سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :1

شان حسين

حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح

ڪتاب متعلق

اعليٰ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ عليه الرحمته جن جو اهو ڪلام جيڪو اهلبيت اطهار جي شآن ۾ تحرير فرمايو اٿن. خاص ڪري سندن اهي مرثيه جيڪي ”وڏي پڙ“ تي پڙهيا ويندا هئا. اهي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيئن ٿيو ان جو مختصر ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان.

غالباً سال 2002ع جي مارچ جو مهينو هو ۽ هجري سن 1423 جي آخري مهيني يعني ذوالحج جي آخري ڏهي جا ڏهاڙا هئا. ان وقت هالا جو ماحول فرقيواريت جي لحاظ کان ڪشيده هو جنهن کان منهنجو ذهن اڳ ئي متاثر ٿيل هو. ان سلسلي ۾ هالا جي شيعه برادري سان تعلق رکندڙ ڪجهه حضرات پنهنجي مسائل جي سلسلي ۾ ڪامريڊ غلام حسين سومرو جي قيادت ۾ مون سان مليا. ڪامريڊ عمر رسيده ماڻهو آهي ۽ اسان سان سندس پراڻو تعلق آهي. انهن پنهنجا ڏک سور ۽ شڪوه شڪايتون بيان ڪيون. ظاهر آهي ته سندن ڏک ڏوراپا اسان کي ئي ٻڌڻا آهن. ڇاڪاڻ جو هالا جي ماڻهن سان اسان جو تعلق سياسي نه پر پنهنجن وارو آهي.

اسان جي خاندان هميشه بغير ڪنهن فرق جي هر ڪنهن جي خدمت ڪئي آهي. گفتگوءَ دوران سيد شير محمد شاهه صاحب چيو ته توهان به پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلندي اسان جو خيال رکو ۽ خاص ڪري عشرهء محرم دوران امام بارگاهن تي اچڻ جي حاضري ڏيندا ڪريو جنهن سان سائڻ سلام الله عليها جن اوهان تي راضي ٿينديون.

جڏهن آئون نصر پور سيد دربار علي شاهه صاحب جن کي شادي جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ منهنجي ذهن ۾ سيد شير محمد شاهه صاحب جا چيل الفاظ جنهن ۾ پاڪ سائڻ سلام الله عليها جن جي راضي ٿيڻ جو ذڪر هو منهنجي ذهن ۾ اهڙا ته ويهي ويا جو مون محرم شريف ۾ امام بارگاهن تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو به طئه ڪيو ته اڳواٽ اچڻ جو ڪنهن کي اطلاع ڪونه ڏبو بس بغير ٻڌائڻ جي هلبو. پوءِ انهي سال جيئن محرم محرم شريف جو چند ڏٺو مون امام بارگاهن تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو مون سان گڏ سيد جمن شاهه صاحب ۽ سيد حاجي شاهه ڏنو شاهه صاحب پڻ گڏ هئا. جن صاحبن صلاح ڏني ته شروعات رجب علي جعفري جي امام بارگاهه کان ڪجي پوءِ ائين ئي ڪيو ويو شايد اها محرم شريف جي پهرين تاريخ هئي اتي پهتاسين ته انهن اڃان علم پاڪ سوار نه ڪيو هو انهي تياريء ۾ لڳا پيا هئا چند گهڙيون ويهڻ کان پوءِ سبيل ڪري موڪلائي اٿياسون ۽ بلڪل ڀرسان ٻي گهٽي ۾ ماستر محمد اسماعيل واري امام بارگاه ”ٻوڙي جو پڙ“ تي حاضر ٿياسين. ان کان پوءِ آخر ۾ ڪامريڊ غلام حسين سومرو جي امام بارگاهه انجمن حيدريءَ تي وياسين. اهڙي طرح هر سال حاضري ڏيڻ هاڻي منهنجو دستور بڻجي ويو آهي.

وري جڏهن ٻئي سال وياسين ته هن دفعي غلام مصطفيٰ عمراڻي به اسان سان گڏ هو جنهن انجمن الفقراء صاحب الزمان عج (امام بارگاهه مڱڻهار) تي هلڻ لاءِ چيو گذريل سال انهي امام بارگاهه تي وڃڻ ڪونه ٿيو هو. اتي ويٺا هئاسين ته زوار حسين بخش پٺاڻ چيو ته قبله اجازت هجي ته حضرت طالب الموليٰ سائين جن جو مرثيو پڙهون. مون چيو بسم الله پڙهجي.

جڏهن مرثيو ٻڌم ته سوچيم ته ڪربلا جي اهڙي دکدائڪ واقعي کان ڪيئن ٿا سرسري گذري وڃن. هي ته انسان ذات خاص ڪري مسلمانن جي لاءِ عبرت جو مقام آهي.

انوقت خيالات ماضي ڏانهن هليا ويا. مونکي منهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو. جڏهن وڏي پڙ تي بابا سائين (حضرت طالب الموليٰ سائين) جن سان گڏجي وڃبو هو، اتي سڄي شهر جا پڙ سواءِ هڪ اڌ جي ايندا هئا ۽ مرثيه خواني ٿيندي هئي.

وڏي پڙ جا مرثيه خوان اوستو نور محمد صوفياڻي، پير محبوب علي، حسين بخش خادم، ولي محمد صوفياڻي ۽ جان نثار صبوح پوٽو ۽ ٻيا مقرر ٿيل هئا.  اڳواڻي اوستو نور محمد ڪندو هو. بياض جهلڻ جي ڊيوٽي سيد امير علي شاهه جي هوندي هئي. پوءِ آئون ڇا ڪندو هوس جو ان بياض جي بلڪل هيٺان وڃي بيهي رهندو هوس. محرم شريف دوران سائي (موڱي) رنگ جي قميص ۽ سفيد سلوار پهربي هئي.

بهرحال جڏهن انجمن الفقراء صاحب الزمان عج تان موٽياسين ته اسين سڀ گڏ هئاسين. سيد جمن شاهه صاحب، سيد شاهه ڏنو شاهه صاحب ۽ غلام مصطفيٰ عمراڻي.

گاڏي ۾ ئي سيد جمن شاهه صاحب صلاح ڏني ته حضرت طالب الموليٰ سائين جن جا مرثيه ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن. اهو ڪم اوهان جي هٿان ٿئي ته خدمت به ٿيندي ۽ اوهان کي سعادت به حاصل ٿيندي. سيد حاجي شاهه ڏني شاهه صاحب ان تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته سيد جمن شاهه صاحب جي راءِ بلڪل صحيح ۽ مناسب آهي سائين جن جا مرثيه اڄ ڏينهن تائين ڪتابي صورت ۾ شايع نه ٿيا آهن تنهنڪري اهو ڪم زوار رجب علي جي حوالي ڪجي، اهو ئي ڪم سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. انهيءَ تي سيد جمن شاهه صاحب چيو ته پوءِ اهو ڪم سائين حاجي شاهه ڏني شاهه صاحب تي رکجي ته اهو زوار رجب علي جعفري سان رابطو ڪري. نيٺ هڪڙي ڏينهن فيصلو ڪري تاريخ 15 مارچ 2005ع تي زوار رجب علي کي گهرائي ڪتاب ترتيب ڏيڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو ويو. جنهن وڏي محبت ۽ محنت سان ڪتاب جو مسوده تيار ڪيو.

اهڙي طرح هي ڪتاب ”شان حسين عه“ ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ پهتو آهي.ا ميد ته هن مان سڀئي مستفيض ٿيندا.

ڪتاب جو نالو سندن ئي شعر مان منتخب ڪيو ويو آهي جيڪو ٽائيٽل تي ڏنو ويو آهي.

هي ڪتاب منهنجي پياري ڀاءُ مخدوم عبدالحسين المعروف مخدوم شفيق الزمان رح جن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. پاڻ مونکان ننڍا هئا ۽ جواني جي عالم ۾ اسان کان جدا ٿيا. جهڙو سندن نالو هو پاڻ به اهڙا ئي شفيق هئا. سندن زندگيءَ ۾ جيڪي به حضرات ساڻن مليا هوندا اهي ان ڳالهه جو ضرور اعتراف ڪندا.

اهو عجيب اتفاق  چئجي يا قدرت جو راز چئجي جو ”وڏو پڙ“ منهنجي ڏاڏي سائين جن جي ڀاءُ حضرت مخدوم عبدالحسين سائين جن جي نالي سان قائم ٿيل آهي. پاڻ حضرت مخدوم ظهير الدين رح (پرو ڄام سائين) جن جا فرزند هئا. هي ڪتاب جنهن ۾ اهلبيتؑ اطهار سان محبت و عقيدت جي ذڪر سان گڏ وڏي پڙ جو به مختصر ذڪر ٿيل آهي.ا هو منهنجي ڀاءُ مخدوم عبدالحسين رح جن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي يقيناً اها مماثلت به هڪ وڏو راز رکي ٿي. منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ محبت اهلبيت جي طفيل کين جوار رِحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. (آمين)

هي ڪتاب مرتب ڪرڻ تي زوار رجب علي جليس جعفري کي جس هجي جنهن هي نيڪ ڪم سرانجام ڏيئي پنهنجو حق ادا ڪيو آهي. جنهن جو صلو کيس يقيناً بارگاهِ اِلاهي مان عطا ٿيندو. آئون به سندس لاءِ دعاگو آهيان.

آئون پنهنجي لاءِ به بارگاه اِلاهي ۾ دست به دعا آهيان ته رب پاڪ منهنجا مشڪل دور ڪرڻ فرمائي ۽ منهنجي نيڪ خواهشات کي پايئه تڪميل تي پهچائي. (آمين)

طالب دعا

مخدوم غلام محمد ”گل سائين“

المعروف مخدوم خليق الزمان

پيش لفظ

هڪ ڪتاب حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ عليہ الرحمته جن جي انهي ڪلام جو مجموعو آهي جيڪو پاڻ اهلبيت اطهار سان محبت، عقيدت جي اظهار طور چيو اٿن. جنهن ۾ مرثيه، منقبت ۽ سلام وغيره آهن.

هونئن ته سندن زندگي جي هر پهلوءَ تي ڪافي اديب ۽ دانشور پنهنجي پنهنجي ڄاڻ مطابق روسني وجهي چڪا آهن جيڪا مختلف ڪتابن ۽ رسالن جي صورت ۾ منظر عام تي اچي چڪي آهي.

خود پاڻ به پنهنجي زندگي جا مختصر حالات ۽ ننڍپڻ جو ذڪر قلمبند ڪيو اٿن جيڪو ڪتابي صورت ۾ اچي چڪو آهي. سندن شاعري جا ڪيئي مجموعه به ڇپجي چڪا آهن.

ان کان سواءِ سندن ادبي، سماجي، تعليمي ۽ مذهبي خدمات جا روشن مثال اڄ به سندن عظمت جي گواهي ڏيئي رهيا آهن. مگر پوءِ به سندن زندگي جي ان روشن ترين دور جو ذڪر تشنه رهجي ويو آهي جنهن ۾ پاڻ پنهنجن واجب الاحترام بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي نواسئه رسولؐ امام عاليمقام حضرت امام حسين عليہ السلام جن جي غم ملهائڻ لاءِ خصوصاً عشره محرم دوران مجالس عزا ۽ مرثيه گوئي کي پنهنجين سمورين مصروفيات تي ترجيح ڏين ٿا ۽ اُخروي نجات لاءِ اهو پيغام ڏين ٿا:

محمدؐ وٽ اهو ئي سرخرو آهي

هجن اعمال جنهنجا خوب و بهتر

”نجات“ ان لا آهي جو مڃيندو

عليعه و فاطمہعه، شبيرعه و شبرعه

(طالب الموليٰ)

هر سال سندن ورسيءَ جي موقعي تي ڪئين علم دوست حضرات کين خراج عقيدت پيش ڪندا رهندا آهن. مگر سندن زندگي جي ان اهم پهلوءَ تي ڪنهن به قلم هٿ ۾ نه کنيو آهي.

ڪربال جي واقعي جي حقيقت کي لڪائڻ وارن جو ذڪر ڪندي فرمائين ٿا.

هر جاءِ حق پرستي ٿيندي رهي تہِ تيغ

ڪا سرزمين نه چئبي جا ڪربلا نه آهي.

دنيا ۾ هر انسان کي قدرت طرفان ڪونه ڪو جوهر ضرور عطا ٿيندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان کي محسوس ڪري يا نه ڪري.

حضرت طالب الموليٰ سائين جن کي قدرت انيڪ نعمات کان علاوه محبتِ اهلبيتؑ جهڙي جوهر سان مالا مال فرمايو هو ۽ ٻي نقطئه نگاهه کان ڏٺو وڃي ته اهو جوهر پشت درپشت هلندو اچي ۽ سندن پرورش به اهڙن مبارڪ هٿن ۾ ٿي. سندن والد بزرگوار حضرت مخدوم غلام محمد عرف ”گل سائين“ رح جن به اهلبيتؑ جا وڏا حبدار هئا. عام زندگيءَ ۾ به سادات عظام جي وڏي عزت ڪندا هئا. پاڻ ڪافي مرثيه چيا اٿن. هن ڪتاب ۾ سندن هڪ سه حرفي جيڪا حضرت عليؑ جن جي شان ۾ چئي اٿن اها تبرڪ طور شامل ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ حضرت مخدوم امين محمد رح ”پکن ڌڻي“ جن به مرثيه چيا آهن جن جو ذڪر مرحوم محبوب علي چنه صاحب ”ڪليات امين“ ۾ ڪيو آهي.

يقيناً انسان بغير ڪنهن مقصد جي ڪوبه ڪم ڪونه ٿو ڪري. عام خدمتون هجن يا عقيدت جا گل هجن. اهي به مقصد کان خالي نه هوندا آهن. اهلبيت جي مداحي به مقصد رکي ٿي.

اهو ئي اهو مقام آهي جتي شاعر جي خلوصِ قلب جون گهرائيون ڳولي سگهجن ٿيون. حضرت طالب الموليٰ عليہ الرحمته جن جو به اهو ئي مقصد آهي جيڪو پاڻ حضرت عليؑ جن جي شان ۾ چيل هڪ منقبت ۾ ورجايو اٿن.

تنهنجي مداحن جو آهي طالب الموليٰ غلام

جو ڪري تنهنجي گلا و الله سوئي نا خلف

(طالب الموليٰ)

يقيناً پنهنجي قاتل کي شربت پيئارڻ واري هستي جيڪڏهن پنهنجي مداح کي پنهنجي دربانيءَ جو عهدو عطا فرمائي ته انهيءَ ۾ تعجب جي ڪا ڳالهه ڪانهي.

ويهين صدي عيسوي ۾ جن بزرگن کي سنڌي شاعري جو سُتون چيو ويندو هو انهن ۾ اعليٰ حضرت طالب الموليٰ رحمت الله عليہ جن کي امتيازي حيثيت حاصل آهي.

شاعريءَ ۾ پاڻ هر صنف تي طبع آزمائي فرمائي اٿن.

هقيقت ۾ محبت اهلبيتؑ هڪڙو ورثو آهي جنهن جي حفاظت هر وارث تي واجب آهي. محبت اهلبيتؑ آخرت جو سرمايو آهي. هيءَ اها لازوال دولت آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ يا ان جي حفاظت ڪرڻ هر الله واري جي زندگي جو مقصد رهيو آهي ليڪن هي ايترو آسان ڪونهي جيترو سمجهيو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي. هي قدرت طرفان انتخاب ٿيندو آهي جنهن تي نطر ڪرم ٿئي اهو ئي آخرت ۾ ڪاميابي ماڻيندو.

حضرت طالب الموليٰ رح پنهنجي متعلق فرمائين ٿا:

اميد آهي ته روزِ حشر هوندو طالب الموليٰ

محمدؐ مصطفيٰ ۽ حيدرؑ ڪّرار جي وچ ۾

(آمين)

حضرت طالب الموليٰ سائين جن پنهنجي قابل احترام بزرگن جي نقش قدم تي هلندي ذڪر اهلبيتؑ کي نه صرف اجاگر ڪيو پر ان کي برپا ڪري ان جي آبياري به ڪئي ڇاڪاڻ ته محبت اهلبيتؑ کين ورثي ۾ مليل هئي.

پنهنجي زندگي جي شروعاتي دور ۾ هالا ۽ پسگردائيءَ جي اڪثر امام بارگاهن کي سندن هر قسم جو تعاون حاصل رهيو ۽ ڪيتريون ئي امام بارگاهون پاڻ زمين ڏيئي قائم ڪرايائون. سندن آخري دور جو تازو مثال اهو آهي ته سندن چاچي سائين حضرت مخدوم الهه بچايو خلف حضرت مخدوم ظهير الدين عليه الرحمته جن جي قائم ٿيل امام بارگاهه جيڪا ”دربار حضرت عباس علمدار“ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن جو راقم الحروف مُتَوَلي آهي ۽ اهو سلسلو پشت درپشت هلند و اچي اها امام بارگاهه ايراضي جي لحاظ  کان ننڍي آهي. مون 20 جولاءِ 1992ع تي سائين جن جي خدمت ۾ هڪ ”منظوم“ خط عرض رکيو جنهن ۾ امام بارگاهه جي ايراضي گهٽ هئڻ سان گڏ مسائل جو ذڪر ٿيل هو. جنهن لاءِ پاڻ طبيعت جي ناسازيءَ جي باوجود تاريخ 24 جولاءِ 1992ع مطابق 23 محرم الحرام 1413هه بروز جمعته المبارڪ تي سرزمين ڏسڻ لاءِ ڀرواري اوتاري ۾ تشريف فرما ٿيا جتي سندن حڪم مطابق اسان بندوبست رکيو جتي سروري جماعت جا مک ماڻهو به موجود هئا.

سندن اهي نه وسرڻ جوڳا الفاظ جيڪي ان وقت سامعين کي مخاطب ٿي فرمايا هئائون اهي اڄ به هر ان شخص جي دل تي نقش ٿيل آهن جيڪو ان وقت روبرو موجود هو ۽ منهنجي هن تحرير جيي تصديق ڪندو.

پاڻ خطاب دوران فرمايائون:

”اوهان منهجي حالت ڏٺي ته آئون

هلي به نه ٿو سگهان. هي حڪم آئون

گهر ويٺي به ڪري سگهيس ٿي

پر آئون جنهن سرڪار کي ڏيڻ

آيو آهيان اتي هلي اچي ڏبو

آهي ڏياري ڪونه موڪلبو آهي.“

انهن الفاظن مان سندن اهلبيتؑ اطهار سان محبت ۽ عقيدت جو هر شخص بخوبي اندازو لڳائي سگهي ٿو. پاڻ انهيءَ منزل تي سرفراز هئا جيڪا رب پاڪ پنهنجن منتخب بندن کي عطا فرمائيندو آهي.

”اوهان جي طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي ڪجو هردم

سندس ظاهر جي شانن، شاهڪارن تي متان ڀلجو“

(طالب الموليٰ)

هن ڪتاب ڪتاب متعلق ايترو عرض ڪندس ته تاريخ 15 مارچ 2005ع مطابق 4 صفر المظفر 1426هه بروز اڱاري تي قبله مخدوم غلام محمد عرف ”گل سائين“ المعروف مخدوم خليق الزمان سائين جن مونکي سڏايو. آئون حڪم مطابق سندن بنگلي ”خانگاهه“ تي حاضر ٿيس وٽن سيد حاجي شاهه ڏنو شاهه اجناڻي، سيد جمن شاهه اجناڻي، سيد عمران حيدر شاهه اجناڻي ۽ ادو غلام مصطفيٰ عمراڻي ويٺل هئا. جيستائين بادشاهي سلام ڪريان پاڻ ان کان اڳ ۾ ئي مون کي يا عليؑ مدد چيئون. اها سندن خاص خوبي آهي ته پاڻ کيڪارڻ ۾ هميشه سَبقت ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org