شيخ اياز
هيءَ سئن نه ڏيندي چئن، اٿي ڏس، ڪوئي آيو آ پيارا!
هيءُ شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا!
جنهن وقت چراغِ شام ٻري، ۽ ميخاني ۾ جام ڀري،
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري. پنهنجو به پرائو آ
پيارا؟
جنهن وقت اسان جي تند تپي، ۽ ساز ٽپي آواز جهڀي،
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا!
ڏس ڏس،
ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي مون ڳوڙهي ڳوڙهي سان ڳوهي!
ڪهڙ نه لسايو آ پيا، ڇا جام بڻايو آ پيارا!
ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک
ڦٽي،
ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ
پيارا!
هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏوراهن هون ڏهڪار ته
ڏس،
مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي ديپ جلايو آ پيارا!
آ چوڌاري مهراڻ متو، جنهن جو نه پهي، جنهن جو نه
پتو،
هي روح جزيرو حيرت جو، جنهن منجهه سمايو آ پيار!
ڪنهن ڪو نه ڏٺو، ڪنهن ڪو نه ڏٺو، ڪنهن ڪنهن کي
ڪاريءَ رات ڪٺو،
جنهن لاءِ ستارن ساهه ڏنو، هي صبح سوايو آ پيارا!
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي
وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ
پيارا!
فقير هدايت علي نجفي”تارڪ“
*
”تنهنجو منهنجو فيصلو ٿيندو خدا جي روبرو.“
ٿي رهي هيءَ منهنجي دل ان دلربا جي روبرو
هي گدا بخت رسا ڪيو بادشاهه جي روبرو .
*
ڪنهن کي جرائت آهه جو ٿئي زلف دوتا جي روبرو؟
سڀ ڪو ماڻهو ڪين ٿي سگهندو بلا جي روبرو.
*
منهنجي دل دلدار اڳيان ٿي وئي فنا اهڙيءَ طرح،
گم ٿئي جيئن زره مهر پُر ضيا جي روبرو.
*
ساري عالم ۾ عيان آهي وفاداري سندم،
ڇا ڪريان اظهار مان ان بي وفا جي روبرو.
*
گرچه تر دامن هيس ته به يار هم آ غوش ٿيو،
گم ٿي وئي منهنجي خطا، ان جي عطا جي روبرو.
جي نه مون کي يار منهن ڏيکاريو ناهي ڪو عجب،
ڪيئن ٿئي سلطان مون جهڙي گدا جي روبرو.
*
اي ستمگر ڇا جفا تنهنجي وفا پنهنجي چوان؟
تنهنجو منهنجو فيصلو ٿيندو خد اجي روبرو.
هن غزل جي هيءَ طرح ”تارڪ“ اگر اوکي جي آهي،
ڇا جلهيندي ڌڪ سندءِ طبع رسا جي روبرو.
*
شهيد احمد خان آصف مصراڻي
غزل
ٿو اچي مون ڏي پرين پر ڇو اٿس اغيار ساڻ،
باغ ۾ گل سان هميشه آهي ڏسبو خار ساڻ.
ڪيترو عرصو ٿيو جو دلربا ٿي ڌار ويو،
شڪر پر جيڪو ڏنائين سو اٿم آزار ساڻ.
تير ميگان ڪڍ نه منهنجي پهلو مان مرپيو هجي،
قبر تڪ ويندس کنيون هي يادگار يار ساڻ.
هي ته تنهنجي عشق جو آهي اڃا پهريون نشان،
جو رهي ڳوڙهن جو ٿو منهنجي ڳچي سان هار ساڻ.
ڇو نه تون دليون ڦرين ۽ ڇو نه تون مغرور ٿين!
حسن تو وٽ ، ناز تو وٽ، تن سان ٿيو سينگار ساڻ.
وصل واري رات جو احوال مون کان ڪين پڇ،
ها به هئي نهڪر به هئي، هو پيار سان تڪرار ساڻ.
مون پڇيو رخسار تي هي زلف آهي ڇو پيو،
يار مرڪي چيو خزاني سان رهي ٿو مارُ ساڻ.
خادم، احسن جي شعرن ۾ اڳيان تنهنجو هي شعر،
آصف بيٺو جوان سان آهه ڄڻ ڪو ٻار سان ساڻ
.
تنوير عباسي
غزل
ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هو، هن رات اسان کي
روليو، آ،
ته به اونداهين جي قيدي ۾، در آزادين جو کوليو آ.
ڪنهن جيءُ جهنجهوڙي جاڳايو، جو روح به پاسو
اُٿلايو،
ڪنهن
سيرانديءَ کان آهي سڏيو، ڪنهن پيار مان ٻهه ٻهه
ٻوليو آ.
جو لال وڃائي ويٺس مان، سو ڪيئن لڀي، سو ڪيئن
لڀي،
مون راتيون رت جي ڳوڙهن ۾، روئي تنهن کي پئي ڳوليو
آ.
ڏس واريءَ تي ٿي باک ڦٽي، اوڀر کي ٿي لاک لڳي،
ڏس مارڳ تي ٿي ماڪ وسي، هي صبح ته تو مون ڳوليو آ.
جنهن سون جا سِڪا پٽ اڇلي، مهراڻ جي مٽي پنهنجي
ڪئي،
سو ماڻهو مون کي پيارو آ، سو ماڻهو منهنجو ڍوليو
آ.
اڄ هيڻا پاڻ وهيڻا ٿي، هن ڪارونڀار کان اڪرن ٿا.
هن وقت جيئن ڇولين وانگر پئي جن جو من ڇا ڇوليو آ.
ٻه شاعر ٻه جيون ساٿي
دوها
سانجهه سويرو، گهور انڌيرو، موڳو موڳو من – درپن؛
جهونجهڪڙيءَ جي جهانجهه وڳي، ڇڻي پيو هر پيلو پن،
ڏور پپر جي ڇانو ۾ ويهي؛ ڪريون ريجهه رهاڻ؛
تون جي آهين ساڻ ته ساجن، ڪهڙي ڪنهن جي ڪاڻ.
ست سمندر اپر هلي، ڪو نئون وسايون ديس؛
پل پل پيارو، ساعت ساعت، سونهن سندو سنديس.
سنڌو ڪناري،
واريءَ تي، ويهي لکيم هڪ نانءُ،
ههڙو سُندر، ههڙو پيارو، ڄڻ ته ڇمر جي ڇانءُ.
هڪ ڏينهن ويٺي سوچيم سائين تنهنجو منهنجو ڪهڙو
سنڱ؟
آڪاس جهڪي ڌرتيءَ کي چميو، روح رچي ويو رنگ!
’امداد‘ آ منهنجو سانول سپرين، سرتيون سڀ سڻوم
ڌرتيءَ جو هي مورڻ پٽ آ، ههڙو ڪو نه ڏٺوم.
جيئن پراڻي تيئن مچي سا محبت سندي مَنڌُ،
پاڻ پرهه جا پياڪ او پيارا، هاڪ پئي هر هنڌُ.
نيرون ڪوٽ ۾ قيد ڏٺم هڪ نڌر نماڻي نار،
جنهن جي گهايل گهور، ويئي آ، پيهي منجهه پاتار!
هڪڙي ’سحر‘ هئي، سنڌالاجي ۾، چري چاهت واري،
پنهنجي پريم- ڪوي لاءِ هئي، سانرت ڀري ڪا ناري.
لوڪ هيو منهن هوڪ ڙي سرتي ’سحر‘هئي اڻ ڄاڻ،
کر مر کامي سڙي پچي پر، ساجن آ مون ساڻ!
تو کي سهڻا سانول سپرين......
ويلَ ويلَ جي واڳ ورائي آڻيون اهڙي رات
الوميان آڻيون اهڙي رات
جنهن جي سهڻي سانجهه هجي ۽ رنگ رتي پرڀات
الوميان آڻيون اهڙي رات
من جي مُکڙي هيڪل ويا ڪل تن کي تنهنجي تات
الوميان آڻيون اهڙي رات
توکي سهڻا سانول سپرين ساريان ساري رات
الوميان آڻيون اهڙي رات
چنڊ جهلي ٿو، هير گهلي ٿي لَنو لَنو ڪائي لات
الوميان آڻيون اهڙي رات
ڏُسڪي ڏُسڪي ڏينهن لنگهيا ٿي روئي روئي رات
الوميان آڻيون اهڙي رات
نينهن نِکٽ آ اونداهيءَ کان ڪڏهن نه کائي مات
الوميان آڻيون اهڙي رات
سورج بڻجي اُڀري ايندي ڏاهي پنهنجي ڏات
الوميان آڻيون اهڙي رات
ٻه شاعر ٻه جيون ساٿي
جيڏل شال جُڙي رهين
(ڳاج)
جيڏل شال جڙي رهين
جوڙ سجوڙ ٿيئن شل
تنهنجي اڱڻ تي گل گلابي
موتي لائي بهار
سُونهين پيئي ساري سٿ ۾
ڪهڙو لال جڙيو ٿئي نٿ ۾
کنڊون کيرپيئن شل
جيڏل شال جُڙي رهين
ڏينهن کانپوءِ ڏکڻ گهليوآ
تنهنجيءَ جهوليءَ چنڊ جهليو آ
ور سان تون به جيئن شل
جيڏل شل جڙي رهين
هٿن پيرن تي ميندي لائي
ڪونج ڳچيءَ ۾ دهري پائي
دهرا دان ڏيئين شل
جيڏل شال جُڙي رهين
وڃي پيو سڀ ڪجهه ٺڪرايو
تو تي روح ڏنو جو رايو
چُپ چُپ نه رهو ڪجهه ڳالهايو
پٿر تي شيشو اڇلايو
منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي ڪو
مون کي هن جي گهر پهچايو
جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو
هاڻ اوهين ڇا ٿا سمجهايو
چوڏهينءَ جي چاندوڪي آهي
راڻو ڳايو، راڻو ڳايو
سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي
لايو ٿيندو آهه سجايو!
دل جي در تي ٺڪ ٺڪ ٿي هئي
ڪير آيو؟ ڇا ڪير نه آيو!
ڪو نه مڃيندس، ڪو نه مڃيندس
بحث ڪريو ٿا يار اجايو
”امداد “ به ڪو ماڻهو آهي
ڪنهن هي آهي هُل هلايو
ڪير ملهائي يا نه ملهائي
ڌرتيءَ پنهنجو پاڻ ملهايو
هو نئن به وانداڪو نه هئاسين
اڄ ڪجهه آهي، سو سوايو
سڀ ڪجهه سستو ڏيئي، اسان ٻن
پيارو پيارو پور پرايو
ڪوي چئي ويا ڪوتائن ۾
عشق بنا سڀ آهه اجايوآ!
هڪ شاعره
تعارف:
موتئي جي گل جهڙي شخصيت رکندڙ تانيه ٿيٻو جو جنم
حيدرآباد شهر۾ ٿيو، ۽ پرائمري تعليم به حيدرآباد
مان حاصل ڪيائين. پاڻ ڪجهه سال پهرين مهراڻ
يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
ان کان پوءِ ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي
انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۽ اليڪٽرانڪس ۾، ريسرچ ايسوسئيٽ
جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هينئر مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾
ليڪچر طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيئي رهي آهي.
سندس چواڻي ته کيس ادب ورثي ۾ مليو آهي ۽ سنڌي ادب
۾ سندس سڃاڻپ هڪ بهترين ڪهاڻيڪاره جي حيثيت سان
آهي ۽ پاڻ خوبصورت شاعري به ڪئي اٿائين، جيڪا
سرتيون جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي- ايڊيٽر
شعر
اي پيار مون تي ٿورو مهربان ٿي
مون کي پنهنجي سپنن تان
اهي پوپٽ پڪڙڻ ڏي
جن تي ڪائنات جا سمورا رنگ هاريل آهن.
غزل
بي مول شي ته ناهن،
هي لفظ شاعريءَ جا.
ڪيڏا نه ڏس کنيا هن،
مون قرض شاعريءَ جا.
پل ۾ نه گڏ ٿيا هن،
هي لفظ شاعريءَ جا.
هڪ هڪ ڪري کنيا هن،
مون قرض شاعريءَ جا.
ڪير
چوي ٿو پوپٽ پويان
ڊوڙيا هياسين ننڍڙي لاءِ
مون ته ڏٺا ها سپنا ها جي
گلڙن تي جي ويٺا ها
اونداهي چوڌاري
۽ ان جي پوئواري
جيڪو پاڻ به ٿاٻڙجي پيو.
•
ڇا سرور آهن غرور ۾
تون هڪڙي پل لاءِ ڪر کڻي،
آ وري جيئڻ ۾ ئي مزو،
تون هڪڙي پل لاءِ مُر کڻي.
•
اکڙين جي درين کي بند ڪري مون خواب،
دريون کولي جو ڇڏيون،
سڄي ڪائنات هڪ منظر ۾،
ٿي قيد وئي منهنجي گهر ۾،
اکڙين جي درين کي بند ڪري،
مون دل جون دريون کولي ڇڏيون،
سڄي ڪائنات هڪڙي کن ۾،
ٿي قيد وئي منهنجي من ۾.
•
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ
سر جي سرخ ڏياٽيءَ کي
اڃا زور وساٰءِ
آسمان ۾ گجگوڙن سان
ڊاهه وري ڪجهه ڊاهه
سانت ۾ ستل ساگر تي
اڃا نه مينهن وساءِ
روح جي وسندڙ زخمن تي
لاءِ وري ڪجهه لاءِ موت جي گهري ساگر ڏي
اڃا نه وک وڌاءِ.
•
جاڳي پئه جيئڙا
سانوڻ ۽ سيئڙا
روز روز ته نه ايندا
مستي ۽ مينهڙا
روز روز ته نه ايندا.
•
چئه ڇنڊو هڻندين پرين
آس اڄ آتش بڻي
اڃ ته ڇهندي ئي اسان جي
تنهنجي دل ديوان ٿي پئي
هر ڪا سٽ ڏاڍو وڻي.
•
ها مڃئون ٿا هاڻ ٿوري
وک وڌائڻ ئي کپي
ايترو تڪڙو هلڻ کان
تون به ٿورو مڙ کڻي.
•
هيءُ زمانو چور چوندءِ
ائين لڪي ايندو ڏسي،
پويان ڪو پيرو نه ڇڏجان
جي اسان جي گهر گهڙين.
•
نه آهي موڪلاڻي ڪا
چون ٿا گول آ دنيا
وڇوڙي جا ڪٽي ڏينهڙا
ملي پونداسين هڪڙي ڏينهن
چون ٿا گول ڪا خاطر
ملي پياسين جي هڪڙي ڏينهن
گول آ دنيا
ڪنداسين خوب ڪا خاطر
جڏهن کان هو ويو آهي
نظر هڪ پل نه آيو آ
ته پوءِ هيءَ ڳالهه ڪهڙي آ
چون ٿا ته گول آ دنيا.
پوپٽي هيراننداڻي (ڪهاڻي)
زنجير جي ڪڙي
انڌڪار ۾ ويڙهيل آئيندو منهنجي ويجهو اچي رهيو
آهي، ان کي ويجهو اچڻ کان مان روڪي به ته نٿي
سگهان، استري جو آهيان! استري آهي هڪ ندي، نديءَ
کي وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻو آهي. مون کي به ڪنهن ۾
سمائجڻو آهي. پر مان پنهنجي ڇوڙ جو تصور ڪندي ڊڄي
رهي آهيان، معلوم اٿم ته منزل تي رسڻ جي اُڪير
کڻي بيتاب بڻجي ڊوڙندي ويندي آهي، هوءَ ڳائيندي ۽
نچندي آهي، هن جي آواز ۾ ڌرتا ۽ چال ۾ زندگي هوندي
آهي، ان ڪري هُنجي ڇوڙ وٽ اُمنگ اُڇلجندا آهن ۽
ارمان مچلجندا آهن. پيار ۽ خوشي هڪ ٻئي مٿان
باجوليون کيليندا ويندا آهن ۽ زندگي پنهنجي انيڪ
روپن ۽ رنگن کي وٺي کلندي ڪڏندي آهي.
اتي ٽهڪ ئي ٽهڪ مستي تي مستي هوندي آهي، پر
منهنجي ڇوڙ وٽ ڇا هوندو؟ مان جوان آهيان، جواني
کان اڳ ۽ ٻالڪپڻ ۽ ڪشورو اوسٿا ايندي آهي، پر مون
نه ڪڏهن ٻالڪ جيئان بي فڪر بنجي راند ڪئي آهي نه
ڪڏهن ڪشور بنجي الهڙ ۽ البيلو ٽهڪ ڏنو آهي.
ٻالڪپڻي جي معصوميت کان وانجهجي مون وڏن جيان
سوچيو آهي ۽ جوابداريون کنيون ۽ اونا رکيا آهن،
منهنجي اکين جي چوڌاري ڪارا ليڪا پيل آهن. منهنجي
پُٺي ۾ ننڍڙو ڪُٻ آهي ۽ منهنجا ڪلها مٿي کڄي آيا
آهن. نه منهنجي ڳلن ۾ تندرستيءَ جي رنگت آهي ۽ نه
منهنجي طبيعت ۾ خوشيءَ جي روشني. عمر جي حساب موجب
آئون اڃان ٽڙندڙ مُکڙي آهيان. پر منهنجون پنکڙيون
هينئر ئي ڇڻڻ لڳيون آهن، پرڀات جي لالائي نه بلڪ
شام جي اُداس ڳنڀيرتا، مان پنهنجي منزل جي ويجهو
اچي چُڪي آهيان. منهنجي ڇوڙ وٽ کل خوشيءَ جي شور ۽
ٽهڪن جي سفيد گجي هوندي؟ |