شام جا پاڇا گهرا ٿي ويا هئا. ڪڪر به تمام گهاٽا
ٿي ويا هئا. سيءُ به وڌي ويو هو. سيمينٽ جون ٺهيل
دڪيون هيٺ لهندو آئون به هنن جي ميڙ جي ويجهو وڃي
بيٺس. هوءَ ٻين ڇوڪرين جي وچ ۾ صاف سفيد ڪنول گل
جيان لڳي رهي هئي. هن هڪ غير محسوس انداز سان مون
ڏانهن ڏٺو ۽ وڌي ڍنڍ جي سنواريل پاڻيءَ ۾ سئنڊل
سميت هڪ پير هيٺ ڪري، ڄڻ ته پاڻيءَ کي ڇهي، پاڻيءَ
جي ٿڌي هجڻ کي محسوس ڪرڻ ٿي چاهيائين. منهنجي وات
مان بي اختيار نڪري ويو، ”متان، متان، انهيءَ
پاڻيءَ واري گاهه ۾ جي پير ڦاٿو ته نڪري ڪو نه
سگهندؤ.“
منهنجي رڙ سڀني کي مون ڏانهن متوجه ڪيو ۽ هوءَ ته
اصل پاڻي ۾ ڪرندي ڪرندي بچي. مون شڪر ادا ڪيو جو
هوءَ پاڻي ۾ ڪا نه ڪري هئي.
”هُنه، ڪو آدمخور گاهه آهي ڇا؟“ هن چپن کي ڊولو
ڪندي چيو- دل ۾ آيم ته چوانس ته تون ڪا آدمزاد
آهين ڇا؟ تون به ته پري آهين. پر خاموش ٿي ويس.
”توهان جي مهرباني جو ٻڌايوَ، نه ته هن ڇوڪريءَ
ته اسان جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي.هڪ دفعو اڳ ئي
ڪلريءَ ۾ ٻڏندي ٻڏندي بچي آهي.“ هنن مان هڪ سانوري
ڇوڪريءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
”ڇو، پاڻي ڏسي ٻڏڻ جو موڊ ٿيندو آهي ڇا؟“ مون
سڌيءَ طرح هن کي چيو. ”تنهن ۾ ٻئي ڪنهن جو ڇا؟“
ڇوڪريءَ لاءِ پرواهيءَ سان چيو ۽ ڍنڍ جي ڪناري سان
اڳتي وڌندي وئي.
”فهميده!“ هڪڙي رڙ ڪئي. ”ايڪيلي ڪيڏانهن ٿي وڃين،
مئي پٺاڻ کڻي وڃي مهمائي ٺاهيندءِ.“
”منهنجي خيال ۾ نهايت اعليٰ ڪوالٽيءَ جي مهمائي
ٺهندي.“ مون چيو ۽ سڀئي وٺي کليون. هوءَ نه بيٺي.
مون سواليه نگاهن سان ٻين ڏانهن ڏٺو. ”ڇاڪريون
اسان کان ته زور آهي، توهان وٺي اچوس.“ هڪڙو روئي
پٽي ته ”موڪلائي آئي آهي. سو به اسان جي ضمانتن
تي....“
ان ڇوڪريءَ چيو، جنهن پهرين ڳالهايو هو. مون هن
ڏانهن ڏٺو. رنگ جي سانوري هئي، پر اهڙي نه جو نه
وڻي. هن جي چهري تي ڳنڀيرتا ڇانيل هئي. مون بن
سوچي اوڏانهن قدم وڌايا، جيڏانهن هوءَ ڇوڪري پئي
وئي جنهن کي فهميده ڪري ٿي ڪوٺيائون. هوءَ ڪافي
پري وڃي چڪي هئي ۽ مون کي هن تائين پهچڻ لاءِ تيز
تيز قدم کڻڻا پيا.
هن محسوس ته ڪيو ته ڪير سندس پويان اچي پيو، پر
مڙي به ڪو نه ڏٺائين. هوءَ ڊيم جي منهن وٽ پهچي
وئي هئي ۽ اهڙن ته ڏکين هنڌن تان هلي آئي هئي جو
خود منهنجو هنياءُ ٿي ڪنبيو، جبلن جي دامن ۾ هن جو
وجود ڪيڏو نه ننڍو پر ڪيڏو نه مڪمل لڳي رهيو هو.
هتي ئي مون کي پهريون دفعو خبر پئي ته عورت کي
ٺاهي ٺاهڻ واري ڄڻ ته ڪو به خوبصورت غزل چيو آهي،
سڄو جسم هڪ هوندي، جسم جو هر عضوو ڄڻ ته پنهنجي
جاءِ تي هڪ الڳ وجود پيو لڳي. هوءَ پهرين ته ٻئي
هٿ چيلهه تي رکيو ڪنڌ مٿي ڪيو. جبلن ڏانهن
نهاريندي رهي ۽ پوءِ پير سان هلڪن پٿرن کي ٿڏا
هڻندي مڙي ۽ مون تي نظر وڌيائين، اهڙي نظر جنهن
مان ڪنهن به احساس يا جذبي جو اظهار ڪو نه ٿي ٿيو.
”تون ڇا جي لاءِ اچي منهنجي پٺيان پيو آهين؟“ هن
ڏاڍي رکائيءَ سان اهڙي نموني چيو جو ڄڻ ته مون کي
پٿر هڻي ڪڍيائين. مون نٿي سمجهيو ته ڪو هوءَ مون
سان ائين ڳالهائيندي. آخر اخلاق به ڪا شيءِ آهي.
پر مون به سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جو ارادو ڪندي
چيو، ”چريا ڪو پنهنجي وس ڇڏبا آهن ڇا؟“ ”چريو
هوندين تون. مون کي چريو چوندين ته اهڙو پٿر ٺڪاءُ
ڪرائيندي سانءِ.“ هن جهڪي پٿر کنيو، منهنجيون
وايون بتال ٿي ويون. رومانس ۽ تخيل وغيره ته برباد
ٿي ويا، پر مورڳو جان اچي خطري ۾ پئي، سو مون به
جهڪي پٿر کنيو ۽ هڪ عجيب بيهودي صورتحال پيدا ٿي
پئي. ٻه پڙهيل ڪڙهيل جديد دؤر جا انسان، هڪ
خوبصورت ڇوڪري ۽ هڪ نوجوان تمام اوچن جبلن جي وچ ۾
هڪ ٻئي تي پٿر الاريو بيٺا هجن.مون کي کل اچي ٿي.
هن به هڪ دفعو صورتحال کي ڏٺو ۽ اچي کل ۾ ڇٽڪي. بس
ٻئي ڄڻا پٿر ڦٽا ڪري کلندا کلندا پٿرائين پٽ تي
ويهي رهياسين. جڏهن کلي کلي ٿڪاسين تڏهن مون چاهيو
ته هن ڏانهن وڌي کيس ٻانهن کان وٺي اٿاريان، پر هن
پريائين رڙ ڪندي چيو، ”خبردار جون مون ڏانهن وڌيو
آهين، کلان ٿي ته بس ڇا؟“ هوءَ وري پٿر کڻي اٿي
بيٺي.
”ٻيلي واپس هلڻو اٿئي ته هل، نه ته منهنجي جان ڇڏ،
خوامخواهه ڪهڙي عذاب ۾ اچي ڦاٿو آهيان. ڀلي ته رات
جابلو بگهڙ کائينئي.“ مون ڪاوڙ مان چيو ۽ واپس
ٿيس. اوندهه اچي ٿي هئي. مون کي ته مورڳو پنهنجي
واپسيءَ جو اچي خطرو لڳو. هڪ ته اوپرو علائقو سو
به جابلو........ اسين ميداني ماڻهو ۽ سي به جبل،
جيڪڏهن مري ۽ نٿيا گليءَ جهڙا ساوا سرسبز ۽ آباد
هجن ته به ٻي ڳالهه. هتي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. مون
ته ٻڌو هو ته هتي جا ازدها به پٿر جي رنگ جا ٿين
ٿا. سو جيئن آئون موٽيس ته ڏٺم ته هوءَ به تيز تيز
قدمن سان موٽڻ لڳي ۽ بنا ڪڇئي مون سان گڏوگڏ قدم
کڻي هلڻ لڳي. شڪر آهي جو ڊڄڻي آهي.‘ مون دل ۾
سوچيو ۽ ساڳيو ڏکيو رستو ٽپي جڏهن ڍنڍ جي ڪناري
ڏانهن ڏٺم ته سڀ ڇوڪريون ۽ منهنجو دوست هيڏانهن ئي
ايندا نظر آيم.
”ڇوڪري آهين عذاب آهين، سڀني جو ساهه سڪائي ڇڏيو
اٿئي.“ اهي اکر ڳالهائي ڄڻ ته مون پنهنجي ڪاوڙيل
جذبن تي ڇنڊو هنيو.
”اڙي هل ڙي هل، وڏو آيو آهين سمجهائڻ وارو.“
هيستائين فضيلت سان هلڻ کان پوءِ هو وري پنهنجي
اصليت تي اچي وئي. مون ته ڳالهائڻ کان توبهه ڪئي.
”مصيبت!“ مون کلي فهميده ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڏاڍي بي
خياليءَ سان بيٺي هئي، ڄڻڪ ڪنهن ٻئي جي باري ۾
ڳالهايو پئي ويو.
”هن ڀيري توکي وٺي آيونسين، باقي ٻئي دفعي اسان
توبهه ڪئي.“ هڪڙيءَ ڪن تي هٿ رکندي چيو،“ جنهن
اسٽيشن تي ريل بيهي اتي لهيو وڃي. مردن سان ڪلهو
ڪلهي ۾ ملائي وڃيو چانهيون پئي. هڪڙي جي ته ٺونٺ
هڻي چانهه ڪيرائي وڌائين. هڪ گاڏي کان ٻئي ۾ وڃيو
پهچي. رڳو خير سان گهر واپس پهچون، باقي توبهه
بابا توبهه.“
”توهين ڪٿان آيا آهيو؟،“ مون پڇيو.
”ڪراچيءَ مان، اسين هوم اڪنامڪس ڪاليج ۾ پڙهنديون
آهيون.“ ان ڇوڪريءَ ٻڌايو جنهن پهرين ڳالهايو هو.
”هوم اڪنامڪس ۾ ته سگهڙپڻي جي تعليم ملندي آهي“-
مون وري فهميده ڏانهن ڏٺو.
” نه ته“ انهيءَ سانوري ڇوڪريءَ چيو، ”هيءَ ته
مئٽرڪ ڪريو گهر ويٺي آهي، چوي ٿي ته ڪاپيون ڪري
امتحان ڏيڻ کان بهتر آهي ته گهر ۾ ويهي پڙهجي-پوءِ
ته الائجي ڇا ٿي پڙهي.“
اهو ٻڌي فهميده تپي لعل ٿي وئي. ” توهان کان گهڻو
پڙهي آهيان. شاهه لطيف کان سارتر تائين سڀ ڪجهه
پڙهيو اٿم-“
”مون کي به لڳي ٿو ته پڙهي هوندينءَ.“ مون چيو.
”ته ڇا آئون ڪوڙ ٿي ڳالهيان.“ هوءَ وري ڪاوڙجي
پئي.
”محترمه، پڙهڻ ته حيوان کي انسان بنائيندو آهي. هي
معاملو ابتو ڪيئن ٿيو“
مون وري چيو ۽ هوءَ اهڙي انداز ۾ جهڪي. ڄڻ پٿر ٿي
کنيائين ۽ آئون ائين ڇرڪي جهڪيس ڄڻ ڌڪ ٿي گسايم.
ٻيا سڀ اچي کلڻ ۾ پيا، ڏاڍي ڦڪائي ٿي. مون ته
سوچيو ٿي ته هتان جند ڇٽي ته ڀڄي جان ڇڏايان، ڪٿي
واقعي ڪو واقعو نه ٿي پوي.
”رات ٿيندي پئي وڃي، هيتري دير شهر کان پري رهڻ
ٺيڪ ڪونهي“ منهنجي دوست چيو. ” هي پهريون دفعو آهي
جو آئون شام کان پوءِ شهر کان ٻاهر ته ٺهيو پر گهر
کان ٻاهر رهيو آهيان.“
”اڃا هاڻي ته آيا آهيون.“ فهميده احتجاج ڪيو. ”رات
جو ڪو کائي ويندو ڇا؟“
”آيا آهيون تنهن جي معنيٰ اها ڪانهي ته ڪو هتي رهي
پئون“ سندس گروپ مان هڪ چيو ۽ سڀ واپس مٿي چڙهڻ
لڳاسين جتي گاڏيون بيٺيون هيون.
” اسين ريلوي ريسٽ هائوس ۾ رهيل آهيون. ٽي بي
سينيٽوريم واري رستي تي.“ سانوري ڇوڪريءَ ٻڌايو.
”مان پنهنجي دوست سان گڏ واپڊا جي بنگلي ۾ رهيل
آهيان.“ منهنجي وات مان به نڪري ويو.
وئن ۾ چڙهندي سانوري ڇوڪري چيو، ”توهان جي وڏي
مهرباني.“
مون هن کي جواب ڪو نه ڏنو ۽ وڻن جي اڳين سيٽ تي
ويٺل فهميده کي ڏٺم. مون کي ڏانهس ڏسندو ڏسي، هن
جي چهري تي ڪو به سڃاڻپ جو اهڃاڻ نظر ڪو نه آيو.
آئون دل جو سور دل ۾ ڪري وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺس ۽ ٻئي
گاڏيون اڳيان پٺيان هلنديون واپس روانيون ٿيون.
مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ايڏو بدتميز ماڻهو ڪو نه ڏٺو
هو. بيشڪ هوءَ بيحد سهڻي هئي. هومر جي هيلن، هيگرڊ
جي قلوپرطه، فلابيئر جي ايما ۽ نيوبڪاف جي لوليٽا
کان به وڌيڪ سهڻي ۽ چنچل. پر طبيعت به انهن جهڙي
ئي هئس. پارو هئي پارو- ڪنهن هڪ انگ تي به بيٺي ڪو
نه ٿي. جبلن جي وچ ۾ هن جو چيلهه تي هٿ رکي بيهڻ،
پٿر الارڻ، کلي کلي پٽ تي ڪِري پوڻ، ڊپ ۾ تيز تيز
هلڻ، بي خياليءَ سان بيهڻ، هن جا مختلف روپ هڪ ئي
وقت ۾ منهنجي آڏو اچي ويا هئا. واقعي هوءَ عجيب
هئي- هر ماڻهو هن سان رهي نٿي سگهيو. هن جي
موجودگي برداشت ڪرڻ وڏو مسئلو هو. مون کي ته پاڻ
ئي اچي کل ٿي، هڪٻئي تي ڪيئن پٿر الاري بيٺا
هئاسين!
مون کي مرڪندو ڏسي منهنجو دوست به کلڻ لڳو. ”تون
ته هن ڇوڪريءَ جي پٺيان هليو وئين. پٺيان ٻين جو
ساهه مٺ ۾ هو. ڇا ٻڌايانءِ اها ڇوڪري واقعي ڏاڍي
ڏنگي آهي، عذاب آهي عذاب. سڀ چونس ئي ککر- چيائون
پئي ته اڙڪ تي زري گهٽ جهيڙو ٿي ڪيائين. ڪچا بادام
پٽي بادام وٽ بيهي رهي. باغ جو چوڪيدار ڪاوڙجي پيو
ته مورڳو ڌڪ ٿي هنيائينس. هو به هو ٻروچ سو اصل ڪو
جهل ئي نه ڏي. نڪو سمجهي هو هن جي ٻولي نڪا هيءَ
سمجهي هن جو مسئلو. آخر ٻين وچ ۾ پئي جان ڇڏائي.“
هو الائجي ڇا ڇا چئي رهيو هو، پر آءُ وڌيڪ ٻڌي ڪو
نه سگهيس ۽ اڳيان ويندڙ وئن جي پوئين ڳاڙهي بتي
ڏسندو رهيس. فضا ۾ بادام ۽ صوفن جي مهڪ ڇانيل هئي.
هلڪي بوند به شروع ٿيو ئي هئي. شام جو ايندي وقت
ساون صوفن سان جهنجهيل وڻن جيڪي زمرد جا زيور پاتل
نئين ڪنوار جيان شرم کان جهڪيل پئي نظر آيا سي
اونداهه ۾ هوا جي زور تي لڏندا جهومندا ان عورت
جيان لڳي رهيا هئا، جنهن تي جن اچي ويو هجي ۽ جن
ڪڍڻ واري پير جي آڏو جهولندي هجي.
اسان جي گاڏي هنن جي گاڏيءَ جي پٺيان هلي رهي هئي.
ڪئنٽومينٽ جي علائقي ۾ داخل ٿي وئن جي رفتار ڪجهه
گهٽ ٿي ۽ منهنجي دوست موقعو ڏسي پنهنجي گاڏيءَ جي
رفتار وڌائي ۽ ٿوري وقت ۾ اسين وڻن کي پٺيان ڇڏي
آِياسين.
شهر ۾ پهچي مون هن کي ’لال ڪباب‘ هوٽل ڏانهن هلڻ
جو چيو، جو اتي جو کاڌو گرين هوٽل، چيني ۽
ريسٽورينٽ ۽ ٻين هوٽلن کان بهتر ۽ لذيز هو. اها ٻي
ڳالهه آهي ته سواءِ چيني هوٽل جي ٻين سڀني هوٽن تي
اڌ اڌ گز جا ڪنڌاري نان، جوائنٽ (گوشت جو وڏو
ٽڪرو) ۽ مڪس (هڪ ئي پليٽ ۾ گوشت ڀاڄي وغيره تريل)
ئي خاص ڊش هئا. پر مونکي لال ڪباب واري جا سيخ
ڪباب ۽ تريل مغز ڏاڍا وڻندا هئا.
جناح روڊ لنگهي گاڏي پرنس روڊ تي مڙي، جتي جنڪش
مارڪيٽ جي اوريان لال ڪباب هوٽل هئي. هوٽل تي ڪافي
رش ٿي نظر آئي، ٻاهر در وٽ وڏي ڪائونٽر جي پويان
تخت تي سيخ ڪباب پچي رهيا هئا ۽ باهه تي قيمي مان
وگهري ڪرِندڙ چرٻيءَ جي ڪري هلڪو دونهون ڦهلجي ويو
هو، جنهن مان ڪبابن جي پچڻ تي تيز بوءِ اچي رهي
هئي. اندر ڪمرو ۽ ڪئبنون سڀ ڀريل هيون،تنهن ڪري
مون دوست سان صلاح ڪئي ته ڪباب ۽ مغز ٻڌارائي کڻي
ٿا هلون ۽ گهر هلي کائينداسين. ان وقت هڪ بينڪ جا
ٻه سنڌي آفيسر اچي اسان سان مليا. هنن سان منهنجي
واقفيت ٽرين ۾ ايندي ٿي هئي. پر ويچارا مڙئي ملندا
رهندا هئا. هنن کي ڪوئيٽا جو ماحول پسند نه هو.
خير پسند ته مون کي به ڪو نه هو، پر ڇا ڪجي اچي جو
ويس! هونئن جڏهن به موقعو ملندو هئم ته ڪوهه مري
يا انهيءَ پاسي ٻئي ڪنهن تفريحي هنڌ تي هليو ويندو
هئس، پر هن ڀيري الائجي ڇو اچي ڪوئيٽا جو ڀوت
سوار ٿيو- وري منهنجو ذهن ان وئن ڏانهن ويو، جيڪا
اسين ڪئنٽومينٽ جي علائقي ۾ ڇڏي آيا هئاسين. اڃا
مون اهو سوچيو پئي ته گاڏيءَ جي پويان تيز هارن جو
آواز آيو. اسان جي گاڏيءَ جي پويان وئن اچي پهتي
هئي. ان ڳالهه تي مون کي ڪا به حيرت ڪو نه ٿي، ڇو
جو اهڙن تفريحي هنڌن تي خاص خاص جگهيون به هونديون
آهن. جتي پئي ملاقات ٿيندي آهي. جيئن مريءَ جي
پهاڙ تي پهچڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن اندر سڀڪو هڪٻئي
کي سڃاڻڻ لڳندو آهي ۽ جيڏانهن وڃبو آهي رڳو مانوس
چهرا پيا نظر ايندا آهن.
” واهه واهه، اسان توهان لاءِ گاڏي روڪي ته توهان
مورڳو وٺي ڀڳا.“ سانوري ڇوڪريءَ چيو، جيڪا گاڏيءَ
مان لهي آئي هئي. منهنجي دوست شرمندگيءَ مان چيو،
“اسان سمجهيو ته توهان اسان کي رستو ٿا ڏيو.“ اهو
ٻڌي هن کلي ڏنو. ٻيا سڀ وئن ۾ ئي ويٺا هئا.
”ڀلا توهان ڪجهه کائيندا؟“ منهنجي دوست پڇيو.
”انهيءَ لاءِ ته آيا آهيون.“ هن وراڻيو
”ته پوءِ هيئن ٿا ڪريون- هتي ته رش آهي. کاڌو هتان
وٺي هلي ٿا بلديه ريسٽورينٽ جي هال ۾ ويهي کائون.
ڪيئن؟“ هن چيو- منهنجو سڄو ڌيان پويان وئن ۾
فهميده ڏانهن هو، جيڪا وئن جي دريءَ مان ٺونٺ ٻاهر
ڪڍيو ويٺي هئي. هوءَ ڪيڏي نه معصوم پئي لڳي.
خاموش- اجنبي نگاهن سان ڄڻ ڪنهن اهڙي واقعي کي ڏسڻ
جي ڪوشش ڪري رهي هئي. جيڪو اڃا ٿيو ئي نه هجي.
”ڀلا توهين بلديه ريسٽورينٽ هلو ته اسين کاڌي جو
سامان کڻي اچون ٿا. ڊرائيور کي رستي جي ته خبر آهي
نه؟“ منهنجو دوست چئي هيو هو.
”ها، ڊرائيور ته هتي جو ئي آهي.“ هن چيو ۽ وري
وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺي. هنن جي وئن بيڪ ٿي مڙي، مون
مڙي ڏٺو. فهميده حيراني مان اسان ڏانهن مڙندي ڏٺو
۽ وري ڪنڌ ورائي ڇڏيائين.
کاڌي جو سامان وٺي، مون پاسي کان بيٺل زردالو
وڪڻندڙ کان زردالو ورتا ۽ اسين به گاڏي موڙي واپس
ٿياسين. آءُ ته ڪوئيٽا ۾ اچي ڦاٿو هئس.سڄو ڏينهن
شهر جي هر ڪنڊ ۾ پکڙيل مارڪيٽن جا چڪر پيو هڻندو
هوس، جتي جا واپاري سمگل ٿي ايندڙ مال ڪڏهن سستو
ته ڪڏهن مهانگو وڪڻي پنهنجي دولت ۾ اضافو ۽ ايمان
۾ ڪتر آڻڻ ۾ رڌل هوندا هئا. سڄو وقت ڪوڙ
ڳالهائيندي به جڏهن نماز جو وقت ايندو هئن ته
دڪان کي بند ڪري ڇڏيندا هئا. سڀئي دڪان پٺاڻن جا ۽
ڪي ڪي ڪاٺيا واڙين جا نظر ايندا هئا. پر ڪاٺيا
واڙي وڌيڪ ڪوڙا ۽ خراب مال وڪڻندڙ نظر آيم. سو
نڪو هو شهر ۾ مزو نڪو وري ڪي اهڙيون تفريح جون
جڳهيون هيون. اهي اڙڪ جا باغ ۽ حنا ڍنڍ سو به
ڪيترو گهمبو. مون کي لِن يوتانگ جي انهيءَ ڳالهه
سان به متفق ٿيڻو پيو ته جنهن به ماحول ۾ وڃجي ان
جي مطابق ڪو دوست به کڻجي ۽ هتي منهنجو دوست جيڪو
صفا خشڪ رڳو پنهنجي سرڪاري ڪم جو ماهر. جيڏانهن
چئجيس وٺيو هلي، پر ڪڏهن پاڻ ڪو نه چيائين ته
فلاڻي جڳهه ڏسڻ جي قابل آهي هلو. مورڳو چيو ته
’هي آءُ گهمان به توسان گڏ پيو نه ته شهر به پورو
ڪو نه ڏٺم هئم.‘ شام جو هنن ڇوڪرين کي ڏسي هي خيال
آيو هئم ته شايد انهن جي ڪمپني ملي وڃي، پر اهو
مورڳو ٻيو عذاب هو. اها فهميده جيڪڏهن چار ڪلاڪ به
مون سان گڏ رهي ته آءُ ته منهن واهه ڏئي ڀڄي وڃان.
اکيون ته ڪيئن ٿي ڪڍيائين! پهرئين نظر سان جيڪو
فلرٽ ڪرڻ جو خيال آيو هو سوته هاڻ سوچي به ڪو نه
ٿي سگهيس پر رڳو ايترو خيال هئم ته عزت بچي اچي.
ڏوهه منهنجو به هو. آخر هن جي پٺيان ڇو ويس. پاڻهي
پيا منهن ڏين ها. پرايا ڦڏا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ
جو اجهو اهو فائدو هو. جهيڙاڪ ته آئون به آهيان
پر هتي ته ماٺ ڀلي هئي. خبر ناهي هينئر ڇا چوندي.
گاڏيءَ مان ته هيٺ ڪا نه لٿي.
”هيٺ لهه نه.“ منهنجو دوست بلديه ريسٽورينٽ وٽ
گاڏي بيهاري هيٺ به لهي چڪو هو. سامهون وئن به
بيٺي هئي، ڊرائيور اندر ئي ويٺل هو. آءُ به هيٺ
لٿس ۽ کاڌي جا پڙا کڻي اندر گهڙياسين.
هال ۾ اندر گهڙياسين ته هو سڀ انتظار ۾ نظر آيون.
مون تي نظر پوندي ئي فهميده چيو، ”پيرن ۾ زنجير
پئجي ويا هئا ڇا جا جو ايتري دير......“ هن جملو
به پورو ڪو نه ڪيو ۽ وڌي منهنجي هٿ مان پڙو
ڦريائين.
”ڪڏهن ته فضيلت سان به ڳالهائيندي ڪر فهميده“
سانوريءَ دڙڪو ڏنس. پر هوءَ ڪجهه به ڪو نه ڪڇي ۽
آئون ٿورو ڦڪو ٿي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. باقي
پڙا منهنجي دوست ميز تي رکيا. بيرو پليٽون کڻي آيو
۽ کاڌو ٻاهر ڪڍي کائڻ ويٺاسين.
”اسان جو بل جدا ورتو اٿو؟“ خلاف معمول فهميده
سنجيدگيءَ سان پڇيو.
”بل جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ مون هر ڀرو معتبر ٿيندي
چيو ۽ نتيجو به ڀوڳيم.
”ڪو چاچي جا پٽ آهيو ڇا جو مفت جي ماني آندي
اٿَو- کڻو منهنجي ماني.“ فهميده پنهنجي آڏو پيل
پليٽ کي اڇليندي چيو، جيڪا سڄي منهنجي دوست جي ڪڇ
۾ اچي ڪِري. هو اصل هارجي ويو. ٻيون ڇوڪريون به
ششدر ٿي ويون. آءُ ته صفا وائڙو ٿي ويس. ايڏي بي
عزتي ته زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن ڪا نه ڪئي هُئم. آئون
پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو ڪِريل محسوس ڪري رهيو هئس.
”توهين اسان کي معاف ڪريو.“ هن سانوري ڇوڪريءَ
بيوسي کان اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي روڪيندي منهنجي
دوست آڏو هٿ ٻڌي چيو، ”هل فهميده.“ هن فهميده کي
ٻانهن کان وٺي ڇڪيو. جيڪا لاتعلق ٿيو بيٺي هئي.
سڄي ماني ميز تي رکي هئي ۽ اسين سڀ بنا ڪجهه ڪڇئي
پڇئي ٻاهر نڪتاسين. منهنجي دوست گاڏي جو در کوليو
۽ اسين دروازي تي حيران بيرن کي ڇڏي روانا ٿياسين.
گاڏي هلائيندي منهنجي دوست هيڏانهن هوڏانهن به ڪو
نه ڏٺو پر مون ڏٺو ته هوٽل جي احاطي ۾ اونداهي ڪنڊ
۾ بيٺل وئن جي ٻاهران هو سڀ بيٺيون هيون ۽ مون کي
پڪ هئي ته هنن جي منهن تي شرمساري ۽ ڏک جا آثار به
ضرور هوندا. پر اهو حال اسان جو به هو. منهنجو
دوست ته هونئن به مون تي کلندو هو ته آءُ انسان جي
عظمت جو ايڏو پرستار ڇو آهيان.آءُ هميشه چوندو هوس
ته جڏهن انسان پنهنجي تصور ۽ تخيل جي زندگيءَ کان
هٽي جسماني تعلقات تي پهچي ٿو ته حقيقت ۾ هو تمام
هيٺ اچيو وڃي، ان ڪري جو جسم کان وڌيڪ اهم ذهني
تعلق آهي، ذهني پيار ۽ تعلق گهڻو ٿو هلي. جسماني
پيار جو هڪ مدو آهي، وقت آهي، وقفو آهي، انهيءَ
کان پوءِ بس، ذهني پيار زندگيءَ ڀر هلي ٿو. انسان
کي ٻئي انسان جي عزت ۽ ٻئي سان سمجهوتي جو رستو
ڏيکاري ٿو. دوستي کي جنم ڏي ٿو. منهنجو دوست
چوندو هو، ”تون بيوقوف آهين، جسماني پيار ئي سڀ
جهه آهي. جواني هڪ مخصوص مدي وارو بانڊ آهي،جي ان
کي خاص وقت ۾ نه حاصل ڪيو ۽ کپايو ويو ته ليپس،
(ضايع) ٿي ويندو“ ۽ منهنجي نظر ۾ خيال ۽ ياد هڪ
اڻکٽ خزانو آهي.ڪنهن سان وقتي تعلق رکڻ ته منهنجي
لاءِ ممڪن ڪو نه هو. آءُ يا ته ڪنهن سان پيار ڪري
سگهيس ٿي يا نفرت. وچولو رستو مون کان ممڪن ڪو نه
هو. سونهن جي ساڃهه به هئم، سو سونهن کي جتي به
ڏسندو هئس تعريف ڪرڻ کان ڪو نه گسندو هئس. ڇڙو
شخص، مٽ مائٽ پنهنجي سهنجيءَ وارا. پاڻ ضرورت تي
مدد به ملي سگهيم ٿي. آئون هڪ اخبار ۾ اسسٽنٽ
ايڊيٽر هئس. سٺي نوڪري چڱي آمدني، سٺو اخلاق،
سٺيون عادتون تنهن ڪري شايد مون ۾ به ڪا اهڙِي
خوبي هئي جو سونهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو هئس.اهي
سڀ خيال منهنجا پنهنجا هئا ۽ مون درست سمجهيا هئا
ڇو جو ڪنهن انهن سان اڄ ڏينهن تائين اختلاف ڪو نه
ڪيو هو. پر اڄ تائين دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار پنهنجي
صحيح هنڌ تي نه پهتي هئي ۽ مون واري دوست جو ته
اهو حال هو جو زندگيءَ ۾ شايد پهريون دفعو ڪنهن
خوبصورت ڪمپني جي خدمت جو موقعو مليس سو به اهڙو
ناشائتو حال ٿيو. هن جي جذبات جو اندازو مون
گاڏيءَ جي رفتار، ٽرن ڪاٽڻ ۽ بريڪ هڻي وري اسپيڊ
ڏيڻ مان ٿي لڳايو. ٻه دفعا ته منهنجو مٿو وڃي
سامهون ٽڪري پيم. پر في الحال انهيءَ تي سوچڻ جو
ڪو به ضرور ڪو نه هو، ڇو جو ان ڌڪ کان وڌيڪ ڌڪ ته
هن ڇوڪريءَ جي باهه ۾ ٻرندڙ لفظن سيني تي لڳايو
هو. ”ڇوڪري! هنه....... ڏائڻ ڀيڻسان.“ مون ڄڻ ته
پنهنجي منهن چيو.
”تون ئي ته چوندو آهين ته خوبصورتي خطرناڪ ٿيندي
آهي!“ مون پنهنجي خيالن جي دفاع ۾ چيو. حالانڪ
هينئر دل ٿي چوي ته خوبصورتيءَ کي ٻه چار گاريون
ڏئي ڇڏيان.
”ڇڏ يار، انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ.“ منهنجي دوست
ٿڌو ساهه ڀري گاڏي گهر جي گهٽيءَ ۾ موڙِي، دريءَ
مان ايندڙ ٿنڀي جي روشنيءَ ۾ مون کي سرديءَ جي
باوجود هن جي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا نظر آيا.
مون کي ڏک ٿي پيو. اسين ته پيا اهي ڳالهيون
سهنداسين، پر ويچارو زاهد خشڪ. واقعي خشڪ ڪاٺين
وانگر ٻري نه وڃي.
ڪمري ۾ داخل ٿي هن هميشه وانگر بوٽ لاهي کٽ تي
چڙهي بيهي سيرانديءَ کان لڳل چوسڻي چوسيندڙ ٻار جي
تصوير کي سڌو ڪيو. مون کي ته ان تي حيرت هئي ته
جيستائين ڪمري ۾ رهندا هئا سين ته اها تصوير سڌي
ٽنگي پئي هوندي هئي، پر جڏهن به ٻاهران ٿي موٽندا
هئاسين ته اها وري ڦڏي ئي ٽنگيل نظر ايندي هئي.
انهيءَ تصوير جو اتي هجڻ جو سبب وري هيءُ هو ته
هن کي اها تصوير ڏسي پنهنجو ننڍپڻ ياد ايندو هو.
پوءِ هن هيٺ لهي ٽي وي کولي جيڪا شون شن ڪرڻ لڳي.
”وئي خراب ٿي،“ هن چيو. مون اٿي چئنل بدلائي
ڏنومانس ته تصوير اچي وئي. حقيقت ۾ اسين ڀوتاڙيل
انڪري هئاسين جو ان ڏکئي موضوع تي ڳالهائڻ نه ٿي
چاهيوسين. ڄڻ ته هڪ ٻئي جي نظرن ۾ ئي ڪري پيا
هئاسين.“ ”جيڪڏهن هوءَ اهڙيءَ طرح نه هلي ها ته
هينئر اسين ڪيتريون نه تعريفون ڪريونس ها!“ مون
سوچيو. اها به منهنجي ڪمزوري هئي جو آئون
خوبصورتيءَ جي تعريف ڪرڻ کان رهي ڪو نه سگهندو
هئس.
نوڪر وڃي چڪو هو. بک به مري چڪي هئي. سور تازا ٿي
ويا هئا، هو ته کٽ تي ڀت سان وهاڻي کي لڳائي ٽيڪ
ڏيو ويچارو ٿيو ويٺو هو. هو جيڪو گهر ايندي ئي
سمهي رهندو هو، تنهن جو اڄ ته سمهڻ جو پروگرام تي
نظر ڪو نه ٿي آيو ۽ ها ٻيو به مسئلو مون کي نظر
پئي آيو. مس مس هن کي تيار ڪيو هئم ته شاديءَ لاءِ
ها ڪري ته جيئن سندس ماءُ کي پنهنجا چوٽيهن سالن
جا خواب پورا ٿيندا نظر اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته
هن به مون کي شادي ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو هو. آءُ
ته خير اهڙن واقعن کان دلبر داشته ٿيڻ وارو ڪو نه
هئس. انهيءَ ڪري جو هن ميدان ۾ بهرحال مهنجو ڪجهه
تجربو به هو، پر هو ويچارو ته برباد ٿي ويو هو.
مون سوچيو ته دلجوئي ڪريانس پر پوءِ ماٺ ٿي ويس.
”ڀلا اڃا به ڪا بجاءِ بچي آهي ڇا گهمڻ جي؟“ مون
پڇيو مانس ۽ پڪ هئم ته هو وري اهو ئي سوال مون کان
ڪندو ۽ ٿيو به ائين. تڏهن چيو مانس، ” ٽي بي
سينيٽوريم جو آهي!“هو ان تي اهڙي انداز سان مرڪيو
جو مون کان کل نڪري وئي. ”واقعي جيڪڏهن هنن سان هڪ
ٻه ملاقات ٻي ٿي وڃي ته هفتي جي اندر ڦڦڙن ۾ ٽنگ
کنيو ٽي بي سينٽوريم جي لان ۾ پساريا پيا
هونداسين.“ هن به کلي ڏنو. ”يار جتي غريب بيمار
رت جون ٿڪون پيا ٿڪن اتي گهمڻ ڇو ٿا هلو؟“ هن چيو.
”اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ته اسين چاڪ چڱا ڀلا آهيون.“
مون وراڻيو، ”حيدرآباد ۾ ماڻهو ڪو نه گدو بندر
وارين چرين جي اسپتال گهمڻ لاءِ ويندا آهن!“ مون
وري چيو.
”يار چرين جي نظر ۾ سنوان ڪيئن هوندا؟“
”جيئن فهميده جي نظر ۾ پاڻ.“ منهنجي وات مان نالو
نڪري ويو.
”تنهنجي ڇا مرضي آهي ته رات جو ننڊ به نه اچي ڇا؟“
منهنجي دوست چيو ۽ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ باٿ روم ۾
هليو ويو.
”اهڙي خراب ته ڪانهي. تصور ۾ ڊوڙندي ڇا؟“ مون
سوچيو. وري جو ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته هوءَ پنهنجي
مڪمل شبيهه سان ذهن تي تري آئي۔ هن جو خوبصورت
چهرو، ڪنهن خيال ۾ ٻڏل اڌ کليل اکيون خاموش ۽
سنجيده. مون کي اتي ويٺي ويٺي ننڊ اچي وئي ۽ اک
تڏهن کليم جڏهن صبح جو دوست کي تيار ٿي آئيني جي
اڳيان بيٺل ڏنم. هن مون تي ڪمبل وجهي ڇڏيو هو ته
به بدن ۾ سياڪوپي پيو. هن مرڪي مون ڏانهن ڏٺو،
”گاڏي وڃي ٿو موڪليان. تون ڀلي بازارون گهمي
اچجئينءَ. آئون اڄ ٿورو دير سان ايندس.“ هو ائين
چئي هليو ويو ۽ مون نوڪر کي نيرن لاءِ سڏ ڪيو.
نيرن پاڻيءَ کان واندو ٿي شيو ڪرڻ لاءِ وهنجڻ جي
جاءِ جو رخ ڪيم. منهن کي شيونگ ڪريم هڻي برش پڻيءَ
۾ پسائي، جيئن ڳلن تي ڪريم جي گجي پئي ٺاهيم ته
آئيني ۾ پنهنجي منهن ۾ هڪ اڻ لکي تبديلي محسوس
ڪيم. غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته پيشانيءَ تي ٻه
ڳوڙها ڏسڻ ۾ آيا. ڄڻ ٻه سڱ نڪري آيا هجن. ”بيوقوفن
کي ڪو سڱ ٿورو ئي ٿيندا آهن.“ مون سوچيو ۽ کلڻ
لڳس. جلدي جلدي شيو ڪيم. ٿڌي پاڻيءَ سان منهن
ڌوتم. حقيقت ۾ اها ڳالهه ياد ئي ڪو نه آيم ته واش
بيسن جو هڪ نل گيزر (پاڻي گرم ڪرڻ واري مشين) سان
ڳنڍيل هو. بهر حال دماغ هڪ هنڌ تي نه هوندو ته
سوچون ڪيئن ساٿ ڏينديون؟ ٿڌي پاڻيءَ سان هن ٿڌي
ماحول ۾ منهن ڌوئڻ هو ته موت کي سڏ ڪرڻ.
آئون منهن ڌوئي ٽوال سان منهن اگهندو ڪمري ۾ اچي
ڪپڙا بدلائي ٻاهر نڪتس ته گاڏي اچي پهتي. ڊرائيور
هيٺ لهي سلام ڪيو. صبح جو مون سان گڏ هلندو هو ۽
شام جو منهنجو دوست هن کي ڇڏي ڏيندو هو ۽ پاڻ گاڏي
هلائيندو هو. حقيقت ۾ منهنجي لاءِ منهنجي دوست کان
وڌيڪ هن جو ساٿ فائديمند هو. ڇو جو هو ڪوئيٽا جي
ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف هو.
گاڏي چلتن روڊ تان جناح روڊ ڏانهن مڙي رهي هئي ته
هن سوال ڪيو، ”ڇو سائين، صاحب ڪجهه ملول ٿي ڏٺو؟“
”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“ مون چيو.
”سائين، نوجوان صرف ڪنهن خاص ڳالهه تي ملول ٿيندو
آهي ۽ اها ڳالهه.......“ هن اڌ ۾ ئي جملو ڪٽي ڇڏيو
۽ آءُ مطلب سمجهي ويو سانس. پر ڪڇيس ڪو نه ڇو جو
مون کي خبر هئي ته سڄي ڳالهه انا ۽ عزت جي هئي.
گاڏي لياقت مارڪيٽ وٽ اچي بيٺي. مون اتي ڪپڙن ڌوئڻ
جون مشينون ڏٺيون هيون جن جي لاءِ دڪان واري چيو
هو ته توهان کي گهر ويٺي پهچي وينديون. ڇو جو
سمگلنگ جو مال وڪڻڻ ۽ وٺڻ تي پابندي ڪا نه هئي،
باقي کڻي وڃڻ تي ايڪسائيز ۽ ڪسٽمز وارا وري پنهنجي
ڊيوٽي وٺڻ حڪومت کان به وڏو حق سمجهندا هئا. سو
به ڏاڍي بدتميزيءَ سان. سو آئون به انهيءَ شرط تي
خريداري ڪرڻ تي راضي ٿيو هئس.
مارڪيٽ ۾ اڃا ڪي خاص ماڻهو ڪو نه هئا. صاف شفاف
فرش اڇو اجرو ٿيو چمڪيو پئي. هونئن به ٻين مارڪيٽن
کان هن ۾ وڌيڪ صفائي ۽ وڌيڪ مال هو. عام شيون
جهڙوڪ، نيسن ائنڊ هيجرا سينٽ مارٽز جهڙا سگريٽ،
استريون، ان بريڪبل ڊنر سيٽ ۽ شيشي جو عام سامان
ته هر مارڪيٽ ۾ هوندا هئا پر هتي ريڊيا، ٽيپ
رڪارڊر، اسٽيريو، ريفريجريٽر، ڪپڙن ڌوئڻ جون
مشينون، ماربل جا ڊنر سيٽ، غاليچا، پنکا ۽ ٻيو
تمام گهڻو غير ملڪي سامان موجود هو. هتي ئي هڪ
دڪاندار ايمانداريءَ سان مون کي ٻڌايو هو ته هڪ
مال لانچن ذريعي سمگل ٿي ڪراچيءَ ۾ اچي ٿو. جيڪو
اتي سستو آهي ٻيو وري افغانستان ۽ ايران جي سرحدن
تان سمگل ٿي، پشاور ۽ ڪوئيٽا اچي ٿو جيڪو پشاور جي
لندي ڪوتل مارڪيٽ ۽ باڙا مارڪيٽ، چمن ۽ ڪوئيٽا جي
مارڪيٽن ۾ سستو آهي.‘ هن کلي چيو، ”توهان جا سنڌ
جا سمورا سرڪاري آفيسر ۽ وڏا ماڻهو سامان جي جيپن
جون جيپون چمن ڀرائي ويندا آهن.“
پنهنجي گهربل دڪان تي پهچي آئون ڳالهين ۾ لڳي ويس.
هونئن به منهنجي دلچسپيءَ لاءِ اتي ڪافي شيون پيون
هيون. اوچتو پٺيان پٽ تي زناني قدمن جو آواز آيو.
آئون اڃا مڙي نهارريان ئي ته هن جو آواز ڪن تي پيم
۽ موڊ ئي آف ٿي ويم.
”هن کي ته ڪا رات جو ننڊ به ڪا نه ٿي اچي.“ فهميده
جو آواز هو. مون مڙي ڏٺو ته هو پنهنجي لڏي جي هڪ
ڇوڪريءَ سان گڏ هئي. جنهن جا وار جديد فئشن جا
ٺهيل هئا جنهن پاڻ وڌي مون کي چيو، ”چڱو جو توهين
مليا. ممتاز ته چيو هو ته اڄ توهان کي ضرور ڳولي
لهبو.“ آئون سمجهي ويس ته پڪ اها سانوري ڇوڪري
ممتاز هئي.“
”توهان کان راتوڪي بدتميزيءَ جي معافي وٺڻي اٿئون
نه.“ هن چيو.
”توهين ڇا جي معافي وٺندا؟ توهان ڪيو ڇا آهي؟
هڪڙي بدتميز جي رويي جا توهين سڀ ته ذميوار ٿي نٿا
سگهو.“ آئون ڪاوڙ ۾ چوندو ويس. وري فهميده ڏانهن
ڏٺم جيڪا ڏاڍي ٻالي ڀولي انداز ۾ هڪ هٿ جيڏي ٽيپ
رڪارڊر جي قيمت ڪٿائي رهي هئي. هن جا خوبصورت هٿ
ٽيپ رڪارڊر جي گهري ناسي رنگ سان ملي وڌيڪ خوبصورت
لڳي رهيا هئا. هڪ گهڙي ته مون کي اهو شڪ اچي ٿيو
ته ڇا ڪالهه جيڪي ڪجهه ڏٺو هئوسين اهو ڪوڙ هو.
هوءَ اهڙي ته نٿي ٿي سگهي.
”تڏهن به ڏسو نه، فهميده کي ائين نه چوڻ کپندو هو.
اسان سڄي رات ننڊ ڪا نه ڪئي آهي. اڄ صبح جو به
بورچيءَ کي چانهه جي ٽري اڇلائي هئين اٿس. ڊرائيور
کي ڏاڍو آهستي هلائڻ تي اصل مارڻ لاءِ سنبري وئي
هئي. توهان کي ڇا ٻڌايان ڇتي ته هميشه کان آهي پر
جبل تي اچي وڌيڪ ڇتي ٿي پئي آهي.“ هوءَ صفائي پيش
ڪرڻ لڳي.
”بس ڪي پاڻيءَ جي ويجهو چريا ٿين ڪي جبل تي چڙهي.“
مون ڄڻ ڳالهه ختم ڪرڻ ٿي گهري يا شايد اندر ۾ اهو
خوف هئم ته ڪٿي ڇڏي ٽيپ رڪارڊر اچي نه وري ڪڙڪي پر
هوءَ فرشتي صورف دڪاندار سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هئي،
جيڪو ڳالهائي هن سان رهيو هو ڏسي ٻئي طرف رهيو هو
۽ پڪ سوچي اڃا به ڪا ٽين ڳالهه رهيو هوندو.
”ڏسو، توهان پنهنجي دوست سميت اڄ اسان سان ماني
کائو.“ هن وري چيو.
”ناممڪن،“ مون ٺهه ڦهه چيو، ”جتي هيءَ ڇوڪري هوندي
اتي آئون پير به پائي نٿو سگهان.“ منهنجي جواب جو
زهر هوءَ مرڪي پي وئي. ”منهنجو نالو نجم آهي، آءُ
فهيمده جي سئوٽ آهيان.“ هن وري چيو.
”پر اها حيرت انگيز ڳالهه نه ٻڌائجين ته رهندي به
هن سان گڏ آهين“ مون چيو.
”ها، ساڳئي گهر ۾ رهندا آهيون.“ هن وراڻيو. ايتري
۾ باقي رهيل ڇوڪريون به هٿن ۾ ڪپڙن جا پڙا کنيو
مارڪيٽ ۾ گهڙيون. هو شايد ٻاهر ڪنهن ڪاٺيا واڙي يا
مهاجر جي دڪان تان پاڻ ڦرائي انهيءَ يقين سان پئي
آيون ته دڪاندار کي ڦري آيون آهن.
”توهين به هتي آهيو؟“ سانوري ممتاز چيو،”سيما، تون
هي پُڙو سنڀال ته آءُ ڪوپ ڏسان.“هن هڪ سنهڙي
ڇوڪريءَ کي چيو. مون هاڻي ڏٺو ته هو ڪل ڇهه هيون.
جن ۾ هڪ ته فهميده هئي ٻي زينت، ٽين ممتاز، چوٿين
سيما ۽ باقي ٻه- انهن مان هڪ ته بيحد بي ڊولي هئي
۽ ڪجهه لاتعلق به البت ڪپڙن ۽ چال ڍال مان پئسي
واري ٿي لڳي. باقي رهيل ڇوڪري قد ۾ مونکان به ڊگهي
هئي. حالانڪ اهو مون کي به شڪ آهي ته آءُ ڊگهو
آهيان. پر تڏهن به چوندا آهن ته عورت مرد کان قد ۾
ننڍي ٿيندي آهي. البت هوءَ سهڻي ڏاڍي هئي ۽ هينئر
ٻنهي ڪڇن ۾ ڪپڙن جا پُڙا کنيل، ائين پئي لڳي جيئن
ٿر جي ڪا سونهري روپ واري سوناري شام جو ٻنهي ڪڇن
۾ دلا کڻي ترائيءَ تي پاڻي ڀرڻ ويندي هجي.مون کي
پاڻ ڏانهن انهيءَ انداز ۾ نهاريندو ڏسي هوءَ ٿورو
شڪي ٿي پئي.
”اڄ توهان ماني اسان سان گڏ کائيندا؟“ممتاز ائين
ڪوپن کي هٿن ۾ اٿلائيندي پٿلائيندي چيو، ڄڻ ڪوپن
جو اگهه ڪٿائيندي هجي. فهميده، جا اڃا اڳتي وڌي
وئي هئي، سا وري موٽي آئي هئي. ”توهان وٽ گاڏي ته
آهي نه؟“ ممتاز پڇيو.
”اها ٻاهر سرڪاري گاڏي ڪا نه بيٺي آهي جيڪا مفت جي
مال وانگر پئي هلي.“ فهميده وري زهر اوڳاڇيو. مون
کي چيني لوڪ ڪهاڻين وارو ادهو ياد اچي ويو جيڪو
وات. مان باهه اوڳاريندو هو.
”پاڻ به ته سرڪاري گاڏي کنيو پيا هلون.“ ممتاز هن
کي تڙي ڏني.
”پاڻ به حرامخور آهيون ٻيو ڇا؟“ هن بي پر واهيءَ
سان ڪنڌ کاٻي پاسي لاڙي هڪ ٽيبل لئمپ جي پاسي ۾
لکيل اکرن کي پڙهندي چيو.
”چڱو هاڻي بڪ بند ڪر.“ نجمه چيو ۽ فهميده گهرين
نظرن سان هن ڏانهن ڏسي کڻي ماٺ ڪئي ۽ وري چيائين،
”ممتاز، هي شانتا ڪلائوز ڏاڍا بدمعاش اٿئي.“ ممتاز
چپن تي آڱر رکي چيو، ”شش.“
مون کي پاڻ ڏاڍو خيال اچي ٿيو. ڇو جو هي پراڻ
دڪاندار عورت ۽ مرد ۾ تميز ڪن ڪو نه، صفا جاهل
جهيڙاڪ آهن ۽ ڌڪ هڻندي به ويرم ڪو نه ڪن، سو مون
ڪپڙن ڌوئڻ جي مشين جي باري ۾ به ڳالهائڻ في الحال
ملتوي ڪيو ۽ هنن کان موڪلائڻ لڳس. ممتاز مون تي
زور ڀريو، ”منجهند جو آءُ دوست سميت وٽن ماني کائڻ
اچان.“ مون آخر هائوڪار ڪئي ۽ کين چيم ته ڊرائيور
کي ڏس پتو سمجهائي ڇڏين. هو اڃا اتي ئي هيون ته
آئون روانو ٿي ويس. خبر ناهي ته ڇو فهميده جي
موجودگيءَ ۾ مون کي ڊپ ٿي ٿيو. ان جو نه ته هوءَ
مون کي ڪجهه چوندي، پر ان جو به ته جي هوءَ ٻئي
ڪنهن کي ڪجهه چئي وجهي ۽ هو به ڪو جواب ڏئي ته
پوءِ منهنجي حيثيت ڪهڙي هوندي! تماشائيءَ جي ته
بهرحال ڪو نه هوندي. آئون پهرين ته بيڪار هيڏانهن
هوڏانهن ڦرندو رهيس. پوءِ هڪ مقامي اخبار ۾ صحافي
دوستن سان مليس ۽ سياست تي پنهنجي وت آهر گوهر
افشاني ڪيم. تنهن کان پوءِ ريڊيو اسٽيشن تي ويس،
يوينورسٽي ويس. ڊرائيور ٻڌائيندو ويو ته هي سرياب
روڊ آهي، هي ڪوهه مردار آهي، هي ڪوهه چلتن آهي. هي
فلاڻي وزير جو بنگلو آهي. هي گورنر هائوس آهي
وغيره، پر مون اهو غور سان ڪو نه پئي ٻڌو. سونهن
جو سودائي ضرور هئس ۽ تعريف به ضرور ڪندو هئس.
فهميده به تمام سهڻي هئي پر لڳو ٿي ته جاهل هجڻ جي
حد تائين خودسر آهي. ڪنهن ڪنهن مهل ته خود پنهنجا
خيال رد ڪرڻ تي دل ٿي. ان وقت هوءِ معصوم ۽ خاموش
نظر ايندي هئي- هلندڙ
وينا شرنگي
شخصيت
سنڌي راڳ جي راڻي
ڀڳونتي ناواڻي
22- آڪٽوبر جي تاريخ سنڌي سنگيت جي تاريخ ۾
ڏکوئيندڙ جاءِ والاري ٿي. ان تاريخ تي سنڌي سنگيت
جي ڪوئل، هند جي پياري راڳ راڻي، ابدي ننڊ ۾ وڃي
آرامي ٿي. اُن ڏهاڙي سنگيت جا سُر ۽ ساز اُداس
هئا.مسڪرائيندڙ چهرو مُرڪ کي الوداع ڪري اکيون
ٻوٽي وڃي آرامي ٿيو. ڀڳونتي اهڙي ته گهري ننڊ ۾
وڃي سُتي، جو اسان مان کيس سجاڳ ڪرڻ جي جرئت ڪنهن
کي به نه ٿي.
”جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.”
موت اڻٽر آهي، سچائي آهي ۽ ان سچائيءَ کان ڪو به
منهن نه ٿو موڙِي سگهي. پر جڏهن ڀڳونتي ناواڻيءَ
جي وڇوڙي جي خبر آئي ته لکين سنگيت پريمين جون
اکيون آليون ٿي ويون. اڄ ڀڳونتيءَ سان گهاريل ڪي
يادگار گهڙيون اکين آڏو تري آيون آهن. ان بي بها
سرمائي مان ڪي يادن جا پل اوهان سان ونڊڻ چاهيندس.
جا گهڙي گذري ڪري ڪين لڄي شال مون کي،
زندگي آهي گهڙيون چار گهڙيون چار هليا وينداسين.
آءُ ڍوليا ته ڪريون پيار ڪريون پيار هليا
وينداسين. (ارجن شاد)
ارجن شاد جي ان گيت کي نه صرف ڀڳونتيءَ دل جي
گهرائين سان ڳايو، پر شاعر چواڻي ته هن هر گهڙي،
هر پل جو سهڻي نموني استعمال ڪيو. ڀڳونتي ٻڌايو ته
هن پنجن هزارن کان مٿي اسٽيج تي پروگرام ڪيا. هن
زندگيءَ جا پنجويهه سال ڳوٺ ڳوٺ وڃي، سنڌيت جو
پيغام ڦهلايو، سندس پهريون ڪلام، جنهن سان هن
سنگيت جي دنيا ۾ پيار پاتو، اهو هو ڀٽائي گهوٽ
شاهه عبداللطيف جو ڪلام:
”رهي وڃ رات ڀنڀور ۾ “. (شاهه)
ڀڳونتيءَ کي سنگيت پريمين ڪيترن ئي خوبصورت خطابن
سان نوازيو، راڳ جي راڻي، سنڌي سنگيت جي ڪوئل،
موهيندڙ مُرڪ. هن اهو درجو تمام
گهڻي مشڪل سان حاصل ڪيو. جهر جهنگ جهاڳي، وستي
واهڻ، ميلن جا ميل طئه ڪري راتين جون راتيون جاڳي،
”سنگيت جون محفلون“ مچايون. ان دوران ڪٿي ٽرين جو
مس ٿيڻ، ڪٿي صحيح کاڌو نه ملڻ ته ڪٿي وري پاڻي ۽
آبهوا جون تڪليفون.
ڀڳونتيءَ ٻڌايو ته کيس نام نهاد طبقي ڪافي پريشان
ڪيو. هتي مان سندس لفظ دهرائيندس. ”ماڻهن مون تي
نڪته چيني ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جيئن مان (Live)
پروگرام ڪرڻ ڇڏي ڏيان.“ پر مان به اهڙي نود آهيان،
جو اٽڪي بيهي رهيس. (ٽهڪ جي گونج) پوءِ هنن محسوس
ڪيو ته سچي ڇوڪري آهي ۽ منهنجو مقصد به صرف سنڌيت
جي شيوا ڪرڻ هو، انڪري انهن مون کي قبول ڪري ورتو.
سماج طرفان مشڪل حالتون کڙيون ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌايو
ته، منهنجو دادا مالهي مون کي همٿ ڏياريندو هو.
ڳائڻ جي سلسلي ۾ ٻڌايائين ته، پريڻا سندس مائٽن
وٽان ملي. ڀڳونتي ناواڻيءَ پنهنجي پسنديده شاعر
شاهه لطيف جو ڪلام ترنم ۾ ٻڌايو.
”اچو سورن واريون ڪريون سورنَ پچار،
ڪنين گهڻا، ڪنين ٿورڙا، ناهي ڪا سورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، مون ته جهوليءَ پائي جهليا.“
•
”ڏني ڪا ماءُ سورن جي پينگهي منجهه لولي.“
هيءُ گيت اهڙي ته درديلي ۽ سوز ڀرئي آواز ۾
ٻڌايائين، جو ڄڻ ته سموري زندگيءَ جا سور اڀري
آيا. ان وقت سندس چهرو زندگيءَ جي لاهين چاڙهين
جون گواهيون ڏيئي رهيو هو ۽ منهنجون پلڪون ڀڄي
ويون.
ڀڳونتي ناواڻيءَ جڏهن به ڪلام کي ڳايو. دل جي
گهرائين سان ڳايو. وطن جي ياد هجي يا ويڙيهچن جا
واڙا.
”ڀڄي ڀور ٿيندئي ڪنجون ڪلف تارا،
عمر مون نه ٿا وسرن ويڙيهيچن جا واڙا.“
پرماتما کي آراڌنا ڪرڻ وارو گيت،
”ساري جڳ جا سرجڻ هارا. تنهنجا روپ به نيارا.
نيارا قدرت وارا.....
محبوب کان ڌار رهڻ وارا پريتما جا احساس ۽ جذبا:
”ٻڌُائيم ڪو ٻيلي پرينءَ جو پتو‘
هر موقعي ۽ مهل سان ٺهڪندڙ گيت ڀڳونتي ناواڻيءَ جي
آواز ۾ ملندو. ڪلانگل کي التجا ڪندي چوي ٿي:
”مارن جي آءُ ڪانگا لنو ڪا لات.
پل پل پرين جي وائي اٿم وات،
ري منهنجي سانگين جي آءُ ڪانگا لنو ڪا لات.“
ماءُ جي ممتا ۽ لولي.
’ڄيٺ جي ٻپهري آهي، ساس گهري گهري آهي، هندوري ۾
جهول جهول پياري.
يا وري ناز انداز سان محبوب کي دهائي ڏيڻ،
”رمزن ساڻ غلام ڪيو اٿو سڄڻ اسان کي.....“
آواز ۾ مٺاس، لرزش، ناز انداز، غم ۽ خوشي راضپي جا
تاثرات، گيت جي هر هڪ ٻول سان نڀاءُ ڪندڙ آهن.
شيلم جو گيت‘
”پرين ڏئي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ جنم جنم جي.“
”آهيان پياسي منهنجي پياس بجهاءِ“
’تورڌن ڀارتي جا لاڏا هجن يا فلمي ناز انداز وارا
Disco
ڀڳونتي جي مڌر ڪنٺ ڪيائين،
سمائڻ لاءِ
بيتاب هوندا هئا. ڀڳونتي ناواڻي جديد دور جي سنگيت
جي دنيا سان ته قدم ملايو، پر سندس دل نه. پاڻ اهو
قبول ڪيائين ته ’هتي اصل ٻولي کچڻي ٿي پئي آهي. نج
ٻولي سنڌ وارن جي آهي. جيڪي شاهه جا ڪلام آهن. لوڪ
گيت آهن، مان اُهي ڳائڻ پسند ڪندس، پر ڇاڪجي زماني
سان هلڻو ٿو پوي.‘
پنهنجا پسنديده فنڪار عابده پروين، محمد يوسف،
ماسٽر چندر، رام پنجواڻي، مائي ڀاڳي ٻُڌايائين ۽
چيائين اڄ ڪلهه مهيش چندر ۽ سترام روهڙا به سٺو ٿا
ڳائين.
ڀڳونتي ناواڻي نه صرف فلمي گيت ڳايا، پر فلم ۽
Stage
تي به ڪم ڪيو. سنڌيءَ کان علاوه ٻين ٻولين ۾ به
گيت ڳايا. پر انهن کي الوداع ڪري سنڌي سنگيت جي
دنيا کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. هيءَ اهڙي
فنڪاره هئي، جيڪا ٻين جا عيب ڪڍڻ بدران پنهنجي فن
سان لڳاءُ رکندي هئي، شايد اهو ئي ڀڳونتي ناواڻي
جي عظيم فنڪاره بڻجڻ جو راز آهي. هن جي خدمتن رنگ
لاتو.
نَون فنڪارن جي باري ۾ سندس رايو هو ته اُهي
پنهنجي ٻوليءَ بدران هندي ۽ اردو طرف وڌيڪ ڇڪجن
ٿا. زمانو اهڙو اچي ويو آهي، جو سنڌي سڏائڻ ۾
ماڻهو شرم ٿا محسوس ڪن. ڪيترن شهرن مان ته سنڌي
اصل غائب ٿيندي ٿي وڃي.ڀڳونتي ناواڻيءَ اهڙي
بدلجندڙ ماحول ۾ به نج سنڌي ڪلامن مان سنگيت جون
محفلون مچايون.
ڀڳونتي ناواڻي خوبين جي کاڻ هئي. پر هن ۾ هڪ ڪمي
هئي، هن پنهنجو پاڻ کي نظر انداز ڪيو ۽ پنهنجي صحت
کان لاپرواهي ڪئي. مون سان جڏهن سندس پهرين ملاقات
ٿي ته اڇي ساڙهي پهريل ۽ چوٽي ڪيل هئس، ان کانپوءِ
ڪن هن کي
Mod
بڻائڻ چاهيو. هن دهليءَ ۾ وار به ڪٽايا. ٻاهران ته
هن جي شخصيت ۾ تبديلي آئي. پر اندر اها ئي تنها
ڀڳونتي هئي.
ڀڳونتي ناواڻي پنهنجي دل جو حال اورندي چيو،
منهنجي خواهش آهي ته جيستائين زندهه رهان، ڳائيندي
رهان، عام جنتا مون کي مرڻ گهڙي تائين ٻڌي.
اباڻي وطن وڃڻ جي خواهش ڀڳونتي ناواڻي سيني ۾
سانڍي، وقت کان اڳ وڃي اُهو جهان وسايو جتان ڪو
موٽيو نه آهي. هن سنڌ ۽ سنڌيت جي نانءُ تي پنهنجو
سر گهوري ڇڏيو.
جيئي منهنجي سنڌ، مان ته گهوريان پنهنجي جند،
پنهنجي اباڻي وطن تان، سنڌ جي چمن تان....
برکا پنهور
رڌ پچاءُ
واڱڻ جو تڪو:-
گهربل شيون:-
واڱڻ= چار عدد وڏا
بيدا= ٻه عدد
پٽاٽا= ٻه عدد وچولا
بصر= بصر هڪ عدد وچولو، سنهو وڍيل
ساوا مرچ= چار عدد
سڪل ڊبل روٽيءَ جو چورو= ٻه چمچا
جهينگا= هڪ ڪوپ
گيهه يا مارجرين= چار چمچا ننڍا
لوڻ، ڪارا مرچ= حسب ضرورت
ترڪيب:- واڱڻ ڌوئي ڊگهائيءَ ۾ وڍي رکو، هڪ ديڳڙيءَ
۾ پاڻي وجهي لوڻ ملايو، هاڻي وڍيل واڱڻ وجهي
اُٻاريو، جڏهن اڌ ڳري وڃن تڏهن وچ مان گودو ڪڍي
ڇڏيو، خيال رهي ته واڱڻ جي کل نه ڦاٽي.
پٽاٽا ڇلي ان جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪريو. بيدن کي
سخت اوٻاريو. جهينگن کي صاف ڪري انهن کي ٿوري دير
پاڻيءَ ۾ اٻاري وٺو ۽ پوءِ ان جا ننڍا ننڍا ٽڪر
ڪري وٺو.
هڪ ديڳڙيءَ ۾ گيهه گرم ڪري ان ۾ سلائس ٿيل بصر
وجهي گلابي ڪيو، هاڻي وڍيل ٽماٽا ۽ سنهو وڍيل بصر
۾ ساوا مرچ به شامل ڪري ڇڏيو ۽ پنجن منٽن تائين
پچايو، جيسين ڳري وڃن، هاڻي واڱڻ جو گودو، وڍيل
بيدا، لوڻ مرچ ۽ چورو وجهي چڱيءَ طرح ملايو.
هاڻي ان آميزي کي واڱڻ جي کل ۾ ڀري ڇڏيو ۽ گيهه
وجهي اوون ۾ 15 منٽن تائين پچايو.
ڀاڄيءَ جا ڪباب:-
گهربل شيون:-
هڪ وڏو پٽاٽو ٽڪرا ڪري اوٻاري وٺو.
بند گوبي وڍيل هڪ ڪوپ جيتري، اڌ ڳاريل وچولي سائيز
جون گجرون، وڍيل ۽ اڌ ڳاريل، ڳاڙهي دال اڌ ڪوپ
اوٻاري پاڻيءَ سڪائي وٺو. اڌ ڪوپ مٽر اوٻاري وٺو.
هڪ عدد وڏو بصر سنهو وڍيل، شمله مرچ اڌ ڪوپ وڍي
ڪجهه ڳاري وٺو. لوڻ اڌ چمچو ننڍو، اڇو جيرو ڀڃي
پيهي وٺو، گرم مصالو اچ چمچو ننڍو، ساوا مرچ ۽
ساوا ڌاڻا سنها وڍيل. بيدا، سڪل ڊبل روٽيءَ جو
چورو، ميدو هڪ وڏو چمچو.
ترڪيب:-
اوٻاريل ڀاڄيون ۽ دال پاڻ ۾ ملائي چڱي طرح ملايو.
هاڻي ان ۾ وڍيل بصر، سائو مصالحو ۽ ٻيو خشڪ مصالحو
ملائي هڪ جان ڪيو. بيدو ڦيٽي ان ۾ ميدو ملائي
ڇڏيو، ٽڪين جي آميزي مان ٽڪيون ٺاهيو، جيئن شامي
ڪباب ٺاهبو آهي. هاڻي انهن ٽڪين کي پهرين ڦيٽل
بيدي ۾ ٻوڙي، ان تي ڊبل روٽيءَ جو چورو هڻي تريو،
ڀاڄيءَ جا ڪٽلس تيار آهي.
ڪڪڙ روسٽ:-
گهربل شيون:-
ڪڪڙ= پوڻا ٻه ڪلو ثابت، هڪ ڏينهن اڳ صاف ڪري
ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيو.
سرڪو= ٻه چمچا وڏا
ليمن جوس= به چمچا وڏا
ادرڪ= پيٺل هڪ وڏو چمچو
ڪارا مرچ= 25 عدد
لوڻ= ذائقي موجب
ساوا مرچ= چار عدد سنها وڍيل
ترڪيب:- ڪڪڙ صاف ڪري ان ۾ ڪانٽي سان وڍ ڏيئي، مٿي
ڏنل مصالحا پاڻ ۾ چڱي طرح ملائي ڪڪڙ تي چڱيءَ طرح
مليو، ٻه ڪلاڪ ڇڏي ڏيو. هڪ ديڳڙيءَ ۾ گيهه گرم ڪري
ان ۾ ڪڪڙ وجهي چڱيءَ طرح برائون ڪيو، جڏهن رنگ
مٽائي ناسي ٿئي تڏهن ڪڪڙ جو سينو هيٺئين طرف ڪري
اڌ ڪوپ پاڻي ۾ بچيل مصالحو وجهي دم تي رکي ڇڏي.
جڏهن ڪڪڙ ڳري وڃي، توهان جي مرضي آهي ته ان ۾ شورو
رکو يا خشڪ ڪري ڇڏيو.
شامي ڪباب:-
گهربل شيون:-
قيمو=اڌ سير
بصر= هڪ پاءُ
چڻن جي دال=هڪ ڇٽانگ
ادرڪ=هڪ انچ جو ٽڪرو
ٿوم=اٺ ڳڙيون (داڻا)
لوڻ= ذائقي موجب
ڌاڻا= سڄا، هڪ چمچو
ڳاڙها مرچ سڄا= چار عدد
گرم مصالحو پيٺل= هڪ ننڍو چمچو
بيدا= ٽي يا چار
ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا
ترڪيب:- ساون ڌاڻن، ساون مرچن ۽ گرم مصالحي
کانسواءِ باقي سڀ مصالحا ۽ ٿورو پاڻي ۾ وجهي چاڙهي
ڇڏيو. جڏهن پاڻي سڪي وڃي تڏهن قيمي کي گرائينڊر يا
سل تي پيهي ان ۾ ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا سنها ڪُٽي
ملائي ڇڏيو. گرم مصالحو به شامل ڪريو. هاڻي ان ۾
به بيدا ڦيٽي شامل ڪري ڇڏيو ۽ گول ٽڪيون ٺاهي تري
ڇڏيو. |