”اچو، امان اندر ويٺي آهي“ هوءَ کين ماءُ وٽ آئي.
ٽنهي عورتن جون شڪليون هڪ ٻئي سان ملندڙ هيلون،
ساره جڏهن انهن مهانڊن تي غور ڪيو ته هن کي ائين
لڳو، ڄڻ اهي سندس ڏٺل وائٺل هجن! پر ڪٿي؟ هن سوچڻ
شروع ڪيو، ۽ تڏهن هن کي اهو شخص ياد اچي ويو. پڪ
سان هي ڀينرون آهن. اهو سوچي، هن جو من مهڪي پيو.
ٻه وڏيون هيون ۽ هڪ هن جي عمر جيتري هوءَ انهن کي
ماءُ وٽ ڇڏي ٻاهر نڪري آئي ۽ دريءَ وٽ بيهي سندن
گفتگو ٻڌڻ لڳي.
”ماسي، نه اسين توهان کي سڃاڻون نه توهان اسان کي.
توهان کي حيرت ته ٿي رهي هوندي ۽ اها پڇڻ جي
ضرورت پڻ ته، اسين ڪير آهيون؟ ماسي جتي ٻير
هوندي، اتي پٿر ته ايندا نه. اسين توهان جي ڌيءُ
ساره جو سڱ گهرڻ آيون آهيون“ ساره اندازو لڳايو ته
اهو آواز وڏيءَ جو ئي هوندو.
”امڙ ڀلي آيون، جيءُ آيون......“ ماڻس جو آواز
ٻڌائين.
”توهان کي بس اُها هڪڙي ڌيءُ آهي ڇا“ ٻيءَ سوال
ڪيو
”نه امان، ٻه ڌيئر اٿم، هڪ اها ۽ هڪ ننڍي آ هِن
کان .
اها سهيليءَ جي گهر ويل آهي، ماڻس جو آواز ٻڌڻ ۾
آيس.
”پٽ ڪو نه اٿو ڇا؟“ اهو آواز مختلف هو. شايد ٽئين
نمبر واريءَ جو آهي، هن سوچيو.
”نه امان ائين نه چئه، ڌيئر به مون کي پٽن جيان
آهن.“
ماءُ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس.
”ها، ڪمائي جو ٿي،“ ننڍيءَ طنز مان چيو.
ماڻس چپ ٿي ويئي.
”توهان جي ڌيءُ ساره اسان جي ڀاءُ کي وڻي ويئي
آهي. سو اسين ان لاءِ آيا آهيون“ وڏيءَ چيو.
ساره کي هنن جو اهڙو اڍنگو لهجو اصل ڪين وڻيو.
ائين وٺڻ چئبو آ رشتو...... صفا ڪو افعال ئي ڪو نه
اٿن، ڪاوڙ وٺي ويس.
چاهيائين ته اندر هلي وڃي، پر وڃي نه سگهي.
”شڪل صورت جي اهڙي خاص ته ڪونهي، خبر ناهي اسان جي
ڀاءُ کي ڪيئين وڻي آهي؟ هونئن اسان جو ڀاءُ
چوڏهينءَ جو چنڊ آهي چنڊ. خير...... اسان کي
ڇوڪريءَ جي شڪل صورت تي به اعتراض ڪونهي. اعتراض آ
ته نوڪريءَ تي. جيڪا عورت نوڪري ڪري اڪيلي ٻاهر
نڪري ان جي شرافت جي ڪهڙي پڪ....... اڄ ڪلهه زمانو
ڪيڏو خراب آهي. اسين آهيون شريف ماڻهو، پر اسان جو
ڀاءُ ضد ٻڌي بيٺو آ ته شادي ڪندس ته ان ڇوڪري سان،
نه ته نه، تنهن ڪري اسين رشتو گهرڻ آيون آهيون.پر
آخر رشتي جي ڳالهه آ. ٻن خاندانن جو ميل آ. ڇوڪري
ڪيئن آ، خاندان ڪيئن اٿس، چال چلت، گهر گهاٽ، اٿڻي
ويهڻيءَ کي به ته ڏسڻو آ نه! آخر اسين به شريف
خاندان سان ٿا تعلق رکون. ائين اکيون پوري ته رشتو
ڪو نه ڪنديوسين. پڇا ڳاڇا به ڪرائينديوسين. توڙي
جو اسان جي هن رشتي ۾ ذرو به دلچسپي ڪانهي. پر
هڪڙو ڀاءُ اٿئون. ان جي مرضي ته رکڻي آهي نه! ڀاءُ
خاطر اسين اوهان جي گهر هلي آيون آهيون، نه ته وڏن
وڏن گهرن جون مايون پنهنجي ڌيئرن جا سڱ کڻي اسان
وٽ اينديون رهيون آهن.“
”رشتاس هميشه برابريءَ وارن ۾ ئي ٺهندا آهن، پر
اسان جو ڀاءُ آ دادلو، ۽ اسان کي سندس خوشي عزيز
آهي، اسان کي ان رشتي تي ڪو به اعتراض ڪونهي، پر
اسان پهرين پڇا ڳاڇا ڪرايون، پوءِ ئي پڪ ڪنداسين.
في الحال اسين ڇوڪري ڏسڻ آيون آهيون ته ڪيئن آهي؟
اسان جي ڀاءُ جي لائق به آهي يا........“ ٽيئي
ڀيڻو واري واري سان پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍنديون
رهيون.
۽ ان کان وڌيڪ ساره ٻڌڻ جي سگهه نه ساري سگهي،
اندر هلي آئي.
”توهان وڃي سگهو ٿيون، مان ڪو شوپيس ناهيان، جو
توهان مون کي ڏسڻ آيون آهيو ۽ پسند ڪري پوءِ خريدڻ
ڪندؤ، ۽ مون کي ناهي ڪرڻي توهان جي مغرر خاندان
سان شادي، مهرباني ڪري وري اچڻ جي زحمت نه ڪجو، نه
ته..........“ ساره ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي، ۽ هو
ٽئي عورتون ڪاوڙجي ويون هليون.
تڏهن ماڻس چيس: ”اهو تو ڇا ڪيو ساره؟
هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، چيائين: ”امان! غريب
آهيون ته ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪير رشتي گهرڻ
جي آڙ ۾ اچي اسان جي گهر ويٺي بي عزتي ڪري وڃي.
وڏا ماڻهو آهن ته پنهنجي لاءِ، انهن کي اهو حق
ناهي ته اسان جي عزت ۽ حيثيت لاءِ گهٽ وڌ چون“
ائين چئي هن روئي ڏنو ۽ ماڻس چپ ٿي ويئي.
ٻئي ڏينهن هوءَ آفيس کان موٽندي، بڪ اسٽال تي هلي
آئي.
”توهان کي اها همت ڪيئن ٿي جو پنهنجي بدتميز ڀينرن
کي اسان جي گهر اماڻيو، توهان رشتو گهرڻ اماڻيو يا
اسانجي بي عزت ڪرڻ. مڃان ٿي، توهان، اسان کان
شاهوڪار آهيو ۽ اسين غريب....... پر ان جو اهو
مطلب ڪونهي ته ڪو اسين عزت وارا ناهيون. سمجهائي
ڇڏيو پنهنجي ڀينرن کي ته، نوڪري ڪرڻ سان ڪا به
عورت خراب نه ٿيندي آ، چيائون پئي، ٻاهر نڪرندڙن
عورت جي شرافت جي ڪهڙي پڪ؟ مان پڇان ٿي، ستن پردن
۾ اندر ويٺل ڪوٽن ۾ قيد ٿيل عورتن جي شرافت جي
وري ڪهڙي پڪ آهي؟ هي جو هيتريون ساريون عورتون
نوڪريون ڪن ٿيون، ڇا اهي سڀ خراب آهن؟ ۽ سٺيون ۽
پاڪ بس رڳي توهان جون ڀيڻون آهن.“ ڪاوڙ ۽ جذبات ۾
هن کي خبر ئي نه پئي ته ڇا ڳالهائي وئي.
”مان شر مسار آهيان......... معاف ڪجو، مون
کي..........“
”ڪا به ضرورت ڪانهي، آئنده جي انهن اسان جي گهر جو
وري رخ ڪيو ته پوءِ سُٺو نه ٿيندو،“ هن شخص جي
ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ۽ پوءِ تڪڙا
تڪڙا قدم کڻندي هلي آئي. پويان هن ڏاڍا سڏ ڪيس. پر
هن ڄڻ ٻڌائي ڪو نه!
پوءِ ڪيترائي ڀيرا هن ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر هن هڪ لفظ به ٻڌڻ گوارا نه ڪيو، ۽ نيٺ مايوس ٿي
هو ماٺ ڪري ويهي رهيو.
وقت گذرندو رهيو، ان ڳالهه کي پنج سال گذري ويا ۽
اڄ جڏهن هن اخبار ۾ اهو بيان پڙهيو، ته هن جي نظرن
آڏو انهن ٽنهي عورتن جا چهرا ڦرڻ لڳا، مسمات ڪنيز،
انهن منجهان ئي ڪا هڪ هئي.
هن جي چپن تي مُرڪ اچي ويئي، جنهن ۾ طنز سمايل هو،
هن فيصلو ڪري ورتو ته هوءَ پنج سال اڳ واري بي
عزتيءَ جو بدلو ضرور وٺندي.
ٽپهريءَ ڌاري، هوءَ ماءُ کي ڪنهن سرتيءَ جي گهر
وڃڻ جو چئي پڇا ڪرائيندي، اچي ان گهر نڪتي، جنهن ۾
رهندڙ عورتن کي پنهنجي عزت ۽ شرافت تي ناز هو ۽
دولت تي غرور ۽ تڪبر............ پر اڄ هڪڙي بيان
۾ ئي ان گهر جي عزت ۽ شرافت پڌري ٿي پئي، هئي،
کليل در مان هوءَ اندر گهڙي آئي، هن کي ڏسي باغ کي
پاڻي ڏيندڙ ماڻهو هن ڏانهن آيو.”ڇا، گهر ڀاتي،
گهر ۾ موجود آهن؟“ هن پڇا ڪئي.
”بيبي، گهر ۾ رڳي سرڪار جن آهن“ ماڻهوءَ ٻڌايس، هن
واپس موٽڻ چاهيو ۽ مڙي ته هڪ ڄاتل سڃاتل آواز آيو.
”رمو ڪير آ ٻاهر؟“
سرڪار، هڪڙي بيبي آ، واپس موٽي وڃي رهي آهي. هن
ٻڌايس، پر هن جا قدم ته ان ڄاتل سڃاتل آواز تي
رڪجي ويا هئا، مُڙي نهاريائين، هو ڏاڪڻين تان هيٺ
لهي رهيو هو. ها، اهو ئي هو، هڪ ٻئي کي آمهون
سامهون ڏسي ڪي پل ته ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا ئي
رهجي ويا.
”اچو ته اندر، ساره کي هن چيو، ته هوءَ قدم
وڌائيندي هن جي پويان ئي اندر هلي آئي.
”اڄ ڇا رستو ڀلجي پيون آهيون، يا پنج سال اڳ وارو
بدلو وٺڻ آيون آهيو“ هن جي ائين چوڻ تي ساره جي
لهجي ۾ زهر ڀرجي آيو، چيائين، ”شرافت ۽ عزت جي
دعويٰ ڪندڙ توهان جون اُهي ڀينرون ڪٿي آهن، جن
شرافت ۽ عزت کي پنهنجي گهر جي ٻانهيءَ مثل ٿي
سمجهيو. هوءَ اتي ئي بيٺي رهي.
”توهان جيترو به چوندو، گهٽ ٿيندو، توهان کي اهو
حق حاصل آهي،پر پليز ٿوري گهڙي ويهه ته سهي“ هو
تمام نرميءَ سان مخاطب ٿيو، ۽ هوءَ ويهي رهي.
“توهان جي مون تي ڪاوڙ ڪانهي نه، مان ته بي قصور
آهيان.“
هن جي ائين چوڻ تي ساره چيو: ”بيقصور..........
اصل قصور وار ته توهان آهيو، جڏهن توهان ۾ همٿ نه
هئي، ارادي جي پختگي نه هئي، ته پوءِ رشتي جي گهر
ڇو ڪيو؟“ هوءَ غصي ۾ اچي ويئي.
”ان لاءِ مون کي محبت مجبور ڪيو هو“، هن چيو.
”محبت، هون....... توهان ڇا ڄاڻو محبت، مرد ٿي ڪري
به توهان پنهنجي ڀينرن جي مرضيءَ تي هليو، خانداني
رسم رواج ۽ گهر وارن سان
Face
ڪرڻ جو حوصلو نه هيو، ته پوءِ توهان کي محبت ڪرڻ
جو ڪهڙو حق هيو؟ توهان ته پنهنجو پاڻ سان به سچا
ناهيو. ڪنهن کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ ارادي جي پختگي ۽
حوصلي جي ضرورت هوندي آهي، ۽ هر مرد ۾ اُها
صلاحيت نه هوندي آهي، ڊڄڻن ۽ بي همٿ مردن کي محبت
ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، انهن کي ڪو به حق ناهي ته
هو ڪنهن معصوم ڇوڪريءَ کي پنهنجي توجهه جو مرڪز
بڻائي، محبت جو ڪوڙو ڊرامو رچائي، برباد ڪري ڇڏين.
شايد توهان کي خبر ناهي ته عورت ننڍڙين ننڍڙين
ڳالهين کي ڇيڙڻ کي پڪڙي، سندر خواب اُڻڻُ شروع
ڪندي آهي. هن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.“
”ساره! مان واقعي به توهان جو قصور وار آهيان،
توهان آڏو شرمسار آهيان، پر اها حقيقت آ ته مون
توهان کي بي انتها چاهيو آهي، مڃان ٿو، مان بزدل
آهيان، ڏوهي آهيان........... پر مون کان غلطي رڳي
اها ٿي جو وقت تي همٿ ۽ حوصلي سان ڪو پختو فيصلو
ڪري نه سگهيس، حالانڪه تقاضا اها ئي هئي. مون
توهان سان ڳالهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر توهان
منهنجي هڪ به نه ٻُڌي. توهان جي رويي مون کي ماٺ
ڪرائي ڇڏي“. هن جي اکين ۾ لڙڪ ترڻ لڳا. هڪ پل جي
خاموشيءَ کانپوءِ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”منهنجون ٻه وڏيون ڀينرون چاچا سائينءَ سان ڳوٺ
هليون ويون آهن. سدائين جي لاءِ ۽ ننڍيءَ جي ته
اوهان کي خبر پئجي وئي آهي، مان هاڻ بلڪل تنها
ٿي ويو آهيان. مون کي هر گهڙي هر پل توهان جو
انتظار رهيو آهي. ڇا توهان منهنجي ويران زندگيءَ
جي بهار بڻجنديون؟ مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان
ته توهان کي هميشه خوش رکندس. انڪار نه ڪجو، مان
اڳيئي ڪافي سزا ۽ پيڙا ڀوڳي چڪو آهيان. بس هاڻ
وڌيڪ سهڻ جي طاقت نه اٿم“ ائين چئي هو روئي پيو.
ساره جون اکيون ڀرجي آيون، هن جي ويجهو وڃي بيٺي ۽
چيائين، ”ڀوڳيو ته مون به آهي، ۽ وڌيڪ ڀوڳڻ جي
طاقت ته مون ۾ به نه آهي،“ اهو ٻڌي هن ساره ڏانهن
پنهنجو هٿ وڌايو ته ساره بنا ڪنهن دير جي پنهنجو
هٿ هن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو، ۽ هڪ ئي وقت ٻنهي جي چپن
تي مرڪ اچي ويئي.
بدلو
بدلو............ انتقام........... ها اُن شخص
کان بدلو جنهن مون کي بي عزت ڪيو. عذاب
ڏنا......... نازڪ ۽ خوبصورت جسم تي ڏنڀ ڏنا. جنهن
ٻانهين وانگر پورهيو ڪرايو. مون سان جانورن جهڙو
ورتاءُ ڪيو. مون کي ان کان بدلو وٺڻو آهي. جنهن
منهنجي زندگيءَ جون ڪئي بهارون گهوڙن جهڙي ڪڙهه
واري اونداهي گهر ۾ غرق ڪري ڇڏيون. مان اُن کي هر
گز معاف نه ڪنديس. جيڪي خوبصورت ڪومل نازڪ هٿ اڇي
کير وانگر چمڪندا هئا، جو چهرو گلاب جي گل جيان
ٽڙندڙ هو تنهن مان نيريون ليئا پائڻ لڳيون آهن. جي
ڪاريون ڪجراريون اکيون ڏيئن جيئان چمڪنديون هيون،
سي ڏرا ڏيئي چهري کي ڀيانڪ روپ عطاڪري رهيون آهن.
جن نيڻن جي نهار تي سوين دليون گهايل ٿي وينديون
هيون. ساڄ مون کي خوفزده ڪري رهيون آهن. نه نه
هيءَ منهنجون اکيون نه آهن. هيءَ ڀيانڪ خوفزده
ڪندڙ اکيون، گلابي چپ، ڪارائٽجي ويا آهن. واسينگ
جهڙا لهرائيندڙ زلف ناريل جي کلن جيان بٺ بڻجي ويا
آهن. هيءَ آئينو مون کي ياد ڏياري رهيو آهي.
ماضيءَ جي اُن خوشگوار حسين چهري جي ۽ اڄ.....
اڄ......هيءَ آئينو مون کي پنهنجو ڀيانڪ اڄ پسائي
رهيو آهي.
اڄ........ منهنجو حال....... ها- ها- ها........
رشما جا ڀيانڪ ٽهڪ ڪمري ۾ چارؤن طرف گونجڻ لڳا. هن
ميز تي زور سان گلاس ڦٽي ڪندي چيو- مان، ان کي
زندگي ماڻهن نه ڏيندس. مان اُن وحشيءَ جي اولاد کي
جنم ڏيان هر گز نه..... اڄ مان بدلي جي باهه ۾
پڄري رهي آهيان. انتقام جي شعلن جي لهس ۾ تڙڦي رهي
آهيان ۽ هو..... هو ..... عيش عشرت ۾ مصروف، هن جي
هر صبح نئين رنگينيءَ واري.... منهنجي هر رات
اگنيءَ جي چکيا تي....... هر نئين صبح نوان عذابن
۾، اهو هر گز نه ٿيندو........ هرگز نه........
مان ان جو انت آڻيندس...... ان کان بدلو
وٺندس.....
هڪ دفعو وري هن ڀيانڪ ٽهڪ بدلو.... بدلو.... لفظ
پڙاڏو بڻجي وايو منڊل ۾ گونجي اُٿيا.
رام ۽ ريشما جي ملاقات شاديءِ تي ٿي هئي. ورشا ۽
هوءَ ڪاليج ۾ گڏ پڙهنديون هيون. بنهي جي پاڻ ۾
تمام سٺي ساهيڙپ هئي. هوڏانهن رام، ورشا جي ڀاءُ
جو تمام سٺو دوست هو. ڏسڻ وائسڻ ۾ چڱو، ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جو مٺو، هن جي نگاهه جڏهن ريشما تي پئي ته
هن ريشما کي پنهنجي پريم ڄار ۾ ڦاسائڻ چاهيو. هو
نالي ۾ ته رام هو پر سندس عادتون راوڻ جهڙيون
هيون، جام شراب، راڳ رنگ جي محفل نت نين
دوشيزائين جو ساٿ، معصوم ڇوڪرين کي پنهنجي فريبي
جملن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪناري تي پهچائڻ کان اڳ
مجهدار ۾ ڦٽو ڪرڻ ڪي لاچار بيوس ڇوڪريون مائٽن ۽
سماج جي خوف ڪري ڀٽڪيل زندگيءَ جي ڪن ۾ غوطا کائڻ
لڳنديون هيون. ٻئي طرف رام مردن طرفان جوڙيل سماج
۾ حرفت سان تري پار پوندو هو. شاديءَ واري موقعي
تي ئي رام ورشا جي ڀاءُ سان پنهنجن جذبن جو اظهار
ڪيو. ورشا جي ڀاءُ چيو موقعو ملڻ تي مان تنهنجو
اهو پيغام ريشما تائين ضرور پهچائيندس.
ڪجهه عرصي کان پوءِ هن پنهنجي ڀيڻ جي اڳيان رام جي
ريشما سان شاديءَ جي باري ۾ ڳالهه ڪڍي. اُن تي
يڪدم هن رد عمل ظاهر ڪندي چيو ڀائو! ”ڪمال ٿا
ڪريو، توهين ڪنهن جي پيا ڳالهه ڪريو؟“
سندس ڀاءُ وراڻيو، ”منچلي نوجوان روڊ روميو رام جي
ٻيو ڪنهن جي. هو روڊ روميو نه بلڪ هن جا الڳ الڳ
روپ آهن.“ ورشا ڪاوڙ جي چيو، ”توهان کي هن جي
باري ۾ سڀ ڄاڻ آهي پر تڏهن به توهين منهنجي
ساهيڙيءَ جي باري ۾ ڳالهه ٿا ڪڍو. مون کي ته اوهان
جي ڳالهه تي اصل حيراني ٿي لڳي.“
اُن تي هن زور ڀريندي چيو، ”تون ڳالهه ته ڪڍي ڏس.
تون اڻ سڌيءَ طرح رام جي زندگيءَ جي ٻئي پهلوءَ جي
باري ۾ به ڄاڻ ڏين. باقي مالڪن جي مرضي. مان
پنهنجي جوابداري پوري ڪريان ۽ پنهنجو فرض . “
ورشا ريشما جي مائٽن سان ڳالهه ڪڍي ۽ کين رام جي
عيش عشرت واري زندگيءَ طرف به اشارو ڪيو. رام جي
انهن سان ملاقات ڪرائي وئي. رام ڳالهائڻ جو ته اڳ
۾ ئي مٺو هو. تنهن يڪدم ريشما جي مائٽن کي
پنهنجو ڪري ورتو.
ريشما جي آنا ڪانيءَ مائٽن جي ٻڏتر ....ها نه.....
ها نه..... رام ڪنهن گهڙيءَ ريشما جي تمنا ڪلئي
جو انڪار اقرار ۾ بدلجي ويو. لکيو لوها ڪوٽ ڀڃي
ڇڏي.
ريشما زندگيءَ جي نئين ڏاڪي تي پير رکيو، هن کي
پاڻ تي وشواس هو، هن پڪو ارادو ڪيو ته هوءَ رام
جون عادتون بدليندي. اُن جو ساڳيون روپ نه رهندو
پيار ۾ وڏي شڪتي هوندي آهي. وري رام ڳالهائڻ جو هت
اڳ ۾ ئي مٺو هو پر چوڻي آهي ته ”هيري سندي هير ٽنگ
ڀڳي به نه لهي“ ريشما جهڙي سهگڙ گهر ڌياڻيءَ جي
باوجود هو ٻاهر واجهه واجهائيندو رهندو هو. ريشما
هن کي سمجهائي سمجهائي پريشان ٿي وئي پر رام جون
عادتون نه مٽيون. تهيائين ٻه قدم اڳتي، هن لاءِ
صرف عذاب ئي هئا. رام جو هٿ به هلڻ لڳو. هوءَ
ڪوششون ڪري ڪري ٿڪجي پئي. نرڳ جهڙي زندگيءَ کان
بيزار ٿي پئي. هن جي من ۾ ڪئي طوفان اُٿڻ لڳا.
جيئن جيئن هوءَ رام کي پرکڻ لڳي هن جو ڀيانڪ روپ
هن جي اڳيان ظاهر ٿيڻ لڳو.
رِيشما کي جڏهن خبر پئي ته هوءَ ماءُ بڻجڻ واري
آهي ته هن کي پوري رات ننڊ نه آئي. جنهن انسان کان
کيس نفرت هئي. اُن جو اُولاد پيٽ ۾ سانڍي جيڪو
اُن نيڍ شخص وانگر هن جو خون پي وڌي وڻ ٿيندو.
اهو احساس هن کي هرگهڙيءَ هر پل ستائڻ لڳو.
”مون کي اهڙو اولاد نه کپي، مان اُن کي هن جهان ۾
اچڻ ڪو نه ڏيندس. هن ڀونءِ ڀلاري مٽيءَ جي سڳنڌ ،
آڪاش ۾ پکين جي اُڏام هر گز نه ڏسڻ ڏيندس. مان اُن
جو هن جهان ۾ اچڻ کان اڳ ئي انت آڻيندس.“
جڏهن سندس ارادن جي سندس ساهيڙيءَ ورشا کي خبر پئي
ته هن کيس سمجهائيندي چيو، ”ريشما متان اهڙو
بيوقوفيءَ جو ڪم ڪرين.“
ان وچ ۾ ريشما جو پيءُ گذاري ويو. هوءَ جڏهن ماءُ
وٽ آئي ته ممتا کي وڇوڙي جي پيڙا ۾ تڙڦندو ڏسي
هوءَ پنهنجو دک ئي ڀلجي وئي. کيس مائٽن لاءِ ڪئي
شڪوا شڪايتون هيون. پر وقت ۽ حالتن کي ڏسي خاموش
رهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تئين تيئن هن جي
من ۾ پيڙا وڌڻ لڳي. ڏکن مٿان ڏک سندس ماءُ به جلد
گذاري وئي. مالڪ کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. شايد
نئينءَ آتما کي هن جهان ۾ اک پٽڻي هئي. حالات ۽
مجبورين ۾ جڪڙجي وئي ريشما کي ورشا سمجهائيندي
چيو، ”تون بدلي وٺڻ وارو پنهنجو ترڪ ارادو ڪري ڇڏ.
بدلو..... بدلي وٺڻ جي ماڳ ڪٿي پنهنجو پاڻ کي نه
نقصان رسائين. پنهنجي عذاب ۾ نه اضافو ڪرين.
ريشما نئين آتما کي جنم وٺڻ ڏي. سج جا ڪرڻا چنڊ جي
چانڊوڪي ۽ ڪائنات جي حسين منظرن کي ڏسڻ ڏي.“
ريشما حالتن ۾ جڪڙجي وئي. هوءَ ماءُ جي گهر ئي
رهي پئي. اُتي کيس ڌيءُ ڄائي. هن فيصلو ڪيو ته
هوءَ رام وٽ نه ويندي. هن جي من تي ٻوجهه وڌڻ لڳو.
رام کي جڏهن ڪن دوستن وٽان ان ڳالهه جي خبر پئي ته
هو ريشما کي وٺڻ آيو ۽ پنهنجي اولاد جي حق جي
تقاضا ڪيائين ته ريشما جي پيڪن وٽ رهڻ ڪري ڀائرن
۽ ڀاڄائين سان هن جي دوري وڌڻ لڳي. هن حالات سان
بردبار ٿي مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هوءَ وقت جو
بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳي. هن کي ته رام کان
بدلو وٺو هو. هن پڪو پهه ڪيو ته رام جيئن ئي ڌيءَ
جي موه مايا جي ڄار ۾ جڪڙجندو تڏهن مان سندس اولاد
جو انت آڻيندس. جيئن هو پوري زندگي تڙڦندو رهي.
هن رام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ريشما دل ئي دل ۾
چيو، جڏهن هن جي ڳنر تي لت ايندي تڏهن ئي هن کي
احساس ٿيندو.
بدلي جي ڀاونا ريشما کي پاڳل ڪري ڇڏيو. جيئن هوءَ
ٻار جو انت آڻڻ چاهي ڪا نه ڪا رنڊڪ اچي وڃي. ٻار
جي گلي طرف هٿ وڌائي ته ٻار مسڪرائڻ لڳي. بدلي وٺڻ
واري هنجي ڪٺور دل مجبوري ۽ بيوسيءَ جي ڀنور ۾
غوطا کائڻ لڳي. هن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿين. هڪ ڏهاڙي
هن پڪو ارادو ڪيو ته اڄ ان جو انت آڻيندي. هن جي
مٿان بدلي جو ڀوت سوار ٿي ويو. هوءَ باهه ۾ پڄڻ
لڳي.
”مان پوري زندگي هن نرڳ ۾ گذرايان، هن چار
ديواريءَ جي ڪڙهه ۾ ڀوڳيان.“ هن جيئن ئي وهه واري
کير جو چمچو ٻار طرف وڌايو ته بار رانڀاٽ ڪرڻ شروع
ڪري اوڙو پاڙو کڻي مٿي تي کنيائين. پاڙي واري ٻار
جي رانڀاٽ تي جيئن ئي گهر اندر ڌوڪي آئي ته هن جي
هٿان کير جو ڪٽورو ڪري اچي پٽ پيو. اُن وچ ۾ رام
به اچي نڪتو، سندس ارادن تي پاڻي ڦري ويو. جيئن
ئي اهو ارادو ڪري ڪا نه ڪا از غيبي طاقت هن جي
ارادن ۾ رخنو وجهي. وقت گذرڻ سان هن اڳيان اڻ اڄٺ
ڏٺل حادثن جو خطرو وڌڻ لڳو. اڄ جيئن ئي هوءَ ارادو
پورو ڪرڻ اُٿي ته معصوم مکڙي هن جو پلاند ڪري
جهليو. ريشما جيئن ئي پلاند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
هن جو پلاند پينگهي ۾ اٽڪي پيو. معصوم مکڙي زور
زور سان ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا، ريشما وائڙي ٿي وئي.
هوءَ گهوري ڪري ٻار طرف نهارڻ لڳي. اهڙا زوردار
ٽهڪ.... ٻار .... مان.... مان ..... مان...... ڪري
ٽهڪ ڏيڻ لڳو. هن اڄ پهريون ڀيرو ڌيءَ کي چتائي
ڏٺو ته ممتا جي موه ۾ ڦاسي پئي. مهانڊا ۽ مشڪ بلڪل
ريشما وانگر هن کي لڳو ته ڄڻ هن جو ننڍپڻ موٽي آيو
آهي. سندس ماضي موٽي آئي آهي. هوءَ گهٻرائجي وئي
آهي. ان وچ ۾ ورشا به اچي وئي. ٻانهن کان جهلندي
چيائين، ”ريشما ڏس هيءَ بلڪل تو وانگر آهي،
تنهنجو ننڍڙو روپ آهي. متان ڪو غلط قدم کڻين. متان
پنهنجو پاڻ سان وشواس گهات ڪرين.“ ريشما ڌيءَ کي
ڇڪي ڪري ڇاتيءَ سان لاتو.
ورشا جي وڃڻ کانپوءِ هوءِ گهٻرائجي وئي. هن سوچيو
مون کي هن معصوم جي زندگي وٺڻ جو حق نه آهي. اگر
مون کي بدلو وٺڻو آهي ته اُن شخص کان وٺان هن ابهم
ڪهڙو گناهه ڪيو.
هن پڪو ارادو ڪيو ته هوءَ رام کي جيل جي هوا
کارائيندي. مان هن پڃري مان پاڻ کي آزاد
ڪرائيندس. مون کي پنهنجي زندگيءَ تي پورو حق آهي.
رام کي پنهنجي قتل جي الزام ۾ ڦاسيءَ تي
لٽڪائيندس. پنهنجي زندگيءَ جي انت ۽ آپگهات لاءِ
رام کي جوابدار ٺهرائيندس. هن ورشا ڏانهن خط لکيو
۽ پاڻ آپگهات لاءِ فيصلو ڪيو .ورشا کي جڏهن خبر
پئي ته هوءِ ڊوڙندي ريشما وٽ آئي. اُن کان اڳ
ريشما زهر پي چڪي هئي. ريشما پيڙا ۾ تڙڦي رهي هئي.
ورشا هن کي چيو، ”تو هيءُ ڇا ڪيو؟ ڇو ڪيو؟“
ريشما وراڻيو، ”مون بدلو ورتو. رام ڦاسيءَ جي ڦندي
تي چڙهندو. تڏهن ئي مون کي آرام ايندو.“ ورشا چيو
”ريشما تو هن کان بدلو نه ورتو بلڪ پنهنجو پاڻ کان
بدلو ورتو آهي.“
ٻار حالات کان بي خبر مسڪرائيندي ماءُ ڏانهن
مان... مان... مان ڪرڻ لڳي. بلڪل ننڍڙي ريشما لڳي
رهي هئي. ريشما جون هچڪيون ڏسي ٻار زور زور سان
روئڻ شروع ڪيو. مان مان... ڪري پلاند پڪڙي ورتو.
ورشا چيس، ”ريشما تون پنهنجي معصوم ڌيءَ جو ته
خيال ڪرين ها. تو رام کي نه پر پنهنجو پاڻ کي سزا
ڏني آهي. هيڏي وڏي جهان ۾ هن معصوم کي ڪير
سنڀاليندو؟ تو پنهنجي نياڻيءَ کي ممتا جي سائي کان
محروم ڪري ڇڏيو. تو بي گناهه نياڻيءَ کي سزا ڏيئي
پنهنجو پاڻ کان بدلو ورتو آهي. |