الف
اعليٰ آهه افضل اڪمل و اڪبر علي ع
آن امام است اتقيارا اول و آخر علي ع
ب
بهادر بت شڪن بدر الدجيٰ بوذرؓ جو پير
با عمل، بي مثل، بهتر بعد پيغمبر علي ع
ت
تواضع جي طلب ڪئي تاجدار انما
تابع امر الاهي تارڪ تڪبر علي ع
ث
ثنا مولا جي ثابت ساري قرآن ۾ ڏسو
ثاني سليمان جو چوان يا ثاني اسڪندر علي ع
ج
جنگجو پهلوان جائي جناب مرتضيٰؑ
جنگ جو جهونجهار بر جمله جهان جابر عليؑ
ح
حيا ۽ حلم جو صاحب برادر مصطفيٰ ص
حامي هيڻن جو حبيب داد گر حيدر علي ع
خ
خليفو حق جو، خالق جو خاصو خوش لقا
خلد جو خازن شهه خيبر ڪشا خاور علي ع
د
درماندن جو دائم داد رس دلدل سوار
دلبر خيرالبشر داور جي در بهتر علي ع
ذ
ذاتي ذڪر ۾ هو محو شير ذوالجلال
ذي حَشم ۽ ذوالعطاء ۽ ذوالحياء ذاڪر علي ع
ر
رضا تي رب راضي رازدان مصطفيٰ ص
رهنما راه يقين جو راست گو رهبر علي ع
ز
زبردست جهان زور آزما شاه زمن
زينت ارض و سما ۽ صاحب و صفدر علي ع
س
ساري سر الاهيءَ جو سراسر رازدار
ساقي ڪوثر سخي سلطان دين سرور علي ع
ش
شاهه اولياءُ شهزادهء عالي نصب
شير حق شاه حجازي شڪر گو شاڪر علي ع
ص
صلواتون صحيح صد بار صاحب جي مٿان
صف شڪن صائم سدائين صاف دل صابر علي ع
ض
ضرغام اِلاهي زيردستان را پناه
۽ ضعيفن لَءِ ضياءُ الدين زيباور عليؑ
ط
طمع ترڪ ڪئي تقدير جي تابع تمام
طالبن کي ترت تنگيءَ ۾ رسي طاهر علي ع
ظ
ظفر ڪيئين احد ۽ خندق بضرب ذوالفقار
زبدهء اولاد آدم ظاهر و اظهر عليؑ
ع
عاشق عارف باالله عالم جو امين
عاجزان را دستگير و قاتل عنتر علي ع
غ
غالب ڪل غالب تي ”غلام محمد“ جو پير
غرق در بحر فنا از غايتِ اطهر علي ع
ف
فلڪ تي فيض فائق فاتحِ بدر و حسنين
فارغ الدنيا وما فيها کان فاضل تر علي ع
ق
قربان راهِ حق ۾ قدردانِ مصطفيٰ ص
قائم و قائد شهه عقده ڪشا قاهر علي ع
ڪ
ڪعبي ۾ تولد ٿيو ڪُشنده ڪافران
ڪاروان سالار امت قبلئه قنبر علي ع
ل
لعلڻ لحمڪ و لحمي سان ٿيو جلوه نما
لطف جو سرتاج شير حق شهه شاطر علي ع
م
مرقد جو محمدؑ جي مجاور مرتضيٰ ع
مصطفيٰ من ڪنت مولا چيو شهه منبر علي ع
ن
نور ڪبريا ۽ صاحب نهر لبن
نائب ختم الرسل شد نافع و ناصر علي ع
و
واحد ساڻ واصل رازدار انبياءُ
وارث خيرالامم والا شيم قاهر علي ع
هه
هميشه رک شاد شاهِ هل اتيٰ ”مغموم“ کي
هجر کان زيارت جي حيران ٿو رهي هر هر علي ع
ل
لائق لطف سان لاهيندو لوڏا مون مٿان
لائق لطف و لطافت صاحب لشڪر علي ع
ء
عاصم آهيان آڌر امير المؤمنين ع
شاد ڪر شاها! زبهر شافع محشر علي ع
ي
يد الله فوق ايديهم ثنا ساجد جو شان
ينفقوني في سبيل الله تون ياور علي ع
پاڻ کي مون صدقِ دل سان ڪيو حوالي اڄ سندس
سائيه رحمت محمدؐ مصطفيٰ پاڻهي ڪندو
وقت مشڪل تون فقط مشڪلڪشا کي ياد ڪر
دستگيري اُت عيلؑ المرتضيٰ پاڻهي ڪندو
(طالب الموليٰ)
حمد
هن جا حمد هزار ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳايون
(1)
ڪک پن ۾ قادر جي قدرت، اکين وارن لءِ آهي عبرت
گل ڦل ۽ گلزار، تن ۾ وحدت جون واڌايون
(2)
ڪن چئي ڪل جنهن آهي جوڙيو، نيزو نينهن جو تنهن آ کوڙيو
عجب ڪري اسرار، پاڻ ويٺو آهي لوڪان لڪايو
(3)
جڳ جنسار سندس ئي آهي، ٻئي ڪنهن جو هي مظهر ناهي
ٻيا سڀ نقش و نگار، صفتون انهيءَ جون سڀ ۾ سمايون
(4)
”منَ عرف“ ۾ طالبَ مولا ڄاڻو ٿي ڪج ڳولا ڦولا
پارس جا هي پار جيءَ ۾ جنهن جون آهن جايون
جتي جي خاڪ ٿي خاڪِ شفا اَي طالب الموليٰ
اُها دنيا مان هڪڙي سر زمينِ ڪربلا نڪتي
نعت شريف
تون ئي منهنجي قلب ۾ عزلت گزين لاريب فيه
ٿو چوان آهين حَسنين کان حَسين لاريب فيه
تنهنجي گفتن تان تصّدق هر ڪوئي شيرين سخن
تنهنجو گفتو گفتو رشڪِ انگبين لاريب فيه
عرقِ عارض مان اچي بُو غيرتِ بُوئي گلاب
هر نفس تنهنجو لڳي ٿو عنبرين لاريب فيه
تنهنجي ڪَرّو فَر اڳئان ڪو ئي نه ٿو بيهي سگهي
ٿي جهُڪي هر وقت چشمِ خشمگين لاريب فيه
تون مقام اوليٰ جو صاحب تون عظيم المرتبت
ات وڃي پهتين، نه جت روح الامين لاريب فيه
مهه جبين، مهرش ٿين ٿا فيضور تو ئي وٽان
تنهنجي باغِ حُسن جا سڀ خوشه چين لاريب فيه
هڪڙي جلوه هوش نئون موسيٰؑ جو ڪوهِه طور تي
تو وڃي ڳالهايو بر عرش برين لاريب فيه
توکان پو آيو نه ايندو ڪو وري پيغامبر
مومنن کي تو ڏني حبل المتين لاريب فيه
تنهنجي در تي سڀڪو سِرُ از خود اچي خَم ٿو ٿئي
تنهنجي چائنٺ کي چُمي ٿي هر جَبين لاريب فيه
منهنجي اگلاين ۽ گدلاين کي توتي ناز آهه
اي ڪرم گستر شفيع المذنبين لاريب فيه
عالمِ بالا تي پهتين تون ئي بالنفسِ نفيس
ٿئين وڃي مولا سان هڪدم همنشين لاريب فيه
رب کان دوري؟ سوال ئي ڪو نه ٿو پيدا ٿئي
تون وڃي ”قوسين“ جيئن پهتين قرين لاريب فيه
.طالب الموليٰ“ به تنهنجو مقتدي هر وقت آهه
تو امامِ اولين و آخرين لاريب فيه
نعت شريف
اي شفيع روز بيم اي رحمت للعالمين
چشمئه دريا قياس و تو سراج السالکين
سيد المتعظمين و سيد المتواضعين
سيد المتقابلين و سيد المتدبرين
سيد المتاولين و سيد المتقدمين
سيد الکونين آقا اي سراج العارفين
احمد قوسين مکان و عذر خواه عاصيان
شهسوار ملک هستي يا شفيع المذنبين
حاکم کشور کفايت قبلئه دورِ جهان
شاه تخت کائنات و سيد المتصدقين
اي شفاعت خواه کار افتادگان شاه خرد
توئي شرف دو جهان و سيد المتفاخرين
طالب الموليٰ بخواهد پرده پوشي از گناه
سيد المستغفرين و سيد المتورعين
مولا ڪري ته طالب مولا وري ڪري
ٻيهر به صدق دل سان زيارت حسين جي
(طالب الموليٰ)
منقبت
در شان حضرت عليؑ المرتضيٰ
ياد عليؑ المرتضيٰ شيرِ خدا شاهه نجف
مان ڪندس توصيف تنهنجي بارها چنگ و دَف
اَي شجاعت جا ڌڻي اَي هادئ راه هديٰ
دُشمنِ دينِ نبيؐ هر وقت ٿيا تنهنجو هدف
تنهنجو ڪونهي ڪو امامؑ ۽ تون امامنؑ جو امامؑ
آهه منهنجي واسطي تنهنجو فضائل ٿيو شغف
جنگ خيبر ۾ رسولؐ الله توکي سڏ ڪيو
تون اچي پهتين ته زير و بر ٿي ويئي هر ڪاصف
تنهنجي اندر ۾ خدا جو عشق هر دم جائگير
يعني دُرِّ بي بَها لَءِ تنهنجو سينو ٿيو صدف
مشڪرن تي تنهنجا حمله بي تحاشا پَئي به پَئي
قاتل مرحب سدائين تون هيئن جو سر بڪف
هنَ کان وَڌ ٻيؤ مرتبو ڇا ٿي سگهي ٿو يا علي ع!
جو محمدؐ بخشيو داماد جو توکي شرف
منهنجا ڪر آسان مشڪل رب پنهنجي کان گهري
مان به تنهنجو آهيان، تنهنجو کنيو آ مون حلف
تنهنجي مداحن جو آهي ”طالب الموليٰ“ غُلام
جو ڪري تنهنجي گلا و الله سوئي نا خلف
منقبت
در شان حضرت عليؑ المرتضيٰ |