سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شان حسين

صفحو :2

جيئن ته آئون سندن خادم جي حيثيت ۾ رکان ٿو اها سندن ڪرم نوازي آهي جو وڏن جي ناتي سان اها نگاهه رکندا اچن.

پاڻ مونکي فرمايائون ته اسان ارادو ڪيو آهي ته قبله حضرت طالب الموليٰ سائين جن جا چيل سلام، نعت، منقب ۽ مرثيه وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن ان ڪم لاءِ توکي سڏايو اٿئون ته تون اهو مواد جيترو جلد ٿي سگهي ترتيب ڏيئي کڻي اچ ته ان جي ڇپرائڻ جو بندوبست ڪريون.

سندن اهو حڪم ٻڌي مون پنهنجي دل ۾ اهو رب پاڪ جو پاڻ ته وڏو احسان سمجهيو. ڇاڪاڻ جو منهنجي دل جي جيڪا خواهش هئي اها پوري ٿيندي نظر آئي.

هتي اهو به ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته سال کن اڳ آئون سائين حاجي شاهه ڏنو شاهه صاحب جي مزاج پرسي لاءِ سندن ڳوٺ اجن شاهه ويو هوس جتي ڪچهري دوران شاهه صاحب ٻڌايو ته قبله مخدوم خليق الزمان سائين جن جي دلي خواهش آهي ته حضرت طالب الموليٰ رح جن جا مرثيه ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجن. اتي توهان جو به ذڪر ٿيو ۽ اهو ڪم اوهان جي حوالي ڪندا جيئن ته سندن خواهش نيڪ هئي جنهن جو ثمر هي ڪتاب شان حسينؑ اوهان جي هٿن ۾ آهي.

آئون سمجهان ٿو ته جن به هن ڪتاب جي تياري ۾ ٿورڙو به حصو ورتو آهي. چاهي اهو مشوري جي حد تائين ڇو نه هجي اهي حضرات قابل تحسين آهن.

ڪتاب ترتيب ڏيڻ بطاهر آسان ڪم هو مگر خدا ڄاڻي ته مونکي ايترو ته مشڪل لڳو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ جو قلم هٿ ۾ کڻڻ سان ماضيءَ جا ڪيئي ورق ورائڻا ٿي پيا. ڪيئي واقعا ۽ ادب آداب و عقيدت جا اهي مناظر سامهون ٿي آيا جو اکيون ڀرجيو ٿي آيون ۽ لڙڪن لکڻ ئي نه ٿي ڏنو.

خاص ڪري ”وڏي پڙ“ جو اهو روح پرور منظر اهي مؤمن ماتمدار اکين اڳيان ٿي آيا جن ۾ اهو اسي سالن جو پيرسن ”حاجي علو“ به سڄي رات ”سبيل“ چوندي ۽ روئندي نظر ٿي آيو. بس ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن موجود آهي ڪا به شيءِ ختم نه ٿي آهي.

بلاشبه اهي ماڻهو خوش نصيب آهن جن ”وڏي پڙ“ جي عزاداري جو منظر ڏٺو هوندو. جتي هر اک اشڪ بار هوندي هئي.

مرثين پڙهڻ وقت اهي اوڇنگارون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ڄڻ ڪو تازو قضيو ٿيو آهي. ڪنهن ڪنهن مهل مرثيه پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي حالت اهڙي غمناڪ ٿي ويندي هئي جو پڙهائي بند ٿي ويندي هئي. نه پڙهڻ وارا پڙهي سگهندا هئا ۽ نه ٻڌڻ وارا ٻڌي سگهندا هئا رڳو روڄ راڙو هوندو هو.

اهڙا اکين سان ڏٺل منظر ڪير به وساري نه ٿو سگهي.

هتي يادگيريون لکڻ منهنجو مقصد ڪونهي ان لاءِ الڳ ڪتاب لکڻو پوندو. اها صورتحال فقط ان ڪري دهرايم ته جيڪي مرثيه هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن اتي اهي ئي پڙهيا ويندا هئا ۽ اڄ به هالا ۽ پسگردائي ۾ هر سال اڪثر مؤمنين اهي ئي مرثيه پڙهندا آهن. جن ۾ ڪيترا سائين جن ترجمه به ڪيا آهن. ادبي دنيا ۾ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ترجمون ادب جو هڪ تمام ڏکيو فن آهي.

اهڙي طرح قبله مخدوم غلام محمد عرف ”گل سائين“ المعروف مخدوم خليق الزمان سائين جن جي حڪم مطابق هي ڪتاب ترتيب ڏنو ويو آهي. تنهنڪري بلاشبه اها سعادت ۽ اعزاز قبله مخدوم خليق الزمان سائين جن کي حاصل آهي جن جي ذاتي دلچسپيءَ ۽ ڪوشش سان هي ڪتاب پايئه تڪميل تي پهتو. هن ڪتاب جا سمورا اخراجات پاڻ برداشت ڪيا اٿن جنهن جو صلو يقيناً مالڪن طرفان کين عطا ٿيندو. شايد هن ڏينهن جي لاءِ حضرت طالب الموليٰ سائين جن کين دعا فرمائي هئي.

يا الاهي! منهنجو ”گل“ سرسبز ۽ شاداب رک

ان کي هردم هر پلڪَ ۾ غيرتِ مهتاب رک

منهنجا موليٰ! مقصدن ۾ ڪاميابي ڪر عطا

ڪر اميدون پوريون هاڻي نڪِي بيتاب ڪر

(طالب الموليٰ)

آئون به قبله مخدوم خليق الزمان سائين جن جو بيحد احسان مند آهيان جو اهڙي نيڪ ڪم ۾ مون کي شامل فرمائي آخرت ۾ سرخروئيءَ جي قابل ڪيو اٿن نه ته ماڻهن جي ته وٽن ڪمِي ڪانهي. هي ڪم ٻين کان به وٺي ٿي سگهيا پر منهنجو انتخاب ڪري مون تي وڏو وَڙُ ڪيو اٿن ان لاءِ آئون سندن بيحد ٿورائتو آهيان.

حضرت طالب الموليٰ عليه الرحمته جن هڪ شفيق والد جي حيثيت سان قبله مخدوم خليق الزمان سائين جن جي شاديءَ جي موقعي تي فرط محبت کان سندن پيشاني چمي رهيا آهن.

آخر ۾ اهو به ذڪر ڪندو هلان ته اعليٰ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ عليه رحمته جن جي ٻي يا ٽي ورسيءَ جي موقعي تي مولانا ڪوثر نيازي جي صدارت هيٺ مشاعرو رکيل هو. جيئن ته مون قبله سائين جن جي رحلت تي اردوءَ ۾ مرثيو لکيو هو سو مون سوچيو ته ان مرثيي جي پڙهڻ جو هي مناسب موقعو آهي. پر مولانه صاحب جي طبيعت خراب هئڻ سبب اهو مشاعرو ملتوي ٿي ويو جنهن ڪري اهو مرثيو پڙهجي نه سگهيو. ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ قبله حضرت مخدوم محمد امين فهيم سائين جن طرفان سندن ڪراچي واري بنگلي تي ”سنڌي اردو مشاعرو“ منقعد ڪيو ويو جيڪو محترم جميل الدين عالي صاحب جي صدارت هيٺ ٿيو. اتي جنهن وقت مون اهو مرثيو پڙهيو ته ڪيترن عقيدتمندن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ مون کي ايترو ته داد مليو جو آخر ۾ محترم جميل الدين عالي صاحب پنهنجي صدارتي خطبي ۾ منهنجي مرثيي ۽ انداز بيان جي تعريف ڪئي. اهو منهنجي لاءِ هڪڙو وڏو اعزاز آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ مشاعري ۾ صفِ اول جا شعراءِ ڪرام، وڏي مان ۽ مرتبي واريون شخصيات، وزير، امير ۽ علم و ادب جي دنيا جا روشن ستارا موجود هئا. انهن حضرات جي آڏو منهنجي ته ڪا حيثيت ئي ڪانه هئي.

بهرحال اهو موليٰ جو ڪرم آهي ۽ حضرت طالب الموليٰ سائين جن جي انهي درسگاهه جو اثر آهي جنهن ۾ منهنجا شب روز گذريا آهن. آئون جيڪي ڪجهه آهيان اهو حضرت طالب الموليٰ سائين جن جي شفقت جي ڪري آهيان سچ پڇيو ته اهي لمحه، اهي يادون ۽ اهي حاضريون وسرن ئي ڪونه ٿيون. خصوصاً سندن منفرد اندازِ گفتگو، اهو لهجو جنهن مان پنهنجائپ ظاهر ٿيندي هئي. ماڻهو ڪيترا به ڏک ڏوراپا کڻي وٽن حاضر ٿيندو هو ته يقين ڄاڻو ته آخر ۾ سڀ ڪجهه اتي ڇڏي انتهائي خوشي ۽ مسرت جي عالم ۾ موٽندو هو. ان ڪري پاڻ اڳواٽ ئي ٻڌائي ويا.

ڪندئو ياد يارو گهڻو پنهنجو طالب

ڇڏي ويندو جنهن دم هو فاني جهان کي

ڪتاب مڪمل ڪرڻ بعد قبله مخدوم خليق الزمان سائين جن اهو حڪم فرمايو ته اسان جي مرصي آهي ته هن ڪتاب ۾ اعليٰ حضرت مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ ۽ اعليٰ حضرت مخدوم غلام محمد مغموم ”گل سائين“ جن جو هڪ هڪ مرثيو به شامل ڪيو وڃي تنهنڪري اهي مرثيه پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اميد ته محبانِ اهلبيت عليهم السلام هن مان مستفيض ٿيندا.

احقرالعباد

زوار رجب علي جليس جعفري

لکيل منظوم خط جو عڪس

اها تصوير جنهن ۾ پاڻ راقم الحروف کي

خط جي اصلاح ڪري سمجهائي رهيا آهن

مولا! هي پنهنجو طالب هردم اَٿيئي پَرتو

ڪر بخششون انهيءَ تي خيرالنساء جي صدقي

(طالب الموليٰ)

24 جولاءِ 1992ع بروز جمعته المبارڪ

امام بارگاهه مخدوم الهه بچايو خلف مخدوم ظهير الدين

(دربار حضرت عباس علمدار هالا) تي ورتل تصوير

مرثيه جي تعريف

مرثيه عربي شاعري جي ابتدائي اصناف مان آهي ڇاڪاڻ ته عرب ۾ مرثيه گوئي جو رواج جاهليت واري زماني ۾ به ملي ٿو. ليڪن اسلامي ادب ۾ ”مرثيه“ جو لفظ هاڻي حضرت امام حسينؑ ۽ سندن جان نثارن جي شهادت واري واقعي سان مخصوص ٿي ويو آهي. رسول خدا صلي الله عليہ وآلہِ وسلم جن جي دور ۾ يا سندن وصال تي حضرت حسان بن ثابت جيڪي مرثيه چيا آهن اهي به ڪتابن ۾ مرڪوز آهن.

مرثيه جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڪنهن جي وفات تي چيل نظم جنهن ۾ سندس صفتون بيان ڪرڻ سان گڏ ڏک جو اظهار ٿيل هجي يعني فضائل ۽ مصائب جو نالو مرثيه آهي.

علامه وحيد الزمان جيڪو اهلِ حديث جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي اهو پنهنجي ڪتاب ”لغات الحديث“ جلد 2 ۾ مرثيه جي معنيٰ هي بيان ڪئي آهي.

مرثيہ:

اُن منظوم ڪلام کي چون ٿا جيڪو

ڪنهن فوتيءَ جا حالات ۽ سندس خوبيون

بيان ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن کي رئاڙڻ

۽ افسوس ڪرڻ لاءِ چيو وڃي.

عربي لغت المنجد ۾ مرثيه جي معنيٰ هيءَ بيان ڪيل آهي.

مَرثِيَةً:

ميت تي روئڻ ۽ ان جون خوبيون

ڳڻائڻ مرثيه ۾ اشعار نظم ڪرڻ.

فيروزالغات (اردو) ۾ مرثيه جي معنيٰ هيءَ ڄاڻايل آهي.

مرثيہ:

اُها نظم جنهن ۾ فوتيءَ جا اوصاف

بيان ڪيل هجن.

(2)    اُها نظم جنهن ۾ شهداءِ ڪربلا

جي مصائب ۽ شهادت جو ذڪر هجي.

(3)    روئڻ (جمع مراثي)

اظهار اللغات (اردو) ۾ مرثيه جي معنيٰ هيءَ ڄاڻايل آهي.

مرثيہ:

ميت جي صفت ميت جو اهڙو بيان

جنهن سان ڏک ۽ رحم پيدا ٿئي

ماتم، روئڻ، پٽڻ، سياپو، شهادت

امام حسين عليه السلام جي رنج و غم

جو بيان (هي لفظ رثي مان نڪتل آهي

جنهن جي معنيٰ ڏک ۽ رحم جي آهي.

سنڌي لغات جلد 5 ۾ مرثيه جي معنيٰ هن طرح آهي.

مرثيو:

(جَمع مرثيا) مُئل ماڻهوءَ بابت

روئي ڪيل بيان (جنهن جي ٻڌڻ سان)

رحم اچي) ميت جي صفت، پار، اوسارو

ماتم، سياپو، روڄ، گريه ززاري، پٽڪو

نظم جو هڪ قسم واقعي ڪربلا بابت

دردناڪ نظم.

اهڙي طرح صحيح بخاري ڪتاب الجنائز ۾ بابِ رَثَي النّبي صلي الله عَليہ وآلہِ وَسَلّم سعد ابنَ خَولَتَ يعني نبي صلي الله عليہ وآلہِ وسلم جن سعد بن خوله جي لاءِ مرثيه چيو.

انهي ساڳئي ڪتاب الجنائز ۾ هڪ حديث پڻ نقل ڪئي وئي آهي جيڪا هيءَ آهي.

”حضرت انس بن مالڪؓ چوي ٿو ته اسين

رسول خداؐ سان گڏ ابو يوسف لوهار وٽ وياسين

جيڪو حضرت ابراهيم جي دائيءَ جو مڙس هو.

رسول خدا صلي الله عليه وسلم جن حضرت ابراهيم

کي کنيو ۽ ان کي پيار ڪيو ۽ ان جي مٿان منهن

رکيو. وري ٻيهر جڏهن ابو يوسف وٽ وياسين ته

حضرت ابراهيم پنهنجي جان (الله تعاليٰ کي) ڏئي

رهيو هو ته رسول خدا صلي الله عليه وسلم جن جون

ٻئي اَکيون وسڻ لڳيون. بس عبدالرحمٰن بن عوف

کين عرض ڪيو ته، يا رسول الله اوهين (روئو ٿا)

پاڻ فرمايائون ته اَي ابن عوف هيءَ ته هڪڙي

رحمت آهي. وري پاڻ وڌيڪ رُنا ۽ فرمايائون ته:

اَک روئي رهي آهي ۽ دل رنجيده آهي

۽ زبان سان اها ڳالهه نه ٿا چئون مگر

جنهن سان منهنجو پروردگار راضي ٿي.

اَي ابراهيم! اسين تنهنجي جدائي کان

يقيناً رنجيده آهيون.

(صحيح بخاري (اردو) جلد اول حديث نمبر 1207 صفحه 291)

علامه وحيد  الزمان تيسر الباري شرح صحيح بخاري جلد 2 صفح نمبر 269 تي حضرت فاطمته بنت رسول الله صلي الله عليہ وآلہِ وسلم جن جي مرثيه جا ٻه شعر نقل ڪيا آهن. جيڪي هي آهن.

مَاذَا عَلٰي مَنُ شمَّ تُربَةَ اَحمَدا

اَن لَا يَشُمَّ مَدَي الزَّمانِ غَوَالِيَا

صُبَّت عَلَيَّ مَصَائِب ٌ لَواَنَّهَا

صُبَّت عَلَي الاَيَامِ صِرنَ لِيَا لِيَا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org