سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2-1/ 1999ع

مضمون --

صفحو :3

جهانجهر: جهانجهر کي ڪير جهير به ڪري سڏين. جهانجهر هڪ ڇير جو قسم آهي. پر جئين ته انهيءَ جي الڳ حيثيت پڻ آهي، تنهن ڪري انهيءَ جو علحده ذڪر ڪرڻ واجب  ٿي پيو آهي.

هن ۾ زنجيري ۽ گهنگهرا ”جهن جهن“ جو آواز ڪندا آهن. هن زيور جا مکيه حصا آهن. چاٻي، زنجير، پتيون، ڪڙيون، ۽ گهنگرا.

وڇوڻا: وڇوڻا پير جا ڇلا آهن، انهن جا هيٺيان قسم ٿيندا آهن:

(الف) ميڻا وارا وڇوڻا

(ب) ٺپي وارا وڇوڻا

(ج) چٽ وارا وڇوڻا

وڇوڻن جا اِهي قسم گهاڙيٽي جي لحاظ کان ليکيا وڃن ٿا، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهو زيور جنهن عورت کي پير ۾ پاتل هوندو اُنهي کي وڇون ڪو نه ڏنگيندو.

منڊيون: پير جون منڊيون پڻ آهن. اِهي چاندي جون ٿين، منڊين جا هيٺيان قسم پير ۾ پائبا آهن.

(1)روپي واري

         (2) چٽ واري

(3) جڙاء واري

(4) مينا واري

پير جي منڊين جا ٻه وڏا حصا ٿيندا آهن: الف ڳن ۽ (ب) چٽ.

ورڻا: پير جي ڇلن ۾ ورڻا به اچي وڃن ٿا. ورڻن جا نالا ورن کي ڏسي رکبا آهن، مثلاً:

1- ٽه ورا ورڻا

2- پنج ورا ورڻا

ورڻا ڪڙيءَ جي ٺپي تي ٺهن.

 ڪئپشن هٿن ۾ پاتل منڊيون ۽ پيرن ۾ پاتل چلا

ڪڙا: پيڙ ڪڙا پڻ عورتون پائينديون آهن پير جا ڪڙا ذات وار سڃاتا ويندا آهن. مثلاً:  (الف) خواجڪا ڪڙا، (ب) ٻروچڪا ڪڙا، (ج) سماٽڪا  ڪڙا.

(الفُ) ڪنڍو

(ب) هُڪ 

(ج) ڪڙي

(د) تار (تند)  

پير ڇلا:

پيرن جا ڇلا، سڪن مان ٺهرائي پاتا ويندا آهن ۽ ڪي پهلودار ڇلا به ٺاهيا ويندا آهن پير ڇلن جا هيٺيان قسم آهن:

(الف) روپئي وارا ڇلا

(ب) پهلودار ڇلا

پولڙيون: ڪولهي پير ۾ مينا وارين منڊين کي پولڙيون چوندا آهن.

ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جي ڪڙي: جن عورتن کي اولاد نه بچندو آهي، اُهي ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوهه مان اِها ڪڙي ٺهرائي پير ۾ پائينديون آهن. انهيءَ ڪڙي کي لوهار ٺاهيندا آهن ۽ عورتون آس ڪري پائينديون آهن. ڌڻي تعاليٰ گهڻو ڪري اهڙين آسوندين جون آسون پوريون ڪندو آهي.

ساٽا: هيءَ به ڇير جو هڪ قسم آهي. هن ۾ گهنهگريون ڪو نه ٿين، انهيءَ ۾ انبڙيون ۽ زنجيري مکيه حصا ٿيندا آهن.

ڪڙيون: پير جي زيورن مان ڪڙيون اهم زيور ليکجي ٿو.ڪڙين جا هيٺيان قسم آهن.

(1) ڀوريون ڪڙيون

(2) پينيون ڪڙيون

(3) مُک واريون ڪڙيون

(4) چاٻيءَ واريون ڪڙيون

(5)  ڪاڍلا

ڀوريون ڪڙيون هلڪيون ٿينديون آهن ۽ منجهن جهائين پيل هوندي آهي. پينيون ڪڙيون ڳريون ٿينديون آهن. پر هاڻ پينن ڪڙين جو رواج ختم ٿي رهيو آهي. پيني ڪڙي جيئن ته ڳري وزن واري ٿيندي آهي. تنهن ڪري انهيءَ جي چاندي  خاص نه هوندي آهي. ڪڙيون سنڌ ۾ رهندڙ سڀ ذّاتيون پائين. البت راهمون  ۽ اُڍيجا ۽ ٻيون  ڪڇي ذاتيون ڪڙيون ڪجهه ڦير گهير واريون پائين. انهن ڪڙين جو نالو ڪاڍلا آهي. گهاڙيٽي ۽ نموني ۾ اُهي ڪڙيون سنڌي ڪڙين کان ٿورو رخ بدلائين ٿيون.

ياسمين کوکر

سون ساريڪا هٿڙا

 

”هٿ“  انساني جسم جو هڪ اهم عضوو آهن. هٿ پورهيو ڪن ٿا. پٿر ڪٽين ٿا، ڀرت ڀرين ٿا، هٿ تخليق ڪن ٿا، مِٽيءَ جي پنوڙي کي ٿانو جي صورت  ڏين ٿا، ٻج ڇٽين ٿا، هر ڪاهين ٿا، ذهن ۾ آيل خيال کي پني تي به اهي هٿ ئي لکن ٿا، هٿيار به اهي ئي کڻن ٿا، ته گهوگهو به اهي ئي هٿ ڏين ٿا. شاعريءَ ۾ به انساني جسم جي انهيءَ اهم عضوي جو اکين  ۽ وارن کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو ذڪر ڪيو ويو آهي:

سون ساريڪا هٿڙا، ڪوهه نه ڪتين رڏ، ويهي ڪنڊ ڪاپوڪر، گهتون گوهيون ڇڏ، نه صرافاڻي سڏ، مُرڪيو هند مٽائين!

ان ريت ”هٿن، تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي محاورا، پهاڪا، چوڻيون  ۽ اصطلاح  موجود آهن:

هٿ جي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب، هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو.

مون هتي انساني جسم جي انهي اهم عضون ”هٿن“ تي سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن کي ”سرتيون“ جي سرتين لاءِ هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي. (ي- ک)

هَٿ اٽڪائڻ: هٿ وجهڻ، رنڊڪ وجهڻ، ميل ميلاپ رکڻ، لاڳاپو رکڻ، واسطو رکڻ،

هَٿ اچڻ: لڀڻ، وس  ۾ اچڻ، حاصل ٿيڻ ملڻ.

هَٿان پوڻ: پنهنجي هٿان پوڻ، (مصيبت ، نقصان) پنهنجي هٿان ٿيڻ

هَٿ ٻڌڻ: هٿ جوڙڻ، عرض ڪرڻ، منٿ ڪرڻ، ٻاڏائڻ، معافي گهرڻ، گرفتار ٿيڻ.

هَٿ ڀيڙڻ: خرچ نه ڪرڻ، ڪنجوسي ڪرڻ.

هَٿُ ٽنگڻ: هٿ پکيڙڻ، سوال ڪرڻ، پنڻ، اوڌر گهرڻ، قرض گهرڻ، سوالي بنجڻ،

 

 

هٿ ٺارڻ: ڌڪ هڻڻ، هٿ رڱڻ، دل ٺارڻ، چڱي طرح ڪُٽَ ڪڍڻ.

هٿ پُڄڻ: هٿ پهچڻ، حاصل ٿيڻ، پهچ ٿيڻ

هَٿَ پير ٺرڻ: بيهوش ٿيڻ، ڊپ ٿيڻ.

هَٿ پير چيو ڪرڻ: هٿ پير وس ۾ هجڻ، ڪم ڪرڻ جي سگهه هجڻ.

هَٿ پير لهڻ: ٻار ڄڻڻ.

هٿ پير هلائڻ: ڪوشش ڪرڻ، ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ، پورهيو ڪرڻ، ڪم ڪرڻ.

هٿجوڙ ڪرڻ: ميڙ منٿ ڪرڻ، هٿ ٻڌڻ،  معافي گهرڻ.

هَٿَ جو ميرو هجڻ: بي اعتبار هجڻ، ٺڳي ڪرڻ، دغا ڪرڻ.

هٿ جي ٻُڪي پُڙي ڏيڻ: ڄاڻي واڻي نقصان ڪرڻ.

هٿ جي هڻڻ: پنهنجي ٺاهي هڻڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، چالاڪي ڪرڻ.

هَٿ جهل ڪرائڻ:  هٿ ونڊائڻ، مدد ڪرڻ.

هَٿ جهلڻ: هٿ روڪڻ، ڏيڻ بند ڪرڻ، هٿ ملائڻ، بندڪرڻ، لاڳاپا ٽوڙڻ، برادريءَ  مان ڪڍڻ.

هَٿَ چُراند ڪرڻ: ڇيڙڻ، کؤنس ڪرڻ، تنگ ڪرڻ، هٿين پوڻ خرچ ڪرڻ، خيانت ڪرڻ.

هَٿ چڙهڻ: ور چڙهڻ، ملڻ، لڀڻ، حاصل ڪرڻ، ٿيڻ، وس ۾ اچڻ.

هَٿ  چُمڻ: عقيدت هجڻ، پيار هجڻ،

هَٿ چيو نه ڪرڻ: هٿ وس ۾ نه هجڻ، ڪنهن ڪم تي دل نه لڳڻ.

هَٿ ڇنڊي اٿڻ، سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيڻ. هٿين خالي هجڻ.

هَٿ ڇنڊڻ: سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيڻ، هٿ صاف ڪڻ.

هَٿ ڌوئڻ: ختم ڪرڻ، ڇڏي ڏيڻ.

هَٿ ڌوئي لڳڻ: لاهي پاهي پٺيان لڳڻ، ڪَڍ لڳڻ، پٺيان پوڻ، پچر نه ڇڏڻ.

هَٿ ڏس نالو کڻڻ: آسرو نه  رکڻ.

هَٿ ڏس ڪرڻ: هٿ جي اشاري سان ٻڌائڻ، سمجهائڻ، هدايت ڪرڻ، جوڻي  کڻڻ.

هَٿ ڏِس: هٿ جون لڪيرون ڏسڻ، نصيب ڏسڻ، نبض ڏسڻ.

هَٿ ڏيکارڻ: ڀاڳ معلوم ڪرڻ

هَٿ ڏيڻ: مصافحو ڪرڻ، کيڪارڻ، مدد ڪرڻ، واهر ڪرڻ، هٿ ملائڻ، پٺڀرائي ڪرڻ، قول ڏيڻ، واعدوڪرڻ، پڪ ڏيڻ.

هَٿ ڊگها هئڻ: پهچ هئڻ، رسائي هئڻ، پُڄڻ.

هَٿ ڊگهيرڻ: هٿ ٽنگڻ، سوال ڪرڻ، پنڻ، مدد  گهرڻ.

هَٿ رسڻ: هٿ پهچڻ، مشڪل ۾ سهارو ملڻ، مدد ملڻ.

هَٿ رکڻ: سهارو ڏيڻ، قسم کڻڻ، حفاظت ڪرڻ، مدد ڪرڻ، پناهه ڏيڻ، ٿورو ڪرڻ، پنهنجو ڪرڻ، ٻين جي مليڪت تي دعويٰ ڪرڻ، حق ڄمائڻ.

هَٿ رڱڻ: ميندي هڻڻ، ڪنهن کي ڪُٽ ڪڍڻ سان هٿن جو ڳاڙهو ٿيڻ، لپو هڻڻ، جسپو هڻڻ، مالا مال ٿيڻ، ڪنهن جي رت سان هٿ رڱڻ .

هَٿڙي هڻڻ: کيسو ڪٽڻ، چوري ڪرڻ، ماپ تور ۾ چالاڪي ڪرڻ، تور ۾ ٺڳي ڪرڻ، ڊوڙڻ ۾ گهوڙي جو اڳيون پير لڳڻ، بشنگيري  ڪرڻ.

هَٿ سيڪڻ: ڪجهه لاڀ پرائڻ، فائدو حاصل ڪرڻ، هٿ رڱڻ.

هَٿ شفا هجڻ: هٿ ۾ شفا هجڻ.

هَٿ ڦيرڻ: شفقت جو هٿ گهمائڻ، ٻچڪارڻ، دعا ڪرڻ.

هَٿ ڪپجڻ: واسطا ٽُٽڻ، آسرو لاهڻ.

هَٿ ڪپڻ: ڪنهن شيءِ تان هٿ کڻڻ.

هَٿ ڪڍڻ: ڇڏي ڏيڻ، ڪنهن شيءِ تان هٿ کڻڻ.

هَٿ ڪرڻ: حاصل ڪرڻ، ڳولهي لهڻ، پتي راند کٽيل داءُ جا پتا کڻڻ، بيوقوفيءَجو ڪم ڪرڻ.

هٿ ڪوسا ڪرڻ: مٺ گرم ڪرڻ، فائدو حاصل ڪرڻ.

هَٿ  کَس ڪرڻ: هرو ڀرو وڙهڻ، چرچو ڀوڳ ڪرڻ، تنگ ڪرڻ.

هٿ کڻڻ: ڪنهن شيءِ کي ڇڏي ڏيڻ، بي دخل ٿيڻ، دعا  يا پٽ لاءِ هٿ کڻڻ، ڇڏي ڏيڻ.

هَٿ ڳنڍڻ: ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهڻ، جهيڙو ڪرڻ.

هَٿ لائڻ: هٿ لڳائڻ، ڪم ۾ آڻڻ، ڇُهڻ.

هَٿ لڳڻ: ملڻ، حاصل ٿيڻ، نقصان رسڻ، هٿ رسڻ.

هَٿ مان نڪري وڃڻ: گم ٿي وڃڻ، قبضي مان نڪري وڃڻ.

هَٿ مٿي کڻڻ: دعا گهرڻ،  پِٽڻ، هٿ  اڀا ڪڻ.

هَٿ ملائڻ: دوست ڪرڻ، مصافحو ڪرڻ،

هَٿ مهٽڻ: پڇتائڻ، هٿ مان نڪري وڃڻ، افسوس ڪرڻ، لڄي ٿيڻ.

هَٿ ۾ اچڻ: ملڻ، قابوءَ ۾ اچڻ، وس ۾ اچڻ.

هَٿ ۾ هئڻ: وس  ۾ هئڻ، قابوءَ ۾ هجڻ.

هَٿن جا پرتا ڪرڻ: تريءَ تي  بهشت  ڪرڻ، ڪو ڪم جلدي ڪري ڏيکارڻ، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪرڻ.

هَٿن جي صفائي ڪرڻ: پنهنجي سر وڙهڻ، ڪرتب ڏيکارڻ،

هَٿن مان وڃڻ: قبضي مان نڪري وڃڻ، سخت ڪاوڙ اچڻ.

هَٿ وٺڻ: مدد ڪرڻ، پناهه ڏيڻ، سهارو ڏيڻ.

هٿ وجهڻ: هٿ ڳنڍڻ، دست اندازي ڪرڻ، ڪنهن ڪم کي لڳڻ.

هَٿوراڙيون ڏيڻ: ڪوشش ڪرڻ، اونداهه ۾ ڪنهن شيءِ کي ڳولڻ.

هَٿ ونڊائڻ: مدد ڪرڻ، گڏجي ڪم ڪرائڻ.

هَٿ هِرڻ: عادت پوڻ، هير پوڻ.

هَٿ هلائڻ: ڪو ڪم ڪرڻ، تڪڙو ڪم ڪرڻ.

هَٿ هڻڻ: افسوس ڪرڻ، پشيمان ٿيڻ، لڄي ٿيڻ، ڇڪي جي سور ۾ پيٽ کي آڍڻ.

هَٿئون پوڻ: پنهنجي هٿان ٿيڻ، پنهنجي هٿان ڪا غلطي ٿيڻ

هَٿيڪو ڪرڻ: سنڀالي رکڻ، قابو ڪرڻ، سوڙهو ڪرڻ.

هَٿين پوڻ: وڙهڻ، کونسڻ، چهُٽي وڃڻ.

هَٿين پيرين پوڻ: ميڙ منٿ ڪرڻ،  ٻاڏائڻ، معافي گهرڻ، ڏوهه بخشائڻ.

هَٿين خالي هئڻ: غريب هئڻ، مسڪين هئڻ، لاچار هئڻ، بنا هٿيار هئڻ،

 

مددي ڪتاب

1-     شاهه جو رسالو، غلام محمد شاهواڻي، 1950ع

2-    سنڌي- اردو لغت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1959ع

3-    سنڌي- انگريزي لغت، پر مانند ميوا رام 1976ع

4-    ڳيچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

 

شاعري ڏات الاهي آهي ۽ اها ڏات عورت وانگر نازڪ، نفيس، سندس محبوب واري روپ جهڙي ارڏي ۽ نخريلي، ونيءَ جي روپ جهڙي وفادار، ڀيڻ جي روپ جهڙي بي ضرر ۽ بي انت پيار ڪندڙ احساس لڳندي آهي. عورت ۽ شاعريءَ جو هڪ ٻئي سان جسم ۽ روح وارو ڳانڍاپو رهيو آهي، جيئن ته شاعري رنگين ۽ گهرن جذبن جي اظهار جو نالو آهي، ۽ وري دنيا ۾ جيڪي به رنگينيون آهن، انهن کي قائم رکڻ ۾ عورتن جو وڏو دخل آهي ۽ ڪائنات جي خوبصورتي به عورت جي وجود سان دائم ۽ قائم آهي- گ.ج

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

*

الله جي آسِ ڪَري هليو هئائين،
چارڻ ٻڌا چنگ کي جُهوڙا ۽ جُهائين،
ڏولي راءِ ڏياج  جي ڏوران ڏٺائين،
وينتيون واحد در تنهن وير ڪيائين!
”سٻاجها سائين! راءُ ريجهائين راڳ سين.

*

پرديسان پنڌ ڪري، هلي آيو هِت،
جا جڪ اُڀو جِت، سر جي صداءُ هڻي.

*

پرديسان پنڌ ڪري، هلي آيو هُون،
اوچو تون عرش تي ، آءُ ڀورو مٿي ڀوُن،
ڪيئن تُسندين تون؟ هي سِررُ سوالي مڱڻو.

*

”پر ديسان پنڌ ڪري، آيس اڳاهينءَ ماءِ
جي وهاڻي ويرم ٿئي، ته مون هينئر ئي هلاءِ،
سونهارا سورٺ وَرَ! ڳالهه هنئين سين لاءِ،
سو مڱڻهار ملهاءِ، جو وچان ويرين آئيو.
 

(سُر سورٺ)

هئائين= هئائين. چارڻ= ميراسي، جهائين= گهنگهرو. ڏياج= هڪ سخي راجا جو نالو. واحد= هڪ خدا. راءُ= راجا. جاجُڪ= مڱڻهار. صداءُ= سوال. هُون=آئون. ڀورو= نادان. ڀُون= ڌرتي. تُسندين= خوش ٿيندي. ماءِ= مان. وهاڻي= صبح ويرم=  دير. ملهاءِ. راضي ڪر.

 

سچل سرمست

*

مون کان ٿئي نه پنڌ، آري ڄام اچيج تون،
هاڻي ڏي مون هنڌ، پاڻ ئي ڌاري سپرين.
آريءَ جي اچڻ جو، روز نهاريان راه،
آڻيندس الله، مون سِرُ صدقي ڪيو.

*

آري اچين شال، نماڻيءَ جي نجهري،
هي مون ڏسي حالَ، ڪرين غور غريب جو.
گهڻا ڏينهن ٿيا،  مون ڏوريندين ڏونگرين،
جي مون سڏڪيا، سي ٻڌي ٻاروچا ورين.

*

ٻڌي ٻاروچا ورين، هن عاجز جون آهون،
درد ڀري دانهون، ڪري ٿي ڪافن ۾.
جي مُنهن ٻاروچي ڏسان، تا سڀئي ٿينم سُک،
ڏور ٿين مون ڏُک، پسڻ ساڻ پرينءَ جي.

*

ڪر ٻاروچا ٻاجهه، هن مون نماڻيءَ تي،
ويٺي وجهان واجهه، اوهان جي اچڻ لئه.

*

مون هٿان پيئي، ڏوهه نه مٿن ڪو ڏيان،
حال چوان هيڻي، هلي هوتياڻين کي.

*

هن ڏکيءَ کان ڏير، وجهي وٿ وڏي ويا،
ڏورڻ هاڻي آئيا، سرتيون سڀ سمير،
پُڇي لهان پيرَ، آيل اوٺارن جا.
 

(سر سُسئي)

*

خَلقَ منجهه خالق، خلق سڀِ خِالقَ ۾،
سمجهي ڪو سامي چئي،  ورلو هرِجن هڪ،
مِهرِ ڪري مالڪ، جنهن تي پرچي پاڻهي.

*

دائم وسين دل ۾، تون رب راتيون ڏينهن،
جيئن سپ سمندر ۾، خاطر  موهي مينهن،
تيئن تنهنجي نينهن، چئندس چارا لائڻا.

*

نيڻن لايو نينهن، نور محل جي ناٿ سان،
جِتي سور نه چندر ڪو،نڪو رات نه ڏينهن،
بِنا بادل مينهن، سامي سدائي وسي.

*

سمجهي جِن سَتا، مڙيائي مهراج جي،
سي ڪڏي کائن ڪينڪي، خلوتي خطا،
رهن رنگ رتا، سامي لوئيءَ لاک جان.

*

گهرين ڪوه گهڻي، مورک مايا رام کون،
ويا پٽيندا ڪيترا، مُنهن تي هٿ هڻي،
تون به نيندين ڪا نه ڪا، ڪوڏي ساڻُ کڻي.
سار سنڀال ڏڻي، ته سکي ٿئين سامي چئي.
 

چئندس= چوطرف. چارا= دانهون


(1)  فارسي= لساني صوتياتي مٽا سٽا سبب ”ز“ پهرين پهرين ”ج“ ۾ تبديل ٿيو ”پازيب“ لفظ ”پاچيب“ ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ”ج“ ”چ“ ۾ تبديل ڪندي ”پاچيب“ کي ”پاجيب“ ڪري ڇڏيو. سڀئي لهجا پڻ اڄ به  اُڃاريا وڃن ٿا ڪو پازيب چوي ڪو  پاجيب اُڇاري ۽ ڪو وري  پاچيپ سڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com