مان اڃان ننڍڙي بيبي هيس ته هڪ نئون بيبڳ اچڻ جي
تياري ڪرڻ لڳو، اميءَ وٽان ملندڙ امرت مون کان
کسجي ويو! ۽ هاڻي وات ۾ بوتل پوندي هئي، هو آيو ته
منهنجا سڀ رانديڪا هن کي مليا. اميءَ جي گود به
مون کان کسجي ويئي. ٿوري وڏي ٿيس ٻي آني وري
پائوڊر جي کير مان ٺهيل چانهه ۾ ٻوڙيل ڊبلروٽي
کائي اسڪول ويندي هيس، رسيس مهل سڀ ساهيڙيون ٽول
کائينديون هيون، ڀڳڙا، کٽمٺڙا، چاڪليٽ ، سمبوسا،
چڻا، ڊبلروٽي....... مون کي چڻا ڊبلروٽي ڏاڍا
وڻندا هئا، (اڃا به وڻندا اٿم) پر مون کي خرچي
ملندي ڪو نه هئي، ان ڪري رسيس مهل به مان ڪلاس ۾
ويٺي هوندي هيس. هڪ ڏينهن ڇوڪري چڻن ۽ ڊبلروٽيءَ
سان ڀريل دونو کڻي ڪلاس ۾ آئي، هوءَ اچي منهنجي
ڀرسان ويٺي! منهنجي وات ۾ پاڻي اچڻ لڳو، مون
پنهنجي لالسا کي دٻايو ته کن ۾ پاڻي اچي ويو. مون
منهن ڦيري ٻي پاسي ڪيو، پر ٽول جي سرهاڻ اڃان به
اچي رهي هئي، گهنڊ رڳو رسيس پوري ٿي. مون کي پيٽ ۾
الاءِ ڇا پئي ٿيو! داديءَ جڏهن پڇيو، نانڪي! ڇو
روئين ويٺي؟
تڏهن مون سڏڪا ڀري رُنو، ڀلا ڪيئن چوانس ته مون کي
ٽول جي بک لڳي آهي؟ دادي منهنجي ڳالهه ڪو نه
سمجهي، منهنجو هٿ پيٽ تي رکيل ڏسي، ڪٺورتا ۾ ٿوري
ڪوملتا ملائي چيائين. پيٽ ۾ سور اٿئي! وڃ وڃي
ٽيچرس روم ۾ ليٽ گهر
۾ اچي اڃان ڦوٽڙي مس رکندي هيس ته امي چوندي هئي،
چندو ۽ ڪشو کي ماني کاراءِ، کاڌي ڏاڍو کيٽو ڪندو
هو، مان ڪدو ڪو نه کائيندس. مون کي پٽاٽا کپن.....
هيءَ تيل جي انبڙي پو ڏني اٿئي، مون کي ڳڙجي انبڙي
کپي..... بس هڪ نه ٻي ڳالهه کڻي اين..... اين.....
ڪندي رينگٽ لڳائي ويٺو روئندو هو. چندو هر هڪ
گرهه پٺيان پاڻي پيئندو هو، هر هر مان پاڻي ڀريندي
هيس، ته امي رڌڻي مان رڙ ڪندي هئي، ائي عقل جي
دشمن! ماني ٿي کارائين ڪين پاڻي ٿي ڏوگهائين! ڀلا
مان ڇا ڪريان؟ چندوءَ کي پاڻي نه ڏيندي هيس ته هو
مون کي رهنڊڙا پائيندو هو. اسڪول مان گهر جا ڪم
ملندا هئا، پر گهر ۾ ته اڳيئي ڪم رکيا هئا، پوءِ
اسڪول جي ڪمن کي ڪيئن وارو ڏيان، ڪا دادي سڄو پيرڊ
بيهاري ڇڏيندي هئي ته ڪا چوندي هئي ٻه سو دفعا لک
ته مان اڳتي گهر جا ڪم ڪري اينديس، ڪلاس جي
داديءَ ته منهنجو نالو ئي ڪري رکيو. ”نانڪي
ناڪار.“ هوءَ چوندي هئي جيڪو پڇيس سو چوندي نه.
مان دادين کي ڪيئن ٻڌايان ته سنان ڪرائڻ، ڪپڙا
پهرائڻ ماني کارائڻ، راند ڪرائڻ، پرچائڻ، گهمائڻ
جهڙا گهڻيئي گهر جا ڪم مان ڪندي آهيان. هنن کي
ڪيئن ٻڌايان ته اڃا ڪتاب ڪاپي ڪڍندي آهيان ته امي
سڏ ڪندي آهي نانڪي! ڏس بيبيءَ چڍي ته آلي ڪا نه
ڪئي آهي؟ ٻاهر ڪپڙا سڪا هجن ته لاهي ويڙهي رک ۽
پوءِ چندو ۽ ڪسوءَ کي ننڊ مان ڪرائيندي هيس، امي
کي ته ننڍڙي بيبي ڇڏيندي ڪا نه هئي، اڃا سندس پاسي
مان اٿندي ئي ڪو نه هئي ته هوءَ ننڍي وات مان
وڏيون وڏيون ڪيڪون ڪري روئيندي هئي. امي جي ڇاتي
کي پڪڙي چوسيندي چوسيندي اُن کي نڀاڳي رت پئي ويئي
آهي! ڪڏهن وري کيس رڙيون ڦڙيندي ڏسي چوندي هئي
توکي ڪنهن ماڻهو مُڪو هو؟ آئي ڇو آهين منهنجو ماس
ڇنڻ؟ مان به سوچيندي هيس ته بيبي ۽ بيبو ڇو آيا؟
بيبي کان پوءِ وري هڪ ٻي بيبي آئي پوءِ وري هڪ
بيبو آيو، ان کانپوءِ هڪرو سنهڙو ڀونگڙو ميائون
بدران اوئائون ڪندو آيو، اڳ ۾ ٽي ڄڻا کٽ تي
لنبائيءَ ۾ سمهندا هئاسين. هاڻي ويڪرائي ۾ چار
سمهڻ لڳاسين، پوءِ وري چار مٿي ۽ ٻه هيٺ فراسيءَ
تي ائين سمهڻ شروع ڪيوسين، هر روز جهڳڙو لڳندو هو
ته ڪهڙا ٻه هيٺ سمهڻ؟ چندو، ڪشو ۽ چندا چوندا هئا
ته اسين وڏا آهيون، اسين مٿي کٽ تي سمهنداسين.
ليلا ۽ رتنا وري چونديون هيون ته اسين روز روز هيٺ
ڇو سمهون ؟ اڄ اسان جو وارو آهي، نيٺ دادا هڪ ٻن
کي چماٽ هڻندو هو. امي کين پاڻ سان سمهاريندي هئي،
جتان ننڊ ۾ گهلجي وري به اچي فراسيءَ تي پوندا
هئا. ليلا، بيبوءَ جي وات تي آڱر رکي ”گل گل“ ڪندي
هئي، رتنا هن جو ننڍڙو بند ٿيل کولي ان تي پنهنجو
ڳل رکي کلندي هئي، پر چندو هن کي چهنڊڙيون پائي
روئاريندو هو ۽ ڪشو هن جي اکين ۾ آڱريون وجهندو
هو. مان سمجهان ٿي ته امي به هن جي اچڻ تي ناراض
هئي، پوءِ به هو خبر ناهي ڇو آيو هو؟
امي جو منهن ڏاڍو پيلو ٿي ويو هو. هوءَ وارن ۾ تيل
وجهي مٿي کي پٽي ٻڌي ليٽي پئي هوندي هئي. دادا
آفيس ۾ دير سان ويندو هو. مون اسڪول مان گسايو هو،
ائين امي کي ٻار ڄمڻ وقت سدائين مهينو ڏيڍ
گسائيندي هيس، چندو ٻه ٻه ڏينهن سنان ئي ڪو نه
ڪندو هو. رتنا ڪپڙا مٽائڻ مهل ڀنڊڻ مچائي ويهندي
هئي ته امي منهنجا ڪپڙا مٽائي، ليلا ڦڻي ڪا نه
ڏينداريندي هئي، ڪشو هر روز اسڪول مان ڀڄي ايندو
هو، چي اسڪول ۾ دير سان پهتس ماستر ماري ٿو. دادا
هر گهڙيءَ پيو اسان کي ڇنڀيندو هو، ڏسو نه ٿا
ماڻهين بيمار آهي؟ وڃو وڃي هيٺ راند ڪريو، امي
پاسو ورائيندي هئي ۽ چوندي هئي ته ائي نانڪي! رتنا
جو نڪ پيو وهي اگهينس ته سهي؟ ”ڏس هوتوءَ جي لڦ
سڪي ئي آهي، مرڳوئي ڦٽ نه ٿي پويس، مرڪيو رو ڪورم
لڳائي ڇڏيندس.“ ليلا هيئن ڀوتياڻي ٿي پئي ڦري؟
رتنا گهاگهري سان نڪ اُگهي نڪ جو گند وات ۾ وجهي
ڇڏيندي هئي ۽ هوتو ڀڄي ويندو هو. دوا لڳائيندو ئي
ڪو نه هو. اڃان مان ڏهين درجي ۾ پهتس ته مون کي
اسڪول مان اٿاري ڇڏيائون. اميءَ جي صحت بگڙي
ويئي، ان حالت ۾ ڌيءَ- ڪتب نه ايندي ته ٻيو ڪير
ايندو؟
اسڪول جو پڙهڻ ته مون کان ڇڏائجي ويو، پر آکاڻين
پڙهڻ جو شوق مان ڇڏي نه سگهيس، ليڪن اڃان آکاڻيءَ
جو ڪتاب کڻان ته امي چوي هي اجايا ڪم ڇو کڻي ويٺي
آهين؟ تنهن کان پيءُ جو سئيٽر نه ٿي ويهي آڻين؟
مان لڪائي لڪائي رات جو باٿ روم ۾ آکاڻيون پڙهندي
هيس. پر ائين منهنجو شوق گهٽجي گهٽجي مرڻ لڳو. مان
هر وقت سوچيندي هيس جيئن جيئن وڏي سمجهو ٿيندي
ويس، تيئن منهنجا ويچار به وڏا گنڀير بڻجندا ويا.
مان سوچيندي هيس ته اسين هندستاني پراچين سڀيتا جا
وارث آهيون، ان ڪري اسان جي سمجهه ته ڪو نه ٻُڍي
ٿي ويئي آهي؟ ٻڍي ماڻهو وانگر وهنوار جي ڳالهين ۾
چالاڪ بڻجي بهانا بڻائي، پنهنجو سوارٿ سڌ ڪرڻ جي
سمجهه رکون ٿا، باقي ٻالڪ جيئان تازو جهٽيندڙ من
حاصل ڪرڻ جو بتن نه ٿا ڪريون. نئين ڳالهه ڪريون،
نين حالتن سان ٺهڪڻ جو اُپاءُ سوچيون، اهڙو هوش
اهڙي همت اسان ۾ نه آهي. ڀلا جيڪي شاسترن جي
چوڻين جي اوٽ ٿا وٺن، انهن مان گهڻن شاستر ڏٺا
آهن؟ پڙهيا ته خير...... پر گهڻن اُهي شاستر ڏٺا
آهن؟ مون کي پنهنجي پتا جي دوست ڇا ڱيمل جي پٽ
گهني لڇماڻيءَ سان مڱايو ويو آهي. ڇاڱو مل به
ڪلارڪ آهي ۽ سندس پٽ به ڪلارڪ ئي آهي. اوهين
چوندا ته ڪلارڪ جي ڌيءَ کي ڪلارڪ نه ته ڇا
گورنر ملندو؟
سوال بلڪل جائز آهي، پر مان اوهان کان پڇان ٿي ته
مون کي پنهنجي منزل وٽ ڪنهن ڌاتوءَ جي ٽڪرن جو
آواز ڇو پيو ٻڌڻ ۾ اچي؟ ڇا مان ندي نه آهيان؟
نديءَ جي ڇوڙ وٽ کل متي پيئي هوندي آهي. چئو طرف
خوشيءَ جون ڦينگون پيون اُڏنديون آهن، زندگي
پنهنجي تازگي کڻي مسڪرائيندي آهي، اتي پاڻيءَ ۾
اڇل هوندي آهي، ۽ ان اُڇل مان بجلي پيدا ٿيندي
آهي. بجلي ۽ پاڻي گڏجي زندگيءَ کي اڳتي ترقي ۽ ان
تيءَ جي راهه رتي وٺي ويندا آهن، پر منهنجي منزل
وٽ ڪٽيل لوهه جي زنجير جي کڙڪڻ جو آواز پيو ٻڌڻ ۾
اچي، اُف! هيءَ به ڪا منزل آهي؟ ڪهڙو نه چڱو ٿئي
ها، جي مان زنجير جي ڪڙي نه، پر هڪ ندي ئي هجان
ها!
ميخائلو سڪندروف/ ممتاز عباسي
ڳوٺاڻي ماشا
ساوڪ ڀري هن ڳوٺ جي وچولي طبقي وارو خاندان رڳو
نيائين جي فردن تي مشتمل هو. اُن ۾ بالغ ماشا،
دوستي بالغ ٿيندڙ سوينا ۽ اُنهن ٻنهي کي پالي وڏو
ڪندڙ ڪاتيا هئي ۽ پاڻ ۾ وڏو پيا رهين.
ماشا جي ماءُ مرڻ کان پوءِ اها ئي ڪاتيا ته هئي
جيڪا هنن ٻنهي ڀينر لاءِ ماءُ ۽ ڀيڻ، ڪاتيا پڻ هن
ئي ڳوٺ جي لاوارث بيوه هئي پر ٻنهي ڀينرن جي پرائي
غمخوار ساٿياڻي هئي، هن جو غم ۽ خوشيءَ جي
ڀائيوار.
ماشا ماءُ جي مرڻ کانپوءِ ڏاڍو اداس ۽ وياڪل رهندي
هئي، هوءَ ايتري سهڻي هئي جو تر ۾ ٻي ڪا ڇوڪري هن
جهڙي نه هئي. پر هينئر پن ڇڻ جهڙي موسمن وانگر
هئي. هن ڀرت ڀرڻ به ڇڏي ڏنو هو ته، تصويرون ٺاهڻ
به. هُن اُهي رنگين ڪتاب به پڙهڻ ڇڏي ڏنا هئا،
جيڪي هن سوينا ۽ ڪاتيا سان گڏجي پڙهيا هئا! هن جو
پيانو به هن جي نازڪ آڱرين جي ڇهاءَ کان محروم ٿي
ويو هو. ماشا کي باغ ۾ ليلاڪ جون وليون ۽ پکي پکڻ
به پنهنجو نه ڪري سگهيا، بس اُداسي هن جو مقدر
بنجي وئي هئي. بهارن اُن جهڙالي شام جو ڪاتيا هن
لاءِ هڪ خوشخبري کڻي آئي. ماءُ جي مُئي کان پوءِ
هيءَ کيس ملندڙ پهرين خوشي هئي. جنهن ماشا جي دل ۾
ٻاهران جي رستو کوليو هجي. ڪاتيا پنهنجو سامان
پاسيرو ڪندي کين ٻڌايو ته:
”سرگئي ميخوف اڄ شام جو هنن جو خبر چار وٺڻ اچي
رهيو آهي.“
سڀ خوش ٿي ويا پر ماشا ته خوشيءَ ۾ ماپي نه پئي.
سر گئي هن جي پيءُ جو دوست هو. حالانڪه سندس پيءٌ
کان عمر ۾ گهڻو ننڍو هو، پر تڏهن به هنن جي دوستي
سر سبز ڳوٺ ۾ مثالي هئي، ماشا اڃا هيٺين ڪلاس ۾
پڙهندي هئي ته سرگئي هاءِ اسڪول جو شاگرد هوندو
هو، صاف سٿرو، اڇو گوگڙو، ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ
وارو، زنده دل ۽ ڊگهي قدبت وارو سرگئي هن خاندان
جو فرد هجي.
ماشا کي اميد هئي ته سرگئي جي اچڻ سان هنن جي بي
رونق زندگي ۾ بهار اچي ويندي. واقعي ائين ئي ٿيو.
ان شام جوئي سرگئي هنن وٽ آيو. فوجي وردي پاتل
بلڪل جوان ۽ جوان مڙس، سندس جسماني بيهڪ ۾ ڪو فرق
نه سرگئي جي شخصيت اڀري پئي هئي، ماشا جي دل جيڪا
ٺوٺ بنجي ويئي هئي، سر گئي مينهن بنجي وسيو. کيس
ساوڪ ۾ ويڙهي ڇڏيو. ماشا جي تن من مان نوان گونچ
ڦٽي نڪتا.
سرگئي جي اچڻ سان سڀئي گهر ڀاتي ڏاڍا خوش هئا.
ماشا ننڍي هوندي کان ئي سرگئي لاءِ دل ۾ نرم گوشو
رکندي هئي، جتي عزت ۽ احترام جو ٻوٽو رکيل هو. اهو
اُن ڪري به قابل احترام هو ته فوجي هو ۽ ڳاڙهي فوج
جو دلير سپاهي، هو جڏهن کين دشمن سان دوبدو ويڙهه
جو قصو ٻڌائيندو هو ته ماشا جي جسم ۾ ڄڻ ته هو
طاقت جو ڪرنٽ لهي ويندو هو. آخري دفعو جڏهن هو هنن
وٽ آيل هو انهن ڏينهن ۾ ماشا تي جوانيءَ جو پورو
زور آيل هو ۽ هينئر مڪمل جوان ڇوڪريءَ جي روپ ۾
سرگئي جي ڀر ۾ سرڪاري رائيفل جيان ويٺل هئي.
”ڏهه سال ٿورو عرصو ته نه آهي؟“
”نه.“
”اسان ته اُن عرصي ۾ مرندا ۽ جيئندا رهياسين.“
هن ماشا کي ڏٺو ۽ کيس جواب ڏيڻ بجاءِ ڪاتيا کان
اوچتو پڇيو: ”ڪاتيا تون ڪيئن آهين؟
ڪاتيا کان ڄڻ ڇِرڪ نڪري ويو، هوءَ منجهي پئي،
جيسين ڪو جواب ڏيئي تيسين سوينا چيس:
”اسين سڀ ٺيڪ آهيون!“
”ها، مون کي پڪ آهي.“
”ماشا تون ته هن وقت ڪوهڪاف جي پري ٿي لڳين.“
ماشا تعريف ٻڌي ٽڙي پئي. باهه جي اولڙن ۾ سندس
ڀرلي ڳٽا چمڪڻ لڳا ۽ سندس مک تي هڪ لازوال مرڪ تري
آئي، هن ڪاتيا ڏانهن ڏٺو، جنهن کيس اک ڀڳي.
اها رات خير جي گذري ويئي. سرگئي ماشا کي ٻيهر
زندگيءَ جي ڀرپور احساس ڏياريو. هن اُن تي عمل ڪرڻ
به شروع ڪري ڏنو، رڳو چند ڏينهن ۾ ماشا بدلجي ويئي
۽ ويتر حسين ڇوڪري بنجي پئي! سر گئي جي اهڙي
خوشمزا جي هن جي تبديلي جو باعث بنجي پيئي. هن
ٻيهر ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو، هوءَ ٻيهر تصويرون ٺاهڻ ۽
رنگ ڪٺا ڪرڻ لڳي، هن شيلف ۾ بند ڪرايل ڪتاب ٻيهر
کولرايا، هن پيانو تي ٻن آڱرين جي ڇهاءَ سان سازن
جو مينهن وسايو، ته باغ ۾ به اچڻ وڃڻ لڳي. لباس ۾
تبديلي آندي، رنگين ڦولدار ڦراڪ پائڻ لڳي ۽ وارن ۾
اسڪارف ٻڌي ڇڏيندي هئي، اڪثر اهي ٻئي مستقبل جي
ارادن جي باري ۾ ويهي گفتگو ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ته
سرگئي جي فرمائش تي هوءَ بيٿرو جون ڏنون پيانو تي
ٻڌائي ٽڙي پوندي، سرگئي مزاج وارو ماڻهو بنجي
جوان دل جي ڪنڊ ۾ ويٺل هو، جتان بي اختيار محبت جا
جذبا ۽ عزت جا ڪتاب کلندا ۽ بند ٿيندا رهندا هئا،
ماشا هن سان ڳالهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي هئي، ان
ڪري هڪ هڪ لفظ سوچي سمجهي هن جي آڏو ڳالهائيندي
هئي. جيئن اڃان به وڌيڪ سرگئي جي محبت، توجهه ۽
شفقت ماڻي سگهي، سرگئي کي خوش رکڻ هن جو فرض بنجي
ويو هو.
چند هفتن جي ترسڻ کانپوءِ هڪ سرد صبح جو سرگئي هنن
کي ٻڌايو ته، ”هو اڄ واپس ويندو“ اُهي سڀ ٻيهر
اداس ٿي ويا، پر هنن انهن کان دلگير نه ٿيڻ جو
واعدو ورتو پر کين چيو ته سرءُ جي مُند ۾ هي ٻيهر
واپس اچي ويندو. تيسين انتظار ڪريو، ماشا اول ته
واقعي هيڻي ٿي، پر پوءِ ستت ئي پاڻ سنڀاليو ۽ هن
جي سامان کي ٺاهي رکيو، کيس گلن ۽ ڦلن جي ڏي وٺ
سان رخصت ڪيو.
اُن کان پوءِ اڪثر ڀينرون ويهي رڳو سرگئي جو ذڪر
ڪري مزو ماڻينديون هيون.
ماشا ته هاڻ پيانو سان دل لڳائي ڇڏي، ڪيترا گيت
جوڙيا ته جيئن سرگئي جي اچڻ سان نوان نوان گيت
ڳائي ٻڌائي سگهي. هن ٻيهر شروع ڪيل دلچسپين کي
جاري رکيو ۽ ائين ڏينهن گذرندا رهيا ۽ سرءُ جي مند
شروع ٿي ته سرگئي به واعدي مطابق هنن وٽ ٻيهر موٽي
آيو. هن ڀيري سرگئي جي دل ۾ الاءِ ڇو شاديءَ ڪرڻ
جي خواهش ڪر کنيو هو، حالانڪه هن اُن طرف ڪڏهن به
سوچيو ڪو نه هو.
جنهن شام جو هو هنن وٽ آيو هو، اُن وقت ماشا چانهه
پيئڻ لاءِ سڀني جو انتظار پئي ڪيو، هن پنهنجن آلن
وارن کي اڇي ڪپڙي ۾ ڍڪيو هو ۽ اڇي رنگ جي سنهڙي
ڦراڪ ۾ جڏهن سرگئي هن کي ڏٺو ته ڇرڪ نڪري ويس!
ماشا کي به پهريون ڀيرو ڪنهن خاص نظر سان ڏسڻ جو
احساس ٿيو....... جنهن سان ڪو به مرد ڪنهن جوان
عورت کي ڏسي وٺي..... اڃان ٻئي نه آيون
هيون....... پر.... سرگئي جي اهڙي تاڙ ماشا کي بي
خود بنائي ڇڏيو..... سندس انگ انگ جي ونگ مان سرور
جا ساز وڄڻ لڳا..... ماشا سان گڏ خود سرگئي تي به
سحر انگيز ڪيفيت طاري هئي..... ريشمي جذبن جا
احساس دلين مان ڪر کڻي بيٺا...... ۽ ...... محبتون
وڌي ويون.
هاڻ ماشا اڳ کان به وڌيڪ خوش رهڻ لڳي. اڳ جيڪا
خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گم هوندي هئي، هينئر
اُها حقيقت جي هنج ۾ هئي، من اندر ۾ نڪور جذبن ۽
اميدن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويس. سڄي رات سرگئي
جي اُن تاڙ ۽ سرور ۾ جاڳي رات گذاريندي هئي، ڪڏهن
ڪڏهن رات جي چانڊاڻ ۾ باغ جي تالاب ۾ هلي ويندي
هئي، جتي ننڍڙيون مڇيون هڪ ٻئي سان راند ڪنديون
هيون. اگهاڙن پيرن سان هوءَ ماڪ ڀينل ڇٻر تي پسار
ڪندي سرگئي جي باري ۾ ائين سوچڻ شروع ڪندي هئي،
ڄڻ ڪير پنهنجي ذات متعلق سوچي سگهي ٿو. جو سرگئي
ويندي چيو هوس:
”ماشا! ايندڙ سرءُ ۾ فوج مان رٽائر ٿي مان واپس
ايندس ته تو سان لائون لهڻ جو ننڍپڻ وارو خواب
پورو ڪندس.“
شبانا
سنڌي
(ڪهاڻي)
ڌيان طلب
”هن جيئن ئي چانهه جو ڪوپ کڻي اخبار تي نظر وڌي
ته ”ڌيان طلب “ ۾ هڪ بيان هيٺان ”مسمات ڪنيز
الهبچايو“ نالو پڙهي ڇرڪي پيئي. ذري گهٽ ڪوپ ٿي
هٿن مان ڪِريس.ڪوپ ٽيبل تي رکي هوءَ ان بيان کي
غور سان پڙهڻ لڳي: ”آئون عرضدار مسماست ڪنيز ڌيءَ
الهبچايو ذات...... ويٺل...... تعلقه .........
ساک تي چوان ٿي، ته مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان
پنهنجي مائٽن جي گهران نڪتي آهيان. نه مون کي ڪنهن
ورغلايو آهي ۽ نه ڪنهن اغوا ڪيو آهي، متان منهنجا
مائٽ يا ٻيا ڪي عزيز مون کي ۽ سڪندر کي يا منهجن
ساهرن کي ڪو نقصان رسائين، ان ڪري منهنجو هي بيان
رڪارڊ تي رکيو وڃي، ته جيئن ضرورت جي وقت ڪم اچي
سگهي. هاڻ منهنجو منهنجن مائٽن سان ڪو واسطو
ڪونهي. بالا احڪام کي عرض آهي ته مون کي ۽
منهنجن ساهرن کي تحفظ ڏياريو وڃي ۽ مون سان انصاف
ڪيو وڃي.
هٿ اکر مسمات ڪنيز.......“
۽ اهو بيان پڙهڻ سان ئي هن جو ذهن پنج سال پوئتي
هلي ويو. هڪ ڏينهن آفيس ويندي وقت ڀيڻ چيو هيس ته
ادي، منهنجي لاءِ انٽر جا حل ٿيل پيپر وٺي
اچجانءِ.
آفيس بند ٿيڻ کانپوءِ هوءَ ويجهي بڪ اسٽال تي هلي
آئي هئي.
”ٻُڌو“ هن دڪان تي ويٺل شخص سان ڳالهايو، جيڪو
اخبار پڙهي رهيو هو.
”جي فرمايو“ ان شخص اخبار رکندي چيو، ”مون کي انٽر
جا حل ٿيل پرچا ٿا گهرجن.“ ائين چئي هن پرس مان
پرچي ڪڍي ورتي، جنهن ۾ سبجيڪٽ لکيل هئا، پرچي
وٺي، هن شخص سبجيڪٽ ڏٺا ۽ پوءِ ڪتاب ڪڍڻ شروع ڪيا،
تيستائين هيءَ بي خوديءَ ۾ ان شخص جو جائزو وٺڻ
لڳي.
صاف رنگ، گول ڀريل چهرو، وڏيون خوبصورت اکيون ۽
اکين مٿان ڪي فريم وارو سنهڙو نازڪ خوبصورت
چشمو،ناسي رنگ جي ڪلف واري ڪاٽن جي وڳي ۾، ڪافي
خوبصورت لڳي رهيو هو
”اچي وٺو“ هن ڪتاب شاپر ۾ وجهي هن ڏانهن وڌايا، هت
هيءَ ڇرڪي پئي. هن جي ڇرڪڻ تي خبر ناهي ڇو هن شخص
جي چپن تي هلڪي مرڪ اچي ويئي. هڪ لمحي لاءِ هوءَ
ڪيفيوز ٿي ويئي، پر ٻيئي لمحي پنهنجو پاڻ کي
سنڀاليندي، هن شخص کي پئسا ڏيئي، ڪتاب وٺي تڪڙا
تڪڙا قدم کڻدي دڪان کان نڪري آئي.
ٻئي ڀيري هوءَ آفيس مان موٽي رهي هئي ته اوچتو سخت
برسات پئجي ويئي هئي. برسات بند ٿيڻ جي انتظار ۾،
هوءَ هڪ دڪان جي ڇاپري آڏو بيهي رهي هئي، ته پريان
اسڪوٽر تي هن ئي شخص کي ايندي ڏٺائين. هن کي اهو
وهم ۽ گمان ۾ نه هو، ته ڪو هو شخص کيس سڃاڻي
وٺندو. پر جڏهن هُن پنهنجي موٽر سائيڪل سندس آڏو
آڻي بيهاري، ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو. حيرت مان
ڏانهس ڏسندي رهجي ويئي. مناسب سمجهو ته مان توهان
کي گهر تائين ڇڏي اچان! هُن اهو ايڏي ته پُر
اعتماد لهجي ۾ چيو، جو ڄڻ ته يقين هيس ته هوءَ
انڪار نه ڪندي.
”مهرباني، مان پاڻهي هلي وينديس،“ هن، ڏانهن نهارڻ
بنا چيو:
”ڏسو، ههڙي موسم ۾ توهان کي اڪيلو هت بيڻ نه
گهرجي، منهنجي صلاح مڃو، مون سان گڏ هلو، مون کي
لوفر يا ڪو بدمعاش نه سمجهو، مان هڪ شريف گهراڻي
سان تعلق رکندڙ آهيان، مون تي اعتبار ڪريو،“ هن
شخص تمام مهذب انداز ۾ چيو. نه ڄاڻ ته ڇا هو ان
شخص جي لهجي ۾، جو هوءَ انڪار ڪري نه سگهي، پوءِ
گهر پهچڻ تائين نه هن ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ان شخص ئي
ڪجهه ڳالهايو. بس گهر ويجهو ايندي هن کيس موٽر
سائيڪل بيهارڻ لاءِ چيو، ۽ هو شخص هن کي اتي
لاهي، تيز رفتاريءَ سان اتان هليو ويو.
ٽين ملاقات .... هوءَ پنهنجي ڪنهن سهيليءَ جي
سالگرهه تان ٿي واپس موٽي رهي هئي، ته هڪ سنسان
گهٽيءَ ۾ رڪشا واري رڪشا بيهاري ڇڏي. هوءَ
گهٻرائجي ويئي. رڪشا واري ڏي نهاريائين ته ان رڪشا
خراب ٿيڻ جو ٻڌايس ۽ رڪشا مان لهي رڪشا کي ٺاهڻ
لڳو، هوءَ به رڪشا مان لهي بيٺي ۽ گهٻراهٽ مان
هيڏي هوڏي نهارڻ لڳي.
اوچتو هن جي ٻانهن ۾ ڪنهن جو هٿ پيو، مُڙي
نهاريائين ته دانهن نڪري ويس، اهو رڪشا واري جو ئي
هٿ هيو.
هوءَ دانهون ڪرڻ لڳي ۽ رڪشا وارو هڪ ٽهڪ ڏيئي کلڻ
لڳو، بيوسيءَ مان هن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا، ۽
ان کان اڳ جو اهو شيطان صفت انسان ڪا غلط حرڪت
ڪري، اوچتو هن کي پري کان موٽر سائيڪل جو آواز
ويجهو ٿيندي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ رڪشا واري جو هٿ هن جي
ٻانهن مان نڪري ويو. جلدي ۾ هن رڪشا اسٽارٽ ڪيو ۽
هن جي نظرن کان پري ٿي ويو. تيستائين موٽر سوار
ويجهو اچي ويو ۽ هن سڃاڻي ورتو، ته هو ساڳيو ئي
شخص هو.
موٽر سائيڪل جڏهن هن جي ڀر سان اچي بيٺي ته هوءَ
ان تي هٿ رکي، سڏڪا ڀري، روئي پئي.
ڪي پل ته هو کيس ڏسندو رهجي ويو. وڻي ته هوءَ کيس
پهرئين ئي ڏينهن وئي هئي، پر اڄ هوءَ تهائين وڌيڪ
خوبصورت لڳي رهي هئي، ڪاٽن جي گلابي وڳي ۾، ڪاري
چادر پاتل، اکين تي ٻانهن رکي روئيندڙ، اها معصوم
ڇوڪري هن کي پنهنجي خوابن جي شهزادي لڳي.
”ڏسو، هاڻ پريشان نه ٿيو، مان اچي ويو آهيان نه
پليز پاڻ کي سنڀاليو.“ هن شخص جي آٿت ڏيندڙ الفاظ
تي هوءَ چپ ٿي ويئي.
”توهان هن هنڌ......؟“ هن شخص سواليه نظرن سان
ڏانهس ڏٺو. تڏهن، هن اکيون اگهندي، کيس سموري
حقيقت ٻڌائي.؟
”اچو ويهو، مان توهان کي ڇڏي ٿو اچا.“ هن شخص چيو،
۽ بنا ڪنهن دير جي هو سندس پويان اسڪوٽر تي ويهي
رهي.
”منهنجو نالو مظهر آهي،“ هن پنهنجو تعارف ڪرايو.
”منهنجو نالو ساره آهي،“ بنا پڇڻ جي هن پنهنجو
نالو ٻڌائي ڇڏيو. ۽ پوءِ گهر اچڻ تائين هو هڪ ٻئي
سان ڳالهائيندا رهيا. گهر جي در وٽ لهندي، هن کي
اندر هلڻ جي لاءِ چوڻو پيو، پر هن مُرڪي چيو، ”اڄ
نه....... ايندس ضرور، پر ڪنهن خاص مقصد لاءِ،
ڪنهن ٻئي ڏينهن.“ ائين چئي هو هليو ويو.
۽ ساره هن جي چيل ڳالهه جو مطلب سمجهي مُرڪي پئي.
سچ اهو هو، جو اهو شخص هن کي به پهرئين ڏينهن ئي
وڻي ويو هو، ان ڳالهه کي ڪيترا ڏينهن گذري
ويا............
هڪ ڏينهن هوءَ شام جي چانهه ٺاهي رهي هئي ته در تي
ٺڪ ٺڪ ٿي. سندس ڀيڻ ڪنهن سهيليءَ جي گهر ويل هئي.
ماڻس اندر ويٺي هئي، سو هن کي ئي در کولڻو پيو. در
کوليائين ته ٽي برقعا پوش عورتون اندر هليون آيون.
”هيءُ ساره جو ئي گهر آهي نه؟“ هڪڙي عورت هن کان
پڇيو. ”جي ها،“ هوءَ حيرت مان انهن ٽنهي کي ڏسڻ
لڳي ، جيڪي هن لاءِ بلڪل اجنبي هيون.
”ساره تون آهين؟!“ ٻي هن ڏانهن ڏسندي پڇيو.
”ها“ هن مختصر جواب ڏنو.
اُهي ٽئي عورتون هن کي گهورڻ لڳيون، ته هن کي
گهٻراهٽ محسوس ٿي. پاڻ کي گهٻراهٽ کان بچائڻ لاءِ
هنن کي چيائين. |