شامت: نحوست، نڀاڳ، مصيبت، آفت
بد اختر: بد نصيب، ندورو، چنڊو
شهرت: بد نامي، خواري، مشهوري، ناموس
(11)
پوءِ يزيدي لع قيد ۾ آيا حرم روئندا رهيا
هند کي ڪنهن طرح سان سي سڀ مڙي ملندا رهيا
حال پنهنجو بيخوديءَ ۾ بارها چوندا رهيا
هِند جا اوساڻَ غمگين روبرو ٻُڌندا رهيا
هِند همدردي ڪئي ٿي زينبِؑ دلگير سان
۽ يزيدي لع فوج تي لعنت وِڌئين پي ڌِير سان
بي خودي: پنهنجو پاڻ ۾ نه رهڻ واري حالت
بارها: ڪئين ڀيرا
(12)
کاڌي پيتي جو ڪيائين خاطريءَ سان انتظام
تن جي قربانيءَ تي ڪِيائين بارها بيحد سلام
پوءِ زين العابدينءَؑ سان هند ٿي هئي همڪلام
دست بسته عرض ڪِيائين آهيان اَهنجي غلام
۽ ڪَيئن تعظيم بيحد اهل بيت پاڪ جي
جيڪو هو آل نبيؐ ۽ صاحبِ لولاڪ جي
(13)
سيد و سالار يعني جانِ ختم الرمسلين
سيد و سالار يعني نازشِؑ عرش برين
سيد و سالار يعني صاحب دينِ متين
سيد و سالار يعني مالڪِ رُوئي زمين
دينَ جو سو نگهبان قرآنَ جو خود پاسبان
قتل ڪهڙيءَ طرح سان ٿيو تَشنه لب ۽ ميهمان
(14)
سر زمين ڪربلا جو ڪجهه ٿيو تنهنجي مٿان
جو ٿيو سو تو ڏٺو هي قهر ٿي آيو ڪٿان
مون ۾ طاقت ڪانه آهي جو چوان ۽ جو ٻڌان
ظلم معصومنؑ سان ٿيو اُن لَءِ ڀلا آئون ڇا چوان
ڪيئن ڏِٺئي مظلوم ۽ ڪجهه سر زمين ڪربلا
سرِوَران روشناس در بلا و در بلا
(15)
اَي زمين توتي ٿيا ها سرَوَرَن جا سِرَ قلم
هر ڪو هڪ ٻئي جي پٺيان ٿيو راهئي ملڪ عدم
ڪنهن نه دشمن سان لڙائيءَ ۾ کنيو پٺتي قدم
ري کيَڻ ۽ ري پِيڻ هر هڪ هُئو شاهه اُمم
ڇو نه اُن دم اَي زمين تو ۾ پيو هڪدم شگاف
هي خطا هر گز نه توکي رَبُ ڪندو بلڪل معاف
(16)
اَي زمينِ ڪربلا توتي ٿيو ذَبح عظيم
ٿو مٿان ابنِ عليؑ سڀني سان گڏجي ٿيو مَقيم
تون هجين ها جيڪڏهن فرزائي فائق ۽ فهيم
زلزلو تو ۾ اچڻ کپندو هو تو تي ها يتيم
ڇو نه تو جنبش ڪئي ٿيندي ڏسي هو ڪارزار
ڇو نه تون ڦٿڪينءَ ڏسي جنگ و جدل کي بار بار
(17)
زينبِؑ دلگير جي تو ڪيئن ٻڌي آه و فغان
ڪيئن سڪينهؑ کي ڏٺئي بابي سان چسپان بي گمان
ٻيو به ڪو آيئي نظر هن عابدؑ بيمار جان
بيڪسن جو تو ڏٺو اهڙو ڪڏهن ڪو ڪاروان
اوچتو هاتف کان منهنجي ڪنَ ۾ آئي هيءَ صدا
صبر ڪر اَي ”طالب الموليٰ“ نه پُڇ هيءَ ماجرا
مرثيه 6
السلام اَي سرَ سبحان الذي اسريٰ امير
32 بند
شاعر
حضرت مخدوم امين محمد (پکن ڌڻي) رحمت الله عليه
(1)
السلام اَي سرِ سبحان الذي اسريٰ امير
السلام اَي سيدِ ياسين لقب مهرو منير
السلام اڙين اَجها اَي دل دُکين جا دستگير
السلام اَي مرسلن جا مقتديٰ صدر سرير
السلام اَي سر جدا سردار سرور السلام
السلام اَي شافعِ من يومِ محشر السلام
(2)
جڏهن حسين ابن عليؑ پيدا ڪيو پروردگار
حڪم ٿيو اُن وقت جبرائيل کي از ڪردگار
ڏي مبارڪ مصطفيٰ کي وڃ مديني جي ديار
لوڏ ان پياري جو پينگهو نير نيڻن واهي نار
في الجنان نهرِ لبن هي لعل کي لولي ڏجانءِ
هَئي حُسينا هَئي حُسينا هِينئن چئي ڪورنش ڪجانءِ
(3)
اصل کئون اَقطاب هو شاهه شهيدان ڪربلا
اَنت مِنّي چوندو هو جنهن کي هميشه مصطفيٰ
نوچشمِ ماهرو خوش وقت چيو خيرالنسا ع
مرحبا من روح روحي الَّرضاؤ مصطفيٰ
هو رسول اللهؐ جو جنهن کي چون پيارو پسر
سو حسين ابن عليؑ شاهِه شهيدِ بحر و بر
(4)
اڪثر آهي گهڻو گهاريندا هئا مرسل جي گهر
چوندا هئا ان کي ڪ آءُ والشمس والي والقمر
آن جو آگي جي اڳيان بي سر هلڻ جڏهن ٿيو پڌر
روئند اهئا نانُئي ۽ بابُئي درد دک ۾ سربسر
چوندا هئا بابا جڏهن تون ماربين ميدانَ ۾
مرگ ٿيندو مرسلن کي روضئه رضوان ۾
(5)
چئو ته يارو جن جي خدمت ۾ خدا جا خاص هئا
تن جا رتبا ۽ رضائون خالق الخلاق هئا
نور عينا مصطفيٰ هر دو پيارا پاڪ هئا
بضعته المني نسب پاره جگر دل چاڪ هئا
اِنَّما يطهر يريد الله جن جي شان ۾
تشنه لب خسته جگر ڪيئن ماريا ميدان ۾
(6)
هاڻ تون هڪ رات جا تان سڻ هي حاديثا حشر
جڏهن ڇهن ورهين جو ٿيو او لعل لاؤ بالي گهر
وَالضُحيٰ وجهک شجاع شاهِه شهيدِ بحر و بر
فائق فرمان جنهنجي واسطي هو والقمر
اُم سلمهؓ جي اڱڻ آيو عليءَؑ جو نونهال
ٿي پڇيئون آيو اِتي نانو نبيِؐ ذوالجل
(7)
ام سلمهؓ چيو اڳيان اَي مرحبا ميرل اچو
اَهنجي ناني جي اچڻ جو وقت آهي ويجهڙو
ترس تان اُو پڻ اچي محبوب مرسل من مٺو
اَي بابا اَهنجي اچڻ جو مون ٿي اڄ رستو ڏٺو
فارغ المحراب و منبر کان اچن ٿا هن گهڙي
تيستئين آرام فرمايو اَي منهنجا پيارا پي
(8)
تڏهن پلنگ تي پير ڏئي خوش ٿي سُتو ابن الامامؑ
انتظاريءَ ۾ انهين ايندو اِجهو او ذوالڪرام
مَر اسان جو مُنهن ڏسي نانو نهاري صبح و شام
آءُ ته آن سان اڄ ڪريون ڪِي پاڻ ۾ قرب و ڪلام
تان طبيعت ناز پرور ننڊ به نرمل کي کنيو
سر رکي بالين بستر تي سڄڻ سمهي رهيو
(9)
ٻِن گهڙين کان بعد اُت آيو رسولِ صه ذوالجلال
۽ ڏٺئون بستر سُتو بالين تي بدر الڪمال
ام سلمهؓ کي چيائون هي اَسان جو خوش خصال
مرستو سئوکو رهي هن ساڻ واحد جو وصال
ٻيو پلنگ ڀر ساڻ هن جي آڻي جوڙيو جود ٿيو
من گهريو مطلب اسان جو هن مڙئي موجود ڪيو
(10)
ام سلمهؓ ان گهڙي آڻي وڌو اُن سان پلنگ
مُنهن ڏٺو ٿي مصطفيٰ لولاڪ صاحب لعل رنگ
خوش ٿي چِيائون ٿي ته اُمت جو اسان جي هن تي سڱ
حشر ۾ هوندو اسان کي هن جو همره ساٿ سنگ
آئي ننڊ بيبيءَ کي باقي پاڻ پيا ذڪرِ خدا
اوچتو عرشن کئون ٿيو آواز نرمل کي ندا
(11)
يا محمد مصطفيٰؐ اڄ ماريه مجلس جڙي
۽ اوهان جا ڪاڻ آيا ماڳ اُت مرسل مڙي
۽ عليءَؑ ڏي اوليا الحال حاضر ٿيا هلي
هن اوهان جي پيار پٽ لءِ اڄ عذرداري لڳي
اَئين ڏسو ارض و سما ۾ هي حشر ۽ شورشين
سڀ کي وائي وات هي هر هڪ چوي هئي هئي حسين ع
(12)
جوڙي جبرائيل آندي اُتِ عماري سبزوار
سڀ ملڪ موجود ٿيا سنبري ٿيو سرورؐ سوار
ڪلّ ليلِ ڪربلا ۾ مظهر ماتم تنوار
هئي حُسيناؑ هَئي حُسيناؑ ڪِيو رُنئون رت زار زار
خاڪ سر سڀني کي واويلا جي اُت ٻاڪار هئي
سر پٽڻ سينو ڪٽڻ ۽ ٻي نه ڪنهن جي ڪار هئي
(13)
آدمؑ و نوحؑ و خليلؑ ۽ آل عمرانؑ اشڪبار
۽ به اسماعيلؑ اُندم ٿي رُنو رت زار زار
موسيٰؑ ۽ عيسيٰؑ به آيا بي ردا ؤ بيقرار
هر ڪنهين ڳل ڪاري ڪفني آه هڪ هئي هئي هزار
جڏهن محمدؐ جو قدم پيو ماريه ميدان ۾
سڀ ملڪ موجود ٿيا اُن گوڙ ۽ گمسان ۾
(14)
مڙئي مرسلؑ معرڪِ هئا حال حضرت هوبهو
سر پٽي سِينو ڪٽي ڪيئون رنگ پنهنجا سرخرو
ڪربلا جي خاڪ ۾ مڙئي ٿيا ڙوليده مو
هٿ کڻي حضرتؑ اڳيان ڪيئون آه عرشين ڪو بڪو
چَيَائون هي ماتم اسان جو حال هينئن زارو زبون
آه اَي ختم الرّسل انا اليه راجعون
ڙوليده مو: وکريل وار يا وکريل وارن وارو
(15)
۽ به اسماعيلؑ اُن دَم عرض ڪِيو رت روئي نير
هاءِ هن ڌرتيءَ مٿي ايندو هلي حضرت شبير ع
هوندو عزرائيل ان سان تان بَه تقديرِ قدير
۽ به ٿيندو قتل هن هنڌ نائبِ نِعم النصير
بس هتان هڪ خاڪ جي چَپٽي امانت نِيو اوهان
جڏهن سَڀائي سرخ ٿئي تڏهن قتل ٿيو شاهِه جهان
(16)
تڏهن وجهي دامن ۾ دلبر خاڪ کنئي خيرالوريٰ ص
۽ چيو جبرئيلؑ کي ان حامئي هر دوسرا
آڻ هڪ شيشو شتابي از ڪرم ڏَنهن ڪبريا
تان رکون هي خاڪ خاصن جي امانت اتقيا
آندو جبرائيلؑ جلدي سان نمونو نُور جو
۽ اڳيان آڻي رکي ڪِيئون معجزو مذڪور جو
(17)
چيائين هن مرقد کي مرسل خاڪ سان هاڻي ڀريو
جي اوهان جو جانبِ دارالبقا ڏي سفر ٿيو
تان ڏجو هي اهلبيتنؐ کي مقرر معجزو
جو پيارو پاڻ وٽ ڪنهن ڌيان سان نيئي ڌريو
چئجو هن مرقد جي جڏهن خاڪ ساري خون ٿِئي
تڏهن اسان جو لعل گوهر ماڳَ هِنَ مدفون ٿِئي
(18)
پوءِ ته مڙني مرسلنؑ ٿي موڪلايو مير کان
بعد ماتم معرڪِ ان تابعِ تقدير کان
زيب و زينت عرش، ڪرسي جي محمدؐ مير کان
حامئيِ هر دوسرا اُن عاصين دل ڌير سان
السلام عليڪ يا شبيرؑ جا نانا نبي ص
منجهه قضا هن قتل جي توريءَ رضا ٻي ڪانه ڪي
(19)
آن کي آهي شاهدي ۽ هن عذرداريءَ جو حال
ڪِيو اسان پورو اچي فرمايو جيڪين ذوالجلال
هاڻ هت آهيون سڀئي منجهه ماتمِ بدرلڪمال
هي اَجر ملندو اسان کي تنهن جو بدلو نت محال
تو ۽ جبرائيلؑ عليءَؑ سان هت عذرداري ڪئي
هئي حُسيناؑ هَئي حُسيناؑ ناله و زاري ڪئي
(20)
هٿ چمي ڏئي حاضري ارواح ٿيا عرشن جي پار
آڻي اکين آب احمدؐ ٿيو رَوان يثرب ديار
چيئون ته جبرئيلِ اَخي حُڪمِ قضا سان ڪهڙو آر
نا ته ڪنهن سيني اندر سانڍڻ جي هي ڪا آهي نار
اَي اَدا آهي اسان کي راز رب العالمين
نت اسين هن لَءِ پڙهون جي جامع المتفرّقين
(21)
هڪ گهڙي اڳهين اُٿي بيبي محمدؐ مير جي
جان ڏسن تان ناهي مرسلؐ کٽ مٿي نرمل نبي ص
۽ ڪڙا قابو درن کي ٻيو نڪو درچه دَرِي
اِن تعجب ۾ تحيّر هئا اڃان تان آهَ ٿي |