سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :6

القاب: لقب جو جمع، خطاب، اعزازي نالا

(11)

غريَب پرور، عالم نواز، خلق پناه

ملڪ سپاه، فلڪ بارگاهِ شاهنشاه

امامَؑ بي ڪس و مظلومَ بي ديار تباه

خليل ڪعبئه دين يوسفِ رسولؐ الله

 

اَجل رسيده جا عيسيٰ غريبَ جا والي

حسينؑ ابنِ عليؑ صد ظلّهء عالي

 

اجل رسيده: موت جي ڦندي ۾ ڦاٿل، موت ۾ جڪڙيل

(12)

عرض هي بعد قدم بوسي ۽ بَه تسليمات

لکو زبانيء صغريٰؑ هي اَي شهِهؑ خوش ذات

سواءِ اوهان جي آهيان نِيم جان ڏينهن ۽ رات

نه آرزُو آ شفا جي نه آ اُميدِ حيات

 

نه ڪنهن کي آهي توقع ته آئون ڪا بچنديس

فراق هجر ۾ آخر تائين پيئي ڳرنديس

 

قدم بوسي: پيرن چمڻ واري حالت، پيرن تي هٿ رکڻ واري حالت

تسليمات: سلام، نياز، تسليم جو جمع (اردو ۾ مفرد استعمال ٿئي ٿي)

توقع: اميد، ڀروسو، آس، امڪان

(13)

اکيون ته بند ٿيون پر نهرِ اشڪ جاري آ

جگر ته ناهي مگر درد، بيقراري آ

شمار ٿي چڪو وعدن جو دم شماري آ

وَئي بخار جي نَوبت اجل جي واري آ

 

نه صبر و هوش نه تابِ فراق باقي آ

فقط اوهان جو ئي هڪ اشتياق باقي آ

 

نهر اشڪ: ڳوڙهن جو واه يا شاخ

نوبت: وارد، موقعو، ڀيرو، مهلت، فرست، نغارو

اِشتياق: شوق، سڪ، تمنا، آرزو

(14)

لُقبَ اَمان جا اَي چاچا ڪريو ته هاڻ رقم

جناب والده ايمان عِفـّتِ مريم

۽ شڪوه مُلڪِ عرب، رونقِ ديارِ عجم

شهِهؑ نجف جي بَهُو بانوئي امامِ اُمم

  

قبول هديئه تسليم و بندگي ٿئي

۽ هاڻ لطف ڪريو سو جو زندگي ٿئي

 

عفت: پارسائي، پاڪدامني، عصمت

شڪوه ملڪ عرب: عرب جي ملڪ جي شان و شوڪت

رونق: چمڪو، سينگار، شادابي، تازگي

ديار: ڏيهه، ديس، وطن، ملڪ، علائقو

(15)

اوهان جو عدل ته دنيا اندر آهي، مشهور

هي ڇا؟ سڪينهؑ ۽ ڪبريٰؑ قريب، صغريٰؑ دُور

عرب جي رسم آهي يا عجم جو آ دستور

قصور آن جو نه آهي نصيب جو آ قصور

 

ڪَفَنَ، مقامِ قبر جي ٿي هِتِ تلاش ڪريان

وداع آهي جو آئون صاحبِ فراش آهيان

 

صاحب فراش: بستري داخل، بيمار (جيڪو کٽ تان اُٿي نه سگهي)

(16)

لکو اَي چاچا وري هاڻِ عليؑ جو نام و نشان

بَه عِزّو عرض غُلامانِ اڪبرؑ ذِي شان

هي آ گذارش بيمار و بيڪس و نالان

نه آئين وعده تي پنهنجي تون اَي برادر جان

 

جَمَال و حُسن ۾ يوسفؑ جو تاج اڪبرؑ آ

گِلا لِکو نه جو نازڪ مزاج اڪبرؑ آ

 

بيڪس: ساٿي کانسواءِ، اڪيلو، محتاج

نالان: روئيندڙ، دانهون ڪندڙ، فريادي، عاجز، ڪڪ

(16)

خطاب حضرت عباسؑ ڏي ڪريو تحرير

شفيق آل نبي ثانيءَ جنابِ امير ع

اُميدوار شفاعت آ هيءَ ڪنيز حقير

سڪينهؑ جان جي صدقي ۽ صدقهء شبير ع

 

وساري ڇو رهئين ويهي، وري نه آئين تون

ٻڌايو مونکي ته ڪهڙو ڪيو قصور آ مون

 

شفيق: مهربان، همدرد، مشفق

ثاني: ٻيو، جهڙو، مثل، جوڙ، مقابل، مٽ، همسر

ڪنيز: ٻانهي

حقير: ادنيٰ

(18)

لکو سڪينهؑ کي واحسرتا بَحالِ تباه

گذر ويا ٿي گهڻا ڏينهن هاءِ اَي ذِي جاه

نه مونکي پنهنجي حقيقت کان تو ڪيو آگاه

آئون هت ڏکن ۾ اوهان کان سواءِ وڃي ٿو ساه

 

تو ڀيڻ ڀي نه مونکي آهي ياد فرمايو

چوان ڇا مونتي اَلاجي ڪٿان قهر آيو

واحسرتا: هاءِ افسوس

(19)

پڦيءَ جي ڪاڻ هي مضمون پڻ ڪجو مرقوم

تون پنهنجي ڀاءُ جي عاشق آهين، اَٿم معلوم

هي خوابُ ڏسندِي آهيان روز روز آئون مغموم

هزارين تيغون ۽ هڪ آ حسينؑ جو حلقوم

 

اَلاجي ڪهڙِي حقيقت ڏسان ٿِي ڏينهن ۽...............

چڱو ٿِئي جو وڃي ختم ٿي هي مُنهن جي..............

 

مرقوم: لکيل

مغموم: غمگين، پريشان، اداس

حلقوم: نڙي، نڙگهٽ، گردن

(20)

جدا جدا ٿي لکايائين هر ڪنهين ڏي آه

ته ياد اصغرؑ معصوم جِي پيس ناگاه

قَلم ۽ خط وٺي چاچي کان ٿي بَحال تباه

چَيائين اُن کي ته لکنديس آئون پاڻ خود دل خواه

 

لکيائين اصغرؑ منهنجا خدا وري آڻئي

ٿي ساريان توکي سدا سُڌ به ڪانه ڪا لڌيئي

 

دل خواه: دل جي خواهش وارو، مرضي موجب، پسند وارو

(21)

پوءِ خطُ کڻي هلي پنهنجي ئي گهرَ جي عرش مٿان

نگاهه راهه جي ويندن ڏي، ۽ زبان تي فغان

پريشان ٿِي ٿيِ نهاريائين ۽ گهڻو حيران

ته يَڪ بَه يَڪ ٿِيو هڪ شُتر سوار راهي عيان

 

وَٺيو مهار هو بي اختيار ويو ٿي هليو

سواءِ صغريٰؑ جي آهُن نه ٻِئي ڪنهين جهليو

 

عرش: ڇت، تخت، آسمان

فغان: شور، هل، گوڙ، پڪار، فرياد، دانهن، روڄ راڙو

شتر سوار: اٺ سوار، اوٺي

(22)

چيو ٿي ناقه نشينءَ کي پُڪاري هِينئن صغريٰ ع

ته هن غريبِ جو قاصد تون ٿيءُ بَراءِ خدا

اُجورو هت آ دُعا جو ۽ روزِ حشر جزا

آئون آهيان بي ڪس و مجبور گرفتارِ بلا

 

خدا جي واسطي خطُ هِن گهڙي اندر پهچاءِ

هي حال منهنجي غريبيءَ جو نَئِي اُنهن کي ٻُڌاءِ

 

ناقه نشين: ڏاچي سوار

(23)

 

 

 

شُتر سوار ته لَبيڪ چئي ۽ ڦيري مهار

چيائين آهين ته ڪا سخت بي ڪس و ناچار

هي ڪنهنجو خط آهي ڪاڏي وڃي هي ڪر اظهار

ٻُڌاءِ ڪنهن جو آهين آل اَي ضعيف و زار

 

هي ڪهڙو تنهنجو پيارو آ توکا دُور ٿيو

جو جنهن جي غم ۾ بدن تنهنجو چُور چُور ٿيو

(24)

چيائين روئي ته آهي اُهو امام حسين ع

اُهو عزيز اُهو آهي قبلهء ڪونين

انهيءَ جو هجر ۾ هردم ڪريان ٿي شور و شين

وڇوڙو ساري ڪڙم جو آ جنهن کان ناهي چين

 

مريض و فاقه ڪش و ششدر آهيان انسان آئون

جناب پنجتن پاڪ جي دل و جان آئون

 

قبلئه ڪونين: دين دنيا جو قبلو، ٻنهي جهانن جو قبلو

(25)

شُتر سوار وٺي خط هليو عراق جي راه

پڪاريو فاطمهؑ صغريٰ ته في امان الله

شُتر سوار بَه غم ويو ٿي رفته رفته آه

جِتي هُئي چند قدم تي اُها شهادت گاه

 

صمينه خونِ شهيدان هَوا کان آئي ٿي

فغان اهلؑ حرم ڪربلا کان آئي ٿي

 

شتر سوار: اٺ سوار

صمينه: الصميان مان نڪتل آهي صمينه جنهن جي معنيٰ آهي تيز

لسان العرب جلد 7 صفح 414 - 415

(26)

چَيائين دل ۾ ڪريان مرحلو هي جلدي طئي

سپاه شام جِي اُن جي پٺيان هُئي پَئيِ در پَئيِ

هو آيو هڪدم اَنبوه ۾ هليو ڪاهي

۽ بندوبست هو قتلِ حسينؑ جو هئي هئي

 

هُتي قضا هُئي هِتي هر طرف کان قاتل هو

حسينؑ گنج شهيدان ۾ نِيم بِسمل هو

 

 

نيم بسمل: اڌ ڪٺل، اڌ مئو، گهايل، مجروح

(27)

نگاهِ ياسِ سان خط ورتو شاههؑ ٿِي خاموش

ڪڏهن رُنائين ٿي ڪنهن دم ويو ٿي ٿِي بيهوش

شُتر سوار جي مُنهنَ ۾ نِهاري ڪِيائين خُروش

جواب جو نه رهيس تاب ڪِيئين جگر سان جوش

 

نگاهَ هڪڙِي هئي قاصدَ ڏي ٻي هئي سُوءِ سَما

ڪَيئِين هزار ٿي شڪرانا اُت بَه صِدق و صفا

 

نگاه ياس: نااميد نظر، مايوس نگاه

خروش: فرياد، وڏو آواز

(28)

اُنهيءَ گهڙِيءَ ۾ ته شمرِ لعينَ حمله ڪيا

شِڪن جَبِين تي ۽ دستِ دَغا ۾ تيغ جفا

قَريبِ شاهَ جي پَهتو اَچي عَدُوءِ خدا

چيو حسينؑ اَي قاصد! توکي به موڪل آ

 

 

 

اي اوٺي! صغريٰؑ کي منهنجا ڏجئين سلام گهڻان

۽ چئج ملنداسون روزِ قيام هڪ ٻِئي سان

 

شڪن: گهنج

جبين: پيشاني، نراڙ

دست: هٿ

دغا: دوکو، فريب، ٺڳي، دولاب

(29)

هي گفتگوءِ هُئِي لندڙ ته آئي فوجِ جلاد

سڀن جي هٿ ۾ هئا عُريان حَربَهء بيداد

جگر تي نيزه لڳو لَبَ تي ناوڪِ فولاد

چَيو فرشتن فرياد يا عليؑ فرياد

 

فلک به از غم شبيرؑ نِيل فام بشد

بگفته بانوئي بيکس که بس تمام بشد

 

حرب: جنگي هٿيار

آسمان غم شبيرؑ کان نيرو ٿيو

بانوئي بيڪس جي چوڻ مطابق ته بس تمام ٿيو

(30)

پيو هو خاڪ تي غَشَ ۾ امامؑ عرشِ سرير

ته آه سينئه مجروح تي چڙهيو بي پير

اڃان هو ويجهو ئي مقتل جي قاصدِ دلگير

هي غُل ٿيو ته سِنان تي رکو سِرِ شبيرؑ

 

ڏَڪيو ٿي عرشِ معظم به بي خَطا اُن دم

فرشتا لرزان هُئا ۽ ڏَڪيو ٿي لوح و قلم

(31)

نه آهي تاب اَي ”طالب“ قلم به ٿيو ڪوتاه

دُعا جناب اِلاهيءَ ۾ ڪر اَي بار الله

طفيل شاههؑ شهيدان جي بَخش جُرم و گناه

جو مونکَي هر دوجهان ۾ اُنهيءَ جِي آهي پناه

 

هتي ٿئي ته غمِ شاههؑ مشرقين نصيب

هتي بِهشت ۾ ٿِئي خدمتِ حسينؑ نصيب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org