون ڇانگي گڏ ڪن. انهن کي چون جهڪ، اهو جهڪ
ڪاين مٿان پکيڙين، مٿائن وري بُهه گاري سان ڇت کي
لنبي ڇڏين ته انهيءَ واسطي سوگهي ۽ مضبوط گهر،
واڙي، وٿاڻ جي لنگهه وٽ ٻيلنگهه يا ٻه منگها کوڙي
ان کي چون کڙهه، ۽ رات جو ان مٿان ڍينگر رکي لنگهه
بند ڪندا آهن.
عمر لانڍين ۽ لوڙهن سان نه ماڙيون تو مٽائينديس،
لين لاڻين ۽ ڪريڙن ۾ پکا پنهنجا وسائينديس!
ڪرڙ جو ڪاٺ ٽاڪائون يا ٽڪارو ڪونهي، بلڪ چيڙهالو ۽
ڪوڙو آهي، تنهن ڪري، سُرو، ۽ پريو، گهنگري ۽ ٻيا
جيت جيڪي ڪاٺين کي ٽُڪي ٽونگ ڪري اندر رهندا آهن،
سي ڪڙاڻ ڪري هن جي ڪاٺيءَ کي ويجهائي ڪين وڃن.
گهرن ۾ ڪرڙن جي ڪاٺين مان ٺهيل اسلح گهڻو هوندو
آهي.
منجي جنهن تي هڪڙو ماڻهو ويهي سگهندو آهي، ان جون
ايسون، اوپرا ۽ پاڳ ٺهيل ٿين. چار چار فوٽ ڪاٺين
جا ٽڪرا انهن جون پڇاڙيون نوڙي يا ڏوري سان سُڪ
ٻڌي چوڪنڊا ڇڪا جوڙين ۽ انهن ڪاٺين ۾ رسيون وجهي
مٿي ڪاين ۾ لڙڪائي ڇڏين. پوءِ انهن مٿان گيهه ۽
مکڻ جون دکيون رکن.
ٻه ڪاٺيون اٽڪل چار فوٽ ڊگهيون، ڪوٺيءَ جي ڀت کان
ٽه- چار فوٽ پرڀرو زمين ۾ گُدي کوڙين. اُنهن ٻنهي
جي چوٽي لڳ هڪ ٽين ڊگهي ڪاٺي نوڙين سان سنئين
ويهاري ٻڌي قابو ڪن. پوءِ ڀت ۽ ان ستل ڪاٺي مٿان
اوتري ماپ جا چار فوٽ ڪجهه سنوالا ڏڪ رکن جن جون
پڇاڙتون ڀت اندر ڏور ڪري لنبي ڇڏين، ان کي هنڌن جي
منجڻ چون. مٿانس رليون، فراشيون، سوڙهون، کرڙيون،
کيس کٿا رکي ڇڏين.
گهڙن يا دلن رکڻ لاءِ گهڙامنجي! ڪا ٻن دلن رکڻ
لاءِ فقط هڪ گهڙي لاءِ هوندي آهي.
ڪرڙ جون ڪاٺيون رڌ- پچاءَ چلهه ۾ وجهي ٻارجن ٿيون،
ٻرڻ مهل انهن جي وڍ واري پڇاڙي مان ڳاڙهيڙي ڦرڪندڙ
رس نڪرندي آهي، ان کي ڪاٺيءَ مان جي رس يا ڪاٺيءَ
جو شيشو چون. اها رس جي ڏڍ جي داغن يا چٽيءَ جي
نشانن مٿان مکجي ٿي ته ڏڍ ڇٽيو وڃي ۽ چٽيءَ جا
نشان لهيو وڃن.
وٿاڻن ۾ وهٽن ٻڌڻ واسطي منگها ۽ ڪِلا پڻ ڪرڙ جي
ڪاٺي جا آهن. کير ولوڙڻ لاءِ مانڌاڻي منڌي ۽ جهرڻو
ڪم اچن ٿا.
جهرڻو ته نجو پجو ڪرڙ جي ڪاٺي مان ٺهيل آهي، البت
مانڌاڻيءَ ۾ آيل ڀاڱا هيٺيان گڏيل آهن. منڌي يا
مانڌاڻي چاڏي، ماٽي، ڪُنيءَ ۾ ڄمايل کير مان ٿيل
ڌؤنوري کي ولوڙڻ ڪاڻ وجهي ولوڙو ڪَبو آهي. وچ واري
گول گهڙي ڪاٺيءَ کي ”ڳني“ ٿو چئجي، ان جي ڇيڙي
”فُل“ جيڪو ٻن ڦاردار پاڪن سان هڪ ٻئي سَل ۽ کپ
سان ڳنڍيل ٿئي ٿو. ڳني، ماٽيءَ وجهڻ سان جتان
ڦٽيون ڦٽيون ڪنن جي ڪنارن کان اُٿڙي هيٺ ڪرن انهن
کي روڪڻ واسطي هڪ گول چڪرو پچايل روٽلي وانگر وچ ۾
سوراخ وارو هوندو آهي. چون منه. منه جو سوراخ
مٿان لاهي منه کي ماٽي مٿان ڍڪ ڪري رکبو آهي، ان
جي لچڪي کي بند ڪرڻ لاءِ مٿان وري سنگهر، جنهن جو
نمونو ڪاتر يا ڪمان وانگيان آهي، وچ تي هڪ ڪمان
وانگر پاسو اٿس ان پاسي جي اڌ گولائيءَ وچ ۾ اڌورو
کپ ٿيل آهي، جو ڳني ۽ منه جو لچڪڻ روڪيو ڇڏي، ان
سنگهر جي ٻنهي پڇاڙين ۾ ڏورو ٻڌل هوندو آهي، جو
منهيري ۾ وراڪيل هوندو آهي، نهيرو ڪٿي ڪاٺ جو کتل
آهي، وڻ جو ڏار يا منگهو آهي. جنهن ۾ ڳنيءَ جي
چوٽيءَ واري ڀاڱي مان ٿيل کپن مان، رسي وار ڪيل
وڃي نهيري ۾ ٻڌجي ٿي، ڳنيءَ کي ڦيرائڻ واسطي سُٽ
جو ڏورو يا چمڙي جي وڍي وچ تي ٽن چئن ورن سان وار
ڪيل هوندي آهي. ان رسيءَ جي ٻئي ڀوڇڙ ۾ ڪاٺ جون
اِٽيون يا گليون ٻڌل هوندي آهن، انهن کي واري واري
سان ڇڪي پاڻ ڏانهن پيو وري پاڻ ڏانهن ڇڪبو آهي ته
ڳني ۾ تري وارو ڦُل، ماٽي يا چاڏيءَ ۾ اڌوڙا چڪر
پيو هڻندو آهي ته ڌؤنري مان ڦٽيون ڦٽيون ٿي مکڻ
پيو ٺهندو آهي. اهو مکڻ ڪڍي رکن يا ان کي رجائي
گيهه ڪن.
جنڊ ۾ پٿر جا ٻه پڙ هيٺيون مٿيون ٿين، مٿئين پُڙ
جا ڳاريءَ ۾ دُنر يا تُنر، هٿيو، ڪير جي مٿان مڪڙي
۽ آڪيڙا ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جا هوندا آهن. گهوٽڻ لاءِ
ڏنڊو ڪرڙ جو جنهن سان ٺڪر جي ڪونڊي ڀنگ، ٿاڌل
گهوٽين ۽ ٻارن ڪاڻ ڦوٽا ڦڪيون لڙهين. مهلڙِيءَ
سان اُکريلي ۾ مشالو ڪُٽين ۽ مهري سان اکريءَ ۾
چانور ڇڙين. ڪِرڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل ويلڻ، چڪرو،
ڏويون، وجڻين جاڳن.
هارپ، واسطي: گڏ واري رنبي جو ڳن ڏانٽن جا ڳن،
ڪوڏر ۽ ڪهاڙين، ڪهاڙن جا ڳن، هر جا مُٺيا،
پاهوڙيون ڏانداريون پڻ ڪرڙ مان هونديون آهن.
ٻيانيون جن سان ڍينگر کڻي لوڙها ڏين ٿا.
رانديڪا: اٽِيون، گليون بدوڙا ۽ ڏڪر، ڦرموٽيون،
لاٽون، چڪريون، چوپڻ جون ساريون يا ڳوٽول گليلون،
ڪوڙڪن جون ڪاٺيون جن سان بربليون ڦاسائين ٿا. ٻارن
جي پنڌ سکڻ جو پڻ ٽه ڦيٿيون ٽيڪڻيون ٻارن کي
ويهاري ڇڪڻ وارا گاڏا، ليڪن ڪڍڻ وارا زول ۽ ٻيا
سامان: سونگا جن ۾ زالون ڳهه گٽا وجهي رکن، ناس
جون سونگيون دٻليون پڻ. هٿڻ: ٽوڙهيون، گهوٻاٽا،
ڌڪا، لٺيون، بانٺا به. پر اڄ انهي اسبابن جي ٺاهڻ
وارا ڪاريگر ڄڻ آهين ئي ڪو نه، ” ويچارا وليداد
چئي ولر ڪري ويا.“
گهر ڌڃاڻيون ڪرڙن جا ڏار نمائي پسي ڏؤنر پڪن جون
جهون ڀري گهرن ۾ آڻي، پُسي سنڌنيون به هيون ته
رڌنديون به هيون، ڏؤنرا به سنڌبا هئا، پر پڪن يا
ڏيلهن جي ڳر ڪپڙي مان ڇاڻي رس ڪڍي اُن ۾ مٺو ڀت،
تاهري رڌي کائين ٿا. جن جو پُٽاڻو اولاد نه بچندو
هو ته اهي نئين ڄاول ٻار جو نالو ”ڪرڙ“ رکندا هئا
ته وڏي ڄمار ماڻيندو هو.
ويا مور مري، هنجهه نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪارن ڪانيرن جو!
ائين نه آهي ته رڳو ڪرِڙ جو ڪاٺ ڪم ٿو اچي، پر جتي
جتي ٻيا مضبوط قسم جا وڻ آهن ته اتي جا ماڻهو وري
انهن وڻن جو ڪاٺ ڪتب آڻي گهرج واريون شيون جوڙين
ٿا.
ڳالهيون ڳوٺ ويڙهن جون، وڌي واهڻ، ٿيام!
شاعري
رخسانا پريت چنڙ
تنهنجي نيڻ نهار سان
ڏينهن تتي جو ڏسندي ڏسندي،
ٿي ويا مينگهه ملهار،
تنهنجي نيڻ نهار سان،
جيون گهارڻ لاءِ ڪافي آ.
مليم جو به قرار،
تنهنجي نيڻ نهار سان
پيار کي پاپ چوڻ وارو ڀي،
ڇرڪيو بي اختيار
تنهنجي نيڻ نهار سان،.
چوڻ ڇا چاهيم چئي ويس ڇا
اٽڪيا سڀ اچار
تنهنجي نيڻ نهار سان
مون ته نه چاهيو پاڻ جڙي ويو،
سپنن جو سنسار
تنهنجي نيڻ نهار سان
موت اسان ڏي آيو ڀي جي
جي پونداسين يار،
تنهنجي نيڻ نهار سان
جبار”تاثير“ سومرو
غزل
ٿيس قيد پهرين ملاقات ۾
وئي رات گذري حجابات ۾
خوشيون کوڙ توکي مون ارپي ڇڏيون
گذاري حياتي مون هيهات ۾
قسم سان حياتيءَ کان پيارا اٿم سي،
ڏنا غم الم جي تو سوغات ۾
نه موسم جهڙالي نه سانوڻ ڏهاڙا
ڀنا پاند ڳوڙهن جي برسات ۾
ڦٽي باک پوندي سڄڻ سار لهه ڪا
پرين پهچ هاڻي تون پرڀات ۾
ڏسان ٿو مان پوين پساهن ۾ آهن،
ستارا به ڏسجن ٿا سڪرات ۾
وڪوڙي ويا وسوسا ڏينهن جو
گذاريم سڄي رات فڪرات ۾
سوين سور سوداءَ ڳڻتيون اداسيون
مليا توکان ڇا ڇا نه خيرات ۾
خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ڏٺوسين
اچي ويو آ ”تاثير“ جذبات ۾
ڪلثوم قمر ميمڻ
پيٽ جي باهه
رات ٺري آ
لوڪ ستو آ
سوچن ڪوئي چنگ چوريو آ
نيڻن مان ڪو نيهن لڙيو آ
ننڊ اکين مان ائين اُڍريل آ
ڄڻ ته ڪوئي ويل وسيو آ
ماضي ٿي پيو ٿوهر آهي
جيڪو من اندر اٽڪيو آ
ذهن تي اڀرندڙ پل
ايئن لڳن ٿا ڄڻ نيري گگن ۾ وڄ چمڪي
تو کان وڇڙڻ وارو منظر
ڏنڀ ڏيئي ٿو
ڄڻ ته ڪو ڪاريهر ٿي پيو آ
سوچيان ٿي ته بي نام تمنا
ڪيڏي آ ناڪام تمنا
ڪيڏي پيڙا آهي
ڪيڏو اذيت ناڪ آ
لفظ ”وڇوڙو“
ڪيڏا ڏئي ٿو درد”وڇوڙو“
ايتري ۾
آواز اٿن ٿا، جيڪي ذهن کي چور ڪن ٿا
اندر ۾ آزار وڌن ٿا
يادن جا موتي
ڪڻو ڪڻو ٿي وکري وکري وڃن ٿا
دري کولي ٻاهر ڏسان ٿي
سامهون واري گهر ڏسان ٿي
هڪڙي جيجل ماءُ،
جيڪا بلڪل بي سرت پئي آ
آڪاش ۾ اکيون اٽڪائي
ماني جي هڪ ڀور لاءِ
سوچيان ٿي
برهه جي باهه ته ڪجهه به ناهي
ڪيڏي اذيت ناڪ آ
پيٽ جي باهه!
سنڌو قاضي
وقت
وقت مون کي
اوسيئڙي جي اڇن وارن کان سواءِ
ڪجهه به نه ڏنو
مان وقت کي پنهنجن پلاند
۾ ٻڌي
گول دائرن کان مٿي اڏرڻ ٿي چاهيو
پر!
هڪ ڀيري منهنجي گهر جون ڀتيون
اڃا به وڌيڪ ڊگهيون ٿي
ٿي ويون!
شفق سرهندي
غزل
ڇڏ تون حجاب اڄ ته،
لاهه نقاب اڄ ته.
ڏي پيار مون کي ايڏو،
نه ڪر ڪو حساب اڄ ته.
هن حسن تنهنجي جو،
پڙهڻ ڏي ڪتاب اڄ ته.
هي تنهنجون اکڙيون ڪجهه،
چونديون جناب اڄ ته.
ويو آ لڪي ڪڪرن ۾،
هي مهتاب اڄ ته.
رضيه صديقي
ڪوڙي دنيا
من ڄڻ رڻ پٽ، سڃو صحرا،
ڄڻ ته وسي پئي واري واري.
هنيو ڦٽي ٿيو ڦاڪون ڦاران،
من پٿر جيان ڀاري ڀاري.
سک سياپا، رت جا رشتا،
ڪوڙي دنيا ساري ساري.
ڪنهن جو من آ موتيءَ داڻو،
ڪنهن جي دل آ ڪاري ڪاري.
چندر ڪيسواڻي
ڪاري
رات جي پوئين پهر ۾
اڀريل عڪس
چانڊوڪيءَ جي ميراڻ تي
اُڏندي مليا
آڪاش ۾
مون ٻانهون ڦهلائي
ويڳاڻپ ۾ ورتل
عڪس کي جهليو
هو پرزا پرزا ٿي
منهنجي ٻانهن مان وهي
وري اُڪري آيو
آڪاش ۾،
هن چيو
”آئون صدين کان ٿيندڙ ”ڪاري“
سنڌ جي ناري آهيان
ڪراين تي ٺهيل ڪڙن جا ڪنڱڻ
انگن تي چٽيل ڄڻ ڪارا لڪڻ
رتال مٽِيءَ ۾ لويل ڪا جند
شايد صدين کان هئي ڪوٽن ۾ بند
ڪنڌ مروڙيل
اُکڙيل اڻڀا وار
سي ئي ها پار
جي مون ڏٺا ها
رات جي پوئين پهر ۾.
پن- جيون
تو کي چاهيان ٿو،
ڄڻ زندگي
تو کي پوڄان ٿو
ڄڻ بندگي توبن جيون
ڄڻ ڇڻيل ڪو پيلو پن.
فرزانه سنڌو
غزل
جڏهن واءَ ٿڌڙا گهلن ٿا پرين،
کڻي ياد تنهنجي اچن ٿا پرين.
هي ڳوٺ منهنجي جا رستا سارا،
رڳو تنهنجو ئي پڇن ٿا پرين.
ها تو جهڙا ڪي انمول ماڻهو،
قسمت سان ئي ملن ٿا پرين.
تون جي ناهين هوندو ته پوءِ،
شعر ئي سهارو ڏين ٿا پرين.
جتي ڪو به ڪنهن جو ناهي اتي،
لڙڪ چنڊ تارا اگهن ٿا پرين.
خيال منهنجا هي سرڪش سائين!
هر روز تو کي چمن ٿا پرين.
اڄ ڇو تنها آئي آهين؟!
هي سمنڊ ڪنارا چون ٿا پرين!
فضه غزل
غزل
روئي روز آس وري پرين،
تو کي پيار پڪاريو پرين.
جيون تنهنجي يادن سان،
مون ڏس آهي گذاريو پرين.
نيڻن اڄ ڀي اوسيئڙي جي،
راهه ۾ تولئه نهاريو پرين.
ڏور رهي ڀي ڪڏهين مون،
تو کي ڪين وساريو پرين.
دردن ۾ ٿا ڪيو اڪيلو،
ڪجهه ته ڌيان ڌاريو پرين.
من اندر جي چاهت کي ڏس،
اکين آهي اظهاريو پرين.
پير وڌن ٿا تنهنجي ماڳ،
پوءِ ڀلي ڌڪاريو پرين.
ملڻي آهي نيٺ ته منزل،
همت ڇو ٿا هاريو پرين.
هڪ شاعر
آدرش جو جيون چِتر
آدرش جو سڄو نالو ارشاد احمد شيخ آهي. اڄ کان
پنجٽيهه سال اڳ، سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر شڪارپور
۾ ڄائو.
ادبي شوق ننڍپڻ کان رهيو اٿس. 1989ع ۾ آدرش جي
نانو - سان لکڻ لڳو، شاعري، ڪهاڻيون ۽ انيڪ ترجما
شايع ٿيا اٿس.
هن جا نثري نظم ۽ ڪهاڻيون انگريزي، اردو، هندي،
پنجابي، بروهڪي ۽ تامل ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون
آهن.
آدرش جو هڪ ڪتاب جنهن ۾ دنيا جي سُٺن شاعرن جي
نظمن جو ترجمو آهي، ”نظمن جو البم“ جي سري هيٺ
شايع ٿي چڪو آهي.
آدرش جي نثري نظمن ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب ”زينين“
ڇپائيءَ هيٺ آهي. آدرش اڄڪلهه شڪارپور ۾ رهي ٿو.
مسافر فيصلو نه ٿو ڪري سگهي
چشمي ڀرسان،
هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ سفيد گل پيو آهي،
اُها ٽوڪري،
چشمي ۾ تڙ ڪندڙ ڇوڪريءَ جي آهي.
گهوڙي تي ويندڙ مسافر،
فيصلو نه ٿو ڪري سگهي،
ته گل ٽوڪريءَ ۾ آهي يا چشمي ۾؟
رات جو هڪ منظر
رات جو آسمان چنڊ آهي.
چنڊ جو اولڙو،
تلاءَ ۾ آهي
تلاءَ ۾ هڪڙي ينگس
تڙڪندي،
چنڊ کي ٽڪرا ٽڪرا
ڪري رهي آهي.
ايوا بابت هڪ نظم
ڊانسنگ فلور تي
ايوا جا پير،
مور جا پير بڻجي ويندا آهن.
هوءَ جڏهن آئيني ۾،
پاڻ ڏسندي آهي،
ته آئينو به هن کي ڏسي مرڪندو آهي.
ايوا کي ڏسي ائين لڳندو آهي،
ڄڻ هوءَ ڪنهن پرين جي،
ڪهاڻين جي ڪتاب مان نڪري آئي هجي.
ايوا جي پرس ۾،
لپ- اسٽڪ، ڦڻي، ننڍڙو آئينو،
۽ منهنجو فوٽو پيا هوندا آهن.
۽ منهنجي من ۾ ،
ايوا جي دل ڌڙڪندي آهي.
اڄ رات ايوا،
مون سان غداري ڪئي آهي،
جو هن خواب ۾ منهنجي بدران،
ڪنهن ٻئي مرد کي ڏٺو آهي.
منهنجي هٿ تريءَ تي گل آهي
فاصلو محبت جي علامت هوندو آهي.
تون ڪٿي پري،
بستري تي ليٽي ڪتاب پڙهي رهي آهين.
اُهو ڪتاب،
جنهن ۾ منهنجو ڪو ذڪر ناهي،
نه ئي اُن ۾ منهنجا نظم آهن.
مان اڃا هاڻي،
ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳيو آهيان،
شايد تو ڪتاب،
سائيڊ ٽيبل تي رکي،
مون کي ياد ڪيو آهي،
جو منهنجي هٿ تريءَ تي،
گل ٽڙڻ لڳو آهي.
منهنجي سلطنت ۾
منهنجي سلطنت ۾،
سواءِ دل جي.
منهنجي سلطنت ۾،
سمنڊ آهي،
ٿڌڙي هير آهي،
گل، پکي ۽ سهڻا ٻار آهن.
ساوا وڻ آهن.
پيار ڪندڙ پريمي آهن.
منهنجي سلطنت جو جهندو سفيد آهي،
جنهن مٿان آسمان جهڙي رنگ ۾،
لفظ محبت لکيل آهي.
غدار کي،
منهنجي سلطنت مان،
جلاوطن ڪيو ويندو آهي.
منهنجي سلطنت ۾،
شاعر،
هميشه اُداس رهندا آهن.
بارش ۾ وسارڻ جون ڳالهيون
ايلفٽن اسٽريٽ وٽ،
بارش ٿيندي ئي،
مون پنهنجو ڪوٽ،
تنهنجي ڪلهن مٿان رکي ڇڏيو.
تڪڙا قدم ڀريندي،
مون فليٽ تي پهچڻ کان اڳ،
بارش ۾،
بورس پيٽرناڪ جو نظم
سيموئيل بيڪٽ جو ڊرامو،
تازي “ٽائيم“ جو ڇپيل ٽائيٽل ڪور،
قتل ٿي ويل حڪمران،
ٽيڪسيءَ ۾ وسري ويل رومال،
بازار ۾ ڪلهو هڻي ويندڙ ٿلهي زائفان،
۽ رات وارو اُهو خواب،
جنهن ۾ تون گڏ نه هئينءَ،
وسارڻ پئي چاهيا.
رافيل سيڊنياس جا ترجمو ڪيل نظم
وقت
اها ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي ته،
وقت،
هن جو بدن آهي،
واريءَ تي.
رات
رات،
دروازن سان،
ڳالهائيندي آهي.
معصوم اکيون
معصوم اکيون،
وڃايل شهر،
قتل ڪنديون آهن،
منجهند جو گل
منجهند جو گل
هميشه،
زخم مٿان،
ٽڙندو آهي.
قاضي خادم
هڻ کڻ
جون جي پڇاڙي هئي. شام جا ڇهه کن ٿا هئا. ميداني
علائقن ۾ ته گرمي رنگ ڪيو بيٺي هئي، پر ڪوئيٽا جي
واديءَ تي گهرا گهرا گهرا ڪڪر ڇانيل هئا. ٿوري
ٿوري وقت جي وقفي سان مينهن جي هلڪي هلڪي ڦوهار
پئي پي. ماحول تي مٺي مٺي ٿڌڪار ڇائنجي وئي هئي.
شام جي وقت ته سوئيٽر پائڻ تي دل ٿي چيو. ڪڪرن جا
قافلا ته کٽڻ جا ئي نه هئا. ڪي چلتن جبلن جي
چوٽين کان خاموشيءَ سان ٿي آيا ۽ پنهنجو وسڪارو
ڪندا هلندا ٿي ويا، ته ڪي ڪوهه مردار جي پرئين ڀر
کان ٿي آيا ۽ واٽ تي ويندڙ ڪڪرن سان گسڪا کائي
کنوڻ پيدا ڪري، گوڙ ڪري، گڙندا، گجندا بنا وسئي
هليا ٿي ويا.
آئون پنهنجي دوست سان گڏ، جيڪو هڪ سرڪاري کاتي ۾
چڱي عهدي تي هجڻ ڪري ڪافي هلندي پڄندي وارو هو،
حنا ڍنڍ جي ڪناري تي ٺهيل هوٽل جي اڱڻ ۾ ويٺو هئس.
ڍنڍ ۾ ته پورو سورو پاڻي هو البت ان جي ڪناري تي
ٺهيل مصنوعي ڦوهارا پيچرو حنا ڊيم ڏانهن ٿي ويو،
جيڪو هونئن ته بيڪار هو، بلڪل راول ڊيم وانگر، پر
مينهن جي موسم ۾ پهاڙن تان ڪرندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ
جو ڪم البت ڪندو هو. جتان ڪارون، وئگنون ۽ اسڪوٽر
اچي رهيا هئا ۽ هن وقت تائين ڪافي ماڻهو هتي اچي
چڪا هئا. ڪافي دير کان ڦُڙيون ڪو نه ٿي پيون. اسين
ٻئي ڄڻا پراڻين ڳالهين، شاگرديءَ جي دؤر وارن قصن
۽ پنهنجين مشترڪ بيوقوفين تي کلي رهيا هئاسين.
پنهنجي ماضيءَ کي مختصر لمحن لاءِ ياد ڪري ڄڻ ته
حال جي ڪوڙاڻ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ته
ايتري ۾ هڪ وئن هوٽل جي اڱن جي ڀر م اچي بيٺي ۽ ان
مان نوجوان ڇوڪرين جو هڪ جٿو کلندو ٽهڪ ڏيندو هيٺ
لٿو ۽ ڄڻ ته سڄي ماحول تي ڇائنجي ويو. ٿورو وقت
اڳي هڪ رنگ نظر ايندڙ جبل ۽ سٺو منظر ڄڻ ته رنگا
رنگ ٿي ويا. حنا جو پاڻي اهڙو شفاف ٿي ويو. جهڙو
ٻين جي واتان ٻڌو هئوسين ۽ فضا ۾ عجيب نکار اچي
ويو. ”خوبصورتي ۽ جواني جڏهن گڏ ٿيون ڏسجن ته شعر
چوڻ تي دلي ٿي چوي.“ مون کلي چيو. ”خوبصورتي ۽
جواني پاڻ ئي شعر آهن.“ منهنجي دوست ڇوڪرين جي ميڙ
ڏانهن نهاريندي سگريٽ دکايو ۽ خبر ناهي ڪهڙي سوچ ۾
گم ٿي ويو.
منهنجي نظر هڪ اهڙي ڇوڪيءَ ۾ وڃي کتي، جيڪا عمر ۾
ٻين کان ڪجهه ننڍي ٿي لڳي. اتفاق سان هن به مون
ڏانهن پئي ڏٺو. نظرون ڇا ٽڪريون، مون کي احساس ٿيو
ته آئون ڪنهن اهڙِي ڪهاڻيءَ جو عنوان ٿيڻ وارو
آهيان،جيڪا اڃا لکي ئي ڪا نه وئي آهي. مون کي ائين
لڳو ڄڻ هن به ائين ئي محسوس ڪيو هجي. هوءَ ٻين
ڇوڪرين سان گڏ ڏاڪڻون لهندي هيٺ ڍنڍ ڏانهن وڌي،
جنهن جي گدلي پاڻيءَ ۾ سائو سائو گاهه ترندو ٿي
نظر آيو پر وري هڪ دفعو مڙي مون ڏانهن نهاريائين.
هڪ لمحي لاءِ مون کي هن جي سٺي وجود ۾ صرف اکيون
نظر آيون. پر هن هڪ دم مڙي هيٺ لهڻ شروع ڪيو. مون
پنهنجي دوست ڏانهن ڏٺو، جيڪو پنهنجي ڪنهن خيال ۾
گم ٿي ويو هو. آئون ماٺ ڪري اٿيس ۽ هلندو هيٺ ڍنڍ
ڏانهن لهڻ لڳس. |