وقت مرگ: مرڻ وقت
(27)
جڏهن جوانَ پسر ورتي هوندي راهِه عدم
ڇا گذريو هوندو شههؑ ذوالمنن جي دل ۾ غم
مگر ڪِيو صبر و شڪر خوب شهنشاه اُمم
نه اڳتي تاب آ ”طالب“ ڪجي بيانِ اَلم
هي درد آهي اُهو جنهن کان ٿيندي دل دو نيم
عطا ڪري هر مومن کي شال رَبُ ڪريم
عدم: ابدي عالم، ٻيو جهان، مرڻ کان پوءِ وارو جهان
ذوالمنن: بخشش ڪرڻ وارو، احسان ڪرڻ وارو
امم: امت جو جمع، امتون
دونيم: ٻه ڌا، ٻه ٽڪر، ٻه حصا
(28)
شها هي ”طالب“ مسڪين تنهنجو ماتمدار
ٿو تنهنجي دَرَ تي صدائون ڪري به حالتِ زار
ڏِيوس صحت جو دَردن، غمن ڪيس لاچار
ٻيون به دل جون اُميدون اٿس هزار هزار
شها تو ئي که کني رد قضائي مبرم را
بري ز خاطر ناشاد محنت و غم را
اي سردار تون ئي مصيبتن کي ضرور ٽارين ٿو
اداسي، تڪليف ۽ غم کان نجات ڏي
مرثيه 5
ڏي خبر مون کي هيءَ اڄ اَي سر زمين ڪربلا
17 بند
بيان
سر زمين ڪربلا
تحقيق متن
مرثيه
”ڏي خبر مونکي هي اڄ اي سر زمين ڪربلا“
حضرت طالب الموليٰ رحمت الله عليه جن، جون 195ع ۾ ڪربلا معليٰ
(عراق) زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اسريا هئا هي
مرثيو انهي مقدس مقام تي تحرير فرمايو هئائون جيڪو
ستن (7) بندن تي مشتمل هو. هن مرثيي ۾ امام عالي
مقام حضرت امام حسين عليه السلام جن جي شهادت
متعلق ڪربلا جي سر زمين کان سوال ڪيو اٿن.
سال 1983ع ۾ حشر جي ڏينهن هي ساڳيو مرثيو رسول بخش منظور سرور
جي هٿان مون ڏي موڪليو هئائون ۽ سندن حڪم مطابق
پاڻ ٽيپ رڪارڊ به کڻي آيو هو ته اهو مرثيو پڙهي
رڪارڊ ڪيو وڃي. پوءِ استاد نور محمد صوفياڻي مرحوم
۽ اسان گڏجي اهو مرثيو پڙهيو.
استاد نور محمد صوفياڻي سائين جن جي امام بارگاهه جو مرثيه خوان
ٿي رهيو آهي کيس قدرت سريلي آواز سان نوازيو هو ۽
موليٰ جو مٿس خاص ڪرم هو سندس آواز ۾ ايترو ته سوز
۽ گداز هو جو جن به کيس ٻڌو هوندو اهي مرحوم کي
هميشه ياد رکندا.
سال 1991ع ۾ سائين جن منهنجي گذارش تي انهيءَ مرثيي جي بندن ۾
اضافو فرمايو جيڪو هاڻ سترنهن (17) بندن جو آهي.
اهو هينئن ٿيو ته هڪڙي ڏينهن شيرل نيڪ سروريءَ
جيڪو سندن ملازم هو ان مون کي فون ڪيو ته قبله
سائين جن توسان ڳالهائين ٿا. آئون ڏڪي ويس ڇو جو
زندگي ۾ هن کان اڳ مون ڪڏهن به سائين جن سان فون
تي ڪو نه ڳالهايو هو هميشه روبرو حاضر ٿبو هو .
ڳالهائڻ وقت مونکان لفظ به ڪونه ٿي نڪتو. پهرين
پاڻ ابتدا ڪيائون.
ابا خوش آهين؟
مون عرض ڪيو قبله سائين! سائين جن جو خوش آهن.
پاڻ فرمايائون الحمد الله.
تو وٽ مير حسن علي خان مرحوم جو مرثيو آهي؟
”جڏهن سرور ٿيو وارد ڪربلا ۾“
مون عرض ڪيو ته قبله سائين اهو مون وٽ آهي. جيڪو بياض سائين جن عنايت فرمايو
هو ان ۾ ئي اهو مرثيو آهي. پاڻ فرمايائون ته پوءِ
هينئر تون واندو آهين؟ ان سوال مونکي لوڏي ڇڏيو
مون عرض ڪيو ته بابا سائين حڪم ٿئي ته آئون حاضر
ٿيان. پاڻ فرمايائون ته پوءِ اهو کڻي اچ.
آئون حاضر ٿيس پاڻ پلنگ تي ويٺا هئا. ڪجهه لکي رهيا هئا. مون
بادشاهي سلام ڪيو پاڻ جواب ڏنائون. فرمايائون ته
مير صاحب جي مرثيي جا ٻه ٽي بند مون کي لکراءِ جن
بندن جي پاڻ نشاندهي ڪيائون اهي مون کين لکرايا
شايد چار پنج بند پاڻ لکيائون. جڏهن مونکي اجازت
ڏنائون ته مون دل ٻڌي عرض ڪيو ته:
قبله سائين! حيدرآباد جو هڪڙو مرزا صاحب... (هن وقت مونکي ان
جو نالو وسري ويو آهي) ڪجهه وقت اڳي مون وٽ آيو هو
چيائين ته آئون مرثين ۾
PHD
پيو ڪريان سو اوهان وٽ جيڪي مرثيه هجن سي مونکي
ڏيکاريو. مون سمورا بياض کڻي سندس آڏو رکيا جن ۾
سائين جن جو مرثيو جيڪو ستن (7) بندن تي مشتمل
آهي.
”ڏي خبر مونکي هي اڄ اي سر زمين ڪربلا“
اهو به شامل هو. ڏسي پڙهي ڏاڍو پسند ڪيائين ۽ لکي پاڻ سان کڻي
ويو. چيائين ته مرثيو تازگي ۽ تاثير ۾ ممتاز ۽
منفرد آهي. جيڪڏهن سائين جن ان ۾ اضافو فرمائين ها
ته بهتر ٿئي ها. پاڻ فرمايائون ته آئون تڏهن اتي
هوس (ڪربلا معليٰ) ۾ اهو مرثيو به مون اتي ئي لکيو
هو. اتي هر انسان جي ڪيفيت ڪجهه ٻي هوندي آهي.
اڄ تو ياد ڏياريو آهي اهو ڪڏهن ڪبو
آئون موڪلائي هليو ويس. ٻئي ڏينهن مون کي وري ساڳئي ملازم فون
ڪئي ته سائين جن توکي 10:00 بجه گهرايو آهي. آئون
وقت تي حاضر ٿيس. منهنجي حيرانيءَ جي حد ڪانه رهي
جو ننڍن پنن تي (جن تي ڊاڪٽر دوائون لکندا آهن)
لکيل مرثيو منهنجي حوالي ڪري فرمايائون ته هاڻ
وڌيڪ تون ڄاڻين ٿو پراڻو ۽ نئون ترتيب ڏئي مون وٽ
کڻي اچ. آئون ترتيب ڏئي ٻئي ڏينهن وٽن حاضر ٿيس
جنهن ۾ پاڻ ڪجهه درستيون ڪرڻ فرمايائون ته هاڻ
هيءُ فيئر ڪري اسان کي ڏيئي وڃ ۽ پاڻ وٽ به لکي
ڇڏ.
اي سر زمين ڪربلا
(1)
ڏي خبر مونکي هي اڄ اَي سر زمين ڪربلا
ظلم ڪهڙي طرح ڪيا آل نبيءَؐ تي اشقيا لع
ڪيئين ٿيا ٿي حق پرستن تي فقط جورو جفا
ڪهڙي تڪليفن اندر هو لشڪر شاهه هديٰ
ڪهڙي حالت ۾ ڏٺئي هن فوج جا اعديءِ دين
ڪهڙي رمزن ۾ ڀلا هو صاحب دين متين
(1) شاه هديٰ: هدايت جو ڌڻي
(2) اشقيا: (شقيءَ جو جمع) نڀاڳا، ظالم، بي رحم
(3) جورو جفا: ظلم، جبر، ڏاڍ، بي رحم
(2)
قاسمؑ و عباسؑ ڪهڙي طرح جانبازي ڪئي
اڪبرؑ و اصغرؑ شهادت جو هليا ڪيئن جامُ پي
دينَ تان عونؑ و محمدؐ ڪيئن ٿيا قربان ٻئي
ڪيئن ڇڏي باطل جو پاسو حقَ تي آيو حرؓ جري
ڪيئن حسينؑ ابن عليؑ تي ٿي رُنو ارض و سما
ڪيئن ڪيو فرياد پي اُن وقت ۾ آب و هوا
(3)
اَي زمين ڪربلا مون ساڻ ڪر اڄ ان جي بات
جيڪو هو هر طرح سان مالڪ سندو ڪل ڪائنات
پنهنجي قرباني ڏَئي اُن ڪيئن ڪيو باطل کي مات
سيد الشهداءِ تي ڪيئن هو بند ٿيو آب فرات
ڪيئن لکيو ڪلڪِ قضا تاريخ جو خوني ورق
ڪيئن مليو عالم کي قربانيءَ سندو سارو سبق
(4)
ڪيئن ڏنو اڪبرؑ اچي سر نوجوانِ مهربان
ڪيئن ڏِني جوش جوان ۾ پنهنجي قرباني ۽ جان
ڪيئن ڀلا آخر ۾ شههؑ قربان ٿيو هو ميهمان
ڪيئن چڙهيو نيزه تي سرور جو نواسو بيگمان
چُپ ڇو آهين اَي زمينِ ڪربلا مغموم تون
ڪجهه ته ڪُڇ ڇو ٿي وَئينءَ معدوم تون معدوم تون
معدوم: فنا، فنا ڪيل، نابود، ناپيد، گم
(5)
خيمئه اطهر لٽيا ڪيئن ۽ جَليا ڪهڙي طرح
آل پيغمبرؐ تي ٿيا جورو جفا ڪهڙي طرح
ڪلمه گو مُرسلؐ سندا ٿيا بي حَيا ڪهڙي طرح
شام قيدي ٿي هليو آلِ عبا ڪهڙي طرح
اُن گهڙيءَ تو ۾ نه آيو زلزلو ڇو اَي زمين
ٿي لَڏيو جنهن وقت شاهه دوسرا گردون نشين
شاه دوسرا: ٻنهي جهانن جو بادشاه
گردون: آسمان، چرخ
(6)
ڪيئن ڏٺئي شاهن جا سرَ مظلومَ سڀ نيزن چڙهيا
غلغلو ڪهڙو هيو فوجن ۾ ٿيو اُنَ دَم بپا
ڪنهن جي نيزه تي رکيل هو سرُ سندو شاههؑ هدا
زينبِؑ دلگير ڪهڙي طرح ٿي ماتمَ ڪيا
ڪيئن ڀلا لاشن مٿان گهوڙا هلايا ٿي ويا
ظالمن ڪهڙي طرح ڪِيا ظلم دَردشت بلا
(7)
دِل جهلي ڪيو قوم هي ڪهڙي طرح ذَبحِ عظيم
يعني هو جانِ پيغمبرؐ ۽ ڪريم ابنِ ڪريم
زيب و زِينت دينَ جي رهبر صراط مستقيم
صاحبِ رُشد و هدايت عالمِ علمِ عليم
قوم کان اُن جي تلافي ٿي نه ٿيندي ۽ ڪڏهن
روئندا رت جنّ و ملڪَ بس ياد هيءَ ايندي جڏهن
(8)
ٿي چيئون ابن رسولؐ الله کي ڪريو فنا
تا نماز عصر نا ٿئي پاڻ کان هر گز قضا
تڏهن چڙهيو شمر لعين سيني تي شههؑ جي بي حيا
ان لعين هڪدم کڻي اُت سر ڪيو ڌَڙَ کان جدا
فوج اعدا ۾ خوشي جا شادمانا ٿي ويا
فتح و نصرت سمجهي حالي بي گمانا ٿي ويا
(9)
در حقيقت دوزخي دوزخ ڏي ويندا ٿي رهيا
۽ وَرِي نار جهنم ڏي ئي ايندا ٿي رهيا
تن مٿي لعنت ملامت وارَ ٿيندا ٿي رَهيا
تن کي نا اهليءَ جا عالم لقب ڏيندا ٿي رهيا
۽ مرڻ کان پوءِ جنت ڪا نه ڪا ٿيندن نصيب
سي بد اختر دائما ٿيندا جهنم جي قريب
(10)
هُن يزيدي فوج تي هر وقت لعنت پَئِي وَسي
تَنهن مٿان هر بار لعنت واري قسمت پئي وَسي
مومنن جي تنهن مٿان هر بار شامت پئي وَسي
اُن بد اختر قوم تي بيشڪ به شهرت پئي وَسي
تَنهن جي قسمت ۾ خُدائي قهر ٿي نازل ويو
۽ جهنم جو درِ دوزخ کلي بلڪل ويو |