عورتن جي حقن جي بي پي اڳواڻ ڪلارا زيٽڪن 5 جولاءِ
1857ع تي سيڪسوني جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وائيڊيرا ۾
ڄائي. سندس پيءُ هڪ ماستر هو ۽ پڙهيل لکيل ۽
موسيقيءَ جو ڄاڻو هو.
هن ننڍپڻ کان ئي ڪلارا کي باخ، موزا رٽ ۽ بيٿوون
جي موسيقيءَ کان روشناس ڪرايو. سندس ماءُ اڌ
فرانسيسي هئي. کيس ادب سان وڏو چاهه هو. گهر جي
لائبريري ۾ لاڳيتو نوان ڪتاب ايندا رهندا
هئا ۽ ڪلارا کي ننڍپڻ کان ئي ڪتاب پڙهڻ
سان چاهه ٿي ويو. ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائيءَ دؤران
هن پنهنجي ذهانت ۽ تجزباتي ذهن جي ڪري سڀني کي
هيران ڪري ڇڏيو. هن چڱي طرح پڙهيا هئا. ان کان
سواءِ تاريخ ڏانهن به هن جو لاڙو وڌيو. هن جي
ڏاڏي، نيپولين جي اٽليءَ واري مهم ۾، حصو ورتو هو.
فرانسيسي انقلاب جي باري ۾ هن ڪتابن مٿان ڪتاب
پڙهيا. هوءَ ڏينهن ڏٺي جو انصاف ۽ آزادي لاءِ
سرحدن تي وڙهڻ وارا خواب ڏسندي هئي.
ڳوٺ ۾ رهڻ دوران کيس سوچڻ لاءِ تمام گهڻو مواد
مليو، جنهن سان سندس ذهن تي ڪيئي سوال تري ايندا
هئا. زميندارن ۽ وڏن واپارين جي ڀيٽ ۾ هارين ۽
پورهيتن جي غربت وارو سوال سندس ذهن تي ڇانيل
رهيو. هن سان گڏ اگهاڙن پيرن ۽ ڦاٽل ڪپڙا پهريل
جيڪي ٻار راند ڪندا هئا تن کي ڏسي کيس بيحد قياس
ايندو هو.
1871ع ۾ سندس خاندان ليپزگ ڏانهن روانو ٿيو. ان
وڏي شهر ۾ هن ڇوڪريءَ جي سڄي زندگي بدلجي ويئي.
ٿيٽر سان هن جو چاهه وڌي ويو ۽ ماڻس کيس ليگ آف
جرمن وومين جي گڏجاڻين ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لڳي.
جتي هن فرينچ ڪمپنيون، ان جي ڊهڻ ۽ قتل ٿيندڙ
هزارين پورهيتن جي الميي بابت پهريون ڀيرو ٻڌو.
هن استادن جي هڪ تربيتي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. چئن
سالن کان پوءِ هن فائينل جو امتحان، بهترين مارڪن
سان پاس ڪيو. هڪ استاد طور سندس مستقبل اڃا طئه
نه ٿيو هو، پر هن جي آڏو ته بنهه هڪ الڳ مستقبل
هو.
ويهن سالن جي عمر ۾ ڪلارا فيصلو ڪيو ته سندس ڄاڻ ۽
صلاحيتن جي انهن ماڻهن کي ضرورت آهي جن سان مستقبل
واڳيل آهي. يعني هاري ۽ پورهيت، ڪلارا جي هڪ ويجهي
روسي ساهيڙيءَ کيس پنهنجي ملڪ مان لڏي آيل ماڻهن
سان ملايو، هڪ ڏينهن هو ٻئي گڏجي جرمني جي سوشل
ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي هڪ گڏجاڻي ۾ ويون، جنهن ۾
مارڪس ۽ اينگلز جا ڪيترائي حوالا ڏنا ويا. اها
گڏجاڻي ڪلارا جي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ ثابت ٿي.
هوءَ انسانيت بابت نئين نظرين جي دنيا ۾ داخل ٿي.
هوءَ جرمن ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ اهڙي خطرناڪ وقت شامل
ٿي، جڏهن بسمارڪ سڀني سوشلست سرگرمين کي غير
قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. هن لاءِ پنهنجي مائٽن ۽
دوستن کان الڳ ٿيڻ انتهائي ڏکيو هو، جيڪي سندس
خيالن سان متفق نه هئا.
ڪلارا پنهجي زير زمين انقلابي سرگرمين دؤران هڪ
روسي انقلابي آسپ زيٽڪن سان ملي جيڪو ناياب ذهانت
جو مالڪ هو. هن جو خيال هو ته دنيا جي سڀني پيشن
مان انقلابي پيشو تمام وڏو ذميواراڻو پيشو آهي.
مضبوط ارادو، بي غرضي، همٿ، چوڪسي ۽ ڪيترن ئي شعبن
جي اونهي ڄاڻ هن پيشي لاءِ اهم آهي.
ڪلارا، آسپ زيٽڪن جي هر ڳالهه کان متاثر ٿي. اهڙي
پڪي يقين ۽ سچار شخص سان هوءَ اڳ ۾ ڪڏهن به نه
ملي هئي. ڪلارا اهو سوچيندي هئي ته رڳو هڪ بي حس
جانور جهڙو ضمير رکندڙ شخص ئي اهڙي دنيا ۾ رهي
سگهي ٿو. جي ايترو ظلم ۽ برايون ٿينديون هجن. ڇا
هوءَ اهڙي دنيا کي بدلائڻ لاءِ ڪا به جدوجهد نه
ڪري مظلوم ۽ بيوس ماڻهن کي خوشيءَ جو پل مهيا
ڪرڻ لاءِ ڪا چرپر نه ڪري؟ رڳو ترس کائڻ ڪافي نه
آهي. اسان کي عمل ڪرڻ کپي. اسان کي هر حال ۾ کٽڻو
آهي ۽ ان لاءِ اسان وٽ سائنس موجود آهي.
جڏهن آسپ زيٽڪ کي جرمني ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، تڏهن هن ڪلارا
کي چيو ته هو هميشه گڏ ٿيڻ لاءِ وري ملندا،. ڪلارا
کي به جڏهن خبر پئي ته سندس گرفتاري ٿيڻ واري آهي.
تڏهن هن کي به پنهنجي ديس وڃڻو پيو. هن آسٽريا ۽
اٽلي ۾ ڪجهه وقت خانگي ماسترياڻي طور گذاريو، ان
کان پوءِ هوءَ زيورچ ويئي، جتي هو جرمن سوشل
ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي مرڪزي حصي جي ايڊيٽر ايڊورڊ
برنسٽائين سان ملي. جرمني سان لڳ سڄي سرحد وٽ
اخبار هلائڻ جي ذميواري کيس سونپي ويئي. هڪ زير
زمين انقلابي طور هاڻ هن جي حوالي نهايت ڏکيو ڪم
هو. جيڪو هن خوشيءَ سان پورو ڪيو.
ڪلارا ۽ آسپ زيٽڪن پيرس منتقل ٿي ويا جتي هو
ٽيوشنون ڏيئي پنهنجي زندگي گهارڻ لڳا. ان جوڙي کي
ٻه ٻار ٿيا. سندن ڪمائيءَ مان ٻارن جي سر سنڀال
مس ٿي سگهندي هئي. هو گهڻو ڪري ڪافيءَ جي هڪ ڪپ ۽
هڪ سينڊ وچ تي گذارو ڪندا هئا.
هن اووچ انقلابين کي رڳو بک برداشت ڪرڻي نه ٿي
پيئي. پر هو گهر جي مسواڙ به ڀري نٿي سگهيا ۽ هڪ
رات گهر جي مالڪ سڄي ڪٽنب کي گهر کان ٻاهر ڪڍي
گهٽيءَ ۾ آڻي بيهاريو. هو پنهنجي ٻنهي ٻارن کي ڪڇ
تي کڻي پيرس جي هڪ اسڪوائر ۾ اچي ويٺا. اتي هڪ
راهه ويندڙ عورت آسپ زيٽڪن کي سڃاڻي ورتو. سندن
حال ٻڌڻ کان پوءِ هن کين هڪڙو ڪمرو ڏنو.
اها عورت روس جي سوشلسٽ هئي ۽ تازو ئي روس مان
ڀڄي آئي هئي.
پيرس ۾ ڪلارا کي ڪم ڪندڙ عورتن جي محرومين جو
تجربو ٿيو. ان سان سندس شڪور اڃا وڌيو. هاڻي ڏکويل
انسان ذات جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد کان هن کي ڪير
به روڪي نٿي سگهيو. انهيءَ وچ ۾ ڪلارا جي ڪارل
مارڪس جي ڌيءَ لارا لافارگ ۽ سندس مڙس پال لافارگ
سان گهاٽي دوستي ٿي ويئي. پال لافارگ فرينچ
ورڪرز پارٽي جو اهم اڳواڻ هو.
لارا ۽ ڪلارا، ان سياسي جدوجهد ۾ ڪيتريون ئي
عورتون پاڻ سان گڏ کنيون. محرومين جي ڪري آسپ نيٺ
لاچار ٿي پيو. هو ٽي بي جو شڪار ٿي ويو هو. ڪلارا
پنهنجي مڙس جي سار سنڀال لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف
ڪري ڇڏيو. پر سندس ۽ سندس ٻارن جي محبت، سندس
دوستن جو ساٿ ۽ ڊاڪٽرن جون ڪوششون ان بيماريءَ جو
مقابلو ڪري نه سگهيا. رڳو اهي ماڻهو ئي ڪلارا جي
ڏک ۽ پيڙا جو اندازو لڳائي سگهن ٿا. جن پنهنجن
پيارن کي هن بيماري جو شڪار ٿيندي ڏٺو آهي. زيٽڪن
جو موت ڪلارا لاءِ هڪ ناقل تلافي نقصان هو.
پنهنجي پيڙا تي قابو پائڻ لاءِ ڪلارا پنهنجو پاڻ
کي انقلابي سرگرمين ۾ مصروف ڪري ڇڏيو. 1889ع ۾
اينگلز سان گڏ هوءَ به سيڪنڊ انٽر نيشنل جي باني
ٿي. اهڙيءَ ريت ڪنهن عالمي پليٽ فارم تي ڪلارا
پهريون ڀيرو نروار ٿي. تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو
جو هڪ عورت ڪارڪن زندگي، نوڪري ۽ سياسي جدوجهد ۾
عورتن جي لاءِ هڪ جهڙن حقن جو مطالبو ڪرڻ لاءِ اٿي
بيٺي هئي. ڪالرا زيٽڪن جي پر جوش ۽ پر اعتماد
آواز سان سڄو حال گونجي رهيو هو. اها ڪلارا زيٽڪن
نه هئي، پر سڄي دنيا جون عورتون هن وسيلي ڳالهائي
رهيون هيون.
1890ع ۾ جرمن ريڪسٽيگ سوشلسٽ مخالف قانون واپس
ورتا ۽ اهڙي ريت ڪلارا واپس جرمني هلي ويئي. جتي
هن عورتن جي اخبار ”برابري“ (Fquality)
ڪڍڻ ۾ ذرو به دير نه ڪئي. هوءَ ان اخبار کي
انقلابي عورتن لاءِ هڪ جارح ادارو بڻائڻ ۾ ڪامياب
ٿي. عورتن جي حقن لاءِ سندس ثابت قدم دماغ کي ڏسي
فريڊڪ اينگلز جو ڌيان به ان طرف ڇڪيو ۽ هن
پنهنجي موت کان ٿورو اڳ ڪلارا کي لکيو ته ”شاباس
ڪلارا“
1893ع ۾ ڪلارا زيٽڪن هڪ عظيم انقلابي عورت روزا
لڪسمبرگ سان ملي. پولينڊ جي اها اڳواڻ ڪلارا کي
پنهنجي سڄي زندگي لاءِ دوست ٿي لڳي. اهي ٻئي
عورتون پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين هڪ ٻئي
جون ساهيڙيون رهيون. روزا لڪسمبرگ کي حسابن سان
دلچسپي هئي. تنهن ڪري سندس سوچ خيالي هئي. جڏهن
ته ڪلارا زيٽڪن جذبن جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري شاعراڻي
طبيعت جي مالڪ هئي ۽ في البديه شعر چوندي هئي.
روزا لڪسمبرگ حقيقت ۽ تجربي کي سامهون رکي تقرير
ڪندي هئي. فولادي منطق جي ڪري سندس تقرير جو انداز
جار حاڻو هوندو هو. جڏهن ته ڪلارا جي جوشيلي للڪار
هڪ طوفان جيان هوندي هئي.
ٻنهي ڄڻين عورتن جي برابري واري جهنڊي کي بلند
رکيو. ”Equality“
اخبار ۾ ڪلارا ڪم ڪندڙ عورتن جي سڀني مسئلن جو ذڪر
ڪيو. عورتن جي حقن لاءِ وڙهڻ جو مطلب سندن ٻارن
جو دعا ڪرڻ هو.
ڪلارا زيٽڪن جي ٻي مهم عالمي عوامي تعليم لاءِ
هئي. سندس خيال هو ته تعليم ذريعي ئي ڪارڪن فتح
ماڻي سگهن ٿا. هڪ هنڌ هن لکيو آهي ته ”عجيب ڳالهه
آهي ته جڏهن تعليم تي خرچ ڪرڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته
اسين غريب ٿيو وڃون، پر جڏهن انسانيت جي تباهي
واري فن تي مهارت حاصل ڪرڻ واري ڳالهه ٿئي ٿي ته
ان مهل اسين تمام گهڻا شاهوڪار ٿيو وڃون.“
دنيا پهرين عالمي جنگ (1918- 1914ع) جي تباهيءَ
ڏانهن وکون کڻي رهي هئي. ڪلارا زيٽڪن ۽ روزا
لڪسمبرگ کلي عام جرمني جي قيصر جي پاليسين جي
مخالفت ڪئي. ڪلارا برن ۾ عورتن جي عالمي ڪانفرنس
گهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي. ان ڪانفرنس ۾ امن جي حمايت ۽
جنگ جي مخالفت ۾ ڳالهايو ويو. جنهن جي ڪري جرمني
پهچڻ شرط ڪلارا کي گرفتار ڪري مٿس بغاوت جو ڏوهه
مڙهيو ويو.
60 سالن جي ڪلارا هر ممڪن توڙي ناممڪن طريقي سان
جنگ جي جنون خلاف ارڏائي سان وڙهندي رهي.
آڪٽوبر واري انقلاب جي هن پورهيت مردن عورتن جي
سوڀ طور آجيان ڪئي. لينن کي هڪ خط لکي هن بالشويڪن
کي پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.
ان کان پوءِ جرمني ۾ به انقلاب آيو، پر انقلاب
مخالف قوتون اتي غالب اچي ويون. انقلاب جي اڳواڻن
روزا لڪسمبرگ ۽ ڪارل ليبنيڪٽ کي بيدرديءَ سان ماري
ڇڏيو. ڪلارا زيٽڪن ڪنهن بيمارِءَ جي سبب اسپتال ۾
داخل هئي. تنهن ڪري هوءَ اتان ئي ڀڄي نڪتي.
جنگ کان پوءِ جرمني جي معاشي بدحالي ۽ ويهن ڏهاڪي
۾ نئين ۽ پراڻي ٽهيءَ جي وچ ۾ جدوجهد جي ڪري،
ڇڪتاڻ ۽ تڪرار وڌي ويا. اهڙي وقت ۾ هڪ اڳواڻ جي
حيثيت ۾ ڪلارا زيٽڪن وڏي ايمانداريءَ ۽ اُتساهه
جو مظاهرو ڪيو.
ٽي ڪامنسٽرن ڪانفرنس ۾ سندس ويچارن جي ڪري مٿس
تنقيد ڪئي ويئي. هن بنان ڪنهن ڪاوڙ ۽ آڪڙ جي اها
تنقيد ٻڌي. ٻئي ڏينهن سندس جنم ڏينهن هو. هوءَ
جڏهن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتي ته گلن سان سندس
آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ ماڻهن اٿي بيهي سندس استقبال
ڪيو. سچ پچ ته دنيا ۾ انقلاب لاءِ سندس سڄي
زندگيءَ جي خدمتن کي اهو سلام هو.
ڪلارا زيٽڪن لينن جي گهر واري نادزهدا ڪروپسڪايا
جي ويجهو رهي. هڪ ڏينهن هو ٻئي جديد آرٽ تي بحث
ڪري رهيون هيون. لينن به ساڻن بحث ۾ شامل ٿيو. هن
چيو ته ”ها، منهنجي عزيز ڪلارا، اسين ان بابت ڪجهه
به نه ٿا ڪري سگهون، ڇا ڪاڻ ته اسين ٻئي پوڙها ٿي
ويا آهيون. پر جيستائين انقلاب جو سوال آهي اسان
کي نوجوان رهي پنهنجو پاڻ کي اڳين صفن ۾ آڻڻو
پوندو .“
عورتن جي عالمي ڏينهن جي باني ڪلارا زيٽڪن اڳين
صفن ۾ ئي رهي. پنهنجي موت کان ٿورو اڳ هوءَ
شيڪسپيئر، گوئٽي. شلر، والٽيئر يا بائرن جو ادب بر
زبان ٻڌائي سگهندي هئي. پنهنجي زندگيءَ جي آخري
گهڙيءَ تائين هوءَ انسانن جي آزاديءَ ۽ خاص ڪري
سڄي دنيا جي عورتن جي سڌاريءَ واري نيڪ مقصد لاءِ
وڙهندي 20 جون 1933ع تي لاڏاڻو ڪري ويئي.
عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ مهل اسين ڪلارا زيٽڪن
جي امر يادگيريءَ کي سلام ڪندا آهيون.
(دي نيوز جي ٿورن سان- ترجمو: امداد پليجو)
الله بخش نظاماڻي
سينگار
”سينگار“ اصل سنسڪرت لفظ ”شرنگار“ مان نڪتل آهي.
سينگار کي هنديءَ ۾ چون ”سنگار“ جنهن جي معنيٰ
آهي: ٺاهه ٺوهه، سجاوٽ ۽ سونهن، هار سينگار،
ملوڪيت. سينگار جا ڪيترائي قسم آهن.
پياري لال ”شرنگار شاستر“ ۾ لکي ٿو ته، ”اسان جي
ديس ۾ استرين جا سورنهن سينگار آهن، جي پراچين
زماني کان هلندا اچن ٿا. “ اسان جي سنڌ جا سگهڙ ۽
شاعر، سينگار جا بيت يا ڏوهيڙا پنهنجي محبوب جي
وڻندڙ گفتار، رفتار، ۽ ان
جي عادتن ۽ اطوارن کي ڪن خاص سهڻن چونڊيل موزون
لفظن ۾ لڪائي پيش ڪندا آهن. انهن مان ڪي نبي
محبوب ڏانهن.
سينگار جي بيتن جي سهڻائي جو دارو مدار سهڻين
تشبيهن استعارن تي آهي، جن جي لفظي سٽاءَ ۽ پوچ
قابل تعريف آهي ۽ انهن مان محبوب جي سونهن جو تجلو
پيو نظر ايندو آهي؛ جيئن شاهه ڀٽائي، حضرت محمد ﷺ
جن جي شان ۾ فرمايو آهي:
ناز منجهان نڪري پرين ڪري ٿو پنڌ، ڀونءِ پڻ بس
الله چئي، راهه چمي ٿي رند، اُڀيون گهڻي ادب سان،
حورون حيرت هنڌ، سائينءَ جو سوگند، ساجن سڀنئان
سهڻو.
سينگار جي بيتن ۾، در اصل مداح ۽ تعريف سمايل
آهي. اهي بيت يا ڏوهيڙا هندي ”دوهن“ جي تتبعي تي
آهن، گهڻي وقت کان هندي سگهڙن کان رڙهي سنڌ ۾ آيا
۽ سينگار جو فن مروج ٿيو. پر سنڌ جي سگهڙ ۽ عوامي
شاعرن، عام شاعريءَ جي هن صنف کي سهڻي نموني
سينگاري، هندي دوهن کان به گوءِ کڻي ويا آهن.
مداح ۾ تعريف جو سلسلو انسان – ذات لاءِ هڪ فطري
معاملو آهي. هر ملڪ ۾، پنهنجن پنهجن ٻولين ۾، ههڙي
قسم جي شعر جو رواج هوندو آهي، مگر جهڙيءَ طرح
سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي بيتن يا ڏوهيڙن جو رواج
آهي، اهڙو ٻين ٻولين ۾ مشڪل ملندو. هن باري ۾ هڪ
مثال هيٺ ڏجي ٿو، جنهن مان هنن بيتن جي خاصيت
معلوم ٿيندي: ”سَر کنڊ ۾ سُرها ڪَيا، تَرِني لوئي
تَلَ، لوڏ ڪُنجل جِي ڪم ٿي، چال پسِي چينچل،
قريبن، ڪنڀار چوي، جنهن درس دکايا دل، اُنهيءَ ماڳ
مهل، ٿي سرهائي ساهه کي.“
سرکنڊ = چندن، سرهاڻ؛ ترني= عورت؛ لوئي = ملي،
مکي. تل= وارن جو چوٽو: ڪنجل= هاٿي؛ چينچل= محبوب؛
درس= ديدار؛ دل= گهڻا.
سگهڙ ٿو چوي، ”محبوب وارن جي چوٽي کي مشڪ ملي
سُرهو ڪيو ۽ سندس ٽور، هاٿيءَ جي هلڻ کان به سهڻي
آهي. جنهن وقت ان ديدار ڪرايو. تنهن وقت ساهه کي
تازگي اچي ويئي.“
’ڏهس‘ ۽ ’سينگار‘ جو فن، نهايت انوکو آهي، جنهن
ڪري هن فن جي بچت، سنڌ جي جهونن سگهڙن وٽ ئي
آهي. هي صنف، ’لوڪ ادب‘ جو نڪُ آهي، ۽ لغوي مواد
جي جان. جيڪڏهن هينئر به پهري سجاڳ ٿي، جهر جهنگ
جهاڳيون ته ممڪن آهي ته ڪجهه نه ڪجهه پلئه پئجي
وڃي؛ پر جيڪڏهن آرس ڪيوسين ته اهي ڪَڇُ کائي ڪِٺُ
تي بيٺل، هَڏن جي مُٺِ وارا سگهڙ اُٿي ويندا، ۽
پوءِ ڪيتري به حيلي هلائڻ سان، هٿ اچي نه سگهندا.
محمد سومار شيخ
پيرن جا زيور
پيرن جي زيورن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون هيٺيان زيور
ڪم آڻينديون آهن.
1-
ڪڙيون
2-
نوُرا
3-
ڇير
4-
پاجيب (پاءِ زيب)
5-
جهانجهر (جهير)
6-
وڇوڻا
7-
مُنڊيون
8-
ورڻا
9-
ڪڙا
10-پير
ڇلا
11-
پولڙيون
12-ٻڏيءَ
ٻيڙيءَ جي ڪڙي
13-ڪاڍليا
14-ساٽا
ڪڙين، نُورن ۽ ڇير جو ذڪر تفصيل سان اڳتي هلي ڪبو.
باقي زيورن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو:
پاجيب:
پاجيبن کي اصل فارسيءَ ۾ (پاءِ + زيب) ”پازيب“ (1)
جي نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو هو. گهڻو ڪري سڀ
ذاتيون پائينديون آهن. |