سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :3

ترجمون: جنهن کي احمد صلعم جي تُربت جي مٽي سُنگهڻ جي سعادت نصيب ٿي انهيءَ کي ڪڏهن به گلن مان خوشبو محسوس نه ٿيندي. (بابا جان!) توهان کان پوءِ مون تي اهڙيون مصيبتون آيون آهن جو جيڪڏهن اهي روشن ڏينهن تي پون ها ته اونداهيون راتيون بڻجي وڃن ها.

ان کان علاوه حضرت عمرؓ جي باري ۾ علامه شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب ”الفاروق“ جي صفحه نمبر 656- 657 تي لکي ٿو ته:

”البت زيد سان جيڪو سندس حقيقي ڀاءُ

هو نهايت اُلفت هُئي. جڏهن هُو يمامه

جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ته تمام گهڻو رنو

۽ سخت رنج پهتس. اڪثر چوندو هو

ته جڏهن به يمامه جي طرف کان هوا

اچي ٿي ته مونکي زيد جي خوشبو اچي ٿي.

عرب جو مشهور مرثيه گو شاعر متمم بن

نويره جڏهن وٽس آيو ته فرمائش ڪئينس ته

زيد جو مرثيه چئه مونکي تو جهڙو چوڻ اچي

ها ته آئون پاڻ ئي چوان ها.

اهڙي طرح حضرت ام ڪلثوم بنت حضرت عليؑ به ڪربلا جي واقعي کان پوءِ دردناڪ مرثيو چيو آهي.

سندس مرثيه جا ٻه شعر نقل ڪجن ٿا.

مَدِينَةَ جَدِّنَا لَا تَقَبلِينَا

فَبِا الحَسَرَاتِ وَالاحزَانِ جِئنَا

اَلَا اَخبِر رَسُولَ اللهِ فِينَا

باَنَّا قَد فُجِعنَا فِي اَبِينَا

ترجمو:

اسان جي ناني جا مدينه تون اسان کي قبول نه ڪر

ڇاڪاڻ ته اسين حسرتن ۽ رنج و غم سان موٽيا آهيون

ها، ڪو خدا جي رسول صلعم کي خبر ٻڌائي ته

اسان کي اسان جي پيءُ جي جدائي جو صدمو پهچايو ويو.

حضرت امام محمد باقرؑ ڪميت بن اسدي (جيڪو شاعر ٿي گذريو آهي) کي شعر پڙهڻ جي فرمائش ڪئي. ڪميت، حضرت امام حسينؑ جن جي شهادت واري واقعي متعلق شعر پڙهيو ته امام عليہ السلام ڪميت کي هڪ هزار دينار ۽ هڪ لباس عطا فرمايو.

ڪميت عرض ڪيو:

”مولا! خدا جي قَسم مون دنياوي فائدي

خاطر عليہ السلام جي مصيبت تي شعر

نه پڙهيو آهي. جيڪڏهن آئون دنيا جو

خواهشمند هجان ها ته انهن دولتمندن وٽ

وڃان ها جن جي هٿن ۾ اڄ به دولت آهي.

مون ته آخرت جي اجر کي پيشِ نظر رکي

اوهان جي حڪم جي تعميل ۾ شعر پڙهيو“

۽ اِئين چئي ڪميت اها رقم امام عليہ السلام جن جي خدمت ۾ واپس ڪئي. البت لباس تبرڪ طور پاڻ وٽ رکيو.

امام عليہ السلام، ڪميت جي حق ۾ دعا ڪندي فرمايو:

”اَي ڪميت! جيستائين تون پنهنجي زبان سان

اسان جي نصرت ڪندو رهندين. خداوند عالم

روح القدس جي ذريعي تنهنجي مدد ڪندو رهندو.“

 

اهڙي طرح حضرت امام رضا عليہ السلام دعبل خزائي (جيڪو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي) کي فرمائين ٿا:

”تون اسان جو مداح ۽ ناصر و مددگار آهين.

امام حسين عليہ السلام جي مصيبت

تي مرثيو چئه ۽ جيستائين ٿي سگهي

اسان جي مدد ۽ نصرت ۾ ڪوتاهي نه ڪجانءِ“

اهلسنت جو عالم مولانه شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي ”فتاويٰ عزيزي“ ۾ لکي ٿو ته:

”سال ۾ ٻه مجلسون فقير جي گهر تي منعقد

ٿين ٿيون. مجلس ذڪر وفات شريف ۽ مجلس

شهادت حسينؑ ۽ هيءَ مجلس بروز عاشوره يا ان

کان هڪ ٻه ڏينهن پهرين ٿئي ٿي. معتبر روايات

مطابق کين آيل تڪليفون بيان ڪيون وڃن ٿيون

ان سلسلي ۾ بعض مرثيه جيڪي جِنن ۽ پرين کان

حضرت ام سلميٰؓ ۽ ٻين صحابينؓ ٻڌا آهن. اهي

به ذڪر ڪيا وڃن ٿا  وحشت ناڪ خوابن جو به

ذڪر ڪيو وڃي ٿو. جيڪي حضرت ابن عباس رضه

۽ ٻين صحابه ڪرام ڏٺا هئا. جنهن مان معلوم

ٿئي ٿو ته جناب رسالت مآب صلي الله عليه وآلہِ وسلم

جن کي ان واقعي کان نهايت رنج والم هو

انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪو شخص سُريلي آواز

سان سلام پڙهي ٿو يا شرعي طور تي مرثيه پڙهڻ

جو اتفاق ٿئي ٿو ته اڪثر حاضرين مجلس ۽ هِن

فقير کي حالتِ رِقت ۽ گريو لاحق ٿي وڃي ٿو.

جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه فقير جي نزديڪ جائز

نه هجي ها ته هرگز گقير ائين نه ڪري ها.

(فتاويٰ عزيزي)

مرثيي جي لغوي معنيٰ جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته مرثيي کي جيڪا وڌيڪ اهميت ۽ مقام حاصل ٿيو اهو ڪربلا جي ڏکوئيندڙ واقعي کان پوءِ حاصل ٿيو. جنهنڪري مرثيو هر ادب جي اصنافِ سُخن ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.

اردو ادب ۾ مرثيه کي اهو مقام حاصل اهي ليڪن سنڌي ادب ۾ شعراءِ ڪرام انهي صنف تي تمام گهٽ توجهه ڏنو آهي.

تحقيق مطابق سنڌي مرثيه جي شروعات سنڌي شاعري جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ٿي جنهن جو آغاز بيتن ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ موجود آهي. جيئن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي ۾ به سُر ڪيڏارو ملي ٿو. يا ان کان اڳ مخدوم عبدالله يا ٻين شاعرن جا چيل بيت به موجود آهن. مگر مرثيي جو سنڌي ادب ۾ باقاعده بنياد وجهندڙ حضرت سيد ثابت علي شاهه رح آهي جيڪو حضرت مير انيس رح ۽ حضرت مزار دبير رح جن کان به اڳ جو آهي جنهن جو ثبوت سندن ولادت ۽ وفات جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو.

سيد ثابت علي شاهه رح

ولادت 1153هه 1740ع

وفات 27 جمادي الثاني 1225هه 1810ع عمر 78 سال

مير انيس رح

ولادت 1220هه 1805ع

وفات 1291هه 1874ع عمر 74 سال

مرزا دبير رح

ولادت 1218هه 1703ع

وفات 29 محرم الحرام 1293هه      1875ع

سيد ثابت علي شاهه رح سنڌي مرثي متعلق فرمائي ٿو:

”مرثيو سنڌي اڳي هو ڪو نه اصلي سنڌ ۾

جي ڪو هو، تان پڻ نه هو مشهور هن پر هرڪجا“

هيءَ مرثيي جي مختصر تعريف هئي جيڪا بيان ڪئي وئي آهي.

مرثيه 1

ڇا خاطر شبير ؑ آ درگاهه خدا ۾

28 بند

بيان شهادت

حضرت علي ؑ اصغر

(1)

ڇا خاطر شبيرؑ آ دَرگاه خدا ۾

هرگز نه ڪڏهن فرق پيو جنهن جي دعا ۾

يڪتا آ عبادت ۾ شجاعت ۾ سخا ۾

بيڪس به ٻيو اهڙو نه آهي دوسرا ۾

 

ڇا مرتبو آهي ڇا وري ظُلم سهيو آ

لاشو به ته بي ڪفن ۽ بي دفن رَهيو آ

(2)

هن طرح رقم ٿو ڪري هي راويء غمناڪ

هڪ ڏينهن هو نت زينتِ مسجد شهه لولاڪ

وارد ٿيو هڪ شخص حضورِ نبيءؐ پاڪ

پيرن جي نبيءَ جي کڻي اکين سان مليئين خاڪ

 

۽ عرض ڪيئين دل سان هي تلقين مون کي ڏيو

يا شاهه رُسل دولت ۽ دين مون کي ڏيو

(3)

ٻڌندي هي ٿيا بيحد خوش حيدرؑ صفدر

۽ ڪلمون پڙهيائون اُتي اُن کي برابر

فرمايائون خوش ٿي جو اَٿئي طالع ياوَر

هر گز نه ڪڏهن ٿيندين اَبا تون دِل مضطر

 

ها تف توکي اڄ ڏي ٿو صدا صلّ علا جي

هر دم هجي تو تي اِيءَ رحمت به خدا جي

طالع: طلوع ٿيڻ وارو، چمڪڻ وارو، نصيب، قسمت، اقبال، نئون چنڊ

ياور: مددگار، حمايتي، دست گير

طالع ياور: قسمت جاڳڻ، نصيب ڀلا ٿيڻ“ ڀاڳ کلڻ

مضطر: پريشان، بي چين

هاتف: غيب جو آواز، غيب جو آواز ڏيندڙ فرشتو

(4)

ٻڌندي هي ٿيو احمدِؐ مرسل تان هُو قربان

۽ عرض ڪيئين آهيو ذِي مرتبه و ذِي شان

مشڪل آهي هڪڙو مونکي سو اڄ ڪريو آسان

جنهن لاءِ گهڻو ٿيو آهيان حيران ۽ پريشان

 

دِلبرُ ڪو مونکي حقُ ڏي جو دل منهنجي حزِين آ

دولت آهي پر دولتِ اولاد نَڪِين آ

ذي مرتبه: مرتبي وارو، درجي وارو، عهدي وارو، منصب وارو

ذي شان: شان وارو، شوڪت وارو، دٻدٻي وارو

(5)

پوءِ مرسلؐ حقَ ڪِيا مٿي کڻي دَست دُعا جا

مشغول مناجات ۾ اُن واسطي ٿي ويا

۽ عرش تان نازل ٿيو جبرئيلؑ قضارا

ڪِيو عرض محمدؐ کي ته خاموش خدارا

 

اِيءَ طَلب ڪريو ڪين هي اِرشادِ خدا آه

تقدير ۾ هنَ جي ته ڪو فرزند لکيو ناه

 

دست دُعا: دُعا جا هٿ

مناجات:       دُعا، عرض، عاجزي ۽ التجا واري دُعا

اُهو نظم جنهن ۾ خدا جي ساراه ڪجي

(6)

محبوبِؐ خدا ٻڌندي هيءَ جبرئيلؑ جي تقرير

غمگين ٿي فرمايائون جا مرضيء تقدير

ناگاهه ٿيو جلوّه نما حضرت شبيرع

پر حال دلِ احمدؐ مختار هو تغيير

 

آزُرده نه ڪيائون ته به اُن نور نظر کي

۽ گود ۾ ورتائون کڻي پنهن جي پسر کي

تغيير: حالت بدلائي ڇڏڻ

آزرده: ناراض، ناخوش، خفا، رنجيده، ڏکويل

(7)

شفقت سان نظر ڪيائون سُو ئي چهرهء دلدار

۽ پيار سان ڳالهايو تڏهن احمدِؐ مختيار

ڪئي فاطمهؑ جي لعل ته نانا سان هيءَ گفتار

ڇا رنج ڪو دل کي آهي اَي نائبِ غفار

 

ڇو اهڙا مَلول اڄ ته نظر مون کي اچو ٿا

ڇا آهي سبب ڪين ڪي خوش ڀي ڏسجو ٿا

(8)

فرمايئون کڻي تازي مسلمانَ ڏي آڱر

هنَ شخص کي اولاد نه آهي منهنجا دلبر

هنَ لاءِ دُعا حقَ کان گهُرِي ٿي مُون پيغمبر ص

پرَ رُوح الامينءَؑ چيو اَچي مون کي هي مقرر

 

تحقيق دُعا تنهنجي اِجابت جي قرِين آ

پر هن جي مقدر ۾ ته اولاد نڪين آ

اِجابت: جواب ڏيڻ واري حالت، قبوليت، منظوري

قرين: ويجهو، نزديڪ

(9)

 

هي ڳالهه ٻڌِي جڏهن پسر فاطمهؑ زهرا

الله جي رحمت جي طرح جوش ۾ آيا

فرمايائون هن ڳالهه جو ڏُک آهي اَي نانا ص

مون هَن کي ڏِنو پٽ وٺي از در گهِه مولا

 

فرمايو نبيءَؐ بيشڪ دل تنهنجي سخي آ

پر دَرگهه معبود ۾ هيءَ بي اَدبي آ

(10)

تَنهن تي هي وري چو پسر حيدرؑ ڪرار

مون هنَ کي وري پُٽَ ٻَه ڏِنا اَي شههؐ ابرار

فرمايو نبيءَؐ ماٺ تون ڪر اَي منهنجا دلدار

نانا کي چوڻَ هينئن لڳو هو ڪُلَ جو مددگار

 

مختيار مون کي آهي ڪيو فضل خدا اڄ

ستَ هنَ کي تڏهن مون کڻي فرزند ڏنا اڄ

چيو جو مخفف: چو

(11)

اُنَ دم هي ندا عرش کان ناگاه ٿي آئي

تڪرار ڪريو ڪينَ هي آ جانِ فدا ئي

شبيرؑ آ مختيار سندس آهي خدائي

عاشق آهي منهنجو هنَ کي روڪَ نه ڪائي

 

پهرين ته نه هئي بلڪل تقدير جي مرضي

پرَ هاڻ اها مرضي جا شبيرؑ جي مرضي

(12)

جبرئيلؑ پڪاريو ڏسو اُلفت جو هي اُسلوُب

ڇا عاشق و معشوق ۽ ڇا طالب و مطلوب

خالق جي سا مرضي آهي جا مرضيء محبوب

والله ٿيو خوب ٿيو خُوب ٿيو خُوب

 

مختيار ٿيو آهي سو الله جي گهرَ جو

۽ ٻيو وَرِي سردار ٿيو جن و بشر جو

 

اسلوب: طريقو، روش، ڍنگ، طرز

(13)

 

اَي يارو! ڏِٺيوَ هيءَ شههؑ مظلوم جي تَوقير

تبديل سندس واسطي الله ڪئي تقدير

ڇا خلق ۽ ڇا حلم ۽ ڇا بخشش شبير ع

۽ هاڻ ڪريان ٿو سِتم و ظُلم کي تحرير

 

تنهن شههَؑ جو گلو خشڪ قلم ٿئي هي غضب آ

اولادَ اُنهيءَ جي تي ستم ٿئي هي غضب آ

 

توقير: عزت، تعظيم، ادب

خلق: مزاج، سڀاءُ، اخلاق، سلڇڻائي، عزت ڀري اٿڻي ويهڻي

حلم: سهپ، بردباري، نرم دلي

(14)

جو شاههؑ ٻين کي ٿو ڏِئي دولت اولاد

افسوس جو ٻچڙن تي سندس ٿئي رُڳو بيداد

اَصغرَؑ جو گلو ڇا لڳي ڇا ناوَڪ فولاد

فرياد آ فرياد آ فرياد آ فرياد

 

بي جرم و خطا ڪودڪ شبيرؑ کي ماريئون

نادان کي معصومؑ کي بي شيرَ کي ماريئون

ناوَڪ: تير

فولاد: نهايت سخت، اعليٰ قسم جو لوه. رُڪ

(صفت) نهايت سخت، مضبوط

ڪودڪ: ننڍڙو ٻار، طفل.

(15)

اي مومنو! هنَ طرح روايت آهي مرقوم

جڏهن کير کان ڀي اصغرؑ معصوم ٿيو محروم

تڪليف ٿي طاري پوءِ بيحد مٿي معصوم ع

آندو کڻي ميدان ۾ جنابِ شههؑ مظلوم

 

اَعدا کي چيئين پياسو آ مهمان اَوهان جو

پاڻي جي ڏيو هنَ کي ته احسان اوهان جو

 

مرقوم: لکيل، تحرير ٿيل

محورم: منع ڪيل، مايوس، نا اميد، ناڪام

طاري: اوچتو ظاهر ٿيندڙ، ڇانئجي ويندڙ، غالب پوندڙ

اعدا: عدو جو جمع، دشمن، عداوت رکندڙ، ويري، مخالف

(16)

ڇا سوال ڪرڻ غير کي ڇا حضرتِ شبير ع

پر آهَ ڪئي شاهَهؑ ٿي مجبور هي تقرير

چِيائين ٿي مون کي آندو آهي اصغرؑ بي شير

ناگاه لڳو گردنِ معصومؑ تي هڪ تير

 

هي حال ڏِسي شاههؑ نهاريو ٿي فَلڪ ڏي

۽ منهنَ مان سواءِ شڪر جي ٻي بات نه ڪئي ٿي

(17)

پوءِ گودِ ۾ سرورؑ جي هو تڙڦڻ لڳو اصغر ع

۽ هڏڪيون ڀريون ٿي اُتي معصومؑ ته هرَ هرَ

سيني سان لڳائي چيو شههؑ بادل مضطر

آرام سان سمهندو هئين هنَ گود ۾ دِلبر

 

هنَ دَمِ ڇو تون تڙڦين ٿو ٿيو توکي اَبا ڇا

يا ياد ڪري روئين ٿو تون پنهنجو ادا ڇا

 

(18)

اُنَ دَمَ ۾ ڏنو دَمُ کڻي ناگهه علي اصغرؑ

اکين مان ٿيا اَشڪ رَوان شاههؑ جي هيڪر

ڪجهه ڪينَ ڪڇيو ضبط ڪيو شيرَ بهادُرَ

ڇا وقت اُهو هوندو مٿي جانِ پيغمبرؐ

 

پر رحم نه ترَ جيترو آيو هو فلڪ کي

معصومؑ جي هنَ حال تي مَلڪن به رُنو ٿي

(19)

پوءِ شاههؑ کڻي لاشَ هليو پنهنجي پسر جي

۽ رَت ڀرِي گردن ٿي اُگهيئين جان و جگر جي

هرَ هرَ ٿي ڏٺئين شڪل پنهنجي نورِ نظر جي

حالت آئون ڇا پيش ڪريان ديدهء تر جي

 

۽ لاشَ ڪليجي سان لڳائي کڻي شبيرع

داخل ٿيو اَچي خيمي ۾ باحالت تغيير

(20)

تڏهن بي بيءَ چيو خير آهي سبط پيغمبرؐ

ڇو جلد وَري موٽي کڻي آئين تون اصغرؑ

ڇا پاڻي مليو جلد آ معصومؑ جي خاطر

يا موٽي کڻي آئين تون بي شير هي دلبر

 

تڏهن شاهه چيو وِيو هليو اصغرؑ تنهنجو پيارو

۽ منهنجو وَٺي چين ۽ آرام ويو سارو

 

سبطه: پٽ ۽ ڌيء جو اولاد، پوٽا ڏهٽا.

(21)

بيبيءَ چيو معصومؑ کي پينگهي ۾ سمهاريو

پر پهرين اچي گود ۾ منهنجي ته وِهاريو

فرياد ڪري خوب خدا کي ٿي پڪاريو

اڄ پاڻي پٽين هينئن منهنجي پٽ کي آ پياريو

 

بس هاڻ سندم دل رُڳو غمَ دَرِدَ پئي سهندِي

بانو ته سوا اصغرؑ بي شير جي رهندي

 

(22)

ٿي بيڪس مادر جو ڪليجو مُنهن آيو

لاشي کي وَٺي گود ۾ سيني سان لڳايو

مرده کي کڻي ماءُ ٿي منهنُ، منهنَ سان ملايو

معصومؑ ذَري ڀر ڀي مگر ڪينَ ڳالهايو

 

چيائين ٿي ڪري دانهن ته ناشاد ڪري وِئين

هيءَ ساري حياتي منهنجي برباد ڪري وِئين

(23)

اَي پُٽڙا وَڏي هوندي سندءِ شادي ڪريان ها

۽ سهرا هٿن ساڻ توکي آئون ٻڌان ها

سڀ آسون اُميدون تنهنجون هڪَ وار ڏِسان ها

هي خوب ٿئي ها جي اڳي توکان مران ها

 

سو درد ڏِئي دِل کي وِئين منهنجي مدامي

مون کان ٿئين جدا منهنجا جگر گوش اَي جاني

(24)

ڌِيان آيو اُتي روئندي هي بيبيءَ کي ته يڪبار

پهرين ته گهڻو لاشئه اصغرؑ کي ڪيئين پيار

پوءِ هسلي ڳچيءَ مان اُتي لاهي بَه دِل زار

۽ عرض ڪيئين شاههؑ کي اي ڪُل جا مددگار

 

حاضر آهي هي هنَ مان ٻچي کي ڪو ڪفن ڏيو

۽ دير ڪريو ڪين ڪي اصغرؑ کي دفن ڏيو

 

(25)

بيبيءَ جي ڏِٺي شاههؑ جا هيءَ حالتِ غربت

طاقت نه رَهي صبر جي روئي ڏِنو حضرت

زينبؑ کي چيئين ڏس منهنجي الله جي قدرت

ڇا هُئِي ۽ وَرِي ڇاهي اَسان جي هيءَ حالت

 

ڪجه مون کان نٿو ٿي سگهي بس رنج و محن آ

هنَ وقت ٻچو منهنجو ته محتاج ڪفن آ

(26)

پوءِ لاشئه اصغرؑ کي وٺي گود ۾ مادر

ان جاءِ کان اُٿي بيبيء مظلوم کلئي سر

منهنُ منهنَ تي رکي ماءُ ڪيو پيار ٿي هرهر

سرمنهن پٽي گڏ روئندا رهيا آل پيغمبر ص

 

دلگير ٿي هر هڪ وڏا فرياد ڪيا ٿي

صد آه و بڪا درد مان ڪئي ٿي ۽ رُنا ٿي

(27)

۽ لاشئه معصومؑ کي پوءِ قبر ڏي نيئي

درگاهَ خدا ۾ ڪَري فرياد ۽ روئي

مدفن ڪيو معصومؑ کي پو فاتحه ڏيئي

۽ عالم اندوهَ ۾ هئا موٽيا سڀيئي

 

هڪ هڪ جي اکين مان هُئي هڪ نهر ٿي جارِي

چيائون ٿي ته هوءَ ڪهڙي نه صورت هئي پياري

(28)

”طالبَ“ نه رهيو تاب بيان جو آهي زِنهار

ڪر عرض هي الله کي اَي خالق غفار

اَي بار خدا بهرِ رسول شهه ابرار

بهر حسنؑ و فاطمهؑ و حيدرع ڪرار

 

مون عاصي و بيڪس جي هي مقبول دُعا ٿئي

حيدرؑ جي محبت ۾ سندم رُوح فنا ٿئي

 

زِنهار: هرگز، ڪڏهن به نه.

مرثيه 2

آئون ڇو نه ڪريان شڪر خدائي دوجهان جو

21 بند

بيان شهادت

حضرت امام حسينؑ

(1)

آئون ڇونه ڪريان شُڪر خدائي دو جهان جو

جنهن بخشيو سندم دل کي مزو سوز نهان جو

يڪسان آئون مسرت ۾ اگر دور فغان جو

هئي نار جهنم به ته لطف آهي جنان جو

 

ٿيندي آ خوشي صحت و آزار کان مونکي

خلعت هي ملي آ انهي سرڪار کان مونکي

(2)

هر ڳالهه ۾ هڪ حسن آ هر شيءِ ۾ نفاست

بد شڪل ڪائي چيز نه آ هُئي جو بصارت

روئڻ به آهي لطف جي ڪامل آ سماعت

هر اَشڪ جي ساغر ۾ عجب آهي بشاشت

 

اکيون جي هجن نار ۾ آ نُور جو جلوه

هر ذرّهء نا چيز ۾ آ طُور جو جلوه

 

نفاست: خوبي، عمدگي، لطافت، صفائي، پاڪيزگي

بصارت: نظر، اکين جي روشني

سماعت: ٻڌڻ جي طاقت، ٻڌڻ (مقدمي جي) پيشي يا ڪاروائي

اَشڪ: ڳوڙها

(3)

دَٻجي ٿا وڃن غم کان خيالات جي اَسفل

سڀ ٿين ٿا انسان جا اخلاق مڪمل

غم نفس جو قاتل آ ته باطن جي آ، صيقل

آسان ٿيو پون ٿا هر ڪنهن جا ئي مشڪل

 

دل کولي روئڻ آهي علاج اکين جي تل جو

هر آهَ سان ڪجهه زهر ٿو خارج ٿئي دل جو

 

اسفل: نيچ، سڀ کان هيٺ، ڪريل

صيقل: اوجر، صفائي، آب، چمڪ، جلا

(4)

احوال ٿو هاڻي آئون لکان ڪرب و بلا جو

طوفان هو، سيلاب هو، ارباب جفا جو

سينن ۾ تلاطم هو ۽ سامان دغا جو

بشاش هو هڪ روح امامِ دوسرا جو

 

رُخ تي نه اثر هو نه بدن غرقِ عرق هو

منهن تي سا صَباحت جيئن سونُو ڪو وَرق هو

 

صباحت: جمال، ڳوراپن، خوبروئي، سونهن، حسن

بشاش: خوش خرم، مسرور

(5)

فرمايائين سڀ قتل ٿيا دين جا باني

قاسمؑ به هو سَمُ خورده برادر جي نشاني

۽ حسن ۾ اڪبرؑ هو سندم يوسف ثاني

عباسؑ هو اسلام جي ڀرپور جواني

 

سيني ۾ خَلش لب تي سندم آهَ نه آهي

حالانڪ هتي منهنجو ڪو همراهه نه آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org