ريشما روئي ڏنو، ها مان پاڻ کان بدلو ورتو، بدلي
جي باهه مون کي انڌو ڪري ڇڏيو. مان ڪيڏي نه نادان
هيس. منهنجي اکين تي انڌ جون پٽيون چڙهي ويون.
مان ماءُ نه پر ڏائڻ آهيان. اجگر جهڙي اٿاهه دنيا
۾ پنهنجيءَ ڌيءَ کي نانگن جي حوالي ڪري ڇڏيم،
منهنجي.... پنهنجي ڪومل ڪليءِ کي گل بڻجڻ کان اڳ
ئي لتاڙي ڇڏيم. مون نياڻيءِ کي نرڳ ۾ ڌڪي ڇڏي.
ورشا مان جيئڻ چاهيان ٿي، مون پاڻ کان بدلو ورتو.
مون هيءُ ڇا ڪيو؟ هڪ طرف ڇوڪريءَ جا رانڀاٽ ٻئي
طرف ريشما جون هچڪيون. زندگيءَ جي ڏور هٿن مان وڃڻ
تي ملال.هن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽ وات مان رت جي
پچڪاري..... هن جو ڪنڌ جهڪي ويو.......
صحرا مارئي عالم
ڏک سک جي سونهن
رباب انهيءَ ئي گهر ۾ سورهن سالن جي ٿي هئي. هن جا
خواب ته برابر جوانيءَ جا هئا، پر انهن جا تعبير
نهايت منحوس هئا. ڪنهن به، ڪڏهن به سندس چپن تي
مرڪ ڪا نه ڏٺي- سدائين گلاب جي سڪل گل جهڙو منهن،
ميرا ڪپڙا، نه هار نه سينگار، نه ڪيڏانهن اچڻ نه
وڃڻ، سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۾ پئي ڳهندي هئي. ٿانو -
ٻهاري، رڌ - پچاءُ، ڪپڙا ڌوئڻ - اگهي هجي يا سگهي،
پر اهو ڪم کيس ڪرڻو ئي پوندو هو. پيءُ صبح جو ڪم
سان ويندو هو ته شام جو واپس موٽندو هو. ماءُ به
صبح شام اوڙي پاڙي ۾ ويندي هئي، باقي رباب گهر ۾
اڪيلي پئي ڪم ڪندي هئي. ڇا مجال جو رباب ماني تيار
ڪرڻ ۾ ٿوري دير ڪري، يا فيروزه جا ڪپڙا وقت تي نه
ڌوئي - سندس ماءُ مٿس سانوڻ جي منهن وانگر وسي
پوندي هئي ۽ جي ڪڏهن کانئس ڪو زيان ٿي پيو ته بس
قيامت اچي ويندي هئي.
انهيءَ عمر ۾ رباب سڀ ڪجهه سوچي سمجهي سگهي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي ليکي سوچيندي هئي ته آخر
فيروزه وڏي ٿي آهي، اها مون سان گڏ گهر جو ڪم ڇو
نٿي ڪري؟ انهيءَ کي ته ماءُ ڪڏهن دڙڪو به ڪو نه
ڏنو، پوءِ مون تي اها مصيبت ڇو ٿي پئي؟ پر
ويچاري حال اوري ته ڪنهن سان ؟ جنهن کي ماءُ ٿي
سمجهي، اها خود دشمن ٿي بيٺي آهي، لاچار،
اڪيلائيءَ ۾ ڳوڙها ڳاڙي، پاڻمرادو ڳالهيون ڪري، چپ
ٿي ويندي هئي، ايترو ضرور سوچيندي هئي ته ڇا!
ماءُ جي محبت اهڙي ٿيندي آهي؟ جي ها، ته فيروزه
ڇو سُکي آهي؟
هڪ ڏينهن گهر ۾ ٻيو ڪير به ڪو نه هو، سڀ ويل هئا،
هڪ رباب اڪيلي ٿانو مَلي رهي هئي ۽ اهي ئي پور
پچائي رهي هئي. ٿانو مُليندي الاجي ڪهڙو ڇرڪ آيس
جو هٿ مان پليت ڇڏائي وڃي فرش تي ڪري ۽ پرزا پرزا
ٿي پئي. پليٽ ڀڄڻ سان رباب جو منهن هارجي ويو ۽
گهڙي کن لاءِ بت بنجي وئي. پر وري ڊپ ۾ جلدي جلدي
ڀڳل پليٽ جا ٽڪرا ميڙڻ لڳي ته انهن کي ٻيو نه ته
ڇت تي ڇالائي ڇڏي متان اها ڀڳل پليٽ مٿس عذاب ٿي
نه نازل ٿئي- ۽ ٿيو به ائين. ان وقت گهر جو در
کُليو ۽ فيروزه ۽ ماڻس اندر آيون.
”اي شل ڪين نصيب ٿيئي.
شل غرق ٿين، نئن پليٽ ڀڃي وڌئي!“ ماڻس ائين چوندي
هڪ زوردار ٿڦڙ رباب جي سُڪل ڳل تي ڦهڪائي ڪڍي.
چماٽ لڳڻ سان رباب جي دل دانهن ڪئي: ”ها، امان!“
دانهن سان گڏ ارباب جي معصوم اکين مان ڳوڙهن جا
درياءَ پلٽجي پيا. هوءَ گوڏن تي منهن رکي وري سوچڻ
تي مجبور ٿي وئي ته ڇا، هيءَ منهنجي سڳي ماءُ
ڪانهي.؟
ائين قسمت جا اونداها بادل سندس دنيا کي وڌيڪ
تاريڪ ڪندا رهيا، مگر کيس سندس بدليل بخت جي خبر
نه پئجي سگهي.
هڪ ڏينهن رباب جي ماءُ- پيءُ ڪنهن شاديءَ تي وڃي
رهيا هئا. انهن سان گڏ فيروزه به تياري ڪري رهي
هئي. رباب سوچي رهي هئي ته آخر آءُ به ته سندن
ڌيءَ آهيان، مون کي ضرور به هلڻ لاءِ چوندا. پر
ائين نه ٿيو. رباب آخري وقت تائين حسرت جي نگاهن
سان ڏسندي رهي، مگر ڪنهن به کيس تيار ٿيڻ لاءِ نه
چيو. آخر رباب جي دل ڀرجي آئي، ۽ هن ڊڄندي، ماءُ
جي ڀرسان اچي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”امان، آءُ به
شادي هلان.“
جيترو رباب جو نرم لهجو هو، اوترو سندس ماءُ جو
سخت جواب . ”ماءُ ڳولي لهه. ڇوري، ڇو اچي تو مان
ڦاٿي آهيان، آءُ تنهنجي ماءُ ناهيان. مون کي توکان
نفرت آهي. تنهنجا ماءُ- پيءُ گمنام آهن. وڃي
پنهنجو ڪم ڪر.“
رباب بت وانگر خاموش بيٺي رهي. هوءَ سوچي رهي هئي
ته ڪاش انهن لفظن ٻڌڻ کان اڳ هوءَ مري وڃي ها.
ماءُ جي انهيءَ دل ڏاريندڙ تقرير جي جواب ۾ رباب
جي وڏين ڪارين اکين مان ٻه گرم لُڙڪ وهيا ۽ زمين
تي ڪري جذب ٿي ويا. هن هڪ آه ڪئي ۽ چپن ۾ چوڻ لڳي:
”شل نه ڪو مون وانگر ڇوري ٿئي!“
گهر جا سڀ ڀاتي شاديءَ تي وڃي چڪا هئا. رباب اڪيلي
گهر ۾ ڪم به ڪري رهي هئي ۽ ماڻس جي ٿُو ڪاريل ۽
ڌڪاريل جملن تي سوچي به رهي هئي: ”ماءُ ڳولهي
لهه......“ امان ڪٿي ڳوليان. ”آئون تنهنجي ماءُ
ناهيان....“ امان، جي تون منهنجي ماءُ نه به
آهين، ته به مون کي ڏکوئين ڇو ٿي؟ جي تون منهنجي
ماءُ نه آهين، ته خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ ته
سهي ته آخر منهنجي ماءُ ڪير آهي. ”تنهنجا ماءُ-
پيءُ گمنام آهن. پوءِ منهنجي سار به ڪا نه
لڌائون!“ اوچتو گهر جو درکليو ۽ پاڙي جو ڇوڪرو
عابد اندر آيو ۽ چيائين: ”ادي، چاچا.....“
رباب منهن مٿي کنيو، عابد سندس اکين مان ڳوڙها
ڳڙندي ڏسي وڌيڪ چوڻ جي جرئت ئي نه ڪئي. عابد پاڙي
جو ڇوڪرو هو. رباب کان سال ٻه ننڍو ٿيندو. هو رباب
جي ويجهو آيو ۽ وري همت ساري چوڻ لڳو: ”ادي، مون
ته توکي سدائين روئندي ڏٺو آهي. ادي، تون
کلندينءَ ڪڏهن؟“
بس عابد جو ايترو چوڻ، رباب کان بيساخته هڪ
اوڇنگار هنئين جا ڳچ ڳاريندي نڪتي. عابد وري دل
جهلي پڇيو: ”ادي، تون ڇو ٿي روئين؟ ٻڌاءِ ڀيڻ!“
رباب سڏڪن ۽ لفطن ۾ ٻڏندي چوڻ لڳي: ” ها عابد،
منهنجو ٻيو آهي ئي ڪير، جنهن سان حال اوريان .“
عابد چيو: ”ٻڌاءِ،ادي، ڇو اڄ تون وڌيڪ ڏکويل ٿي
ڏسجين.“ رباب دل جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ چيو:
”عابد، اڄ مون کي معلوم ٿيو آهي ته آءُ ڪنهن
گمنام ماءُ- پيءُ جي ڌيءَ آهيان.“
رباب سڏڪندي چيو: ائين چئي رباب وڌيڪ سڏڪن ۽
ڳوڙهن ۾ ٻڏي وئي.
عابد رباب کان گهڻو ئي ورائي ورائي پڇيو، پر هوءَ
ڳوڙهن جي ڪُن ۽ سڏڪن جي طوفافن مان نڪري نه سگهي.
لاچار عابد رباب کي سندس حال تي ڇڏي، مايوسيءَ جي
واديءَ مان لنگهندي پنهنجي گهر پهتو.
عابد جي ماءُ پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي اٻاڻڪو ڏسي ڪم
ڇڏي وڌي وٽس آئي ۽ پڇڻ لڳي: ”پٽ، ڇا ٿيو، چڱو ڀلو
ته آهين؟“ عابد وراڻيون: ”ها، امان.“
”پوءِ اٻاڻڪو ڇو آهين“ ماڻس پڇيو.
عابد ماءُ کي ٻڌايو ته هن پاڙي ۾ هڪڙو ماڻهو شهمير
نالي رهندو آهي. آءُ ان جي گهر ويندو آهيان. انهن
وٽ هڪ ڇوڪري رهندي آهي، جنهن کي آءُ ادي ڪري
سڏيندو آهيان. اڄ جڏهن آءُ چاچا شهمير جي گهر ويس،
ته ادي روئي رهي هئي. مون کانئس روئڻ جو سبب پڇيو.
هن صرف ايترو ٻڌايو ته سندس ماءُ- پيءُ گمنام
آهن.
ماڻس تڪڙ ۾ پڇيو:” ماءُ – پيءُ گمنام آهن! سندس
عمر ڪيتري ٿيندي؟“
”ڪي پندرهن سورهن سال.“ عابد وراڻيو.
عابد جي ماءُ ماضيءَ جي نه وسرندڙ واقعن جو جائزو
وٺندي ماٺ ۾ اچي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ هن وري
پڇيو: ”سندس نالو؟“ ”رباب.“ عابد وراڻيو.
ماڻس دانهن ڪئي: ”رباب، منهنجي ٻچڙي! عابد، مون کي
جلدي وٺي هل انهيءَ گهر ۾. منهنجي ڌي!
ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ عابد جي ماءُ کي رباب
کانسواءِ ڪا به ڳالهه ياد نه رهي هئي. ائين عابد ۽
سندس ماءُ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندا رباب جي گهر پهتا.
ان وقت سڀ گهر جا ڀاتي اچي چڪا هئا. شهمير هڪ غير
عورت کي گهر ۾ گهڙندو ڏسي پڇيو: ”مائي، توهان ڪير
آهيو.“
ماءُ کان اڳ عابد جواب ڏنو: ”چاچا، هيءَ منهنجي
ماءُ آهي“
پر ساڻس رسمي گفتگوءَ تائين به ترسي نه سگهي ۽
رباب ڏي گهوريندي چوڻ لڳي: ”تون.... تون....منهنجي
دل ٿي چوي ته تون رباب آهين!
رباب جواب ڏنو: ”ها، آءُ رباب آهيان.“
ماڻس تڪڙ ۾ چيو: ”ها،تون ئي رباب آهين، منهن جي
ٻچڙي.“
ائين چئي عابد جي ماءُ رباب کي کڻي ڀاڪر پاتو ۽
بيساخته واڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. ساڳي حالت رباب
جي به هئي. ماءُ جو ڀاڪر رباب کي ڪهڙو نه وڻيو
پئي. ڪجهه دير کانپوءِ شهمير عابد جي ماءُ کي ويهڻ
لاءِ چيو. عابد جي ماءُ ويهندي شهمير کان پڇيو.
”ادا، منهنجي ڌيءَ نه وڃائجي ويئي هئي، توهان کي
ڪٿان هٿ آئي!“
شهمير چيو: ”ادي، اڄ کان ڪي ٻارهن سال اڳ رباب
اسان کي اسٽيشن تي روئندي ملي.“
عابد جي ماءُ پڇيو: ”بدين جي اسٽيشن تي؟“
شهمير جواب ڏنو: ” ها ادي، بدين جي اسٽيشن تي.
اسان سندس مائٽن کي گهڻو ئي ڳوليو پر نه مليا.
گاڏي به ڇٽڻ واري هئي، سو اسين رباب کي وٺي
ڪراچيءَ پهتاسين. ڏهن سالن کانپوءِ نوڪريءَ تان
رٽائر ڪري آءُ هتي پهتس.پر ادي، توهين ڪيئن ٿا چئو
ته هيءُ اها رباب آهي. توهان جي ڌيءَ؟“
عابد جي ماءُ چيو: ”ادا، ماءُ - پيءُ انڌا ٿي وڃن
ته به اولاد کي سڃاڻي وٺندا.“ هوءَ جذباتي ٿي
ويئي، ”رباب جو کاٻو هٿ باهه ۾ سڙيل آهي. ان جو
داغ ڏسي به مون پنهنجي ڌيءَ سڃاتي آهي. رباب اڃا
ٽن سالن جي هئي، جو پنهنجو هٿ کڻي ٽانڊن ۾ وڌو
هئائين. سندس هٿ ته ڇٽي ويو پر داغ اڃا تائين بيٺو
اٿس.“
شهمير چيو: ”ادي، شڪر آهي جو توهان کي توهان جي
وڃايل ڌيءَ هٿ اچي وئي.“
ماءُ جي ملڻ سان رباب کي ڄڻ ساريءَ ڪائنات جون
خوشيون پلئه پئجي ويون. عابد رباب جي ويجهو اچي
چوڻ لڳو: ”آءُ ڪو نه چوندو هوس ته تون منهنجي ادي
آهين.“
رباب جي زندگيءَ ۾ بهار به اڄ آئي ته جوانيءَ به
اڄ قدم رکيو. سچ ته اڄ هن جي زندگيءَ جو نئون سج
اڀريو هو.
محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو
عاشق جا عدد
پريت نگر جيتوڻيڪ ڪو ايڏو وڏو ڳوٺ ڪو نه هو، ته
به انساني ضرورت جون سموريون شيون ڳوٺ مان
آسانيءَ سان ملي وينديون هيون. ڳوٺاڻن جو گذران
عام طرح آباديءَ ۽ مال ڌارڻ تي هوندو هو؛ پر ڏهاڪو
گهر ميراثين جا به ڳوٺ جي هڪ پاسي هوندا هئا، جن
جو گذر بسر شادين مرادين تي ڳائڻ وڄائڻ تي هوندو
هو. مڙس ٻاهر دهل وڄائيندا ۽ رات جو ڪافيون ٻڌائي
ڄاڃين کي خوش ڪندا هئا، ته سندس زالون وري گهرن
اندر ڳيچ ڳائي زالن کي وندرائينديون هيون.
ميراثين جي گهرن لڳ هڪ وڏي کڏ هوندي هئي. جنهن ۾
گهڻو ڪري ٻارنهن ئي ئي مهينا پاڻي رهندو هو. ڳوٺ
جا ماڻهو مال کي پاڻي اُتان پياريندا هئا. زالون
پنهنجان ڪپڙا به هتي ڌوئينديون هيون. پر ويجهن
گهرن جون مايون ٿانوَ ٿپا به هتي کڻي اچي ماڃي
ڌوئي صفا ڪنديون هيون. هيءَ ئي جڳهه هئي، جتي
محبتون پيدا ٿينديون هيون. ۽ وڌي گُل ڪري ٻن دلين
کي هميشه لاءِ هڪ ٻئي سان جڪڙي ڇڏينديون هيون، يا
وري سرو جي موسم ۾ ڇڻيل پن وانگر، کَڏ ۾ پاڪ
پاڻيءَ ۾ گم ٿي، دنيا وارن جي نظرن کان پوشيده ٿي،
بن الهڙ دلين جي جوش کي ٿڌو ڪري ڇڏينديون هيون.
وَرُو ۽ آسيت عرف آسي به ميراثين منجهان ٻه الهڙ
دليون هيون. اڪثر ڪري منجهند يا وچينءَ جو آسي
نانهيس جي گهر مان ٿانون جو کارو کڻي ماڃڻ ايندي
هئي، ۽ ورو به پنهنجي منڊي گهوڙي کي پاڻي پيارڻ
ايندو هو. جيڪڏهن ڪا ٻي پهر نه هوندي هئي ته پوءِ
ڪو وقت هنن جون ڳالهيون ئي ڪين کٽنديون هيون. نڪي
آسيءَ جا ٿانو مَلجي پورا ٿيندا هئا، نڪي منڊو
گهوڙو پاڻي مان ڍاپندو هو. هتي ئي ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي
کي حياتيءَ جي ڏکن ختم ڪرڻ جا دلاسا ڏيندا هئا، ۽
پاڻ کي هڪ ٻئي جو جيون ساٿي بنائڻ جا انجام اقرار
ڪندا هئا. ٻنهي جي زندگيءَ جي ٻيڙي هڪ ئي نموني
هلي رهي هئي. آسيءَ جا ماءُ - پيءُ ننڍي هوندي کيس
ڇوري بنائي ڇڏي ويا هئا. ٻئي ڪنهن ويجهي وارث نه
هئڻ سبب نانهيس پنهنجيءَ ننڍيءَ نيٽيءَ ڌيءَ جي
مُئيءَ مٽيءَ جي نشاني سمجهي، آڻي پاڻ وٽ رهايو
هوس، جتي ننڍي هوندي خير، پيئي سکيو ٽڪر کائيندي
هئي، پر جڏهن کان سمجهه لائق ٿي هئي، تڏهن کان سک
جو ساهه ڪا نه سنڀرندي هئي. اڻ اڀرئي جو اُٿي، سڄي
گهر کي اندران ٻاهران ٻهاري ڏيئي صاف ڪندي هئي.
جيڪڏهن سندس مامين مان ڪا بيمار هوندي هئي ته اَن
به جنڊ تي پيهڻو پوندو هوس. مطلب ته پاڻي ڀرڻ،
ٿانو مَلڻ، ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم سندس فرضن ۾ شامل
هوندا هئا. اُن جي عيوض، گهر جي ڀاتين جي کائي
لاهڻ کان پوءِ باقي بچت سندس پيٽ جي بک جي باهه
وسائڻ لاءِ ڪافي هئي، يا نه، تنهن سان ڪنهن جو
واسطو ڪو نه هوندو هو. ڪپڙو به جيڪو پهريندي هئي،
سو جيسين صفا ڦاٽي ڄاري نه ٿيندو هو، تيسين ٻيو ڪو
نه ملندو هوس ۽ ورو به ساڳيءَ طرح ڇٺيءَ جو ڇورو
هو. آ سيءَ تي نانيءَ هٿ رکيو. ته وري وري پڦيءَ
جي گهر سونهن بنيو، جنهن کي پنهنجو اولاد ڪو نه
هو. مڙس سدائين بيمار هوندو هوس. ڳوٺ وارن جي ٽڪرن
تي پئي ڪارخانو هليو. جڏهن ورو ڪجهه ڳائڻ جهڙو
ٿيو، تڏهن ڳوٺ ۾ يا ڀر وارن ڳوٺن جي اوطاقن ۽
گهرن تي دهلڙِي وڄائي، ٻه بيت يا ڪافيون ڳائي،
داڻن لپ وٺي ايندو هو. جنهن مان پيا پيٽ کي آٿت
ڏيندا هئا. سندس ڪنهن مائٽ منڊي گهوڙي مان ڪڪ ٿي،
گهوڙو کڻي وروءَ جي مٿي ۾ هنيو هو، جنهن کي گهوڙي
ڌارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اهڙيءَ ريت پِن جي
داڻن ۾ گهوڙو به ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. گهوڙي تي وروءَ
جا ڏاڍا شوق هوندا هئا. ان گهوڙي سبب ئي هو کڏ تي
آسيءَ سان چار چونڪ ڳالهين جا ڪري پنهنجي دل وڃي
وندرائيندو هو.
آسي جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن سندس لاءِ ڪمن جو
انداز به ويو وڌندو. هاڻي اڳوڻن ڪمن ڪندي، نانيءَ
کي ماني کارائڻ، رات جو سمهڻ مهل زور ڏيڻ، صبح جو
مٿي تي تيل جي تري هڻڻ، ڦڻي ڏيڻ، وارن ۾ چُهنڊيون
پائڻ- اِهي سڀ ڪم مٿس هئا. اهڙيءَ طرح ڏينهن ويا
گذرندا. آسي ۽ ورو به ويا وڌندا. جيئن هنن جو جسم
ويو واڌ ويجهه کائيندو، تيئن سندن روح به ويا هڪ
ٻئي کي ويجها ٿيندا. هنن جا پاڪ ۽ معصوم روح چشمي
۽ اوهيءَ جي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ وانگر پاڻ ۾ ملڻ
لاءِ بيتاب هوندا هئا، هو دلين ئي دلين ۾ پنهنجو
جسم ۽ روح هڪ ٻئي کي سُپاري چڪا هئا. هاڻي آسي اچي
جوانيءَ کي پهتي هئي. سندس ناني کيس شينهن ڪلهي
چاڙهڻ لاءِ سوچڻ لڳي. ساڳئي وقت هوءَ اهي به پور
پچائيندي هئي ته ڪو اهڙو مت جو مُوڙهو ۽ ڳنڍ جو
ڳوڙهو هجي، جو آسيءَ کي ناڻي ۾ توري کڻي، جتان نه
رڳو شاديءَ کان اڳ پر پوءِ به گُهرڻ وقت ٻَڌا ٽَڪا
ملندا رهن. هاڻي اڪثر پوڙهيءَ جي سوچ آسيءَ ۽ هن
جي گهر- ڌڻيءَ بابت هوندي هئي. هوءَ تصور ئي تصور
۾ پنهنجي ڏوهٽي جي سڱ گهرندڙ زال- يعني آسيءَ جي
سس- کي ست سُريون ٻڌائيندي هئي. ۽ هن جي بَدي لاءِ
گهڻي کان گهڻو حاصل ڪرڻ بابت ويچاريندي هئي. پر
اهڙيءَ سوچ جي پاڙي هن لاءِ سدائين ڏکوئيندڙ
ٿيندي هئي، ڇو ته جڏهن هوءَ آسيءَ کي نون ۽ سهڻن
ڪپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي، ڳٺڙي بنجي، ٻين زالن جي وچ
۾، آهستي آهستي هلندي، پاڻ کان هميشه لاءِ گم ٿيل
ڏسندي هئي. تڏهن کيس گهر ۾ ڪير پڇندو به ڪو نه هو،
نهرون پنهنجن ٻارن جي بکيڙن ۾ مس پوريون هونديون
هُيون. پٽن مان ڪو پڇندو به ڪو نه هو مورڳو ڪڏهن
به ناس جي شيشي گم ته ڪڏهن چلم اونڌي ڪندا هئس، يا
ڪڏهن کٽ جي سيرانديءَ هيٺان رکيل تيل جي شيشي يا
بعضي پاڻي پيئڻ جو پيالو کنيو ڀڃيو ويندا هئس، جن
جي پٺيان رڙيون ڪندي جڏهن اڌ مئي ٿيندي هئي، تڏهن
مس جان ڇٽندي هيس. سڄي ساري گهر ۾ آسي ئي هوندي
هئي، جا پوڙهيءَ جي هر حڪم مڃڻ لاءِ هردم حاضر
رهندي هئي. هوءَ عام حالت ۾ آسيءَ کي اکين مان پري
ڪرڻ به پنهنجي موت برابر سمجهندي هئي...... پر آخر
ڪيستائين؟ سمجهيائين ٿي ته نياڻي پرايو ڌن آهي،
آخر ڌيءَ ڌڻ ڪيترو وقت ويهاربي. ڌيءَ جو رزق
بادشاهه جي گهر به ڪونهي. هن وٽ به روز شريڪن
جون ميڙيون آسيءَ جي سڱ لاءِ بيٺيون ئي هونديون
هيون، جي آ سيءَ جي بدلي ۾ گهڻو ڪجهه ڏيڻ جي هام
هڻنديون هيون.
آخر، گهڻي وقت جي مٿاڪٽ کان پوءِ، محبت پور ڳوٺ جي
ميراثين مان هڪ جوان جي ساري سَر ٿي. ٻن سُوا ڍڳين
۽ ٽي ويهون روڪ رپين جي عيوض آسيءَ جو سڱ سندس
جهوليءَ ۾ پيو. برادريءَ جي چڱن جي وچ ۾ ڳالهيون
پڪيون ٿيون، ڏينهن ٻڌا، ٻنهي طرفن ۾ شاديءَ جي
تياري ٿيڻ لڳي. سُوا ڍڳيون ته ڏينهن ٻڌجڻ کان پوءِ
هفتي جي اندر ئي پوڙهيءَ جي در تي رسي ويون.
هاڻي پوڙهيءَ جي گهر مان صبح جو منڌي ڦرڻ جو آواز
ٻڌبو هو. پاڻ به رات جو کير ڍُڪ پيئندي هئي، ۽
نيرن تي مکڻ سان جهٻيل ڪُئنري ماني کائڻ لاءِ ملڻ
لڳيس. آسيءَ جي سک يا ڏک جو فڪر ڪنهن کي به ڪو نه
هو.
شاديءَ جي ڏينهن مقرر ٿيڻ کان ڏينهن- ٻه پوءِ، هڪ
ڏينهن جيئن آسيءَ کَڏ تي نانهيس جا ڪپڙا پئي
ڌوتا، تيئن ورو به اچي اتان لنگهيو. ٻنهي جون
اکيون هڪ ٻئي سان ملي وري هيٺ ٿي ويون ڪو وقت ته
ڪنهن به ڪو نه ڪڇيو. آخر وروءَ همت ڪري چيو. ”آسي،
تنهنجي زبان ڪيڏانهن ويئي؟ هي جيڪي انجام ڪيا،
هيئي، تن مان هڪڙو به دل تي ڪو نه بيٺئي!“ آسيءَ
ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو، ”مون پاڻ ته شادي ڪا نه ڪئي
آهي، منهنجي وهانءَ جو سودو نانيءَ ڪيو آهي. تو وٽ
به ٻه ڍڳيون ۽ ٽي ويهون روڪڙا هجن ها ته جيڪر
منهنجو سڱ ناني اول تو کي ڏئي ها.“
خير، ٿڌا ساهه کڻي ورو فقير گس ورتو. آسي به ڪپڙا
نپوڙي، هٿن ۾ ڇنڊيندي، گهر رواني ٿي ويئي.
مقرر ڏينهن تي آسيءِ جو گهوٽ ڄڃ وٺي دهلن شرناين
جي گوڙ سان اچي پريت نگر پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي حال
سارو گهوٽيتن جي آءُ - آڌر ڪئي. پنهنجا ڄاڃي،
پنهنجا لنگها - سو مڙسن دهلن- شرناين وڄائڻ سان
دنگ ڪري ڇڏيو. رسمن رواجن ۽ ساٺن سوڻن سان شادي
خير سان ٿي گذري. آسي ڪنوار بڻجي، سينگاريل اُٺ
تي، زالن جي وچ ۾، ڳيچن جي گوڙ، دهلن جي ڌڌڪن ۽
شرناين جي شور سان پنهنجي گهر رواني ٿي ويئي.
شاديءَ جو ڏينهن به وَروُ ڳوٺ ۾ ڪو نه پئي ڏٺو. ڄڃ
رواني ٿيڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن ظاهر ٿيو، پر سندس
منهن مان ائين پئي بکيو، ڄڻ سندس سمورا مائٽ
انهيءَ ڏينهن مري ويا آهن. وري به ٻئي ڏينهن تي گم
ٿي ويو. ويچاريءَ پڦيس گهڻو ئي پڇايو. هڪڙو ته هن
جو نيپاچ هو، چوندا آهن ته نيپاچ پيٽ ڄائي کان به
مِٺو آهي. ٻيو ته هن جي اباڻي گهر جي نشاني هئي.
تنهن کانسواءِ هينئر وروءَ کانسواءِ سندن ٻيو ڪو
به اوهي واهي ڪو نه هو. مڙس کي کٽ تي ويٺي سال ٿي
ويا هئس. ويچاريءَ بک ۽ ننڊ وساري ڇڏي.
ٿوري ئي کڙڪي تي کڙهه ڏانهن پيئي نهاريندي هئي. آئي وئي کان پيئي وروءَ جو
ڏس پڇندي هئي. شروع ۾ ڳوٺ جي ڪن ڏورانهن مائٽن کي
منٿ ميڙ ڪري ڀر وارن ڳوٺن ۾ ڳولا لاءِ به موڪليو
هئائين، پر جتان ڪٿان اهو پئي ڏس ميلو ته ڪالهه
هتي هو، رات رهاڻ به ڪئي هئائين. صبح جو
الائي ڪيڏانهن ويو! نيٺ ويچاري روئي پٽي پڪي ٿي
ويئي. ڪنهن ڪيئن پئي چيو ته ڪنهن ڪيئن ڪنهن چيو
ته ناري ۾ فصل ڀلا ٿيا آهن، سو اوڏانهن ڪمائيءَ
لاءِ ويو آهي. ڪنهن چيو ته لاڙ ۾ بخاري بادشاهه جي
درگاهه تي وڃڻ جي سَڌ هيس، سو شايد ويو اوڏانهن پر
هن جي گم ٿيڻ جي سچي خبر ڪنهن کي به ڪا نه هئي.
وقت ويو گذرندو. وروءَ جي پڦي ۽ ان جو مڙس به وڃي
قبرن يڙا ٿيا. 5-6 سالن کان پوءِ، هڪڙي ڏينهن،
اوچتو ورو اچي ڳوٺ ۾ نڪتو، يڪتارو ڪلهي تي ۽
کڙتالون هٿن ۾ هيس، گيڙوءَ رتو پهراڻ ۽ گوڏ جسم
تي، پيرن ۾ ڇنل جُوتو، مٿو اگهاڙو، وار وڏا ۽
منجهيل- اها هئي سندس حالت. پهرين ته ڪنهن ڪو نه
سڃاتس، پر پوءِ هڪ پوڙهي، جا سڱ ۾ ذري گهٽ
ماسي ٿيندي هيس، تنهن آواز مان سڃاتس ۽ بي اختيار
ٻاهر نڪري چيائينس ته ”مئا، ورو ته ڪو نه آهين!
هيترا ورهيه ڪٿي وڃي لڪو هئين؟“ پوءِ رت جي ڪشش
سبب بي قرار ٿي وڃي ڀاڪر پاتائينس، ۽ ٻانهن ۾
جهلي گهر اندر وٺي آيس. کيس به وروءَ جي حال تي
اکين مان لڙڪ وهي آيا، گهر ۾ آڻي، پاڻيءَ جو
لوٽو ڀري ڏنائينس، ته هٿ – منهن ڌوءُ. ۽ پاڻ جهٽ
ماني پچائي ، آڻي کائڻ لاءِ اڳيان رکيائينس. پئي
ساڻس ’اوراڙ پراڙ جون خبرون ڪيائين. ڳالهين ڪندي،
وروءَ آسيءَ جي سموري خبر چار هٿ ڪئي. معلوم ٿيس
ته مڙس سان خوش آهي، هڪڙو پٽ هاڻي پنڌ پيو ڪريس
ته ٻيو هاڻي تازو ڄائو اٿس، وروءَ کي آسيءَ جي
ڳالهين ٻڌڻ سان وري به اڳيون ڳالهيون دل تي تري
آيون. دل غمگين ٿي پيس، ۽ گلو ڀرجي آيس. سو وڏيون
اوٻاسيون ڏيئي، ننڊ ڪرڻ جو خيال ڏيکاريائين. پوءِ
رلي مٿان وجهي پئجي رهيو . الائي ڪهڙن پورن ۾ مست
ٿي ويو. ماسيس سمجهيو ته ڏاڍيءَ ننڊ ۾ آهي، پر
هن کي ننڊ ڪٿي هئي! |